سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون اپريل 2024ع

باب:

صفحو:2 

 

 

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

وقت ۽ وقت جي اهميت

وقت ڇا آهي؟ وقت جي ڪهڙي اهميت آهي، اهو پڙهندڙن جي لاءِ هڪ گنڀير سوال آهي به ۽ نه به! ڏسجي ته وقت يعني عرفِ عام ۾ جنهن کي اسين سڀ ٽائيم سڏيون ٿا، سو صرف گهڙيال کي ڏسڻ ۽ ڪانٽن جي حساب سان ڳڻڻ جو نالو نه آهي ته اسان صبح جو سوير ڇهين بجي اُٿياسين ۽ اَٺين بجي اسڪول لاءِ روانا ٿياسين ۽ وري ٻين بجي منجهند جو گهر موٽي آياسين، هڪ پاسي اهو ٽائيم ٽيبل آهي ۽ ٻي طرف وري انساني زندگيءَ ۾ زمان و مڪان سان وابسته ”وقت“ جي پنهنجي اهميت آهي.

چوندا آهن ته ”وقت“ چوي، ”آءٌ بادشاهه“ وقت ڏک به ڏيکاري ٿو ۽ سُک جا پَل به آڻي ٿو.

وقت متعلق بيشمار چوڻيون ۽ محاورا، پهاڪا وغيره موجود آهن، وڏن چواڻي ته ”وقت وقت جي ڳالهه آهي“، ”وقت وڏو ظالم آهي“، ”وقت کي سلام آ“ وغيره

هاڻي اچو ته اسان ڏسون ته اصل ”وقت“ جي وصف ڇا آهي؟

”وقت“ سائنسي توڙي ”سماجي“ حوالي سان ايتري اهميت رکي ٿو، جو سيڪنڊ جي اندر به اِهو لاتعداد وقفا (Intervals) کڻي هلي ٿو.

وقت جي مختصر تعريف (وصف):

وقت هڪ اهڙو ايڪو آهي جنهن ۾ ڪنهن خاص حد (Range) يا مڪان (Space) جي اندر ٿيندڙ وارتائن ۽ لقائن کي وقفن (Intervals) اندر ڳڻيو ويندو آهي، ساڳيءَ طرح سيڪنڊ کي چپٽين ذريعي نه پر ٺوس سائنسي وضاحتن سان ماپيندي ٻڌايو ويو آهي ته سيڪنڊ (Second) زمين تي رکيل سيزيم عنصر جي ٻن اعليٰ ترين پهلوئن جي پاڻ ۾ ٿيندڙ ڦيرگهير (Transition) ۽ اِن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ 919261770 تجلن (Radiations) جو مساوي مُدو آهي.

وقت ڇا آهي؟

جنهن ڪالهه کي ”ڪنٽرول“ ڪيو، سو ايندڙ ”وقت“ کي ڪنٽرول ڪندو، جنهن اڄ کي ڪنٽرول ڪيو آ، سو وري سڀاڻي کي ڪنٽرول ڪندو. دراصل”وقت جي ماپ“ ۽ ايڪو آهي جو اسان کي ڪائنات جي گذريل وقت جي ڄاڻ حاصل ٿي آهي ۽ موجوده دور ۾ اسان وقت جي مدد سان اڳتي جا پلان ٺاهيا آهن ۽ اهو وقت ئي آهي، جنهن جي گذريل ”لمحن“ کي اسين يادداشت منجهه محفوظ ڪرڻ بعد، ايندڙ وقت جي باري ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ ڏسو پيا ته جيڪو وقت گذري ويو آهي، سو ڄڻ اڄ جي دور جي ڀيٽ ۾ تمام ڊگهو عرصو هو، جيڪو هينئر لمحن جي حساب سان گذري رهيو آهي. اسان جي پسند ۽ ناپسند جو معيار گهڻي ڀاڱي ”وقت“ ۽ حالت پٽاندڙ بدلجندو رهي ٿو، ڪجهه مخصوص معاملن مثلاً ”ڪتاب“ پڙهڻ جو معاملو پڻ اُن ۾ شامل آهي.

