پروفيسر رشيده ڀٽي
يادگيريون
(1965ع)
اڄ زندگيءَ جي گذاريل لمحن جي ڪجهه ياد وري ذهن ۾
تري آئي آهي. گهڻائي سال پهريان 1965ع ۾، جڏهن
هندستان، پاڪستان تي بزدلانه حملو ڪيو هو ته قوم
هڪ مضبوط جذباتي رشتن ۾ جڙيل هئي. بارڊر تي فوجي
جوانن سان گڏوگڏ، عام شهري ماڻهن پڻ بي انتها
بهادريءَ جو مظاهرو ڏيکاريو هو. هر شعبي سان
وابسته ماڻهن پنهنجي حساب سان جنگ ۾ حصو ورتو هو.
ڊاڪٽرن پنهنجي محاذ تان، فوجين جو ساٿ ڏنو، استاد
توڙي سِول آفيسر، هاري ناري، مزدور، توڙي فنڪارن
سڀني پاڻ ملهايو. اڄ صبح جيئن ئي 2021ع جي 6
سيپٽمبر تي مون ريڊيو آن ڪيو ته فوجي ڀائرن جي
وطنيت ۽ همٿائڻ وارن نغمن کي ٻُڌي، مان هڪدم
ماضيءَ جي يادن ۾ غرق ٿي ويس. سڀني نامور فنڪارن
هر ٻوليءَ ۾ وطن جا نغما ڳايا ۽ سرحدن تي وڙهندڙ
ڀائرن جي حوصله افزائي ڪئي. اُنهن نغمن ۾ شهناز
بيگم جو گيت ”سوني ڌرتي الله رکي“ اڄ به اوتروئي
خوبصورت لڳي ٿو، جيترو پهريان لڳندو هو. بيشمار
اهڙا فوجي نغما، هر ٻوليءَ ۾ ملڪ جي هر ريڊيو
اسٽيشن تان نشر ٿيندا رهيا ۽ فوجي ڀائرن جي همت
افزائي ڪندا رهيا. هينئر ڪجهه فنڪارن جا نالا به
مون کي چٽيءَ طرح ياد اچي رهيا آهن: جن ۾ ملڪه
ترنم نورجهان، امانت علي، نيره نور، شوڪت علي،
عالم لوهار وغيره. اهڙي ساڳي نموني ريڊيو پاڪستان
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد تان پڻ بيشمار ”حبِ وطن“ ۽
فوجي جوانن لاءِ گيت تيار ٿيا، جن کي ٻڌڻ سان عام
ماڻهو وطن جي حُب سان سرشار ٿي ويندو آهي. اڄ به
ريڊيو تان جڏهن اهڙا نغما نشر ٿين ٿا ته ماضيءَ جا
اُهي ڏينهن ياد اچن ٿا.
مان 1965 ۾ 12 سالن جي هيم. ستين درجي جو امتحان
ڏنو هيم، تنهن سال جيئن ئي سرحدن تي غير معمولي
چُرپُر وڌندي نظر آئي هئي ته پاڪستان ۾ به ڪجهه
ليول تي هاءِ الرٽ ڪيو ويو هو. عام طور تي اسڪولن
۾ ٻارن کي ”سِول ڊفينس“ جي هلڪي ڦلڪي ٽريننگ به
ڪرائي وئي هئي ته جيئن ڪنهن به خطري جي صورت ۾
گهريلو ليول تي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهجي. مون کي
ڪجهه واقعا ايترا ته چٽا ياد آهن جو ڀانئجي پيو ته
ڄڻ اهو سڀ ڪالهه ٿي گذريو هجي. اسان جي مانوارين
ٽيچرس اسان سڀني ڇوڪرين کي ”فرسٽ ايڊ“ جا مختلف
طريقا ٻڌايا ۽ ڪنهن به ناگهاني صورتحال جي دوران،
خدانخواسته بمباريءَ جي صورت ۾ ڪيئن ”خندق“ ۾ لڪجي
۽ جيڪڏهن خندق نه هجي ته پوءِ گهرن ۾ ڪهڙي نموني
پاڻ کي بچائڻ جو سعيو ڪرڻ کپي. ڪنهن جي زخمي ٿيڻ
جي صورت ۾ ڪهڙي نموني ملم پٽي ڪرڻي آهي ۽ ڪيئن جسم
جي ڪنهن حصي يعني ٻانهن، ٽنگ وغيره ٽٽڻ جي صورت ۾
ڪيئن بينڊيج (پٽو) وغيره ٻڌجي/ڪجي.
