ساگر مستوئي
اَنمول موتي
(آپا شانتي جون ڳالهيون...)
خالقِ اڪبر جي هن خلقيل ڪُل ڪائنات ۾ ڪنهن ڪنهن
وقت اهڙا ته انمول موتي جنم وٺندا آهن، جن جي قيمت
جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل ۽ ناممڪن ٿيو پوي. اسان جي سنڌ
امڙ ڌرتيءَ تي به ڪجهه اهڙا ته انمول موتي پيدا
ٿيا آهن، جن پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي جو نالو دنيا جي
ڪُنڊڪڙڇ ۾ تمام بهترين ۽ لاجواب نموني سان روشن
ڪيو آهي، خاص طور تي تعليم جي ميدان ۾ اهڙا سچا
هيرا ۽ انمول موتي پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي اڻٿڪ
محنت ۽ جدوجهد سان نه صرف پنهنجا، پر هن ڌرتيءَ ۽
پنهنجي ٻوليءَ جو مُلڪان ملڪ سنهري لفظن ۾ نالو
روشن ڪيو آهي.
آءٌ تعليمي ميدان ۾ هڪ اهڙي سچي انمول موتي جو ذڪر
ڪندس، جنهن پنهنجي برادري ۽ خاندان سان گڏوگڏ، سنڌ
ڌرتيءَ جو خوب نالو روشن ڪيو آهي. آءٌ ذڪر ڪندس،
اسان جي وڏي مان ۽ شان واري ڀيڻ محترمه آپا شانتي
ٻائي جو، آءٌ ڇا ذڪر ڪندس، اهڙن سچن هيرن ۽ موتين
جو. پر آپا شانتي ٻائي پنهنجي زباني ٻڌائي ٿي.
”مون کي فخر آهي ته اسان جي برادري جي پڙهيل لکيل
ماءُ ۽ استاد، دادي لالي ٻائي ميگهومل سُرتاڻي جي
ڪُک مان 2 جون 1960ع ۾ ٽنڊو جان محمد ضلعي
ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. جنهن جي گود مون کي زندگيءَ
جي هر امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي اها تربيت
ڏني، جو اڄ به آءٌ ڪنهن به ميدان ۾ پنهنجي پيرن تي
بيهي سگهان ٿي ۽ ٻين کان اڳتي وڌي سگهان ٿي. ماءُ
۽ پيءُ جي ته مان لاڏلي هئس، پر مون ٻن ڀائرن جي
اڪيلي ڀيڻ هئڻ جو به پورو پورو فائدو ورتو. آءٌ
پنهنجي ڀائرن ديوان نولراءِ ۽ ٿري امولک جي سڪيلڌي
ڀيڻ هئس، البته پنهنجي ڀاءُ ٿري امولک سان هميشه
جهڳڙو ڪندي رهندي هئس، جيڪو اڳتي هلي، مون لاءِ
پيار جو اُٿاهه ساگر بڻجي ويو. منهنجي زندگيءَ جي
سڌارڻ ۾ مالڪ جي مهرباني کان پوءِ مائٽن ۽ ڀائرن
جي رهبري به شامل رهي. خاص ڪري ڀاءُ ٿري امولک جي
ٿورائتي آهيان، جنهن مون کي هن منزل تي پهچائڻ ۾
وڏو ڪردار ادا ڪيو.
مون کي پنجن سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ پرائمري گرلس
اسڪول ٽنڊو جان محمد م داخل ڪرايو ويو، مون
پنهنجي اڌ تعليم انهيءَ اسڪول ۾ پنهنجي ماءُ ۽
باقي اڌ تعليم بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد ساهومل
نگاڻي وٽ حاصل ڪئي. مون کي فخر آهي ته منهنجي
تربيت ۾ منهنجي ماءُ پيءُ جو وڏو ڪردار رهيو آهي،
ڇهين درجي ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو جان
محمد ۾ داخل ٿيس. جتان 1975ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيم. 24
جنوري 1977ع ۾، مائٽن منهنجي شادي وشنداس سان
ڪرائي. جيڪو ڳوٺ امين محمد شاهه ڍاڻي تعلقو ننگر
پارڪر ۾ رهندو هو. مون کي مئٽرڪ پڙهڻ کان پوءِ
سائنس پڙهڻ جو شوق هو. پر مائٽن وڌيڪ پڙهڻ ڪونه
ڏنو. ان لاءِ آءٌ پنهنجي ماءُ سان وڙهندي هيس.
