ثمينه ميمڻ
ٻُڙيءَ برابر
مَهرِ کي ڪيڏي نه خوشي ٿي هئي، جڏهن سندس لاءِ
رشتو هڪ اهڙي گهر مان آيو، جتي عورت کي آزاديءَ
سان نوڪري ڪرڻ جي اجازت هئي.
مَهرِ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري وٺڻ کان
پوءِ ڪميشن پڻ پاس ڪئي هئي ۽ سرڪاري اسڪول ۾ پنجن
سالن کان نوڪري پڻ ڪري رهي هئي.
مَهرِ جا ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، جڏهن هوءَ
يونيورسٽيءَ جي ٻئين سال ۾ پڙهي رهي هئي. ٻنهي
ڀائرن کان ننڍي هئي ۽ ڀائرن به هن کي پنهنجي اولاد
وانگر سنڀاليو ۽ هُن جو خيال رکيو، سندس ٻنهي
ڀائرن جون شاديون به پنهنجي خاندان ۾ پنهنجي سؤٽِن
سان ٿيون، ڀاڄايون به هن جو تمام گهڻو خيال
ڪنديون هيون.
هِنن جو گهراڻو تعليم يافته هو، ۽ خاندان ۾ تعليم
پرائڻ ۽ اڳتي وڌڻ ئي تعليم جو مقصد سمجهيو ويندو
هو. سندس ڀاڄايون پڻ نوڪري ڪنديون هيون، مَهرِ جي
به سوچ اها هوندي هئي ته عورت جي حيثيت مرد جي
برابر هجي، پنهنجي قابليت سان هُوءَ ثابت ڪري ته
هوءَ مرد کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهي، هن کي
گهر ۾ به اِهائي تربيت ملي هئي.
سندس ڀائر به مَهرِ جي لاءِ پريشان رهندا هئا ته
ڪا چڱي مِٽي اچي ته هن فرض کان آجو ٿجي، ماءُ پيءُ
کان پوءِ سندن ئي فرض هو، ته مَهرِ جي شادي ڪنهن
سٺي گهر ۾ ٿئي.
مَهرِ جا رشتا به چڱن گهرن مان ايندا هئا، جن جا
بئنڪ بئلنس، بنگلا، گاڏيون ۽ زندگي گذارڻ جون انهن
وٽ سوين آسائشون هيون، پر مَهرِ جو اِهوئي هڪ شرط
هوندو هو ته سندس رشتو اهڙي گهر ۾ ٿئي جتي هُن کي
آزاديءَ سان شاديءَ کان پوءِ به نوڪري ڪرڻ جي
اجازت هجي، ائين چڱيون مِٽيون ائين هلي وينديون
هيون. مَهرِ جا ڀائر به هن جي شرط آڏو بيوس بڻيل
هوندا هئا. پر... اڄ الاهي وقت کان پوءِ جڏهن هن
جي مِٽِي اهڙي گهر مان آئي، جتي انهن جي خاندان جي
عورتن کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت هئي. هوءَ ڏاڍو مطمئن
ٿي. هاڻي مَهرِ وٽ انڪار ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو.
ڪجهه وقت ۾ مَهرِ جي شادي به ڌام ڌوم سان ٿي ويئي.
هوءَ پاڻ کي هاڻي خوشقسمت ۽ مڪمل ڀائيندي هئي.
ساجد هن جو الاهي خيال ڪندو هو، گهر ۾ هر آسائش
موجود هئس، سندس سَسُ سهرو، ساجد اڃان ننڍو هئو ته
گذاري ويا هئا، سندس هڪ ڏير ۽ ڏيرياڻي پڻ الڳ
بنگلي ۾ رهندا هئا، هوءَ گهر ۾ اڪيلي هئي، ڪم
واريون به هُيون، هن کي پنهنجي زندگي خوابن جيان
لڳندي هئي، پنهنجي پگهار پاڻ تي ۽ گهر تي مرضيءَ
سان خرچ ڪندي هئي. هوءَ پاڻ کي خودمختيار سمجهندي
هئي، سال اندر هوءَ ٻار جي ماءُ پڻ بڻي، هُن کي
زندگيءَ هاڻ مڪمل لڳندي هئي. پر ڪجهه وقت کان ساجد
اوپرو ٿيڻ لڳو، مَهرِ کي سمجهه ۾ نه آيو. هڪ ڏينهن
هوءَ جيئن اسڪول مان آئي ته مَهرِ کان ساجد چيڪ
بوڪ جو پڇيو. هوءَ ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي وئي،
پر سمجهه ۾ نه آيس، هن چيڪ بوڪ ڪڍي ساجد آڏو رکيو،
ساجد چيڪ بوڪ کڻي ورتو ۽ چيائين: ”پگهار سڀاڻي
پهرينءَ تاريخ تي ملڻي آهي، هيءُ چيڪ بوڪ جي سلپ
ڀري وٺ ته مان ڪيش ڪرايان.“
هوءَ ٿورو منجهي به پئي، ته ساجد ائين ڇو پيو ڪري،
پوءِ هٻڪي ٿورو همت ڪري پڇڻ لڳي، ”ته مان پاڻ
اسڪول ۾ پٽيوالي کي چيڪ ڏيندس، ڪيش ڪرائي ايندو.