مطلب ته باقاعده ڪجهه ڇوڪرين کي منتخب ڪري، انهن
تي تجرباتي طور (ڊيمو) وغيره ڪري سمجهاڻي ڏني
ويندي هئي. اِن ڊيمو جي دوران شاگردياڻين کان
رضامندي ورتي ويندي هئي. ۽ مان ٻڌائيندي هلان ته
مون کي ذاتي طور تي هر ڊيمو ۾ حصي وٺڻ جو ڏاڍو شوق
هوندو هو.
سرتيون! هتي مان توهان کي اهو ٻڌايان ته جڏهن جنگ
شروع ٿي وئي ۽ پاڪستان تي انڊيا حملو ڪيو ته
پاڪستان جي هر شهر، ۽ هر ڳوٺ جي عام ماڻهن ۾ تمام
وڏو جذبو موجود هو. جڏهن بليڪ آئوٽ انائوس ڪيو ويو
ته اُن تي پوري ايمانداريءَ سان عمل ڪيو ويو، جهڙي
نموني استادن، عام شهرين، آفيسرن ۽ بالا آفيسرن کي
حڪم ڏنا ويا. اُن تي باقاعده نيڪ نيتيءَ سان عمل
ڪيو ويو. پاڻ ۾ هڪٻئي لاءِ پيار ۽ محبت ۽ پنهنجائپ
جو اهو حال هو جو هر پاڙي ۽ محلي جي ليول تي
نوجوانن پاڻ ۾ ڪم ورهائي کنيا ۽ هڪٻئي جي مدد لاءِ
هر وقت حاضر رهيا. پبلڪ جڳهين، جهڙوڪ: ريلوي
اسٽيشن، پُلون، درياهه، پهاڙ سڀني جي حفاظت لاءِ
ميدان ۾ لهي پيا. اسان جي روهڙيءَ شهر ۾ جيئن ته
اهڙيون ڪيتريون ئي جڳهون آهن، جن تي حملي جو خطرو
هو ته انهن جڳهين جي حفاظت جو پڻ جوڳو بندوبست ڪيو
ويو.
مختصراً ائين چئي سگهجي ٿو ته هر ماڻهو پنهنجي
پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيو هو. مون کي اُهي ڏينهن
اڄ به تمام چڱيءَ طرح ياد آهن، جڏهن اسان سَر شام
ئي کٽون ٻاهر پڌر/اڱڻ تي رکي، هنڌ بسترا لڳائي،
مانجهيءَ سان ئي مانيءَ وغيره مان فارغ ٿي، هڪ
لالٽين جي وٽ کي ٻاري، اندر ڪوٺيءَ ۾ رکي ايندا
هئاسين، ۽ جيئن انڌيري رات شروع ٿي ويندي هئي ته
سائرن جي آوازن سان گڏوگڏ، اوندهه ۾ کٽن تي چڙهي
ويهي رهندا هئاسين. اندر ڪمرن ۾ نه ويهبو هو ته
متان بمباري ۾ گهر ڊهي پون ۽ وڌيڪ ڪو جاني نقصان
نه ٿي پوي. ڇو ته اسان جو گهر به ماشاءَالله چار
منزله هو، جنهن جي آخري منزل تي ڇت تمام ڪشادي هئي
۽ ٽوٽل گهر جي لمبائي ايتري ڊگهي هئي، جو مٿين
ماڙيءَ تي بيهبو هيو ته سکر جو پاسو درياهه سميت،
پل ۽ ٻيا نظارا نظر ايندا هئا. اهڙي صورتحال ۾
ماڻهو چوندا هئا ته ان گهر ۾ انڊين آرمي جا ڇاپه
بردار لهي ايندا. ڇو ته پيراشوٽ تان آسانيءَ سان
لهي پوندا، پر هاڻي اسان کي همت ۽ بهادري ڪرڻي
هئي. اسان اُن ئي گهر ۾ رهي پيا هئاسين، پر بليڪ
آئوٽ تي مڪمل عمل ڪندي، بلڪل به اوندهه رکندا
هئاسين، ماچيس جي تيلي به نه ٻارينداسين هئاسين.
