علم انسان کي اڏيندو آهي!
ڪنهن به شخصيت جي ٺهڻ ۾ پهريون هٿ سندس ماءُ پيءُ
جو هوندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪٽنب، گهر ۽ آسپاس جو
ماحول اهي سڀ محرڪ گڏجي، هڪ شخصيت جي تعمير ڪن ٿا.
اهڙي نموني وري استادن پاران سيکاريل سبق انسان جي
زندگيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو، ان پسمنظر ۾
آمريڪا جي صدر ابراهام لنڪن جو پنهنجي پٽ جي
استاد کي لکيل خط تاريخي حيثيت رکي ٿو. ابراهام
لنڪن پنهنجي پُٽ جي استاد کي لکي ٿو ته:
”آءٌ سمجهان ٿو ته کيس اها خبر ته پئجي ويندي ته
سڀئي انسان نه مڪمل طور تي انصاف پسند هوندا آهن ۽
نه وري مڪمل طور تي سچا، پر کيس اهو ذهن نشين
ڪرائجو ته دنيا ۾ جتي هڪ شيطان هوندو آهي، اتي ان
جي مقابلي ۾ هڪ نيڪ انسان به هوندو آهي، ساڳئي طرح
هر خودغرض سياستدان جي مقابلي ۾ هڪ بي لوث ۽ مخلص
سرواڻ به موجود هوندو آهي.
کيس اهو به سيکاري ڇڏيو ته جتي دشمن سان واسطو پوي
ٿو، اتي دوست به ملن ٿا، جيڪڏهن ٿي سگهي ته کيس
حسد کان پري رکجو. کيس دل ئي دل ۾ کِلڻ جا گُر
سيکاري ڇڏجو. کيس ننڍپڻ ۾ اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته
ڀڀڪيون ڏيندڙ ۽ پاڻ پڏائڻ واري کي مات ڏيڻ ڏاڍو
سولو هوندو آهي، ٿي سگهي ته کيس ڪتابن ۾ موجود
حُسن ۽ حيرت جو شوقين بڻائي ڇڏجو. کيس واندڪائيءَ
جون گهڙيون به ڏجو ته جيئن هو، هوا ۾ اُڏامندڙ
پکين، سج جي ڪِرڻن ۾ وهجندڙ ماکيءَ جي مکين ۽
سرسبز پهاڙن جي ڀِڪَ ۾ ٽِڙندڙ گُلن جي سدا بهار
جادوءَ تي غور ۽ ويچار ڪري سگهي، کيس اهو به ذهن ۾
ويهارجو ته دوکي ۽ فريب سان حاصل ڪيل ڪاميابيءَ
کان ناڪامي وڌيڪ عزت واري آهي، کيس پنهنجي سوچ ۽
فڪر تي ڀروسو ڪرڻ سيکارجو، ۽ پوءِ ڀلي ٻين جي راءِ
۾ سندس سوچ غلط ڇو نه هجي. منجهس شريفن سان
شريفاڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ بدمعاش سان سختيءَ سان منهن
ڏيڻ جو گُڻ پيدا ڪجو.
منهنجي پُٽ جي ڪردار ۾ اهڙي سگهه اُجاگر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪجو، جيڪا کيس بگهڙ جي چال کان محفوظ رکي،
خاص ڪري، تڏهن، جڏهن آسپاس جا ماڻهو، چڙهندڙ سج جي
سامهون جهڪڻ ۽ پرڻام ڪرڻ جي لاءِ بي چين هجن.
منجهس سڀني جي ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو هجي، پر سڀني
ڳالهين کي سچ جي سَراڻ تي چاڙهي، ڇنڊڇان ڪرڻ کان
پوءِ رڳو سچ کي اختيار ڪرڻ جي صلاحيت هجي. ٿي سگهي
ته کيس اُداسيءَ جي حالت ۾ کِلڻ جو فن سيکارجو،
کيس سمجهائجو ته لُڙڪ ڳاڙڻ ڪو شرم جوڳو عمل ڪونهي،
کيس مِٺين مِٺين ڳالهين ۽ نااميدين کي حقارت سان
ڏسڻ سيکارجو. سندس اهڙي نموني تربيت ڪجو ته جيئن
هُو پنهنجي ذهني ۽ جسماني محنت جو ڀرپور اجورو
حاصل ڪري سگهي، پر ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ضمير جو
سودو نه ڪري، کيس ان جي به قابل بڻائجو ته هو
رڙيون ۽ واڪا ڪندڙ ميڙ جي هُل ۽ هنگامي تي ڪن نه
ڏي. جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي حق تي سمجهي ٿو ته
مستقل مزاجيءَ سان ڄمي، ان جو مقابلو ڪري.