پوءِ به مالڪ جو شڪر هو، جو ورُ ۽ ساهراڻو گهر سٺو
مليو، جن منهنجي پڙهائيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ
نه وڌي. ننڍپڻ کان وٺي، پنهنجن ڀائرن سان ريس ڪندي
هيس، پر منهنجي اها ريس، پڙهائيءَ جي معاملي ۾
هوندي هئي. پرائيويٽ طور بي.اي ڪرڻ کان پوءِ
اڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم.اي. ڪيم. جڏهن ته
سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ريگيولر
ڪيم. بي ايڊ کان پوءِ مائٽن ۽ ڀائرن جي نقشي قدم
تي هلندي، گرلس هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾
جي.ايس.ٽي استاد جي حيثيت ۾ نوڪري جوائن ڪيم.
1987ع کان ترقي ڪندي، ايڇ.ايس.ٽي ۽ 2009ع ۾ بحيثيت
هيڊ مسٽريس گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جهڏو جي چارج
ورتم. جتان پنجن سالن کان پوءِ 18 گريڊ ۾ پروموشن
ٿيڻ ڪري، گورنمينٽ گرلس هائر سيڪينڊري اسڪول ڊگهڙي
۾ پرنسيپال طور دخلقار ٿيس ۽ اڄ ڏينهن تائين، اُتي
ئي پنهنجا فرائض پورا ڪري رهي آهيان.
مالڪ جي مهرباني آهي، جو مائٽن ۽ ساهرن ۾ ته عزت
ملي. پر تعليم کاتي به تمام گهڻي عزت سان نوازيو
آهي، ايتري قدر جو اڄ به آفيسر منهنجي اسڪول جي
معائني وقت چوندا آهن ته آپا شانتي جي اسڪول ۾ وڃڻ
جي ضرورت ناهي. اهو اسڪول ته مثالي آهي. منهنجي
گهريلو زندگيءَ ۾ به ڌڻيءَ مون تي ڪرم ڪيو آهي.
ڌڻي مون کي چئن نيڪ پٽن سان نوازيو آهي، جنهن مان
وڏو پٽ چندر ايم.بي.بي.ايس. ڊاڪٽر آهي. جيڪو هن
وقت پنهنجي وني ڊاڪٽر امرتا سان گڏ، سول اسپتال
مٺي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ٻيو نمبر پٽ سندر
ايم.ايس.سي ڪئي آهي. جيڪو پرائيويٽ طور ليڪچرار جي
حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ٽيون نمبر پٽ منيش ڪمار
زيبسٽ مان ايم.بي.اي ڪري، اُتي ئي ٻه سال نوڪري
ڪئي ۽ هينئر پاڪستان سيڪيورٽري پرنٽنگ پريس ۾
آفيسر آهي. جڏهن ته ننڍو پٽ ڪپيل ديو سول انجنيئر
آهي.
اولاد ته هر مائٽ کي پيارو هوندو آهي. پر آءٌ
خوشنصيب آهيان، جو مون کي نُهرون تمام سٺيون ۽
سگهڙ مليون آهن. وڏي نُنهن ڊاڪٽر نيمبراج جي ڌيءُ
آهي. ٻي نُنهن منهنجي هم نام ڊاڪٽر شانتي آهي.
جيڪا سُرڳواسي موهن لال جي ڌيءُ آهي. جڏهن ته ٽيون
نمبر نُنهن ڪوشليا بي.ايس.سي ڪيل آهي. هائوس وائف
آهي ۽ ڊاڪٽر شانتي جي ڀيڻ آهي.
منهنجي ماءُ حقيقت ۾ اسان جي خاندان کي تعليمي طور
اڏيندڙ آهي. جڏهن ته منهنجي پيءُ هڪ بهترين استاد
هئڻ سان گڏ، مهمان نواز جي حيثيت ۾ علم جي ٻوٽي جي
جيڪا آبياري، ان دور ۾ ڪئي. اهو ان جو ئي نتيجو
آهي، جو اڄ هر هنڌ تي سندس خدمتن جا ڳُڻ ڳائيندڙ
موجود آهن. نه صرف پنهنجي برادريءَ ۾، پر هر قوم ۽
هر مذهب ۾ ملندا. منهنجي بابا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
ٻين کي همٿايو ۽ هر طرح انهن جي مدد ڪئي. منهنجي
ورَ وشنداس زندگيءَ جي سفر ۾ پرائيويٽ ملازمت
ڪندي، اسان جي ڪُٽنب کي، جنهن بهترين نموني سان
سنڀاليو ۽ هلايو، اهو انهيءَ جو حوصلو آهي، جو پاڻ
هن وقت هڪ رٽائرڊ زندگي گذارڻ جي باوجود اڄ ڏينهن
تائين، سخت محنت ڪندڙ ۽ جفاڪش انسان آهي.