ڇو ته اهو اسان جي ملڪ جي سلامتيءَ سان گڏ، اسان
جي شهر جي حفاظت لاءِ به ضروري هو.
مون توهان کي ٻڌايو ته مان ڇهين درجي جو امتحان
پاس ڪري، ستين درجي ۾ اچڻ واري هيم، جنگ جي دوران
اسان جو رزلٽ آيو ۽ مون پهرين پوزيشن کنئي، انعام
طور هيڊمسٽريس ”ڪتابن جي تحفي“ سميت ”پنج روپيا“
لفافي ۾ انعام طور ڏنا. گهر اچي، مون لفافو سنڀالي
رکيو، پر پوءِ مون اُهي پئسا بابا کي ڏنا ته توهان
گاسليٽ آڻي رکو، متان اسان کي اڳتي هلي ضرورت پوي.
6 سيپٽمبر تي شروع ٿيل جنگ، جنهن کي ”عرف عام ۾
”ٽينڪن واري جنگ“ به سڏيو ويندو آهي. سا الله جي
ڪرم سان وڃي 11 سيپٽمبر تي ختم ٿي. ٽينڪن واري جنگ
اِنڪري سڏي وڃي ٿي جو فوج جا 300 نوجوانن سيني سان
بم ٻڌي، زمين تي ليٽي پيا هئا ۽ جيئن ئي دشمن
ٽينڪون ڪاهي آيا ته مٿان چڙهڻ شرط بم ڦاٽي پيا.
اسان جي نوجوان فوجي جوانن شهادت ماڻي، ملڪي سرحدن
جو دفاع ڪيو.
طئه ٿيل هر واٽ کان انڪار آ،
وقت سان ازلئون رهيو تڪرار آ.
درد ۾ ٿو پيو اهوئي سارجي،
در ۾ جو ڪين حصيدار آ.
ڪو سرِ بازار ٽانڊن تي نچيو،
عشق ۾ ڪنهن جي قلندر وار آ.
اڌ سفر ۾ سو ڇڏي ويو اوچتو،
جنهن چيو تو بن ٻُسو سنسار آ.
تو چيو: ”هاڻي وکون ٿڪجي پيون“،
مون چيو: ”منزل اڳيان نروار آ.“
قافلا اڌ راهه ۾ رولي ڇڏن،
رهبرن کي ڪنهن ڏنو اختيار آ؟
چانديءَ ڇهندي چيو رابيل کي،
چئُه ڀلا ڪيئن جاڳندو هي پيار
مصطفيٰ زيدان: ڊاڪٽر غلام مصطفى
سولنگي
عرب دنيا جي عظيم
گلوڪاره
اُم ڪلثوم
ڪير
آهي، جيڪو اُم ڪلثوم جي نالي کان واقف نه هجي ۽
سڄي دنيا اُم ڪلثوم کي سڃاڻي، ماڻهن هن کي بيمثال
گلوڪاره کي فوق البشر سمجهيو. پر مون کيس هڪ عام
انسان ڏٺو، ماڻهو هن کي ڪنجوس ۽ بخيل سمجهندا هئا،
پر مون هن کي فياض ۽ سخي ڏٺو. ماڻهن هن کي اسٽيج
تي رنگن ۽ روشنين ۾وهنجندي ڏٺو، پر مون هن کي سندس
گهر جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڳوڙها وهائيندو ڏٺو، جڏهن
قاهره ۾ هن جي بنگلي کي ڊاٺو ٿي ويو ته ماڻهو سخت
ناراض ٿيا. ڇو ته ماڻهن ان بنگلي کي اُم ڪلثوم جي
يادگار طور باقي رکڻ ٿي چاهيو، جيڪڏهن انهن کي اها
خبر هجي ها ته اُم ڪلثوم وٽ ان عاليشان بنگلي جي
ڪابه اهميت نه هئي ته پوءِ اهي ايڏوشور ۽ غوغاءُ
نه ڪن ها. هن پاڻ ئي ان بنگلي کي ڊهرائي، اتي هڪ
وڏي عمارت تعمير ڪرائڻ ٿي چاهي. اڄ به سندس ذاتي
ڪاغذن ۾ ان رٿيل عمارت جا نقشا تلاش ڪري سگهجن ٿا.