جيئن هميشه ڪرائيندي آهيان.“ توهان کي پئسن جي
ضرورت آهي ته مان واپسيءَ ۾ ڏئي ڇڏيندس، مُنهن
ٺاهي چوڻ لڳو، ”مان ڪڍائيندس ته ڇا ٿيندو.“
”ڪجهه نه ٿيندو“ هُن جواب ۾ چيو.
”ته پوءِ بس.“ ساجد چيڪ بوڪ مان هڪ چيڪ ڦاڙي مَهرِ
کي صحيح ڪرڻ جو چيو.
هوءَ حيرانيءَ مان ساجد کي ڏسڻ لڳي، شاديءَ کي
پورو سال ٿي ويو هو. ساجد ڪڏهن به هن سان اهڙي روش
نه رکي هئي، هيءُ اوچتو اهڙو عمل ڇو پيو ڪري، هوءَ
ڪجهه به نه سمجهي سگهي. چپ ڪري ساجد کي اهڙي حالت
۾ ڏسي هن چيڪ ڀري صحيح ڪري ڏئي ڇڏيو، ساجد چيڪ وٺي
کيسي ۾ رکيو ۽ چيڪ بوڪ پڻ پاڻ وٽ رکي ڇڏيو. هُن جا
هوش خطا ٿيڻ لڳا، هُوءَ اندر ۾ روئي پئي، نِڙيءَ ۾
سڏو ڄڻ اٽڪي پيس، ڪُڇي نه سگهي. سجاد شرمندو ٿيڻ
بجاءِ ته چوڻ لڳو تون پئسا ڇا ڪندينءَ گهر جو خرچ
ته اسان مرد ئي هلايون ٿا، توکي جڏهن به پئسن جي
ضرورت هجي مون کان گهُرجانءِ مان توکي ڏيندم، ائين
چئي هُو هليو ويو.
مَهرِ سجاد جي رويي تي الاهي پريشان ٿي وئي،
جيڪڏهن مون وٽ پئسا هوندا ته آهن ته مان خرچ به
گهر ۾ ئي ڪندي آهيان، جيڪا سجاد کي خبر به هوندي
آهي، پر پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ ته هوندي آهيان،
هينئر ته پنهنجي پئسن جي هوندي مان محتاج ٿي هُن
کان پئسا گهران هوءَ دل ۾ ٽُٽي پئي، ان مهل خاموش
ٿي وئي. پر... ڪيستائين جڏهن سندس ڀاءُ جي شادي ٿي
ته مَهرِ، سجاد کان ڪجهه رقم گهري ته جيئن هوءَ
پنهنجي مرضيءَ سان ڪجهه خريد ڪري، پر سجاد اهو چئي
جواب ڏنس ته تو وٽ الماري ڀري پئي آهي، ڪپڙن جي
روز ٺهرائڻ فضول خرچي آهي.“ ان ڏينهن هُن کي رپيو
به نه ڏنائين. هوءَ ته پنهنجي پئسن هوندي لاچار ٿي
پئي هئي، بيوس بڻجي ويئي هئي، آهستي آهستي هن کي
خبر پئي ته هنن جي خاندان جون سڀ عورتون نوڪري ته
ڪري رهيون هيون پر انهن جي پگهار جو حق انهن جي
مردن کي حاصل هو. ڪڏهن سوچيندي هئي ته نوڪريءَ تان
ئي هوءَ استعفا ڏئي ڇڏي. اهڙي نوڪري ڪرڻ جي ضرورت
به ڪهڙي هئي، جتي پاڻ ٽَڪي ٽَڪي جي محتاج هجي ۽
پاڻ پنهنجي خودمختيار نه هجي ۽ ويچاري بڻيل هُجي.
اڄ هوءَ ڪيترن ڏينهنِ کان پوءِ ڪُڇي هئي ته هُن کي
طلاق جي ڌمڪي به ملي، مَهرِ پاڻ کي ٻه واٽي تي
بيٺل محسوس ڪيو، جتي ڪو گس ئي نه ٿي مليس، اڄ هن
کي زندگي ٻُڙيءَ برابر لڳي، جنهن جو ڪو حساب ئي نه
هو.
ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو
ھائيپريوريسيميا
Hyperuruicemia
يورڪ ايسڊ جي رت ۾ وڌيل مقدار کي ھائيپريوريسيميا
چئبو آھي. يورڪ ايسڊ کاڌن ۾ شامل ھڪ اھم جز پيورين
Purine
جي ٽٽڻ/ ھاضمي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آھي. جڏھن ھڪ
ڀيرو يورڪ ايسڊ ٺھندو آھي ته پوءِ اھو رت ۾ شامل
ٿيندو، گردن مان گذرندو آھي ۽ گھڻو حصو پيشاب
وسيلي نيڪال ٿي ويندو آھي
.