”وقت“ هڪ بي بها ۽ انمول آهي، انسان کي جيڪا زندگي عطا ڪئي وئي آهي، سا پڻ ڪائنات جي مالڪ هڪ مقصد تحت عطا ڪئي آهي. ”زندگي“ رب جي عطا ڪيل عطيي مول تحفو آهي، خاص مقصد تحت عطا ڪيل زندگيءَ جو مقصد آهي. رب تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ، شڪر ادا ڪرڻ، ۽ رحم ڪرڻ ۽ رحم جي ”دعا“ گهرڻ. انسان بيشڪ دنيا ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق نٿو پيدا ٿئي، پر اهو صرف بظاهر ائين نظر اچي ٿو، جڏهن ته رب سائين جي ناياب تخليق تڏهن ئي وجود ۾ اچي ٿي جڏهن انسان لطف اندوز ٿيڻ کان پوءِ پاڻ به چاهي ٿو ۽ پڻ ڪوشش ڪري ٿو، اهو پڻ معلوم آهي ته موت به برحق آهي، انڪري مخصوص ”وقت“ دوران ٺيڪ عملن جي حمايت ڪئي وئي آهي. اصل ۾ انسان جو وڏي ۾ وڏو عاشق ”موت“ آهي، جيڪو هر ”وقت“ هر ”پل“ لمحو لمحو، سيڪنڊ، سيڪنڊ ”زندگي“ جي حفاظت ڪري ٿو.

 

منظور ڪنڀار

امر سنڌوءَ جي شاعري ڪتاب

”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي تبصرو

 

ڪڏھن ڪڏھن ڪتاب ماڻھو جو مڪمل تعارف ڪرائيندا آهن ۽ سماج ۾ نالو ٺاھي ويندا آهن ۽ ڪڏھن وري سماج انھن لاءِ ڪتابي شڪل پيش ڪري ان ماڻهو کي معتبر بڻائي ڇڏيندو آھي. اسان جي سماج اندر عورت کلي دل سان پنهنجي خيالن جو اظهار نٿي ڪري سگهي. هن سماج جي دقيانوسي سوچ ماڻهوءَ جي سوچن تي پهرا ڏئي ٿي. انهيءَ ڪري عورت جو لکڻ توڙي ڳالهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو. پر اهڙن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪا عورت سياسي علمي توڙي ادبي صف ۾ اڳيان اچي ٿي ته اها دقيانوسي سوچ رکندڙ سماج جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ ثابت ٿيو وڃي. پنهنجي تخليق توڙي سياسي سرگرمين ذريعي سڃاڻپ رکندڙ امر سنڌو به انهيءَ سماج جو حصو آهي امر سنڌو وڏي جرئتمنداڻي انداز ۾ اڳتي نڪري، عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، عورت ٿي ڪري به مردن جيترو جذبو رکندڙ مظلوم عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، علم ادب ۽ انسانيت کي اوليت ڏيندڙ، ڌرتي جي بھادر ڌيءُ نامور ليکڪه، شاعره، فلاسافي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي چيئرپرسن ۽ وومين ايڪشن فورم جي سرواڻ پروفيسر امر سنڌو، جنھن جي ھڪ ناياب ڪتاب تي نور نچوئل اکين ۽ ذھن ۾ تري آيل خيالن، جيڪي مون سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا“ تي تجزيو لکڻ لاءِ چونڊ ڪيا آهن. آئون هن ڪتاب ۾ فھميده رياض جي لکيل مهاڳ ۾ اھم نقطي کي ڪوٽ ڪندس. جنھن چيو ته، خوش قسمت آھي سنڌي ادب، جنھن ۾ امر سنڌو جھڙي عورت جو قدم آھي ۽ ھوءَ مڪمل طور سنڌي ادب جو پڻ حصو آھي. شاعري ھڪ آرٽ آھي ۽ آرٽ جو جنم دردن، تڪليفن ۽ دوکن مان ٿيندو آهي، شاعري وسيلي، انسان جو زندهه تعارف تمام نرالو ۽ چٽو ظاهر ٿئي ٿو. ڪھڙي به ٻوليءَ جا شاعر ۽ شاعره ھجن پر انھن جو شمار اول ئي رھيو آھي، هن وقت آئون چاهيان ٿو ته پاڻ امر سنڌو جي نظمن تي ڳالهايون. ڳالھ نظمن جي ڪجي ته اندر مان واهه واهه گفتو ضرور نڪرندو. نظم نفيس صنف آهي ۽ اها شاعر جي محبوب صنف رھي آھي، انڪري نظم قديمي رنگ مان نڪري، جديديت جو ويس پاتو آھي. شاعري لفظن جي جادوگريءَ جو نالو آهي. امر سنڌو جا ڪيترائي نثري نظم تخليقي سگھ ۽ ھن سماج جي ميري ٿي ويل سونھن جو نوحو آھن. جن کي پڙھندي، ٿڌو ساھ کڻي، اکيون بند ڪري، درد جي ڪرب ۾ دل لڇي پوندي آهي. انسان فاني آھي اھا ڳالھ حقيقت آھي، پر انسان کي تخليق امر ڪري ويندي آھي. جنھن لاءِ پروين شاڪر چيو آهي ته؛