مون سموري زندگي پنهنجي مائٽن ۽ ڀائرن جيان
ايمانداريءَ سان نوڪري ڪندي، گذاري آهي ۽ دعا ٿي
گهران ته زندگيءَ جا باقي وارا سال به خير خوبيءَ
سان گذري وڃن ته جهڙوڪر مون پنهنجي زندگيءَ جي
خوابن جي تعبير حاصل ڪري ورتي.“
آخر ۾ آپا شانتي ٻائي پيغام ڏيندي چيو ته:
”منهنجو سڀني لاءِ اهم پيغام آهي ته نياڻيون
پڙهايو. نياڻيون گهر لاءِ روشني آهن. نياڻين
کانسواءِ گهر ويران هوندو آهي.“
مهرالنساءِ جويو
ٻالڪ جو خواب
او ٻالڪ راند نٿو ڪرين
سنڌ کي ڏسي، ڇا پيو سوچين،
راند پنهنجيءَ کي وساري ڇو ٿو ڇڏين
ايڏو افسوس ۾ تون ٿو رهين.
ٻالڪڙا ڇا پيو سوچين؛
سنڌ پنهنجي سهڻي سدا
تنهن تي ڪيا غيرن وار وڏا
اهڙو تون ارمان ٿو ڪرين.
او ٻالڪڙا راند نٿو ڪرين.
خيالن ئي خيالن ۾ سنڌ کي ٿو سجائين
مسڪراهٽ ٿي تنهنجي ٻڌائي
همٿ ۽ عظمت کي ٿو تون وڌائين
سڄي سنڌ جو سير ڪري، پنهنجن سان ٿو هٿ ملائين.
کڻي ڪتاب قلم ٿو ٻارن ۾ ورهائين
هڪ هڪ اکر آزاديءَ جو ٿو سمجهائين
ايڏو جذبو تو ۾ ڏسي ”مهر“ کي ٿو مُرڪائين
او ٻالڪڙا راند نٿو ڪرين
همٿ تنهنجيءَ ۾ آ اميد گهڻي
تعليم سان آ تنهنجي دل گهڻي
تون آڻيندي، انقلاب
پورو ٿيندو تنهنجو خواب ٻالڪڙا
ٻڌيءَ ۾ آهي پورو ويساهه
هاڻي ايندو انقلاب.
جميله نرگس
راحيله
مون کيس پهريون دفعو اسٽيشن جي سفيد پٿريلي عمارت
اڳيان ڏٺو هو. کيس ڪاري ساڙهي پيل هئي، سفيد ڪرائي
۾ ڪاريون چوڙيون ۽ اکين تي ڪارو چشمو هئس. هوءَ
لان ۾ بيٺي ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئي. ڪمپائونڊ
وال جي ڀرسان لنگهندي، مون کيس ڏٺو هو. سندس سهڻو
چنڊ جهڙو چهرو ڏسي، مون کي شوق ٿيو ته انهن ڪارن
پردن پٺيان لڪل سندس اکيون به ڏسي سگهان. پنهنجي
رفتار کي ڪيتري قدر سست به ڪيم، پر ڪامياب نه ٿي
سگهيس.
تنهن وقت منهنجي عمر ارڙهن يا اڻويهه سال مس هئي
(عمر جي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط جسم ۽ ڊگهو قد، ماڻهن
کي مغالطي ۾ وجهندا هئا). بي.اي ۾ پهريون سال هو.
هاسٽل ۾ رهندو هئس ۽ هاسٽل ڪاليج کان ايترو پري
هئي جو روز مون کي بس ۾ وڃڻو پوندو هو.
