سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ 2024ع

باب:

صفحو:3 

نسرين قريشي

 

چين جو سفر.......!

 

هونءَ ته مان ڪهاڻيون، ڊائري وغيره لکندي رهندي آهيان، پر ٿورو لکيو. ڇو ته اسان جي رت ۾ لکڻ شامل آهي. جو اسان جو بابا محمد هاشم قريشي زندگيءَ ڀر ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيو ۽ آخر ۾ ٻه ڪتاب به ڇپايا هئائين. منهنجو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد علي جيڪو هينئر سپريڊنٽ آهي. اهو به هڪ ڪتاب ”پنهنجو احتساب“ جي نالي سان ڇپرائي چڪو آهي، سو مان به ڪجهه نه ڪجهه لکندي رهندي آهيان. ڪڏهن ڊائري ته ڪڏهن ڪهاڻيون. جيڪي ادي گلبدن مرزا جي رسالي ”سرتيون“ ۾ ڇپجي چڪيون آهن.

سو هينئر منهنجو چين وڃڻ جو پروگرام ٿيو ته منهنجي پُٽ عامر جيڪو چين ۾ ڇهن سالن کان رهائش پذير آهي، تنهن مون کي پاڻ وٽ گهرائڻ لاءِ ويزا موڪلي ۽ چيائين، امان منهنجي ننڍڙي لاءِ اتان ٻارن لاءِ سليس سنڌي ڪتاب ۽ ٻاراڻي ادب جا ڪجهه ڪتاب آڻجانءِ. عامر پنهنجي پُٽ کي سنڌي بيت پڻ ياد ڪرائيندو آهي. جُهو جُهو ماٽِي، واهه ڙي تارا، گول تارا وغيره سو مون نجمه پنهور  ايڊيٽر ”گُل ڦُل“ ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ سان ملڻ جو پروگرام رٿيو. انهن سان منهنجي 15-16 سالن کان پراڻي دُعا سلام آهي. مان جڏهن به سنڌي ادبي بورڊ ويندي هئس ته هنن سان منهنجيون بهترين ڪچهريون ٿينديون هيون. ادب سان گڏوگڏ، ٻين موضوعن تي به سٺي ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن سان اسان کي ڪافي مزو ايندو هو، پر پوءِ مان به شفٽ ٿي ڪراچي هلي ويس ۽ لکڻ به بند ٿي ويو، سو ڪافي ٽائيم کان پوءِ جڏهن منهنجي ڇوڪري ڪتابن جي ڳالهه ڪئي ته مون کي ڀيڻ ثمينه ۽ نجمه ۽ گلبدن جي سوچ آئي ته مون کي هنن ڀينرن وٽان ٻاراڻي ادب ۽ سنڌي ادب جو تمام سٺو مواد ملي ويندو، سو مان هنن جا ڪانٽيڪٽ نمبر هٿ ڪيا، جو ڪافي عرصو ٿي چڪو هو ته هنن سان منهنجو ڪو به رابطو نه هو. پوءِ مون فون ڪري، هنن کان ٽائيم ورتو ۽ هنن به منهنجي ڏاڍي پيار سان ڀليڪار ڪئي.

ادبي بورڊ ويس ته اتي ڀيڻ نجمه، ثمينه ۽ گلبدن سان ملاقات ٿي ۽ مون کين پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو. جيڪو ادي ثمينه جي ڪوششن سان پورو ٿيو ۽ مون کي ٻاراڻو مواد مليو ۽ منهنجي ساڻن ڏاڍي سٺي نموني ڪچهري پڻ ٿي.

مون جڏهن هنن سان پنهنجي چين وڃڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي ته اتي ڀيڻ گلبانو مرزا (افسوس جو هيءُ سفرنامو ’سرتيون‘ ۾ ڇپجڻ وقت هوءَ هن دنيا کي تاريخ 26 جنوري 2024ع تي الوداع ڪري، آخرت جي سفرتي هلي وئي آهي. الله پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي) به ويٺي هئي، تنهن مون کي چيو ته اوهان وري لکو ۽ اسان کي ڏيو ته اسان ”سرتيون“ رسالي ۾ ڇپرايون. پر مون کيس معذرت ڪندي چيو ته، ڀيڻ هينئر مون وٽ ٽائيم نه آهي. جو مان توهان کي ڪجهه لکي ڏيان. تنهن هوندي، هن مون کي آماده ڪيو ته توهان هينئر چين وڃي رهيا آهيو ته اُتان جو سفرنامو لکي ڏجو. اها ڳالهه مون کي سٺي لڳي ۽ مون هن سان واعدو ڪيو ته مان توکي اُتان جو پورو احوال لکي ڏيندس. هونئن به ڪافي ليکڪن جا سفرناما پڙهيا هئا. جيڪي مون کي سٺا لڳندا هئا. پر مون پاڻ سفر لکڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. سفر ته مون ڪجهه ڪيا آهن، پر انهن تي لکڻ لاءِ قلم کڻڻ ڪونه ٿيو آهي، سو هن ڀيري ادي گلبانو جي چوڻ تي مون کي به شوق ٿيو ته سفرنامو لکڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. سو ڳالهه پئي ڪيم چين وڃڻ جي. منهنجي ويزا ته ٽي مهينا اڳ عامر موڪلي هئي، پر هتي جو پروسيجر ڪمپليٽ ٿيندي ٽي مهينا ٿي ويا، پوءِ خير سان منهنجي وڃڻ جي تياري مڪمل ٿي. ان ۾ منهنجي پُڦاٽ (فرمان) ڪافي مدد ڪئي، جيڪو ايئرپورٽ تي پروٽوڪول آفيسر آهي. فرمان جي ڪري ايئرپورٽ تي مون کي ڪابه مشڪل پيش ڪانه آئي. ايئرپورٽ تي حيدرآباد مان منهنجا ٻه پُٽ مون کي ڇڏڻ آيا هئا. رمضان جو مهينو هو ۽ هو ٻئي روزي سان هئا.