مر بھی جائوں تو کہاں لوگ بھلا ہی دیں گے،

لفظ میرے مرے ہونے کی گواہی دیں گے۔

منھنجي خيال ۾ شاعري جي ڪرت سان لاڳاپيل رھڻ زندگي ۾ ھر انسان جو مقصد آھي، جڏھن ڪنھن ماڻھو جي مزاحمت ۽ محبت جا سڀ رستا بند ٿي ويندا آهن، تڏھن ھو شاعري جو سھارو وٺندا آھن. سنڌ ۾ شاعري صدين کان فڪري توڙي فني لحاظ کان ھميشه آسودي رھي آھي، جن ۾ ڪلاسيڪل دور جي شاعرن جيئن شاھ عبدللطيف ڀٽائيرحه، سچل سرمسترحه ۽ ميون شاھ عنات رضويرحه وغيره اھڙي ريت جديد دور جي شاعرن جو ذڪر ٿئي ٿو ته يڪدم شيخ اياز، استاد بخاري، بيخود بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ذهين تي تري ايندا آهن. جديديت واري دور ۾ جي اسان ڏسون ته شاعري واري ڪرت سان جڪڙيل سوين شاعر نظر اچن ٿا، پر انھن مان عورت شاعرائن جو تعداد تمام گھٽ رھيو آھي. جيتوڻيڪ، ھڪڙا ماڻھو فلاسافي پڙھي ڪري، پنھنجي ڪچھرين کي منفرد بڻائيندا آھن ۽ ڪجھ وري قدرتي طور پيدا به انھي لاءِ ڪيا ويا آهن، جيئن امر سنڌو جو نالو جڏھن زبان تي ايندو آھي ته انھيءَ وقت سينٽرل آئيڊيا فلاسافيڪل جڙي ويندو آهي. مون کي امر سنڌو جي جرئت کي ڏسندي ھڪڙو انگريزي جو ڪامپليٽ ياد ٿو اچي ته؛

A strong woman will always turn her pain into power.