جنهن گهر جي اُم ڪلثوم وٽ ڪا اهميت هئي ۽ هن ان
نشانيءَ طور محفوظ رکڻ ٿي چاهيو، سو هيو سندس
اباڻو گهر، ”هڪ ننڍڙو گهر“ ڪچين سرن سان ٺهيل ٽي
ڪمرا، جنهن مان هڪ ۾ سندس جنم ٿيو هو. ان گهر ۾
هوءَ پنهنجي پيءُ شيخ ابراهيم، ماءُ فاطمه ۽ ڀاءُ
خالد ۽ ڀيڻ سعيده سان گڏ رهندي هئي. ان ئي گهر مان
هن زندگي شروع ڪئي، وڏي ٿي ته ڳائڻ وڄائڻ سکيائين،
ان ئي گهر مان هوءَ گڏهه تي چڙهي، آس پاس جي ڳوٺن
۽ واهڻن ۾ شادي وهانءَ جا ڳيچ ۽ سهرا ڳائڻ ۽ مذهبي
مجلسن ۾ قرئت جي لاءِ ويندي هئي. ان ننڍڙي گهر کي
ڇڏي، هوءَ قاهره جهڙي وڏي شهر ۾ آئي. اتي هن جو
آواز هر شهر هر ڳوٺ، هر گهٽي ۽ هر گهر ۾ پهچي ويو،
پنهنجي ڳائڻ جي ڪمائي مان کٽ خريد ڪرڻ کان اڳ هوءَ
ڌرتيءَ تي سمهندي هئي. سندس پيءُ شيخ ابراهيم
چوندو هئس ته هوءَ ڀيڻ سعيده ۽ ماءُ سان گڏ، کٽ تي
سمهي. هو ۽ خالد ڌرتيءَ تي سمهن، پر هن ائين نه
ڪيو ۽ پئسا گڏ ڪري، کٽ وٺڻ تائين، هوءَ ڌرتيءَ تي
ئي سمهندي رهي. سڄي مصر ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي ته
اُم ڪلثوم هڪ ڪنجوس عورت آهي. اهوشور ان وقت به
مچايو ٿي ويو، جڏهن هوءَ ڳڄهي نموني ڪيترن ئي غريب
گهراڻن کي باقاعدي ماهوار وظيفو ڏيندي هئي، ان
ڳالهه کي هوءَ ائين لڪائيندي هئي، جيئن جنگي راز
لڪايا ويندا آهن. اهڙا هزارين غريب نوجوان هئا،
جيڪي هن جي وظيفي مان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڪيل بڻجي
ويا. هوءَ ايستائين انهن جي مدد ڪندي رهي،
جيستائين اهي وڏن عُهدن تي پهچي نه ويا.