خير سان مان جهاز ۾ چڙهي ويٺس. جهاز ابوظهبي ايئرلائن وارن جو هو. مون کي ابوظهبي ۾ ڪجهه ڪلاڪ انتظار ڪرڻو هو، پوءِ وري ٻي ايئرلائن ۾ جيڪا پڻ ابوظهبي جي ايئرلائن هئي، تنهن ۾ مون کي ويهڻو هو. جهاز ۾ ته ويٺس، پر اهو فڪر هيو ته هڪڙو وڏو سفر، ٻيو ٻولي به سمجهه کان ٻاهر. الله تي ڀروسو ڪري، جهاز ۾ چڙهي ته هئس، پر دل ۾ خوف هو ته هاڻي خير سان پنهنجي منزل تي رسان. اهو به دل ۾ سوچي رهي هئس ته الله مدد ڪندو. ۽ ڪو مسافر ملي ويندو، جيڪو منهنجي رهنمائي ڪندو. مون سفر ته اڳ به ڪيا آهن پر پنهنجي ساٿين سان. پر هي سفر پهريون هو، جيڪو مون اڪيلي سر پئي ڪيو، سو منهنجي به الله جل شانھ مدد ڪئي ۽ منهنجي ڀرسان واري سيٽ تي هڪڙو ڇوڪرو ويٺو هو، جيڪو پاڪستاني پئي لڳو. تنهن کان مون پڇيو ته، ”بیٹا آپ کہاں جارہے ہو؟“ ته هن مون کي ٻڌايو ته مان چين پيو وڃان. هو به سنڌي هو، پوءِ ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. منهنجي همٿ به وڌي ته هاڻي مون کي الله جي طرفان هڪ فرشتو مليو آهي، جيڪو منهنجي ٻولي به سمجهندو ۽ منهنجي مدد به ڪندو. پوءِ اسان جهاز ۾ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندا، اچي ابوظهبي جي ايئرپورٽ جي لائونج ۾ ويٺاسين، اتي لائن ۾ چيڪنگ دوران هڪڙو ٻيو به پاڪستاني ڇوڪرو اسان سان مليو، جيڪو پڻ چين پئي ويو ۽ ان کي به 12 سال ٿيا هئا، چين ۾ بزنس ڪندي. پوءِ اسان ٽئي گڏجي، اچي لائونج ۾ ويٺاسين. پهريون ڇوڪرو جيڪو جهاز ۾ مليو هو، ان جو نالو راحيل هو. اهو به چين ۾ امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڪم ڪري رهيو هو. ان جي رهائش ٽنڊو محمد خان ۾ هئي ۽ سيد فرات جي رهائش ٺٽي جي هئي. پوءِ پاڻ ڄڻ ته هڪڙي گهر جا ڀاتي ٿي وياسين. ايئرپورٽ تي مون نماز ادا ڪئي. ايتري ۾ جهاز جي اچڻ جو به اعلان ٿيو. حقيقت ۾ جيڪڏهن هي ٻئي ڇوڪرا گڏ نه هجن ها ته شايد مون کي ڪافي پريشاني ٿئي ها، پر هنن منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، پوءِ اچي لائونج ۾ ويٺاسين. ابوظهبي ۾ سج لهڻ کان پوءِ مون کي شايد مشڪل ٿئي ها ته چين وڃڻ جي جهاز لاءِ ڪهڙي لائونج ۾ وڃڻو آهي، سو الله جي مدد سان ۽ هنن ڇوڪرن جي مدد سان مون کي ڪا مشڪل پيش نه آئي. پوءِ اسان جهاز ۾ ويٺاسين. اتي اسان جون سيٽون الڳ الڳ هيون. 8 ڪلاڪن جو سفر، جيڪو مون کي ڏاڍو مشڪل پئي لڳو، ڇو ته هڪڙو مان اڪيلي ٻيو ته سڀ چيني، جن جي ٻولي سمجهه کان ٻاهر، ٻيو ٿَڪُ سفر جو، پر خير سان اچي چين جي ايئرپورٽ تي لٿاسين، اتي منهنجي بيگ جو هينڊل به ٽُٽي پيو ۽ مان سوچي رهي هئس ته اها بيگ مون کان ڪيئن کڄندي، جو اها بيگ مون قرآن شريف جي ڪري کنئي هئي ته متان ڪٿي ٽائيم ملي ته ورد ڪندس، پر اسان کي ڪٿي به ٽائيم ڪونه ملي سگهيو. اها بئگ منهنجي پريشاني جو سبب بڻجي ها. پر جڏهن جهاز رن وي تي بيٺو ته اهي ٻئي ٻچڙا فرشتن وانگر اچي بيٺا ته امان! سامان اسان کي ڏيو ۽ توهان لهو هيٺ. پوءِ اسان جهاز تان لهي آياسين، اتي منهنجي موبائل، جنهن ۾ ڪوڊَ لڳل هئا. ايئرپورٽ لاءِ اها به بند ٿي وئي. ايتري ۾ راحيل سڄو پروسيجر مڪمل ڪري ورتو، ڇو ته هتي انگريزيءَ کان وڌيڪ چيني ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، سو نڪو هو سمجهن ها، نڪو مان سمجهان هان، پر شڪر الله جو هي ٻئي ٻچڙا مون کي ڪم آيا. پوءِ اسان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين. منهنجي ته موبائل به بند ٿي وئي هئي. پوءِ راحيل منهنجي پُٽ جو نمبر ڪڍي، پنهنجي موبائل تان ڪال ڪئي. منهنجو پُٽ ۽ ان جي گهرواري گهران نڪري چڪا هئا. پر جهاز ڪلاڪ اڳ چين جي ايئرپورٽ تي لٿو هو، تنهنڪري هنن کي اندازو نه ٿي سگهيو، پوءِ جڏهن راحيل هنن سان ڳالهايو ته هنن ٻڌايو ته اسان اچون پيا. پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ اڃان لڳندو. جو هنن جي گهر کان ايئرپورٽ 2 ڪلاڪن جي مفاصلي تي هئي، پوءِ فرات اسان کان موڪلائي هليو ويو. باقي راحيل مون سان گڏ بيٺو رهيو. هن چيو ته، امان! مان اوهان کي اوهان جي پُٽ جي حوالي ڪري پوءِ ويندس. جو هن جي رهائش به منهنجي پُٽ واري شهر گوانگ زو ۾ هئي، سو ان چيو ته مان اوهان کي ائين اڪيلو ڇڏي ڪونه ويندس. نيٺ عامر به اچي پهتو ۽ مان به چاهيو پئي ته عامر به راحيل سان ملي. هن دور ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن. هڪڙو ته هي پنهنجي ديس جو هو ۽ ٻيو ته مون کي ماءُ وانگر پئي سمجهيائين، جو سندس ماءُ به فوت ٿي چڪي هئي، تنهنڪري مون کي ماءُ واري محبت ۽ عزت پئي ڏنائين. بهرحال منهنجو ڇوڪرو به خير سان اچي پهتو. جنهن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ هو، جنهن تي لکيل هو، امان ڀلي ڪري آيا. هن سان هن جي گهرواري به ساڻ هئي، جنهن جي هٿن ۾ گلدستا هئا. پوءِ اسان به پاڻ ۾ ملي، جذباتي ٿي وياسين ۽ اسان جي اکين ۾ لُڙڪ هئا، خوشيءَ جا. جو مان ڇهن سالن کان پوءِ پٽ ۽ نُنهن سان ملي رهي هئس. هنن کي مون راحيل سان به ملايو ۽ کين ٻڌايو ته هن جي ڪري، مون ڏاڍو سهولت سان سفر ڪيو ۽ مون کي ڪابه پريشاني ڪانه ٿي. منهنجي ڇوڪرو به راحيل جو ٿورائتو ٿيو ۽ کيس پاڻ وٽ اچڻ ۽ ماني کائڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي، پوءِ خير سان اچي پنهنجي منزل تي رسياسين  ۽ رات جي ماني کائي، پوءِ آرام ڪيو. صبح جو منهنجو پٽ مون کي شاپنگ مال ۾ وٺي ويو، جيڪو هنن جي فليٽ جي سامهون هو، هنن منهنجي لاءِ جوگر جو بوٽ ورتو، جوگر هتي پائڻ بيحد ضروري آهي، جو هتي پنڌ تمام گهڻو ڪرڻو پوي ٿو، تنهنڪري هتي عورتون ۽ مرد جوگر پائڻ پسند ڪن ٿا. باقي ورائٽيون به استعمال ڪن ٿا، پر تمام گهٽ، جو جوگر هنن کي سهولت وارو لڳي ٿو. سو مون کي به عامر جوگر وٺي ڏنو.