تنهن ڏينهن منهنجي خوشي جي انتها نه رهي، جڏهن کيس
بس اسٽئنڊ تي پول کي ٽيڪ ڏيو بيٺل ڏٺم. کيس
ساڳيائي ڪپڙا پاتل هئا، پر اکيون ڪارن پردن کان
آزاد هيون. مون ڀرسان وڃي کيس چڱي طرح ڏٺو، سندس
عمر چوويهه، پنجويهه سال ٿيندي ۽ سندس چهرو ڏاڍو
خوبصورت هو.
ٻي ڏينهن مون کيس وري ڏٺو. سندس ڀرسان وڃي بيٺس،
دل ڏاڍي پئي چئي ته ساڻس ڪجهه ڳالهايان، پر ڪجهه
سمجهه نه پيو اچي. کيس ڪرائي ۾ واچ ڏسي سوچيم ته
پڇانس ”محترمه! ٽائيم ڪيترو ٿيو آهي.“ پر نه،
جيڪڏهن منهنجي ٻانهن ۾ واچ ڏسي ورتائين ته پوءِ ڇا
چوندي. عجيب بيهودو ڇوڪرو آهي. مان پتلون جي کيسي
۾ هٿ وجهي، عجيب ڪشمڪش واري حالت ۾ بيٺو هئس ۽
ڪڏهن ٽيڏي اک ڪري، کيس نهارڻ جي ڪوشش به پئي ڪيم
ته اوچتو تمام سريلو آواز ڪنن سان ٽڪرايو ”توهين
شايد روز ڪاليج ويندا آهيو؟“
کيس اوچتو همڪلام ڏسي، مان گهٻرائجي ويس. ”ها،
ها!“
”توهان جو نالو؟“
”اسلم!“ منهنجي مرضي هئي ته مان ساڻس اڃا ڪجهه
وڌيڪ ڳالهايان. پر ڪمبخت بس کي به ان ئي مهل اچڻو
هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن مون کي چيو، ”شام جو
منهنجي گهر اچجو. هو ڏس اسٽريٽ جي موڙ وٽ منهنجو
گهر آهي.“ هن هٿ جي اشاري سان مون کي گهر ڏيکاريو.
”مهرباني“ هڪ ايتري وڏي اعزاز ملڻ ڪري مان پاڻ کي
تمام خوش قسمت محسوس ڪرڻ لڳس.
سندس گهر هاسٽل جي اڳيان لنگهندڙ رستي جي موڙ واري
اسٽريٽ ۾ هو. انهي ڏينهن شام جو مان سندس گهر ويس،
گهر ننڍو هو، پر چڱي نموني ٺهيل هو. ننڍڙو کليل
پڌر، جنهن جي چوڌاري نرگس جا ٻوٽا پوکيل هئا. مان
جڏهن اندر گهڙيس ته هوءَ ورانڊي ۾ بيٺي هئي.
مشڪندي هوءَ مون کي ڪمري ۾ وٺي وئي. مان ساڻس
ڳالهائي رهيو هئس ته اوچتو کٽ کٽ جو آواز ٿيو.
ڪاٺي جي گهوڙين تي هلندي، ڪنهن در مان منهن ڪڍيو،
الائي ڇو مان ڪجهه ڏڪي ويس!
”امي: هي اسلم آهي. مان اڄ توهان سان ذڪر ڪيو هو؟
۽ اسلم! هيءَ منهنجي ماءُ آهي.“ راحيله تعارف
ڪرائڻ ضروري سمجهيو. مون اٿي کيس سلام ڪيو. جواب ۾
هوءَ مشڪي ته منهنجون اکيون خودبخود هيٺ ٿي ويون.
ان ڏينهن کان پوءِ مان اڪثر وٽس وڃڻ لڳس. باقي
جيڪي منهنجو وقت آواره گردي ۾ گذرندو هو، سو هاڻي
راحيله سان گذرڻ لڳو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، بي
تڪلفي به وڌندي وئي. سندس قربت منهنجي لاءِ وڏي
حيثيت رکندي هئي. هونئن ته سندس هر ڳالهه مون کي
پسند هئي، پر سڀ کان وڌيڪ هو سندس ڳالهائڻ. پنهنجي
سٺي دلڪش آواز سان جڏهن هوءَ ڳالهائيندي هئي ته ڄڻ
جلترنگ وڄندا هئا. دل چوندي هئي ته هوءَ
ڳالهائيندي رهي ۽ مان چپ چاپ ٻڌندو رهان.