هڪ ڀيري اُم ڪلثوم جي سازندن مان هڪ موسيقار مون
وٽ آيو ۽ چيائين، ”مصطفى! مون کي خبر آهي ته
تنهنجا اُم ڪلثوم سان گهاٽا لاڳاپا آهن. هاڻي
منهنجي ڏکن ڀري ڪهاڻي به ٻڌ ۽ اُم ڪلثوم جي اصلي
شڪل به ڏس. اڄ صبح مان صرف پنج جنيهه (مصري سڪو)
وٺڻ هن جي گهر ويس. گهر ۾ زال ۽ ٻار کي کارائڻ
لاءِ مون وٽ ڪجهه به ڪونهي، پر هن پٿر دل عورت پنج
جنيهه ته نه، پر هڪ جنيهه به اُڌارو نه ڏنو، مان
پندرنهن سالن کان مسلسل هن سان گڏ ساز وڄائي رهيو
آهيان، پر هن عورت کي مون تي ڪا ڪهل نه آئي.“
وڏي عجيب ڳالهه هئي. مان سازندي جي اها ڳالهه ٻڌي،
اچرج ۾ اچي ويس. ان ئي وقت کيس فون ڪيم. مون
پڇيومانس ته، ”ڇا اها ڳالهه صحيح آهي ته تون اڄ
صبح فلاڻي ماڻهوءَ کي پنج جنيهه اڌارا ڏيڻ کان
انڪار ڪيو؟“
هن وراڻيو ته: ”ها اها ڳالهه صحيح آهي.“ مون وري
پڇيو، ”ان ماڻهوءَ توکي اهو به ٻڌايو هو ته هن جي
گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.“
”ها ها ٻڌايو هئائين.“
مان چيو ته، ”اُم ڪلثوم تون اهڙي قسم جي عورت
آهين؟“
”مان بخيل ۽ ڪنجوس قسم جي عورت آهيان.“
”مان تنهنجي باري ۾ اها راءِ نٿو رکان. مون کي خبر
آهي ته اخلاص ۽ همدردي به تنهنجي اهم صفتن مان
آهن.“
نه تون مون کي ڪونه ٿو سمجهين.
”مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻيندو آهيان“
هن کان کل نڪري وئي ۽ چيائين،
”مصطفى! ڀلا اصل ڪهاڻي ٻڌايانءِ. اهو موسيقار صاحب
ڪالهه، ٽي سؤ جنيهه جوا ۾ هارائي آيو آهي، مان هن
کي جوا جو مزو چکائڻ ٿي چاهيان، ڀل ته پئيس خبر.
انڪري مان هن کي هڪ دمڙي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهيان.
ها! مان پنهنجي ڊرائيور جي هٿان، سندس زال کي پنج
جنيهه هڪ شرط تي موڪلي ڏنا آهن ته هوءَ پنهنجي مڙس
کي اصل نه ٻڌائيندي.“
موسيقار صاحب آئي وئي کي اُم ڪلثوم جي ڪنجوسيءَ جو
قصو لوڻ مرچ لڳائيندي ٻڌائيندو رهيو ۽ اُم ڪلثوم
ان ڳالهه تي خوش هئي ته ماڻهو هن کي ڪنجوس ئي
سمجهندا رهن ته ڀلو.
جڏهن به ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي بيماري جي خبر پوندي
هئس ته هڪدم اتي پهچي ويندي هئي ۽ شهر جي مهانگي
کان مهانگي اسپتال ۾ ان جو علاج ڪرائيندي هئي، پر
ان سان گڏ، هڪ ڌمڪي اها به ڏيندي هئي ته جيڪڏهن
ڪنهن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هوءَ هميشه جي
لاءِ ان سان ناتا ٽوڙي ڇڏيندي.
جيڪي به هن جي باري ۾ ڄاڻندا هئا، اهي ڳالهائيندا
نه هئا ۽ جيڪي ڳالهائيندا هئا، سي هن کي ڄاڻندا نه
هئا. هوءَ چوندي هئي ته مون کي ڪنجوس چوڻ وارا
اصلي منهنجا دوست آهن، انهن جي زبان درازي مون کي
ڪوڙن ضرورتمندن ۽ لالچي ماڻهن کان بچائي رکندي
آهي.
هن جي زندگي جو يادگار ڏينهن، اهو هو، جنهن ڏينهن
شاهه فاروق هن کي ”تمغئه ڪمال“ عطا ڪيو. هوءَ
نيشنل ڪلب ۾ ڳائي رهي هئي ته جلال الملڪ شاهه
فاروق، اتي تشريف فرما ٿيو.