۽ هاڻي مان توهان کي هتي، جتي منهنجي ڇوڪري جي رهائش آهي، انهيءَ علائقي جي بائيوگرافي ٻڌائيندي هلان، هتي ڪالوني سسٽم آهي ۽ انهيءَ ڪالونين کي (ڪميونٽي) به چئبو آهي. انهن ڪميونٽين جو سسٽم تمام بهترين نموني آهي. هتي گهڻو ڪري فليٽ سسٽم آهي. اسان واري ڪالوني ۾ 28 منزله فليٽ آهن. ڪن ۾ 17 منزله فليٽ آهن ۽ ڪن ۾ 27 منزلن وارا فليٽ آهن. هتي پاڻي، گيس، لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم تمام بهترين نموني ٿيل آهي. چوويهه ڪلاڪ پاڻي، گئس ۽ لائيٽ رهي ٿي. ڪنهن به ٽائيم ۾ انهن جي بند ٿيڻ جو ڪو امڪان ڪونه هوندو آهي. ائين رڳو اسان جي ڪالونيءَ ۾ نه آهي، پر سڄي چين ۾ آهي. ۽ اسان  جي ڪالونيءَ ۾ سڀني فليٽن جي وچ ۾ هڪ باغيچو پڻ ٺهيل آهي، جنهن ۾ سوئمنگ پول پڻ آهي ۽ هتي جو سيڪيورٽي سسٽم به تمام بهترين نموني جو آهي، گيٽ وٽ آٽو ميٽڪ دروازا لڳل آهن. جيڪي ڪارڊ ذريعي کلن ٿا پوءِ به چوڪيدار ويٺل هوندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪارڊ نه هجي ته رموٽ ذريعي چوڪيدار دروازو کولي ڏيندو آهي، اندر اچڻ کان پوءِ به هڪ گيٽ آهي، جيڪو به ڪارڊ ذريعي کلي پيو. اندر لفٽ لڳل آهي، جنهن ذريعي ماڻهو آرام سان پنهنجي منزل تائين پهچي سگهي ٿو. اسان واري عمارت جي هيٺان هڪ بينڪ ۽ اي.ٽي.ايم ۽ ڪجهه کاڌي جا دڪان پڻ هئا ۽ اسان واري عمارتن جي سامهون مين روڊ هو ۽ ان تي هڪ شاپنگ مال ٺهيل هو. جتان ضرورت جو هر سامان ملي پيو. هي علائقو گوانگ چو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

هاڻي اسان زوانگ زو شهر جي باري ۾ ڳالهه ڪنداسين. هن شهر جي آبادي هڪ ڪروڙ ٽي ونجاهه لک ۽ ڪجهه هزارن تي مشتمل آهي. زوانگ زو چين جو تعلقو آهي. هي هڪ بهترين نموني جو ٺهيل شهر هو. هتي هر سهولت موجود هئي. جهڙوڪ: اسڪول، لائبرريون، اسپتالون، شاپنگ مال، سئنيما گهر، ايئرپورٽ ۽ سب وي اسٽيشنون، جن ۾ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ سفر ڪن ٿا. هتي هنن جون عبادتگاهون به آهن. هي شهر چين جي ڏکڻ پاسي ۾ آهي ۽ هتي سمنڊ جو به تمام گهڻو حصو آهي. هاڻي توهان کي سب وي جي باري ۾ ٻڌايان ته اهي ڇا آهن؟ اهي هتي زمين دوز ريلون آهن. جنهن جون 25 لائنون وڇايل  آهن. جيڪي سڄي گوانگ زو کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون، جن ۾ روز هزارين ماڻهو سفر ڪن ٿا. جيڪي اسٽيشنون ٺهيل آهن. اهي بهترين نموني جون ۽ آٽوميٽڪ ٺهيل آهن. ريل جو سسٽم به آٽوميٽڪ آهي، اسٽيشن تي به اسٽيشن سيڪيورٽي سسٽم آهي. جيئن جهاز ۾ سامان چيڪ ٿيندو آهي، تيئن هتي به چيڪ ٿئي ٿو. آٽوميٽڪ ڏاڪڻون آهن، جيڪي هر وقت ڪم ڪنديون رهن ٿيون ۽ اسٽيشن جي وچين طبقي مين شاپنگ مال ۽ فوڊ ڪوڊ ٺهيل آهن. جن مان ماڻهو فائدو وٺن ٿا ۽ پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪن ٿا.

هاڻي اچون ٿا گوانگ زو جي علائقن تي. هتي به اسڪوائر ٺهيل آهي، جنهن جي ڀرسان هڪ سب وي آهي ۽ هڪ پارڪ ۾ هڪ گرائونڊ پڻ آهي. جتي راندين جو پڻ اهتمام ٿيندو آهي. پارڪ به تمام وڏو آهي، جتي ماڻهو شام جو اچي تفريح ڪندا آهن ۽ ٻار کيڏندا آهن. هتي هر ڪنڊڪُڙڇ ۾ پارڪ آهن، ۽ هتي وڻن ۽ ٻوٽن جي گهڻائي آهي.  تنهنڪري هتي پارڪ تمام گهڻا آهن. هر هڪ ڪالونيءَ جي ڀرسان هڪ پارڪ آهي. جنهن ۾ واش روم ۽ پاڻيءَ لاءِ نلڪا پڻ لڳل آهن ته جيئن اچڻ وارن کي سهولت ٿئي ۽ کين ڪابه پريشاني نه ٿئي،  هتي هڪڙو وڏو زو (Zoo) به آهي. جنهن ۾ دنيا جا مختلف جانور آهن. اهو به ڪافي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هتان جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهن ٿا ۽ عورتون به هنن سان شانه بشانه ڪم ڪن ٿيون.

هِتي عورتون شاپنگ مال، هوٽلن، ڀاڄيءَ جي دڪانن، گوشت جي دڪانن، ميڊيڪل اسٽورن تي پڻ ڪم ڪن ٿيون، آفيسن ۾ ته عورتون ڪم ڪن ٿيون، پر اسڪوٽر، رڪشا ۽ سائيڪلون به عورتون هلائين ٿيون.هر فيلڊ ۾ عورت جو هٿ آهي. هتي ملڪ جي ترقيءَ جو سبب به اهوئي آهي ته هتي جي عورت مرد سان گڏ، محنت ڪري ٿي. ۽ ترقيءَ ۾ ساٿ ڏئي ٿي.

هتي سمنڊ تمام گهڻي ڀاڱي ۾ پکڙيل آهي، تنهنڪري هتان جا ماڻهو سي فوڊ (Sea Food) وڌيڪ واپرائين ٿا. ان ۾ ڏيڏر، ڪُميون، نانگ، جيلي فِش ۽ سِپيون، جيڪي مختلف قسمن جون آهن،  جن جي اندران گوشت ڪڍن ٿا ۽ هتان جا ماڻهو سامونڊي گاهه به شوق سان کائيندا آهن. جيڪو دڪانن تي سڪل نموني ۽ سائي نموني رکيل هوندو آهي. هي ڪاڪروچ، سِپيون ۽ ڏيڏر فرائي ڪري کائيندا آهن ۽ سمنڊ جا ننڍا وڏا جيت جڙا به کائيندا رهندا آهن. چيني ماڻهو کاڌي جي معاملي ۾ تمام سادا آهن. جيڪو به مليو، اهو کائي ويندا آهن. گهڻو اسپائسي کاڌو ڪونه کائيندا آهن. اٻاريل کاڌا پسند ڪندا آهن. هتي بسن جو تمام سٺو انتظام ٿيل آهي، جيڪي گورنمينٽ طرفان شهر ۾ هلن ٿيون. ان ۾ به موبائل ايپليڪيشن لوڊ ٿيل هونديون آهن. اها ايپليڪيش هر مسافر پاڻ اسڪرين تي لڳائيندو آهي، جنهن سان ان جو ڀاڙو ڪٽجي ويندو آهي، بسون به ماڻهن جي سهولت جي لاءِ تمام گهڻي تعداد ۾ هلن ٿيون. ان ۾ ڪنڊيڪٽر ته آهي، پر ڪرايو وٺڻ لاءِ نه، پر مسافرن جي چڙهڻ لهڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ.