امر سنڌو سان ڪير ڀلي ھزارين اختلاف رکندو ھجي، پر ھن جي نياز ۽ نوڙت، جذبي، مزاج ۽ ڪميٽمينٽ سنڌي سوسائٽي لاءِ ھڪ اعلي رويي جو مثال آھي. عورت لاءِ ھڪ وڏو الميو اھو آھي ته ھوءَ ھڪ عورت آھي، دلير ۽ حق سچ ڳالھائڻ واري عورت آھي، جنھن جي خيالن ۾ اعتدال بي مثال آھي سندس سنڌ جي مظلوم عورتن جي لاءِ ڪيل جاکوڙ قابل تعريف آھي. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ اھڙيون عورتون ڏٺيون آھن، جيڪي ڪنھن به معاملي جي گھرائي کي سمجھڻ ۾ مفڪرن کان به تمام گهڻو اڳتي آھن. حساسيت ۽ نفيس دل رکندڙ فرد جي حقيقتن جو پيرا ميٽر تڏھن ظاھر ٿيندو آهي، جڏھن ڪو آرٽيفيشل انٽيليجنس واري دور ۾ ھو سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري جڏھن ڪو انالحق جو رستو اختيار ڪندو آھي ته ھو انھن سمورن ناانصافين جي خلاف ھڪ آواز ٿي سامھون بيھڻ جي ھمٿ رکندڙ فرد پنھنجو پاڻ کي ثابت ڪندو آهي، پوءِ ڀلي اھا عورت ھجي يا مرد، سماج ھڪ آھي جنس ٻه آھن، ٻنھي وٽ دنيا جون عظيم طاقتون به تمام گھڻيون ۽ وسيع آهن.

مون پنھنجي ڪک ۾

ٽانڊا پوکيا ھئا ۽

سرھاڻ

منھنجي وجود کي سنگسار ڪري

جلاوطن ٿي ويئي،

ھن ديس جون ڇڙوڇڙ ھوائون

جڏھن منظم ٿينديون آھن

ته وڏي واڪ

سج جي گرمي کي گاريون ڏينديون آھن،

مون ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته:

آوازن آڪٽوپس بڻجي

مون تي حملو ڪري ڏنو.

ظاهري طور ڀلي انهي نظم جي ڪا بيهڪ نه هجي، پر انهي نظم ۾ جيڪا گهرائي آهي، جنهن کي محسوس ڪرڻ لاء تخليقڪار ذهن هجڻ لازمي آهي، هي نظم هڪ دانهن آهي هڪ ڪوڪ آهي ۽ لفظن ۾ ويڙهيل هڪ احتجاج آهي. عورت پنهنجي ڪک ۾ ٽانڊا پوکيا آهن انهي هڪ جملي تي جيڪڏهن ڳالهائبو ته هڪ مضمون لکجي ويندو. ٽانڊن جي ڳالھ ڪندڙ شاعره جو تصور اعلي پايي جو نظر اچي رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو عورت جي ارتقا به سورن کان ٿي آهي ۽ هڪ عورت ٻي عورت جو درد بخوبي ڄاڻي سگهي ٿي خوشبو کي سنگسار ڪندڙ هن سماج ۾ عورت جو وجود ائين ئي هوندو آهي، پر جيڪڏهن هڪ مصور جي تصور سان ڏسبو ته عورت هڪ خوبصورت آرٽ آهي، جيڪڏهن تخليقڪار جي ذهن سان ڏسبو ته عورت هڪ اهڙي تخليق آهي جنهن بنان دنيا ڪا معنيٰ نٿي رکي، هن نظم ۾ شاعره منظم ٿيڻ جي ڳالھ ڪري ٿي، پر ڇڙوڇڙ ٿيل سماج ۾ منظم ٿيڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي، ڇو جو هن سماج ۾ اسان جا آواز دٻايا وڃن ٿا، آوازن تي حملو ٿئي ٿو ۽ ماڻهو نيٺ خاموش ٿي ويندو. اهڙا کوڙ سارا نظم جيڪي امر کي امر بڻائي ڇڏين ٿا ۽ سچ اهو آهي ته امر سنڌو واقعي امر آهي، جنهن جا نثري نظم اونداهي ۾ روشني ڏيندڙ آهن.