اُم ڪلثوم جي آواز جو جادو بادشاهن ۽ فقيرن ۾ فرق
نه ڪندو هو. بادشاهه ان ئي وقت حڪم ڏنو ته اعلان
ڪيو وڃي ته اسان اُم ڪلثوم کي تمغئه ڪمال عطا ڪيون
ٿا. اهو پروگرام ريڊيو تان سڌو نشر ٿي رهيو هو،
عرب ملڪ جي لکين ماڻهن بادشاهه جي اعلان کي ٻڌو،
مصر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن فنڪار کي اهو
تمغو ڏنو ٿي ويو. اُم ڪلثوم خوش هئي، هن جا مداح
مسرور هئا، سڀ ماڻهو ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيا.
پر صرف شاهي خاندان جون عورتون ناراض هيون، امير
وزير پڻ حيران هئا ته هڪ ڳائڻيءَ کي اهڙو وڏو
انعام ڪيئن ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ جن ماڻهن کي
تمغئه ڪمال عطا ڪيو ويو هو، سي سڀ مٿي کي هٿ ڏئي
ويهي رهيا ۽ فيصلو ٿيو ته سمورا تمغه بادشاهه جي
درٻار ۾ واپس پيش ڪيا وڃن. وزير اعظم جي گهرواريءَ
رٿ پيش ڪئي ته شاهه فاروق سان تحريري احتجاج ڪيو
وڃي.
اُم ڪلثوم اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ڪنن سان ٻڌي رهي
هئي. آخر هوءَ به انسان هئي، ايتري وڏي توهين نه
برداشت ڪري سگهي ۽ سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ايتري ۾
ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، اُم ڪلثوم رسيور کنيو، ”تو
کي تمغئه ڪمال مبارڪ هجي. اُم ڪلثوم! مان اڄ تمام
گهڻو خوش ٿي آهيان ۽ ان سان منهنجي عزت ۾ واڌارو
ٿيو آهي. مون وٽ به اهو ئي تمغو آهي، جيڪو توکي
مليو آهي.“ اهو مصر جي مادر ملت ”صفيه زغلول“ جو
آواز هيو. اُم ڪلثوم جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽
سڏڪندي، چيائين، ”اي عظيم امڙ! توهان جي اها گفتگو
منهنجي لاءِ ان تمغي کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي.“
هن جو مرده ۽ مايوس روح هڪ ڀيرو وري جاڳي پيو. مصر
جي عظيم خاتون، عظيم اڳواڻ سعد زغلول جي گهرواري
صفيه زغلول هن جي پشت پناهي ڪري رهي هئي ۽ هن جي
ڍال بڻجي وئي هئي.
اُم ڪلثوم مصر جي مادر ملت جو ٿورا مڃڻ سندس گهر
وئي ۽ اهڙيءَ طرح ٻنهي جي وچ ۾ هڪ گهرو تعلق پيدا
ٿي پيو. صفيه کي اُم ڪلثوم جو آواز ڏاڍو پسند هو،
خاص طور تي ان جا ديني ۽ قومي گيت هن جي روح ۾ لهي
ويندا هئا. هڪ گيت تي هوءَ روئي ويهندي هئي.
”ذکرو سعداً“ (سعد کي ڪي ياد ڪريو.)
ڪو وقت هيو جو مان جيل ۾ سياسي قيدي هئس، منهنجي
سموري ملڪيت سرڪار ضبط ڪري ڇڏي هئي. مون کي سخت
پهري هيٺ رکيو ويو هو، سڀ دوست منهن موڙي چڪا هئا،
آزاديءَ کان محروم هئس ۽ پائيءَ پائيءَ جو محتاج
هئس. ڪنهن به منهنجي مدد ڪونه ڪئي.
اهڙي حالت ۾ مون کي خيال آيو ته اُم ڪلثوم کان مدد
گهري ڏسجي. مون کيس نياپو موڪليو ته مون کي سؤ ڏيڍ
جنيهه گهرجن ۽ اهو به چورائي موڪليو ته، جيڪڏهن
ڪنهن سبب جي ڪري اها گهرج پوري نه ڪري سگهي ته مون
کي ڪوبه ڏک نه ٿيندو ۽ توکي ڪابه ميار نه ڏيندس.