خير اهو ته ٿي ويو، هن شهر جو تعارف. هاڻي مان اوهان سان پنهنجي تفريح جي ڳالهه ڪندس ته اسان ڪٿي ڪٿي گهمياسين. مان ۽ عامر جي فيملي گوانگ زو جو پارڪ گهمڻ وياسين. اهو پارڪ تمام گهڻي ايراضي ۾ پکڙيل هو ۽ ان ۾ تمام گهڻي صفائي جو بندوبست ٿيل هو. هتي جا ماڻهو ڊسيپلين سان رهن ٿا. پارڪ ۾ به خاڪروب هجن ٿا، جيڪي هر وقت صفائي ۾ رڌل آهن، اتي به عورتون صفائي لاءِ رکيل آهن ۽ هر هنڌ ڊسٽ بن به رکيل آهن. جن جو سسٽم به آٽوميٽڪ آهي، جن ۾ سينسر لڳل آهن، جيڪي پاڻهي کلن ۽ پاڻهي بند ٿين ٿا. سو اسان به زو گهمي، خير سان شام جو گهر آياسين. ٻئي ڏينهن اسان هوٽل تي برفي کائڻ وياسين، جيڪا ويجيٽيرين هئي. هتي سڀني ڀاڄين جون ورائٽيون  هيون ڇو ته اسان به ڪوشش ڪندا هئاسين ته ڪابه ناجائز شيءِ نه کائون، پر هتي ڪنهن کي به ٻڌائي ڪونه کارائن، هتي هر شيءِ تي ان جا انڊيريسز لکيل هوندا آهن، ان مان خبر پوندي آهي ته ان ۾ ڪهڙين شين جو استعمال ٿيل آهي. هنن کي ته سڀ شيون جائز آهن. پر اسان جي ته اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪابه ناجائز شيءِ نه هجي. هِتان جون هوٽلن ۾ به صفائيءَ جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو. اتي ڪابه بيڊ سميل توهان کي نه ايندي ۽ بيرا به صاف سٿرا ايپران ۽ ٽوپي پائي ڪم ڪندا آهن. جيڪڏهن هتي ڪنهن ڪسٽمر ڪا ڪمپلين ڪئي ته ان جو لائسنس ختم ٿي ويندو آهي. ٻيو ته ماحول به صاف سٿرو آهي، تنهنڪري اتي رهڻ وارن جو صفائي لاءِ تمام گهڻو رجحان آهي. سو ڳالهه پئي ڪيم ته برفي جي ته هتي برفي سائي رنگ جي هئي. هتي ساڳ به تمام شوق سان کاڌو ويندو آهي. اهو به ٻارنهن مهينا هلي ٿو. هتان جون ڀاڄيون به اسان ملڪ ۾ ملندڙ ڀاڄين کان ڪافي مختلف آهن. گهڻي قدر ساڳيون آهن، پر هنن جي سائيز ۾ فرق آهي. جهڙوڪ: بيهه، واڱڻ، توري، گجر اڇي، ڪدو، اهي تمام گهڻا وڏا ٿين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڀاڻ وجهندا هجن، تنهنڪري انهن ڀاڄين جي سائيز وڏي ٿئي ٿي. هڪ ڀاڄي ڄڻ ته سائو ٻهارو. پر ان جي اندران تمام سٺي ڀاڄي نڪري ٿي، جيڪا کائڻ ۾ تمام لذيذ هئي. هتان جون داليون به مختلف ٿين ٿيون، چانور به مختلف رنگن ۾ ٿين ٿا. هتي رڍ ۽ ڳئون جو گوشت به کاڌو وڃي ٿو. چانورن جي رٻ، ڪڻڪ جي رٻ، جنهن کي اسان ڏارو چوندا آهيون، ۽ لوبيا جي رٻ ۽ ادرڪ جو سُوپ به پيتو وڃي ٿو. هنن وٽ کنڀي به تمام شوق سان کاڌي وڃي ٿي. هتي کنڀين جا به ڪافي قسم ٿين ٿا، ڇو ته هتي برساتون ڪافي ٿين ٿيون، انڪري هتي کنڀي جام ٿئي ٿي ۽ ماڻهو به تمام گهڻو شوق سان کائين ٿا. هتي رستن تي سارجنٽ تمام گهٽ نظر اچن، ڇو ته هتي رستن تي به آٽوميٽڪ سسٽم آهي، جيڪو ماڻهن کي بيهڻ ۽ هلڻ جو اشارو ٻڌائي ٿو، پنڌ هلڻ وارن لاءِ به اشارا ٺهيل آهن، جن کي ماڻهو فالو ڪري، ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچن ٿا. هتي جيڪڏهن ڪو سارجنٽ ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪڏهن بيهاريندو به آهي ته اهو چوڻ لاءِ ته هيلميٽ پايو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو خير گهرو.

هتي جا ماڻهو صبح جو سويل اٿڻ ۽ سمهڻ جا عادي آهن. صبح جو ستين بجي اٿن ۽ رات جو ڏهين بجي تائين، سڀني ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي پوءِ گهر وڃن  ۽ جن کي تفريح ڪرڻي هوندي آهي، اهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليا ويندا آهن، اهڙا علائقا به آهن، جن ۾ هر قسم جي تفريح ٿئي ٿي. ان ۾ ٻارن لاءِ راندين جو پڻ انتظام آهي. وڏا پنهنجي تفريح ڪن ۽ ٻار پنهنجي راند روند ڪن. اتي وڏن لاءِ به هر قسم جي راندين جو سامان رکيل آهي، جن مان هو انجواءِ ڪن ٿا.

مان هتي رمضان مهيني ۾ آئي هئس، سو رمضان مهينو به شروع ٿيو ۽ گورنمينٽ طرفان وڌيڪ موڪلون به مليون، سو اسان به موڪلن مان فائدو وٺندي، وڌيڪ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. منهنجي پُٽ شنگهائي ۽ بيجنگ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو. انهن ڏينهن ۾ گورنمينٽ جي موڪلن جي ڪري، انهن جڳهين تي تمام گهڻي رش هئي، اسان جو پروگرام ديوارِ چين ۽ بيجنگ جون مشهور عمارتون ڏسڻ جو پروگرام هو، ان لاءِ ٽڪيٽون ڏاڍيون مشڪل سان مليون، ڇو جو ڪورونا جي ڪري، ماڻهو ٽن سالن کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتا پئي، اسان کي به ٽن ڏينهن کان پوءِ ٽڪيٽون مليون، جو اتي ٽڪيٽن جو سسٽم آهي ته جيئن انڪم به ٿئي ۽ ماڻهو تفريح به ڪن.