هڪ ڏينهن هن مون کي عجيب ڳالهه ٻڌائي. وچولي عمر ۽
تکن اکين واري منڊڙي سندس اصلي ماءُ نه هئي. هن جي
ماءُ مري ويئي هئي ته سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي. پر
ڪجهه مهينن بعد سندس ماءُ جون ڄنگهون سڪي ويون ۽
ساڳي ئي سال سندس پيءُ به مري ويو. هن ايتري ملڪيت
نه ڇڏي هئي، جنهن مان سندس گذارو ٿئي. بس رهڻ لاءِ
فقط ننڍڙو گهر. راحيله ايترو پڙهيل به ڪونه هئي.
هن ريڊيو اسٽيشن ۾ نوڪري ڪئي. پنهنجي آواز جو هن
کي چڱو معاوضو ملندو هو.
هڪ ڏينهن مون همت ڪري کيس چيو، ”راحيله هڪ ڳالهه
پڇانءِ؟“
هوءَ مشڪي. اکيون ڇنڀيندي چيائين، ”پڇ!“
”راحيله! توکي پڪ آهي ته ماءُ تنهنجي همدرد به
آهي؟“
منهنجي اوچتي سوال تي هوءَ ڪجهه ڇِرڪي وئي.
”اسلم!“ سندس چپ ڦَرڪڻ لڳا، اکين ۾ ڳوڙها تري آيس.
”معاف ڪج، منهنجي ڳالهه توکي ناگوار گذري.“ مون
گهٻرائجي ڪجهه شرمندو ٿي چيو.
”اسلم!“ آڱرين سان ڳوڙها اُگهي، هن زبردستي مشڪندي
چيو، ”ڪڏهن ماٽيجي ماءُ به همدرد ٿي آهي!“ انهي
ڏينهن مون کانئس وڌيڪ ڪجهه به نه پڇيو هو.
”مون کي نرگس جا گُل پسند آهن.“ هن چيو.
مون وراڻيو ”پر مون کي نه“.
”توکي ڇو نه.“
”واهه! اها به پڇڻ جي ڳالهه آهي! بس گل وڻندا آهن،
سندن خوشبو اهڙي دلفريب ٿيندي آهي ۽...“ هن ڪجهه
ترسي چيو ”۽ فرحت کي به ته اهي ئي پسند آهن!“
”فرحت ڪير؟“ اوپرو نالو ٻڌي، مان حيران ٿي ويس ۽
پوءِ ڪجهه مشڪندي ڪجهه شرمائيندي هن مون کي ٻڌايو.
فرحت سندس سوٽ هو ۽ مڱيندو پڻ. سندس پيءُ جي هوندي
هو، پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار هليو ويو
هو. راحيله کي هن تي پورو اعتماد هو ۽ اڃا کيس
ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو هو. هڪ ڏينهن ڪاليج ۾
لئبريري ۾ هئس ته پٽيوالي اطلاع ڏنو ”توهان جو فون
آيو آهي.“
مون کي عجيب لڳو ته ڪير هوندو، تکا قدم کڻندو،
آفيس ۾ گهڙي رسيور کنيم. ”هيلو اسلم دس سائڊ!“
”اسلم! مان راحيله! مترنم آواز آيو.
”هون، فرماءِ!“
”ڪاليج اوور ٿيڻ بعد جلد ئي مون وٽ اچجانءِ.
سمجههءِ!“
”ڇو خير ته آهي؟“
”سڀ خير آهي.“ هلڪي ٽهڪ بعد فون بند ٿي ويو. شام
جو جڏهن مان وٽس پهتس ته هوءَ اسٽو تي چانهه ٺاهي
رهي هئي. چانهه پيئندي، هن مون کي ٻڌايو ته اڄ
فرحت جي موڪليل کيس هڪ ساڙهي ملي آهي ۽ ان سان گڏ،
اهو حڪم پڻ ته ساڙهيءَ سان پنهنجو فوٽو ڪڍرائي،
کيس روانو ڪري. ڪجهه دير بعد هن گهري سائي رنگ جي
ساڙهي پاتي، جنهن جي ڪنارن تي نرگس جا سفيد گُل
چِٽيل هئا. ڊگهن ڪارن وارن جو خوبصورت چوٽو ٺاهي،
منجهس نرگس جا گل وڌا هئائين. انهي ڏينهن هن کي
ڏسي، مون کي سچ پچ ڪنهن پرستان جي حسين پريءَ جو
گمان پيو ٿئي.