ساڻس
نرميءَ سان پيش اچجو، پر لاڏ ۽ پيار سان نه. لوهه،
باهه مان تپي ئي سٺو رُڪ بڻجي ٿو، منجهس بيقرار
هئڻ جي تڙپ ۽ حوصلو هئڻ گهرجي ۽ بهادري جي اڏولتا
پڻ. منجهس پنهنجي ذات ۾ ڀروسو ڀري ڇڏجو، تڏهن ئي
کيس بني نوع انسان تي ڀروسو ڪرڻ نصيب ٿيندو.
فرمائش ته تمام وڏي آهي، جيڪو ٿي سگهي، سو ڪجو.
مون کي پنهنجو ٻارڙو گهڻو پيارو آهي.
آه! ميڊم پروفيسر، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو!
انتهائي ڏک ۽ افسوس مان لکجي ٿو ته اسان جي ميڊم
پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
14 فيبروري 2024ع تي رضا الاهيءَ سان وفات ڪري وئي
آهي. پاڻ سڄي ڄمار علم و ادب ۽ تاريخ تي ڪم
ڪيائون، سندن ڪيترائي ڪتاب آيل آهن. ان کان علاوه
ملڪ جي ڪيترن ئي ادارن ۾ ميمبر طور خدمتون سرانجام
ڏنائين، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايائين ۽ ڊين آف
اسلامڪ اسٽڊيز جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. پاڻ
تمام سهڪاري ۽ پيار ونڊيندڙ شخصيت هئي. رب پاڪ
سندس درجات بلند ڪرڻ فرمائيندو ۽ سندس ڪٽنب کي صبر
۽ حوصلو عطا
ڪندو. آمين.
آه! گلبانو مرزا !
سنڌي ادبي بورڊ جي سينئر ملازمه گلبانو مرزا 26
جنوري 2024ع تي رضا الاهيءَ سان وفات ڪري وئي آهي،
سندس تعليم ايم.اي سنڌي ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما آهي،
نوڪري جي شروعات ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪيائين ۽
پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان تقريباً 9 مهينا اڳ
”سرتيون“ رسالي جي ايڊيٽرشپ حاصل ڪيائين. جيئن ته
وڏي عرصي کان بيمار هئي، انڪري صحتياب ٿي نه سگهي،
دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جايون ڏيندو
۽ سندس پونيرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪندو. آمين.
آه! اسلم بلوچ!
ادا اسلم بلوچ پڻ سنڌي ادبي بورڊ جي اڪائونٽ شعبي
جو سينئر ملازم هو، جيڪو رضا الاهيءَ سان 19
فيبروري 2024ع تي وفات ڪري ويو، پاڻ هڪ ايماندار ۽
محنتي ماڻهو هو، جنهن سڄي ڄمار پابنديءَ سان نوڪري
ڪئي. دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏيندو ۽
سندس پونيرن کي صبر ۽ حوصلو عطا ڪندو. آمين.
ماهوار ”سرتيون، مارچ 2024ع جو شمارو، اوهان جي
هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي، پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا. اوهان لکندڙن ۽ پڙهندڙن جي سهڪار سبب
هي رسالو گذريل 35 سالن کان باقاعدي شايع ٿيندو
رهي ٿو. اميد ته اوهان جو تعاون هميشه جاري ۽ ساري
رهندو. اوهان جي صلاحن تجويزن ۽ تنقيدن جي آجيان
ڪئي ويندي.
گلبدن جاويد
بلاشڪ جڳ جي زينت سونهن ۽ سينگار عورت آ،
مجسم شعر و اُلفت پيار ۽ ايثار عورت آ.
وفا جي آهه ديوي، مرد جي روح روان بيشڪ،
خوشي راحت رسائيندڙ، سدا غمخوار عورت آ.
سموري خوشنمائي، دلربائي هن جي دم سان آ،
ادب سان، خُلق سان، اخلاص سان ٽمٽار عورت آ.
فقط هڪ لُڙڪ هن جو انقلاب آڻي ڇڏي جڳ ۾،
جڏهن مُرڪي ته فرحت، ڄڻ گل و گلزار عورت آ.