اسين پرديسي ماءُ پُٽ گڏجي عيد ڪئي، جو عامر جي گهر واريءَ جا پيپر هئا. انڪري اها پنهنجي مائٽن ڏانهن هلي وئي هئي. سو عيد پاڻ ۾ گڏجي ملهائي ۽ روايت مطابق عيد جا ڇولا ٺاهي کاڌا. پاڪستان ۾ منهنجا ڇولا تمام مشهور آهن، انڪري هتي به مون پنهنجي روايت برقرار رکي ۽ ڇولا ٺاهيا. شام جو اسان جي فلائيٽ جي بُڪنگ ڪئي هئي. اسان به سب وي ۾ چڙهي، ايئرپورٽ تي پهتاسين. اسان جي علائقي کان ايئرپورٽ جو پنڌ ٻن ڪلاڪن جو هو، اتي به اسان کي ٽي گاڏيون بدلائڻيون پيون. ڇو جو ريل جو رستو ڳوٺن مان گذرڻ ڪري، ور وڪڙ سان هلي ٿو، هنن اتان جي آبادي کي ڇيڙيو ڪونه آهي . ۽ ريل جي لائن کي ور وڪڙ ڏئي، شهرن کان ريل جا رستا ٺاهيا اٿن ۽ ڳوٺن کي پنهنجي اصلي حالت ۾ رکيو اٿن، هي پنهنجي اصلي تهذيب جو ڏاڍو خيال رکن ٿا. هي پنهنجي اصلي شين جو ڏاڍو قدر ڪن ٿا ۽ انهن جي سنڀال پڻ ڪري ڄاڻن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي انهن شين جي آگاهي پڻ ڏين ٿا ۽ انڪم پڻ حاصل ڪن ٿا، هونئن به چوندا آهن ته جيڪا قوم پنهنجي اصليت وساريندي آهي، اها جلدي فنا ٿي ويندي آهي. هنن پنهنجي اصل نسل کي هر جڳهه تي زنده رکيو آهي.

خير سان اسين  گوانگ زو ايئرپورٽ تي رسياسين، جيڪو ڪم از ڪم ڏهن ٻارنهن ميلن تي پکڙيل آهي ۽ ان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ سجايل ۽ ڏسڻ وٽان هئي، اتي ڪنهن جڳهه تي اهو محسوس ڪونه ٿي ٿيو ته هيءَ ايراضي اجائي والاريل آهي، پر ائين محسوس ٿئي پيو ته هيءَ جڳهه مڪمل طرح ڏسڻ وٽان آهي. سو اسان به چڱيءَ طرح اميگريشن مان فارغ ٿي، اچي جهاز ۾ ويٺاسين. جهاز ايئر چائنه جو هو ۽ اسان کي شنگهائي وڃڻو هو. هتي ريل به هلي ٿي،  پر اهو اَٺن ڪلاڪن جو سفر آهي. تنهنڪري اسان کي جهاز ۾ وڃڻ وڌيڪ مناسب لڳو.  اسان جهاز جو سفر مڪمل ڪري، رات جو اچي شنگهائي ۾ لٿاسين، اتي اسان پهرين ئي هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. اسان صبح جو شنگهائي گهمڻ لاءِ نڪتاسين، جو وري انهيءَ جهاز ۾ رات جو اسان جي واپسيءَ جي ٽڪيٽ بُڪ ٿيل هئي، ٿياجن لاءِ. سو اسان تيار ٿي، ناشتو ڪري، اولهه شنگهائي اسٽريٽ ڏسڻ لاءِ نڪتاسين، جيڪا درياءَ جي ڪناري تي ٺهيل هئي، اتي درياءَ جي چوڌاري شنگهائي شهر نظر اچي رهيو هو، جيڪو رات جو تمام سهڻو ڏيک ڏئي رهيو هو. پر اسان کي شام جو وري فلائيٽ وٺڻي هئي، تنهنڪري اسان اتي ٿورو ٽائيم ترسياسين. عامر جو دوست فهد پڻ اچي ويو، جيڪو ڄام شوري جي يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ رهندو آهي. فهد بيجنگ ۾ عامر سان گڏ پڙهيو آهي. فهد اسان سان اچي مليو ۽ اسان پوءِ شنگهائي جواولڊ علائقو گهمياسين، جنهن ۾ پراڻيون عمارتون آمريڪا وارن جون به ٺهيل هيون، جن کي هنن يا ته ميوزيم طور رکيو آهي يا ته انهن ۾ هوٽلون ٺاهي ڇڏيون آهن.  پر اتي ڪنهن به چينيءَ جي رهائش نه آهي. جو هو ان کي بُرو سمجهن ٿا ۽ انهن گهرن کي پرايو سمجهي اتي رهڻ کي به برو ٿا. اولڊ شنگهائي به چين جو پراڻو علائقو آهي، پر اتي به ماڻهن جي رهائش ڪانه آهي، انهن عمارتن کي نمائش جو ذريعو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪن عمارتن ۾ شو پيسن جا دڪان آهن، اهي کليل آهن، باقي عمارتون ۽ دڪان بند ڪري ڇڏيا اٿن. جن ۾ آرڪيالاجسٽ اچي تحقيق ڪن ٿا ۽ انهن کي تاريخ جو حصو سمجهن ٿا. سو اسان به اتي گهمي پوءِ اچي هڪڙي انڊين هوٽل ۾ ماني کاڌي، ڇو جو اتي ويجهو ڪابه مسلمانن جي هوٽل ڪانه هئي. پوءِ اسان سب وي تي چڙهي، اچي ايئرپورٽ تي لٿاسين. اسان سان فهد به گڏ هو. جنهن اسان کي تمام سٺي ڪمپني ڏني. پوءِ ايئرپورٽ تي الوداع چئي هليو ويو ۽ اسان به جهاز ۾ چڙهياسين.

شنگهائي جو ايئرپورٽ به تمام وڏو هو. ايئرپورٽ جي ڊيڪوريشن ڏسڻ وٽان هئي. هتي هر شيءِ کي سهڻي نموني سينگاري رکيو ويو  آهي ته جيئن ڏسڻ وارا لطف اندوز ٿين. اسان به اچي ٿياجن جي ايئرپورٽ تي لٿاسين. اهو ايئر پورٽ به تمام وڏو هو. انهيءَ جو ايئربيس کان لئگيج وارو حصو تمام گهڻو پري آهي، انڪري اسان ٽرين تي چڙهي وياسين ۽ پوءِ اتي ۽ اسان وري اسڪيليٽر تي چڙهي وڃي، لئگيج کنيون. اتي منهنجي ننهن گاڏي کڻي آئي هئي، پنهنجي ڀاءُ سان. سو اسان وڃي خير سان گهر پهتاسين ۽ رات جو آرام ڪيوسين. صبح جو سوير اٿي، اسان ٿياجن جو زُو گهمڻ وياسين. اتان جا ماڻهو سوير اٿڻ ۽ سوير سمهڻ واري ڳالهه تي عمل ڪندا آهن. تنهنڪري ته ترقي ماڻي اٿن. زو بهترين نموني سان ٺهيل هو ۽ ان ۾ دنيا جو هر جانور رکيل هو، جيڪي هاڻي شايد اڻ لڀ ٿي ويا آهن. هتي جانورن جي پڃرن کي به صاف سٿرو ۽ سجائي رکيو ويو آهي. انهن مان ڪابه بدبوءِ ڪانه پئي اچي. پڃرن کي اندران به صاف سٿرو رکيو ويو آهي ته جيئن ڏسڻ وارن کي به مزو اچي. سو اسان پورو زو گهمي منجهند جي ماني، هڪ مسلم هوٽل تي کاڌي. مانيءَ ۾ چانور، پٽاٽن جي فرائي ٿيل ڀاڄي ۽ گوشت جي ڀاڄي هئي، هتي گوشت يا ته ڳئون جو يا رِڍ جو هوندو آهي، هتي ٻڪري ۽ مينهن جو گوشت ڪونه ملندو آهي. رڍ جي گوشت جي ڀاڄي مسلمانن جي هوٽل تي ملي ٿي، سو اسان جي اها ڪوشش هوندي هئي ته مسلمانن جي هوٽل تي ماني کائجي. سو ماني کائي، پوءِ اسان هتان جي بازار گهمڻ وياسين، پوءِ خير سان اچي رات جو گهر پهتاسين.