فوٽي ڪڍرائڻ بعد اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري هوءَ مون
کي ڪافي هائوس ۾ وٺي آئي. سنگ مرمر جون گول
ڏاڪڻيون چڙهي، اسان هڪ ڪيبن ۾ وڃي ويٺاسين.
ڪافي جا ننڍا ڍڪ ڀريندي هن مون کي چيو، ”اسلم! مون
کي الائي ڇو ڊپ ٿو ٿئي. شايد منهنجي ماءُ...!“
سندس گلو ڀرجي آيو. ”مون سان هڪ واعدو ڪر اسلم!“
هڪدم سندس اهڙي عجيب ڳالهه ٻڌي، مون کي ڪجهه ڏينهن
اڳ وارو واقعو ياد آيو. ان ڏينهن مان سندس گهر
لنگهيس ته ڪنهن ڌارئي کي سندس گهر اندر ويندو ڏٺم.
ٻي ڏينهن جڏهن راحيله کان مون ان بابت پڇيو ته
هوءَ ڪجهه گهٻرائجي ويئي، ڄڻ ته ڪجهه لڪائڻ پئي
چاهيائين. مون کانئس ڪجهه وڌيڪ پڇڻ مناسب نه
سمجهيو.
”ڇا ٿو سوچين؟“ راحيله شايد، ٻيهر پڇيو.
”آخر ڳالهه ڇا آهي؟“
”اسلم! جيسين فرحت اچي. منهنجي... ”هوءَ چپ ٿي
ويئي. سندس اکين مان ٽپ ٽپ ڳوڙها ڪِرڻ لڳا.
مون سندس اڌوري ڳالهه جو مطلب سمجهي ورتو، پر مون
پاڻ ۾ ايتري همت نه ٿي ڀائين. ”ڊڄين ڇو ٿي؟“
فرحت جي اچڻ ۾ باقي ٿورائي ته ڏينهن آهن.“
”اسلم! مون سمجهيو شايد تون!“ مان سندس ڪِرندڙ
ڳوڙها برداشت نه ڪري سگهيس.
”مان تنهنجي هر طرح مدد ڪندس راحيله!“
”مهرباني“ هن ڊگهو ساهه کنيو ۽ باقي بچيل ڪافي
پيئڻ لڳي- ”اسلم! فرحت جي وڃڻ مهل امي کيس هزارين
دلاسا ڏنا هئا. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته اهي سڀ
دلاسا ڪوڙا هئا. سڀ آٿتون فريب رهيون.“
”تو فرحت کي ڪجهه لکيو آهي.“
”نه ڪو! مان نٿي چاهيان ته هن کي ڪابه پريشاني ٿئي
۽ ان پريشاني ڪري، سندس ايترو وقت ضايع ٿئي.“ ڪجهه
دير بعد جڏهن اسان ڪافي هائوس مان نڪتاسين ته سج
لهڻ وارو هو.
وقت گذرندو ويو. سندس حالت هينئر ڪجهه بهتر هئي.
هن دفعي جڏهن گهران مون کي پئسا آيا ته مون راحيله
لاءِ هڪ تحفو خريد ڪيو. خوبصورت بلوري مجسمه سان
ڍڪيل نرگس جي سينٽ جي هڪ ننڍڙي شيشي، مون کيس
ڏيندي چيو، ”اسلم طرفان يادگار، راحيله!“
”پئسا ڪٿان آندئي.“ هوءَ ٿوري تکي ٿي ويئي.
”چوري ڪيا آهن. ڇو؟“ مون مشڪي سندس ڪلهي تي هٿ
رکيو.
”فضول خرچي چڱي ناهي.“
”ته ڇا ڪنهن جي دل خوش ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي؟“
”پر مون کي ته خوشي ڪانه ٿي آهي!“
”راحيله! چڱو، مان وڃان ٿو. ڏسان هاڻي ڪير ٿو تو
وٽ اچي!“ مان اٿي در وٽ آيس.
”اسلم! اسلم!“ هن ڊُڪي اچي مون کي ٻانهن کان
جهليو.
”سچ پچ رسي وئين ڇا؟“ هن مشڪي چيو.
مون منهن مٿي ڪري کيس ڏٺو. سندس اکين ۾ پيار ۽
خلوص جون لهرون ڏسي، منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو.