ڪڏهن سسئي، ڪڏهن سهڻي، ڪڏهن هُوءَ مارئي آهي،
وطن جي سِڪ پرينءَ جي پيار سان سرشار عورت آ.
ڪٿي هيءَ ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال، ڪاٿي ماءُ آ مٺڙي،
هيءَ آهي سونهن گهر جي، خوب خدمتگار عورت آ.
بلاشڪ قابلِ عزت ۽ عظمت ”شوق“ هيءَ آ پر،
جهالت جي سبب افسوس اڄ لاچار عورت آ.
***
پيار امر آ
مهر ڀري هُوءَ مون وٽ آئي، پيار منجهاران پير ڀري،
ڏولاوا ڏک ڏُور هليا ويا، لحظي ۾ سڀ جُوءِ ڇڏي.
هُوءَ جي آئي، چنڊ کِڙيو، ڄڻ چوڌاري چانڊاڻ مستي،
مُشڪ عنبر جي ورکا ٿي، هرهنڌ سندس سُرهاڻ متي.
هن جو مُرڪڻ اهڙو، ڄڻ ڪا ٿڌڙي مٺڙي هِير لڳي،
منهنجو من ٿيو مست ائين ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ مور نچي.
هن جا ڪارا وار ورئا، ڄڻ ڪاريهر ڪو ساوڻ ۾،
نيڻن مان هن پيگ پياري، مست ڪيو هو ساوڻ ۾.
هن جا چَپڙا ڦارُون انب جون، پُسيون ڄڻ ڪي ڪِرڙن
جون،
ڪهڙيون ڳالهيون آءٌ سڻايان سهڻن ڳاڙهن مٺڙن جون.
هن ٿي ڳالهه ڪئي مون جهولي کولي دل جي خوب ڀري،
گُفتو گُفتو موتي هو، يا هيرن جي ڪا کاڻ هُئي.
آس لهي ٿي ڪين اکين جي، پياس وڌي ٿي پاڻ گهڻي،
بيشڪ دنيا جي هر نعمت آهي تنهنجي قُرب ڪڻي.
مٺڙي! تون جي مِلئين، ڄڻ اُس ۾ رلندڙ کي ڪا ڇانءُ
ملي،
ڀٽڪيل راهي ماڳ رسيو ۽ ڀاڳن هن جي سار لڌي.
ماڪ جيان تون پاڪ سدا ۽ مکڙين جان معصوم سدا،
ڪهڙي ڳڻتي توکي ڳاريو، ڇو ٿي رهين مغموم سدا؟
هن جا هٿ چُمي مون عرض ڪيو هيءَ ڇالءِ غمگيني؟
رئندي رئندي سُڏڪن ۾ هن مون سان ڏک جي ڳالهه ڪئي.
لُڙڪ لڙي پيا اکڙين مان جيئن ساوڻ جو ڪو مينهن
وسي،
منهنجي
اکڙين آگم ڪيڙا، نيڻن مان جهُڙ ڪين لهي.
سارو ڏينهن ڏکن ۾ راتين جو ٿو منهنجو روح رڙي،
منهنجون دانهون دردن واريون ڪير ٻڌي ۽ داد ڪري؟
مجبورين مجبور ڪيو ۽ بيوس منهنجو پيار الا،
سوچي سوچي ٿڪجي پئي هان، تنهنجي ٿيان مان ڪيئن
مٺا.
پنهنجو پيار کٿوريءَ جهڙو ان جي خوشبو ڪيئن لڪي؟
دنيا ڏاڍي ظالم آهي، ٻن دلين کي ڪين سَهي.
چنڊ هيو مغموم ۽ تارن سُڏڪا ساري رات ڀريا،
غم جي مارين ويچارن جا ڀيڄ ڀِنيءَ سان بار لٿا.
عرض ڪيو مون پيار امر آ رشتو پيار جو ٽُٽڻو ناهه،
منزل ايندي ماڳ به ايندا پرت جو رستو ڇڏڻو ناهه.