ٻئي ڏينهن اسان کي فوٽو سيشن ڪرائڻو هو، منهنجي نُنهن اڳواٽ ئي منهنجي لاءِ بُڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. هتي سڀ ڪم گهڻي قدر آن لائن ٿين ٿا. ڇو ته آن لائن تي پيڪيج اچن ٿا، جنهنڪري اها شيءِ سستي ٿيو پوي. سو اسان به اچي اسٽوڊيو پهتاسين، جيڪو اسان واري ايريا کان ڪافي پري هو. اتي هڪڙو پارڪ هو. جنهن جي ڀرسان هڪڙو بنگلو هو، جنهن ۾ اسٽوڊيو ٺهيل هو، جيڪو باقاعده سجايل هو. هن ۾ ميڪ اپ روم، ڊريسنگ روم ۽ جنگل روم ٺهيل هئا ۽ اسٽوڊيو الڳ الڳ ڪمرن ۾ هئا. مون کي به چائنه اسٽائل واريون ڊريسون پارائي ڦوٽو ڪڍايائون، اتي ويٽنگ رومن ۾ جيڪي ٽيبلون پيل هيون، جن تي ڊراءِ فروٽ ۽ ننڍڙا ٽماٽا ڊشن ۾ رکيل هئا، جيئن ماڻهو بور نه ٿين. اتي ننڍڙا ٽماٽا فروٽ طور استعمال ڪيا ويندا آهن. انهيءَ ڦوٽو سيشن ۾ اسان جو پورو ڏينهن لڳي ويو، پوءِ شام جو اسان موٽياسين. رات جي ڊنر جو اهتمام عامر جي سالي هڪڙي هوٽل ۾ ڪيو هو. عامر جو سالو اتي هڪ آفيس ۾ وڏي پوسٽ تي آهي. هن تمام گهڻي پيار ۽ سڪ سان اسان جو ويلڪم ڪيو ۽ اتي ٻين مائٽن کي به مون سان ملائڻ لاءِ دعوت ڏئي گهرايو هو. ماني به ڏاڍي سٺي نموني گهرائي هئائين، اسان ماني کائي، خير سان گهر آياسين، جو ٻئي ڏينهن اسان جي بڪنگ ٿيل هئي. بيجنگ ۽ شنگهائي لاءِ. ڇو ته هتي ڪورونا کان پوءِ ماڻهن کي اجازت ملي هئي، گهمڻ جي. هتي گورنمينٽ جي پرميشن کانسواءِ ٻئي شهر نٿو وڃي سگهجي. چاهي جهاز جو سفر هجي يا ريل جو سفر. پاسپورٽ کانسواءِ نٿو نڪري سگهجي. اسان به آن لائن بڪنگ ڪرائي هئي، تنهنڪري اسان کي ٽن ڏينهن کان پوءِ ٽڪيٽون مليون هيون. رش به تمام گهڻي هئي. هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه هزار ماڻهن جي بڪنگ ٿي، ديوارِ چين ڏسڻ لاءِ. سو اسان ريل جو سفر ڪري، اچي شنگهائي پهتاسين. هتي ريل ۽ جهاز جو ساڳيو سسٽم آهي. اسان به خير سان ٻارهين بجي شنگهائي اچي پهتاسين. پوءِ هڪ ننڍڙي هوٽل، جيڪا مسلمانن جي هوٽل هئي، تنهن ۾ ماني کاڌي، اتي اوجهري جون مختلف ورائٽيون هيون. پوءِ مون اوجهري گهرائي کاڌي. اتي مانيءَ جو رواج تمام گهٽ آهي. ڪنهن ڪنهن هوٽل ۾ ماني ملندي آهي. نه ته رڳو رُکي ڀاڄيءَ جون وارئٽيون ٿين ٿيون، يا وري ماڻهو چانور  ۽ نوڊلس کائين ٿا. سو اسان به انهيءَ طريقي واري ماني کاڌي پئي، جو چوندا آهن ته جهڙو ديس اهڙو ويس.

عامر ۽ ان جي گهرواري ته انهيءَ کاڌي تي هريل آهن، پر مون کي به مجبوريءَ ۾ اهوئي کائڻو پي پيو. ڪنهن هوٽل جي ماني جو ذائقو وڻندڙ هوته ڪنهن هوٽل جي مانيءَ جو ذائقو مون کي ڪونه پئي وڻيو  پوءِ مان رڳو سلاد تي پئي گذارو ڪيو،  ڇو ته اتي اسان وانگر مانيءَ جو رواج ناهي. تنهنڪري هتان جي ماڻهن ۾ ٿولهه ڪانه آهي  ۽ هتان جا ماڻهو هلڪي غذا واپرائين ٿا. گهڻو مصالحو ڪونه کائين. چائنيز کاڌي ۾ جڏهن پاڪستاني تڙڪو لڳي ٿو ته تڏهن ان کاڌي ۾ ذائقو اچي ويندو آهي. سو اسان به ماني کائي نڪتاسين شنگهائي جو شهر گهمڻ، اتي جي صفائي ۽ سجاوٽ تمام گهڻي سٺي هئي، رستي تي ڪٿي به ڪا گندگي نظر ڪونه آئي، اتي هر وقت صفائي وارا بيٺل هئا ۽ مشين ذريعي روڊ کي ڌوئڻ جو انتظام هو. هر هنڌ ڊسٽ بن پڻ رکيل آهن، تنهنڪري ماڻهن ۾ به صفائي جو تمام گهڻو رجحان آهي.

 

 

انهن کي امر بڻائي ڇڏيو.

 

38. پيار جو بي اختيار اظهار؟

ڪنهن جي اچڻ جي آس ۾ در ۾ اکيون هجن، ۽ ڪنهن کان پري هجڻ جي احساس ۾ اکين پاڻيءَ سان ڀرجي اچن، جن تي انسان جو وس ناهي هوندو.

 

39. پيار جڏهن عذاب آڻي ته؟

پيار ته عذاب آڻي ئي نٿو سگهي، جيڪو عذاب آڻي، اهو پيار ناهي هوندو. اها انا هوندي آهي، ضد، نفرت پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ سمجهڻ ۽ ٻين جي تڪليف جو احساس نه هجڻ جو اهي شيون عذاب آڻينديون آهن.

 

40. پيار جو اظهار نه ڪري سگهجي؟

پيار جو اظهار تمام ضروري آهي، پر ان کان پهرين پاڻ کي سمجهڻ، پيار کي سمجهڻ، ته اهو پيار آهي يا وقتي احساس آهن. جڏهن ٻاراڻي عمر کان جوانيءَ طرف قدم رکبو آهي ته هر ماڻهو سٺو لڳندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو فطري عمل آهي، سو ماڻهو ان عمر ۾ انهن شين کان وڌيڪ پنهنجي تعليم ۽ ڪيريئر ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي. پيار لاءِ سڄي عمر پئي آهي ۽ پهريون پيار ته سوچي سمجهي ڪجي، جنهن سان زندگي ڀر نڀائي سگهجي.