پيورين
Purine
پيورين قدرتي طور ڪجھه کاڌن ۾ موجود ھوندو آھي.
اھي سڀ جا سڀ کاڌا خراب ناھن ھوندا، پر انھن جي
ججھي مقدار کان بچڻ گھرجي.
پيورين جڏھن جسم ۾ جذب/ھضم
ٿيندا آھن ته نتيجي ۾ بيڪار مادو يعني يورڪ ايسڊ
پيدا ٿيندو آھي . يورڪ ايسڊ جي ذرڙن جو سنڌن ۽
گردن ۾ گڏ ٿيڻ سان، صحت جا مسئلا پيدا ٿي پوندا
آھن
.اٽڪل
پنجن مان ھڪ ماڻھوءَ کي رت ۾ يورڪ ايسڊ جو مقدار
وڌيل ملندو آھي. ان جو تعلق وائي سور
Gout
جا حملا يا گردن ۾ پٿرين ٺھڻ سان به ٿي سگھي ٿو.
پر اڪثر ماڻھن کي وڌيل يورڪ ايسڊ سان ڪو مسئلو يا
ڪا علامت نه ھوندي آھي. پيورين کاڌن ۾ قدرتي طور
موجود، اھڙو ڪيميائي مادو آھي، جيڪو جيوگھرڙي جي
DNA
۽
RNA
جي بنيادي بلاڪ ٺھڻ ۾ ڪتب ايندو آھي. مثال طور:
Adenine
۽
Guanine
رت ۾ يورڪ ايسڊ وڌي وڃڻ جا سبب
:
گھڻو ڪري رت ۾ يورڪ ايسڊ جي مقدار تڏھن وڌندو آھي،
جڏھن گُردا ان کي مناسب نموني نيڪال نه ڪري سگھن.
ڪجھه شيون جيڪي نيڪال جي عمل کي سست ٿيون ڪن، تن ۾
پيورين وارا کاڌا گھڻو واپرائڻ، وڌيل وزن،
ڊائيبٽيز، دوائون،diuretics
۽ الڪوحل جو گھڻو واپرائڻ
شامل آھن
.
اھڙا کاڌا جن ۾ قدرتي پيورين
Purine
گھڻي مقدار ۾ ھوندو آھي، تن ۾
:
* وڏو گوشت * ٽرڪي جو گوشت * سامونڊي مڇي * سڪل
چئونرا * بيئر وغيره آهن.
پيورين جسم ۾ به ٺھندو آھي ۽ يورڪ ايسڊ ۾ ٽٽندو
آھي. عام طور تي رت مان يورڪ ايسڊ گُردن وسيلي،
ڇڻي پيشاب ۾ نيڪال ٿي ويندو آھي. جيڪڏهن کاڌي ۾ به
گھڻو پيورين واپرائبو ته جسم مان جلد نيڪال نه ٿي
سگھندو ۽ رت ۾ مقدار وڌي ويندو. ھن صورتحال کي
ھائيپريوريسيميا
Hyperuricemia
چئبو آھي. رت جي يورڪ ايسڊ جي وڌي وڃڻ جو ھڪ سبب
ذھني دٻاءُ
Stress
به آھي. والدين طرفان ورثي ۾ ملڻ به ھڪ سبب آھي.
صحت جي ڪن مسئلن ۾ به يورڪ ايسڊ رت ۾ وڌيل ڏسبو
آھي. مثال طور:
* گُردن جي بيماري
* شگر جي بيماري
* ھائيپوٿائيريڊزم
* ڪينسر جا ڪجھه قسم ۽ ڪيموٿيراپي
*
جلد
جي بيماري
Psoriasis
ڪي
دوائون به يورڪ ايسڊ جي مقدار کي رت ۾ وڌڻ جو سبب
بڻجنديون آھن . مثال طور:
* ايسپرين
* وٽامن بي 3
*
ڊائيوريٽڪ،
جسم جي دفائي سسٽم کي گھٽائيندڙ ۽ ڪيموٿياپي.
ڊاڪٽر
کي ڪڏھن ڏيکارجي:
رت ۾ يورڪ ايسڊ وڌيل ھجڻ ڪا بيماري ناھي يا ڪا
اھڙي حالت جنھن جو علاج ڪرڻ ضروري ھجي، جيڪڏهن ڪا
به علامت نه ھجي، پر جيڪڏهن سَنڌن ۾ سور ۽ سوڄ
Gout
جو حملو ٿئي ٿو يا گُردن ۾ پَٿري ٺھي ٿي ته ڊاڪٽر
کي ضرور ڏيکارجي
.
رت ۾
يورڪ ايسڊ مقدار گھٽائڻ جا قدرتي طريقا
:
اھڙا
کاڌا گھٽ کائجن جن ۾ پيورين شامل آھي.
* کنڊ کان پرھيز ڪجي
* وزن گھٽائجي
* کاڌن ۾ فائبر شامل ڪجي
* پريشاني/Stress
کان بچجي
* دوائن ۽ کاڌن جي نظرداري ڪجي.
|