امداد سروري
عورت کي انصاف
ٿو گهرجي
سورن ۾ آ سنڌ جي عورت،
اخبار پڙهون ٿا وٺي ٿي حيرت،
ڪاٿي شرارت، ڪاٿي غيرت،
وٺن نياڻين جي ٿا قيمت،
ڪهاڙيءَ سان ٿي نياڻي ڪُسجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
پُٽ ٿو پنهنجي ماءُ کي ماري،
ڀيڻ ٿي ڪنڊ ۾ روئي پڪاري،
لڙڪ اکين مان لڪي ٿي هاري،
ڪاوڙ مان ٿو ڀاءُ نهاري،
چوي ٿي ڪنهن سان سور هي سَلجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
نياڻين تي الزام لڳن ٿا،
ماري ان کي ڪاري چون ٿا،
ڏنڊ چٽيءَ ۾ ان کي ڏين ٿا،
پوءِ پلاند ۾ ان کي ڪُهن ٿا،
عزت واري بدنام ٿي سڏجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
لاڏ مان پنهنجو پُٽ پرڻائي،
ماءُ خوشي مان گيت ٿي ڳائي،
پيار مان پُٽ کي ڀاڪر پائي،
شادي ڪيائين ڳائي وڄائي،
پُٽَ چيو هاڻي ماءُ کي ڪڍجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
پُٽَ کان وسري ماءُ وڃي ٿي،
در در تي سا ماءُ رُلي ٿي،
سور نه ڪنهن سان پنهنجو سلي ٿي،
پوءِ به پُٽ سان مُرڪي ملي ٿي،
روئي چوي ٿي ڪاٿي رهجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
پاڻ ته شوق مان شادي ڪيائين،
بدي ۾ پنهنجي ڀيڻ ڏنائين،
ڪڏهن نه ڀيڻ جي سار لڌائين،
رهندو ڀيڻ کي مار ڪڍيائين،
ڌارين ۾ سا ڀيڻ پئي ڪُٽجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
پُٽَ ڄمڻ تي دهل وڄن ٿا،
نياڻي ڄمڻ تي سڀ روئن ٿا،
پُٽَ جو عقيقو ڀري ته ڪن ٿا،
نياڻي ٻين جي نالي ڪن ٿا،
سچ سمورو ڪنهن سان سلجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
اسڪول وڃڻ تي آهي پابندي،
قيد ۾ گذاري نياڻي زندگي،
صاف ڪندو ڪير اهڙي گندگي،
سنڌ جي نياڻي تنهنجي منهنجي،
ستم ٿو ان جو لکجي پڙهجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
قوم جي عزت قوم جي غيرت،
سنڌ جون نياڻيون ڪن ٿيون محنت،
محنت ۾ ئي آهي عظمت،
سٺي سيرت جي ناهي قيمت،
مردن سان گڏ عزت سان رهجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
محنت سان هر قدم وڌايو،
نااميدي مايوسيءَ کي ڀڄايو،
ماءُ پيءُ استاد کي پنهنجو بڻايو،
حڪم انهن جو دل سان لايو،
منزل تي پهچي عزت سان رهجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
منهنجي سنڌ جي هوشيار نياڻي،
محنت ڪر منزل کي ماڻي،
عزت عظمت سمجهه سياڻي،
هرڪو توکي چاهي سڀاڻي،
تنهنجو نالو عزت سان وٺجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
سچ ٿو چوي ”امداد سروري“،
عورت لاءِ تعليم ضروري،
سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۾ پوري،
مال چاري ۽ ڪري مزدوري،
وڏو آ داستان ڇا ڇا لکجي،
عورت کي انصاف ٿو گهرجي.
بختاور منصور
*
دلدار ٿي پياسون، هڪ پار جا ٻه ڇيڙا،
يادن وري وري هن آندا اکين کي گيڙا.
ڪهڙا ڏيان ها توکي، ڏوراپا پنهنجي ڏک جا،
بس توسان ٿي ڪيا مون، دلدار دل ۾ جهيڙا.
ميلن ۾ ڪو اڪيلو، گفتن ۾ ڪوئي غائب،
ڪو جهول ۾ ڀري ٿو تنهائين جا ميڙا.
تنهنجي ڌيان ۾ ٿي سنڌو سڄو اڪاريان،
تو ۾ ٽٻي ٽٻي ٿي ساڙيان هزار ٻيڙا.
اکڙينجي بک توبن، ساجن لهي نه هڪ پل،
ٿيا خواب سارا بي گهر، ٿي ننڊ کائي ٿيڙا.
توساڻ بخت منهنجو، منهنجي هٿن لکيو ٿي،
تون ڏور نِرڙ ليڪيل ليڪا ٿين پيا ٽيڙا. |