41. ڪلاکيتر ۾ پير کوڙڻ جو پهريون سهارو؟

بابا جا آندل مئگزين ۽ ڪتاب هئا، جيڪي بابا اسان ڀيڻن لاءِ خاص طور وٺي ايندو هو، گل ڦل رسالو، عبرت مئگزين وغيره، مان چوڏهن پندرنهن سالن جي عمر ۾ اوريانه فلاچي جو ناول ”اڻڄاول ٻار ڏي خط“ پڙهيو، ان کان علاوه ان جا مختلف انٽرويو پڙهيا. ويٽنام، آمريڪا جنگ جا ڪتاب، ڦولن ديوي تي لکيل ناول، شاهه جو رسالو، شيخ اياز، استاد بخاري جي شاعري. آهي سڀ منهنجي ڪلاکيتر ۾ اچڻ جو سهارو بڻيا.

42. پهرين مڃتا؟

پهرين مڃتا مهرڳڙهه جي انساني حقن جي ڪورس جي ڪاميابيءَ تي آءِ.آءِ رحمان کان ايوارڊ مليو، ان کان علاوه بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ بيسٽ نيو ايمپلائي اپرسيئيشن سرٽيفڪيٽ ۽ ڪاڇو جي علائقي ۾ پهرين عورت سماجي ورڪر جو ايوارڊ مليو.

43. ڏکي لڳندڙ تنقيد؟

جڏهن ڪنهن انسان جي پنهنجي محنت ۽ قابليت کي ڇڏي، انسان جي ذات، رنگ، قدبت ۽ نسل تي تنقيد ڪئي وڃي، تڏهن، اهي تنقيد ڪندڙ  ڇَسا ۽ انسانيت کان عاري لڳندا آهن.

44. فن جي اظهار جي پهرين صنف؟

فن جي اظهار طور مون آزاد نظم لکيو هو. ان کان پوءِ ڪجهه شارٽ اسٽوريز ۽ غزل به لکيا. مضمون ۽ ڪالم به لکيا آهن.

45. فني زندگيءَ جي ابتدا؟

ننڍي هوندي کان ۽ گل ڦل ۽ ٻيا ٻارن وارا رسالا پڙهي، اسان جو ڀاءُ ۽ ڀينرون پاڻ به لکڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين، پر اهي نه ڪڏهن ڇپايا ۽نه ئي سانڍي رکيا.

46. سڃاڻپ جو حوالو؟

منهنجي سڃاڻپ هڪ سماجي ورڪر طور به آهي، ان کان علاوه ٽيچر ۽ رسرچر طور به آهي.

47. سڀ کان وڏو نقاد؟

پاڻ ئي پنهنجي سڀ کان وڏي نقاد آهيان.

48. تعريف جيڪا دل خوش ڪري؟

تعريف اها وڻندي آهي، جيڪا سچي دل سان ڪئي وڃي.

49. پسنديده شاعر؟

هميشه کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پسند جو شاعر رهيو آهي، شاهه سائين جو رسالو پڙهندي آهيان، جيئن عميق ۾ ٽٻي هڻجي ۽ نوان موتي هٿ اچن.

50. پسنديده نثرنگار؟

ارون ڌتي راءِ، ايلسا قاضي، ايلف شفق، علي بابا، پاؤلو ڪويلهو

51. راڳي جنهن جو راڳ دل ڇهي وٺي؟

سانئڻ عابده پروين، استاد محمد يوسف.

52. وجود جي سڀ کان وڏي ٽيڪ؟

منهنجا ماءُ پيءُ. شال سدائين انهن جو سايو سلامت هجي ۽ نياڻيون ايلسا ۽ ساڀيا.

53. خوشبوئن جي دنيا ۾ وڻندڙ خوشبو؟

موتئي جي گل جي خوشبو، منهنجي پسنديده خوشبو آهي.

54. ڪهڙي موسم جو رنگ وجود تي وڌيڪ چڙهندو آهي؟

برسات جي مُند جو.

 

55. اکيون ٺاريندڙ رنگ جيڪو دل کي پسند اچي؟

اڇو ۽ نيرو رنگ پسند آهن.

 

56. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق؟

اولاد ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق آهي.

 

57. چڙ اچي ته ڪيئن لهي؟

چِڙ گهٽ ايندي آهي، پر ايندي آهي، پوءِ جيڪو دل ۾ هوندو آهي، اهو چئي ڏيندي آهيان.

 

58. انساني خوبي جيڪا پهرين نظر ۾ ڪريو؟

مسڪرائي ملڻ جي خوبي پهرين نظر ۾ ئي وڻندي آهي.

 

59. دل تي بار ٿي پوندڙ انساني خاميون؟

جنهن سان ماڻهو سچو هجي، اهو ڌوڪو ڏئي .

 

60. پنهنجي دل جي ڪمزوري؟

منهنجي دل جي ڪمزوري منهنجا ٻار آهن بلڪه سڀ ٻار آهن، مان چاهيندي آهيان ته ڪنهن ٻار کي ڪا به تڪليف نه پهچي. جڏهن ٻارن سان جنسي ۽ جسماني زيادتي ۽ تشدد ڪيو ويندوآهي، اهي شيون تمام گهڻي تڪليف ڏينديون آهن،

 

61. پيڙا جو ڪو پل؟

منهنجي لاءِ پيڙا جا پل اهي آهن، جڏهن انسانن جا انسانن تي، معصوم ٻارن تي، جانورن تي ظلم جا واقعا ڏسندي ۽ پڙهندي آهيان ته پاڻ کي ان ظلم مان گذرندي محسوس ڪندي آهيان.

 

62. معاف نه ڪرڻ جوڳي انساني خطا؟

جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد معاف نه ڪرڻ جوڳيون انساني خطائون آهن.

63. ڪٽنبي زندگي؟

ڪٽنبي زندگي بهترين آهي، پر جڏهن هر انسان جي منفرديت ۽ آزاديءَ جو خيال رکيو وڃي ۽ احترام ڪيو وڃي.

64. نفرت؟

ٻين انسانن جو حق کائيندڙ ۽ عورتن جي باري ۾ غلط سوچ رکندڙن کان نفرت آهي.

65. اهو انسان جنهن سان نفرت ختم ڪري سگهجي؟

.............

66. عقل ۽ جذبي ۾ ڪير وڌيڪ ڀاري آهي؟

عقل ۽ جذبي ۾ عقل وڌيڪ ڀاري آهي. خالي جذبو معصوم انسان کي تڪليف به ڏئي سگهي ٿو .

67. عقيدو؟

منهنجو عقيدو آهي ته هڪ ڏينهن انسان سڀ برابر هوندا، هر انسان کي هڪجهڙا حق ۽ آسائشون ۽ احترام حاصل هوندا. انساني سماج ضرور اهو اوج ڏسندو، جڏهن صنف، ذات، مذهب، رنگ، نسل، اميري غريبي سڀ فرق مٽجي ويندا ۽ انسان کي ته ڇا جانور، وڻن ٻوٽن هر شيءِ کي تڪريم ڏني ويندي.