هاڻي امتحان ڪري ٿورو وقت ملندو هو، تڏهن راحيله
وٽ گهٽ ويندو هئس. اڪثر هوءَ مون کي چوندي هئي،
”اسلم! امتحان ٿي وڃن ته پوءِ وري اچجانءِ!“
”ڇو ڀلا.“
”ايترو وقت ضايع نٿو ٿئي؟“
”اونهه!“ مون ڪنڌ ڌوڻي مشڪي چيو .”هت نه اچان
تڏهين اهو وقت ائين گذري ويندو راحيله!“
منهنجا امتحان ختم ٿيا ته ٻه مهينا ڪاليج بند ٿيو.
انهي ڏينهن خدا حافظ چوڻ لاءِ وٽس ويس. در کان
اندر گهڙيس ته ڏٺم ورانڊي ۾ راحيله جي ماءُ ڪنهن
سان ڳالهائي رهي هئي.
مان ڀرسان لنگهيس ته هن مون کي سڏيو. ”هن سان مل
اسلم! هي منهنجو سوٽ آهي ماجد.“ مون اجنبي کي ڏٺو
ته اهو ساڳيو هو، جيڪو مون ڪجهه وقت اڳ ڏٺو هو،
مون بي دليءَ سان کيس سلام جي جواب ۾ هڪ واڇ ٽيڙي،
هن ڪنڌ کي ڌوڻو ڏنو، اتان جان ڇڏائي ڪري، مون اندر
نگاهه وڌي. راحيله ڪرسيءَ تي نيم دراز اکيون ڪيون
پئي هئي. سندس اکين جي ڪنارن تي ڳوڙها چمڪي رهيا
هئا.
”راحيله!“ مون تمام آهستي کيس سڏيو.
هوءَ گهٻرائجي اٿي ويٺي. رئي جي پلو سان ڳوڙها
اُگهيائين. ”اسلم! اڄ مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو!“
”ڇا ڳالهه آهي؟“ مون ويجهو اچي چيو.
”ڪجهه به نه، اچ ڪاڏي ٻاهر هلون.“
اسان ٻئي ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين. ورانڊي ۾ ويٺل
ماجد پٺي ورائي، اسان کي ڏٺو. هن طرف ڪو ڌيان نه
ڏئي، اسان ٻاهر آياسين.
سمنڊ جي ڪناري ٿڌيءَ واري تي ويهندي، مون کانئس
پڇيو، ”اڄ هي اوچتو ڪٿان نڪري پيو!“
”ماءُ سان ڪيل انجام جي کيس يادگيري ڏيارڻ“ راحيله
اٿندڙ لهرن تي نظر وجهندي چيو. ”ڪهڙو انجام؟“
”ويهن هزارن جي بدلي، هو مون سان شادي ڪندو.“
”راحيله! مان سڄو ڏڪي ويس. ”توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”ڪجهه وقت ٿيو، جڏهن هو آيو هو. اسلم! جڏهن ڪافي
هائوس ۾ مون توکان واعدو ورتو هو.“ هن ڀنل اکين
سان مون ڏي نهاريندي چيو. سندس اکين ۾ التجا هئي.
فرياد هئي. هن گهٻرائجي پنهنجون اکيون هيٺ ڪري
ڇڏيون.
باوجود گهڻي ڪوشش جي مان کيس پنهنجي وڃڻ بابت ڪجهه
ٻڌائي نه سگهيس.
کيس ڪشمڪش واري حالت ۾ ڇڏي، مان واپس ٿيڻ لڳس.
موٽندي هن مون کي چيو، ”اسلم! سڀاڻي ايندي نه؟“
”ها ايندس!“
”ضرور.“
”انشاءَالله! موٽندي سوچيم ته وڃڻ مهل ساڻس ملندو
ويندس، پر بدقسمتيءَ سان اهو به نه ٿي سگهيو.
هاسٽل پهتس ته گهران آيل تار ملي. بابي جي طبيعت
خراب هئي. هڪدم گهر اچڻ لاءِ چيو ويو هو. مون رات
واري گاڏي پڪڙي، رکي رکي راحيله جو خيال پئي آيو.
جڏهن گاڏي آهستي آهستي هلڻ لڳي ته راحيله جو ڀنل
چهرو اکين اڳيان ڦري آيو. ”اسلم! سڀاڻي ايندين
نه؟“
”ها! ايندس.“
”ضرور“ منهنجون اکيون سڙڻ لڳيون. اونڌو ٿي سيٽ تي
ليٽي پيس.