تنھنجي پويان ايندڙ

ھر ماڻھوءَ وٽ

مون کان اڌارا ورتل پير آھن ۽

پنڌ کي اکيون ناھن.

پر ھو رڳو تنھنجي بوءِ سڃاڻي ٿو.

توسان گڏ ويٺل

ھر ماڻھو وٽ

منھنجي اکين جي سرزمين آھي

جنھن تي تون ويٺل آھين.

آزاد عورت جنھن جا خيال تمام وسيع سوچ رکندڙ آھن، جيئن ھتي شاعره پنھنجي ھر ان ماڻهوءَ جي سوچ سمجھ کي لفظن سان پابند بڻائي،  پنهنجي اکين جي سرزمين جتي گڏ ويٺل ھر ماڻھوءَ جي بوءِ کي چڱي ريت سڃاڻي ٿي.

رات جي ڪاري ۽ اگھاڙي جسم تي

جو ڪجھ لکيو ھو

منھنجي جسم جي رت ۽

تنھنجي اکين جي پاڻي،

ان عهدنامي جي سزا.

وري ھڪ ڇرڪائيندڙ نظم کي ڏسجي ته اتي گهُگھ اونداهي رات جتي ھڪ عورت پنھنجي جسم پاڪيزه رت سان اھو عھدنامو لکرائڻ لاءِ به سزا کي قبولي ٿي.

تنھنجي مرڪ جي ماپ

مون کي زخم مان ملي ٿي.

ڳوڙھا تنھنجي وجود جي ھر گھٽي ۾

وھندڙ درياھن جا رستا ڳولين ٿا.

جڏھن مرڪ جي ماپ ٿيندي آھي ته ڳوڙھا پنھنجي اھميت وڃائي ڇڏيندا،پر ڳوڙھن کي رستو ته صرف زخمن جي پويان ئي ملندو آھي جتي زخم پنھنجو رستو وھندڙ درياھه جي وچ ۾ ڳولين ٿا، اتي ڳوڙھن جي وجود جو ھر منظر نظر اچي ٿو ۽ ھڪ عورت جي چھري تي گونگي خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي.

ڪائنات

درد جو سينو آھي

پر، موٽ خوشبو جي چادر ناھي

جنھن کي ابتو ڍڪي

آسمان، پنھنجي اگھاڙپ لڪائي سگھي،

سمنڊ

منھنجي آلي اک جو نوحو آھي.

امر سنڌو شاعري جي مڙني صنفن ۾ ھڪ عورت جي ان اينگل کي سٺي نموني سان طبع آزمائي ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ عورت ھڪ نفيس دل ۽ احساس جو نالو آهي، جنھن جي اھميت کي ھر سٺي ۽ پازيٽو سوچ رکندڙ فرد کي سمجھڻ جي ضرورت آھي.

 

 

 

فوزيه سنديلو

سسئي ۽ سُور

 

جڏهن گهري مايوسي ذهن تي طاري ٿي وڃي، دل درد سان ڀرجي وڃي، من مندر ۾ اوندهه جو راڄ هجي، اکين ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳن، ان مايوسي، پيڙا ۽ درد جي ڪيفيتن مان نڪرڻ لاءِ منهنجا هٿ هميشه شاهه جي رسالي ڏانهن کڄي ويندا آهن. نوري، مارئي، مومل، سورٺ ۽ سهڻيءَ کان ٿيندي، منهنجي پناهگاهه سسئي بڻبي آهي.

سسئي، جيڪا اڪيلي ڏونگر ڏوريندي، درد کي ساٿي بڻائي، سُور ساڻ کنيون، جبل جهاڳيندي به رهي ٿي ۽ روئندي به رهي ٿي، پر همت نٿي هاري. سسئيءَ وٽ غير معمولي جرئت، همت ۽ حوصلو هو. هوءَ هڪ عام عورت وانگر پنهون جي جدائيءَ ۾ تڙپي ٿي. ڀنڀور هن کي دوزخ لڳڻ لڳي ٿو:

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون.