68. عبادت؟

هر انسان کي پنهنجي پنهنجي عقيدي آڌار عبادت جي آزادي هجڻ گهرجي ۽ عبادت ان جو ذاتي فعل آهي، جنهن جو پڇاڻو به مالڪ حقيقي ئي ڪري، ماڻهن کي اهو حق نه هجڻ گهرجي ته اهي ٻئي ڪنهن جي عبادت تي آڱر کڻن.

69. وقت؟

وقت پاڻيءَ جيان گذرندو، پنهنجو رستو ٺاهيندو رهندو آهي، اهو اسان تي دارومدار رکي ٿو ته صرف پاڻيءَ ۾ پير وجهي وقت جي گذرڻ جو نظارو ڏسون يا ان پاڻيءَ مان ڪي گل ٻوٽا پوکيون ٿا. جن مان بين کي فائدو پهچي.

70. موت؟

موت هر ساهه کڻندڙ جيوَ کي اچڻو آهي، پر انسان مرڻ کان اڳ پنهنجي زندگيءَ جو شڪر ادا ڪندي، هن سماج جي بهتري لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري وڃي.

71. زندگي؟

 

زندگي هن دنيا ۾ هڪ اهڙو اسٽيج آهي جتي توهان قسمت سان آندا ويا آهيو، ۽ ضرور هڪ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسٽيج تان ڪردار ختم ڪري پردي جي پويان هليا ويندؤ، پر اسٽيج تي توهان کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهو توهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، سٺو ڪردار، برو ڪردار، ڏنگو ڪردار سڀ ڪجهه توهان جي هٿ ۾ آهي.

72. هر وقت وڻندڙ ڪتاب؟

”شاهه جو رسالو“ ان کان پوءِ ناول پڙهڻ وڌيڪ پسند آهن.

73.  دل کي ڇهندڙ فلم؟

ٻارن لاءِ جادوئي فلمون ۽ سائنس فڪشن فلمون پسند آهن.

74. پسنديده نيم تاريخي شخصيت؟

نيلسن منڊيلا ۽ آئن اسٽائن

75. تاريخ جي پسنديده هستي؟

گوتم ٻڌ

76. سياست؟

سياست ۾ عورت جي بااختيار شموليت هجڻ گهرجي.

77. وڻندڙ سياسي شخصيت؟

نيوزي لينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن، جنهن ثابت ڪيو ته ڏکئي وقت ۾ عورت بهترين حڪمران طور بهتر فيصلا ڪري سگهي ٿي.

78. وڻندڙ مشروب؟

ڪافي ۽ چانهه وڻندڙ مشروب آهن.

79. وڻندڙ اخبار؟

ڊيلي ڊان ۽ عوامي آواز.

80. وڻندڙ سيٽلائيٽ چينل؟

سوني ٽي.وي ۽ ان تي هلندڙ ڪپل شرما شو.

81. پسنديده اداڪار؟

عرفان خان، نانا پاٽيڪر، راني مکرجي.

82. سواري جيڪا پسند هجي؟

ٽرين جي سواري.

83. خواب جيڪو اڪثر ڏسندا هجو؟

 

 

 

84. خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو؟

اهڙا ڪيئي خواب آهن، جيڪي ساڀيان نه ماڻي سگهيا، پر جيڪو ڪجهه مليو آهي، اهو انهن کان وڌيڪ آهي.

85. مستقبل جي باري ۾ پلان؟

هاڻي ته هر وقت پنهنجي ٻارن جي ئي مستقبل جي پلاننگ ذهن ۾ هوندي آهي.

86. ناڪامي جيڪا اڃا تائين دل ۾ دُکندي هجي؟

ڪابه اهڙي ناڪامي ناهي.

87. خوشي جنهن جو انتظار هجي؟

پنهنجي ڌيئرن جي خوشين ڀري ۽ تعليمي ۽ عملي زندگيءَ ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ بهترين شخصيت جي تعمير ٿيندي ڏسڻ.

88. آزادي؟

آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي، جيئن اظهار جي آزادي، پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي آزادي، تعليم، نوڪري ۽ پنهنجي جيون ساٿي چونڊڻ جي آزادي.

89. ڇڙواڳي؟

ڇڙواڳي ان کي چئبو، جڏهن توهان ٻئي جي آزادي تي راتاهو هڻو.

90. ڌرتيءَ سان پيار؟

جنهن کي ڌرتيءَ سان پيار ناهي، ان جو وجود ۽ شناخت کوکلي آهي.

91. زندگيءَ کان ڪا شڪايت؟

زندگيءَ کان ڪا شڪايت ناهي، مون پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪيا آهن، غلط صحيح فيصلن ۽ انهن جي نتيجن جي ذميدار آءٌ پاڻ آهيان.

92. انساني ڪردار جي سونهن؟

انساني ڪردار جي سونهن هر ڪنهن کي عزت ڏيڻ ۽ خلوص سان پيش اچڻ آهي.

93. انساني روين جو رنگ جيڪو روئاري؟

ها! ڪجهه اهڙا رويا هوندا آهن، جن ۾ ٻين لاءِ احساس نه هجي ته اهڙا رويا روئاريندا آهن.

94. پنهنجو پاڻ کان شڪايت؟

پنهنجو پاڻ کان شڪايت اها آهي ته مستقل مزاجي ناهي ۽ لکڻ پڙهڻ کي گهٽ وقت ڏيان ٿي.

 

95. تقدير تي ويساهه؟

تقدير انسان پنهنجي پاڻ لکندو آهي، تڏهن ته سزا جزا جو تصور آهي، جيڪڏهن سڀ ڪجهه تقدير هجي ته پوءِ انسان جا سڀ عمل تقدير تي ٿوپي ڇڏبا.

96. زندگي جو ڪڙو سچ؟

زندگيءَ جو ڪڙو سچ اهو آهي ته ضروري ناهي ته اسان جي خلوص، سچائي ۽ محبت جي موٽ به اهڙي ئي ملي.

97. زندگيءَ جو اعتراف؟

ٻين جي اثر هيٺ غلط فيصلا ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪرڻ ۽ آزمايلن تي بار بار يقين ڪرڻ.

98. ٻئي جنم ۾ ڇا ٿيڻ چاهينديون؟

آءٌ جيئن آهيان، جيڪا آهيان ٻئي جنم ۾ به ائين ٿئي ٿيڻ چاهيندم.

99. ڪهڙين ڳالهين تي چڙ ايندي اٿوَ؟

جڏهن توهان ڪنهن جي لاءِ غلط نه سوچيو ۽ اهو ماڻهو توهان کي غلط سمجهي. انهن ڳالهين تي چِڙ ايندي آهي.

100. پيغام؟

آئون سرتين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندم ته زندگيءَ جي ٽن اهم فيصلن جو اختيار ڪنهن ٻئي کي نه ڏيو، تعليم، ڪيريئر ۽ شادي جو فيصلو هميشه پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ڪريو، ناانصافي ڪڏهن به برداشت نه ڪريو، جيترو توهان جو وس هجي، غلط شين جي خلاف قانوني ۽ اخلاقي حدن ۾ رهي وڙهندا رهو. نوجوانن کي اهو چوڻ چاهيندم ته سماج کي پڙهو، ڪتاب پڙهو  ۽ انٽرنيٽ تي اسٽڊي ڪريو ۽ پنهنجي ڪيريئر تي ڌيان ڏيو ۽ پنهنجي شخصيت کي سنواريو ۽ سينگاريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org