گهر اچي بابي جي طبيعت ڪجهه قدر سڌري ته راحيله کي
خط لکي اطلاع ڏيڻ چاهيم، پر الائي ڇو ڄڻ همت جواب
ڏئي ڇڏيو. آخر گهڻي ڪوشش بعد کيس لکيم، جنهن ۾
مجبوري جو سبب ٻڌائي کانئس معافي گهريم.
ڪجهه ڏينهن جي انتظار بعد سندس خط مليو. منجهس نه
ڏک هو، نه خار، نه شڪوو ۽ نه شڪايت. بس ساڳائي
پيار ۽ خلوص سان ڀريل الفاظ هئا. مون کيس جواب
ڏنو. انهي کان پوءِ سندس ٻٽي خط آيا ۽ تنهن کان
پوءِ مسلسل خاموشي مان بيچينيءَ سان باقي هڪ مهينو
گذارڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. ان وچ ۾ مان کيس متعدد
خط لکيا، پر هڪ جو به جواب نه مليو.
ڊگهو سفر طي ڪرڻ کان پوءِ مان سانجهيءَ جو اتي
پهتس. سامان رکي بغير ٿڪ ڀڃڻ جي راحيله جي گهر
ڏانهن روانو ٿيس. رستي کان مڙندي سوچيم ته راحيله
کي منهنجو ڪيڏو نه انتظار هوندو، پر خدا کي خبر
ايترا ڏينهن خط به ته نه لکيو اٿئين، پر ڪهڙي خبر
فرحت اچي ويو هجي ۽ شادي کان پوءِ مون کي وساري
ڇڏيو هجيس. پر گهٽ ۾ گهٽ شاديءَ جو اطلاع ته مون
کي ضرور ڏئي ها. ته ڇا ماجد....!!!“ مان اڳتي ڪجهه
سوچي نه سگهيس، تيز تيز قدم کڻندو، راحيله جي گهر
پهتس. پر در بند ڏسي مان ٺٺڪي بيهي رهيس.
”راحيله!! راحيله!“ مون چپن ۾ ڀڻڪيو.
”سلام بابو!“ مون ڇرڪي منهن مٿي ڪيو. پاسي واري
گهر ۾ رهندڙ شيرو بيٺو هو. چوڏهن، پندرهن سالن جو
شيطان ۽ شرارتي ڇوڪرو.
”شيرو- راحيله ڪاڏي ويئي“ مون کانئس هڪدم پڇيو.
”راحيله! بابو! راحيله مري ويئي. ويهه پنجويهه
ڏينهن ٿيندا. خودڪشي ڪيائين. زهر کائي بابو! ماڻس
کي پوليس پڪڙي ويئي.“ سندس الفاظ پٿر وانگر مون کي
چُڀي ويا. ”راحيله خودڪشي ڪئي! راحيله مري ويئي.
راحيله! راحيله!“ منهنجي اکين اڳيان ٻه مهينا اڳ
وارو منظر تري آيو، جڏهن سمنڊ جي ڪناري ٻئي گڏ
ويٺا هئاسين. ڪاش! مون کي خبر هجي ها ته هيءَ ساڻس
منهنجي آخري ملاقات آهي ته مان ڪڏهن به کانئس پري
نه ٿيان ها.
مان ساڻس ٻيهر، ڇو نه مليس! مون کي سندس آخري لفظ
ياد آيا، ”اسلم! سڀاڻي ايندين نه؟“
”ها! ايندس.“
”ضرور“ منهنجا ڳوڙها مون کان ضبط نه ٿي سگهيا. مون
کي يقين ئي نه پئي آيو ته مان وري ڪڏهن به ساڻس
ملي نه سگهندس. منهنجا ڪن هميشه سندس مٺي آواز ٻڌڻ
لاءِ ترسندا رهندا، سڪند رهندا. منهنجون اکيون
هميشه راحيله کي ڳولينديون رهنديون. راحيله، جيڪا
خوبصورت هئي، جنهن جي ڪارين اکين ۾ پيار ۽ خلوص جو
سنگم هو ۽ جيڪا نرگس جي گُلن جي تي جان ڏيندي هئي.
”راحيله! راحيله!“ مون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽
بيساخته سُڏڪن ۾ پئجي ويس.
|