 

 کان!

هوءَ مايوس ٿي ويهي رهڻ بدران، اڻڄاڻ رستن تي پنهونءَ جي پيرن جا نشان تلاش ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿي. ان وقت هوءَ همت ۽ حوصلي جو اهڃاڻ بڻجي پوي ٿي. پنهون کي پڪاري ٿي:

واقف نه وڻڪار جي، پاڻيءَ کنيم نه پاءُ،

جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءُ،

لڳي لکَ لطيف چئي، معذورين مٿاءُ،

اُتي اوڏو آءُ، جِت هوتَ هيڪلي آهيان.

لطيف سائين، سسئي جي سورن کي پنجن سُرن ۾ ڳايو آهي. سسئي جو اڻانگو پنڌ، راهن کان اڻ واقفيت، جت وڏا وڏا وڻ ۽ نيلا نانگ آهن، اُتي سسئي اڪيلي آهي. لطيف چوي ٿو:

وڏا وڻڪار جا، جت نانگ سُڄَن نيلا،

اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪليءَ حيلا،

جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رسج رهبر راهه ۾.

يا هينئن چوي ٿو:

ويچاريءَ وڻڪار اڳ نه ڏٺو ڪڏهن.

سسئي اڳيان خوفناڪ رستا آهن، ڪو ساٿي ۽ رهبر ڪونه اٿس، هيڪلي، هيڪلي هلندي رهي ٿي، پيرين اُگهاڙي، هُن جي اندر مان درد ڀريون دانهون نڪرن ٿيون:

ڏونگر ڏوراپو، پهريون چونديس پرينءَ کي،

پهڻ پير پِٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،

رحم نه پيوئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،

واڪا ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.

سسئي وٽ درد آهي، پيڙا آهي، تڙپ آهي ۽ پنهونءَ لاءِ بي انتها سِڪ. ان سِڪ ۾ هوءَ پهاڙي پنڌ تي هيڪلي هلي پئي آهي. اڳيان پهاڙ رڪاوٽون وجهن ٿا، هُن جا پير پٿريلي رستي تي هلڻ ڪري، رتورت ٿيڻ لڳن ٿا ته هوءَ رڙ ڪري ٿي:

ڏونگر! ڏکوين کي دلاسا ڏجن،

گهڻو پُڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،

تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پيرَ ڏکوئيين؟

سسئي مسلسل اذيتن مان گذري ٿي. اڳيان ڏکيا ڏونگر آهن، ڀٽائي ان اذيتناڪ ڪيفيتن کي پنهنجي بيتن ۾ اهڙي طريقي سان بيان ڪيو آهي، جو دل درد سان ڀرجي وڃي ٿي:

ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍايون ڪرين،

ڏونگر! ڏک سنداءِ، پرينءَ گڏجان ته چوان،

ڏونگر! ڏکوين کي ڳل نه سُڪا ڳوڙها.

ڏونگر کي ميارون ٿي ڏي، ڳوڙها ٿي ڳاڙي ۽ چوي ٿي، پرين گڏجي ته ڏونگر تنهنجا ڏک ان کي ٻڌايان، همت گڏ ڪري ٿي، ڏونگر سان مخاطب ٿئي ٿي:

تپي ڪندين ڪوه، ڏونگر! ڏکوين کي،

تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه،

امر مون سين ائين ڪيو.

هيڻي، ڪمزور ۽ ٿڪل سسئي هونئن ته هڪ عام عورت وانگر روئي رڙي ٿي، پر هُن جي غير معمولي همت هُن کي عظيم بڻائي ٿي. پنهونءَ جا پيرا کڻندي، سج به اچي لهڻ لڳو آهي، تڏهن سسئي جي همت جواب ڏيڻ لڳي ٿي:

آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج،

سج کي ڏوراپا ڏئي ٿي، ان کي پنهونءَ لاءِ نياپو ڏئي ٿي:

آءٌ جي ڏيئين سنيهڙا، نيئي پريان کي ڏج،

وڃي ڪيچ چئج، ته ويچاري واٽ مئي.

پرينءَ سان نه گڏجڻ جو ڏک، هُن جي اندر کي اڌو اڌ ڪري ڏي ٿو:

آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿئم پساهُه،

سڪان ٿي سڪرات ۾، رويو پڇان راهه،

شال مَ وڃي ساهه، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.

آءٌ نه گڏي پرينءَ کي، آيو عزرائيل.

سسئي جون دردناڪ دانهون ٻڌي، جبل، وڻ ٽِڻ ۽ مرون هُن سان ماتم ۾ شريڪ ٿين ٿا:

ڪي جي ڪڍيا پار، ڏکيءَ ڏونگر پاڻ ۾،

سسئي سا تنوار، مرون پيا مامري.

ڀٽائي بيان ڪري ٿو ته:

ڪنهن کي ڪين چوي، منجهن جو مچ ٻري.

درد سسئي جي جيءَ کي جهوري ڇڏيو آهي. هُن جون آهون ۽ دانهون ٻُڌي، ڏونگر هُن سان گڏجي روئن ٿا ۽ مِرون ماتم ڪن ٿا. جيڪي ڏونگر هُن کي ڏکوئي رهيا هئا ۽ هُن جي پيرن کي پِٿون ڪري رهيا هئا، سسئي جي سورن ۽ رڙين دانهن ٻُڌڻ کان پوءِ انهن جي هُن سان پريت ٿي پئي آهي.

سسئي جي ڏک ۾ سڀ ڏکوئجي وڃن ٿا. سسئي جو درد پنهنجون حدون ٽپي، هاڻي هُن لاءِ راهون هموار ڪرڻ لڳي ٿو. درد به هن جو ساٿي بڻجي پوي ٿو، سور هُن کي پرينءَ جو گس ڏيکارين ٿا.

ڏيکاريس ڏکن گوندر گس پرينءَ جو.

هاڻي سسئي هيڪلي ناهي، ڏکن هُن جي رهنمائي ڪري، پرينءَ جو گس ڏيکاريو آهي، پنهون هڪ مقصد ۽ منزل بڻجي پوي ٿو، جنهن ڏانهن ويندي، سڀ سُور هُن جا ساٿي بڻجي پيا آهن، سورن جا سسئي وٽ وٿاڻان آهن، چوي ٿي:

مُٺِ مُٺِ سورن سڀڪهين، مون وٽ وٿاڻان.

انهن سڀني سورن هڪ نئين سسئي کي جنم ڏنو آهي. جنهن لاءِ ڏک هاڻي تڪليف جو سبب نٿا بڻجن، پر هُن جي لاءِ راهن جا پٿر هٽائيندا ٿا وڃن. هُن جي راهه صاف ڪندا ٿا وڃن. هاڻي هوءَ ڏکن کي اپنائي ٿي ۽ انهن ڏکن تان سُک گهوري ڇڏي ٿي:

ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري!

هاڻي هوءَ ڏکن کي به سُک ڀانئڻ لڳي ٿي:

ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهين ڏنم ڏک،

سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاندَ ڪارڻ هوتَ جي.

ڏکن جي رهبري ۾ هوءَ هڪ نئون فرد بڻجي پئي آهي. هوءَ پاڻ سان روح رهاڻيون ڪرڻ لڳي ٿي.

پيهي جان پاڻ ۾، ڪِيمِ روحَ رهاڻِ،

ته نڪو ڏونگرَ ڏيهَه ۾، نَڪا ڪيچين ڪاڻِ،

پنهون ٿيسِ پاڻ، سسئي تان سورُ هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org