اُم ڪلثوم جلد ئي پنج سؤ جنيهه موڪلي ڏنا ۽ اهو
چورائي موڪليائين ته، ضرورت جي وقت پنج سؤ هزار
جنيهه به ڏياري موڪليندي.
صدر جمال ناصر جو دور هو، مون کي سندس جي حڪم تي
قيد ۾ رکيو ويو هو. منهنجا دوست صدر جي اڳيان
منهنجيون خاميون ٻڌائي يا وري پنهنجي لاتعلقي جو
اظهار ڪري، پاڻ کي سرخرو ڪري رهيا هئا. پر هڪ اُم
ڪلثوم هئي، جنهن صدر ناصر کي چيو ته، مان ان شخص
کي ايترو سڃاڻان ٿي، جيترو پنهنجي پاڻ کي. هي شخص
ڪڏهن به ملڪ جي مفاد جي خلاف ڪم نٿو ڪري سگهي. صدر
ناصر جي پيشانيءَ تي گهنج پئجي ويا. پر اُم ڪلثوم
پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيو. مون کي جيل مان آزاد
ڪرائڻ لاءِ هن صدر کي چيو. وزيرن سان ملي، پر ڪوبه
کڙُ تيل نه نڪتو.
هڪ شام جو مان پنهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بند هئس ته هڪ
سپاهي آيو ۽ مون کي سڏي چيائين ته توکي جيل جو وڏو
ڊاڪٽر سڏي رهيو آهي. مون کي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ آندو
ويو. سمورو ڪمرو قيدي مريضن سان ڀريو پيو هو.
ڊاڪٽر جي وات مان باهه جا اُلا نڪري رهيا هئا. هن
مون کي سخت آواز ۾ حڪم ڏنو ته، ”جلدي ڪري قميص
لاهي ميز تي سمهه“ مان قيدي هئس، پر پوءِ به ڊاڪٽر
جو سخت لهجو مون کي ناگوار گذريو، ڊاڪٽر اسٽيٿو
اسڪوپ منهنجي سيني تي رکي، ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ
لاءِ چيو ۽ منهنجي ڪن وٽ وات جهلي سُس پُس ڪيائين،
”اُم ڪلثوم نياپو موڪليو اٿئي ته ايندڙ خميس تي
هوءَ ٽي ويءَ تان هڪ گيت ڳائي رهي آهي، جنهن جا
ڪيترائي بند صرف تنهنجي لاءِ ئي آهن.“
ڊاڪٽر جي ڪونين کان وڌيڪ ڪڙي زبان ماکيءَ کان به
مٺي بڻجي چڪي هئي.
ٻي شام تائين جيل ۾ موجود سڀ قيدي ان ڳالهه تي
هنگامو ڪرڻ لاءِ تيار هئا ته آمريڪي حڪومت جو جيل
لاءِ تحفي طور ڏنل ٽي وي سيٽ ٺيڪ ڪرائي ڏنو وڃي.
جيل جي انتظاميه پنهنجوازلي عذر پيش ڪيو ته بجيٽ
ناهي. قيدين پنهنجا لٽا، ڪپڙا، سگريٽ ۽ صابڻ وڪڻي،
ٽي.وي سيٽ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ حامي ڀري ته جيئن هو
اُم ڪلثوم جو گانو ٻڌي سگهن. انتظاميه صورتحال کي
بگڙندي ڏسي، ٽي.وي سيٽ ٺيڪ ڪرايو. مان پنهنجي
قيدخاني ۾ ويٺو انتظار جي گهڙيءَ گهڙيءَ جو عذاب
ڀوڳي رهيو هئس. شام جو قيدخاني جون سيخون، جيل
حڪام جا مڪروهه چهرا، بندي خاني جون ڀتيون ۽ سڀ
ڪجهه هوا ۾ پکڙجي ويو هو، جيڪڏهن ڪجهه هو ته اهو
اُم ڪلثوم جو آواز هو:
مون کي پنهنجي آزادي ڏيو!
منهنجي هٿن کي آزاد ڪريو.
مان سڀ ڪجهه ڦرائي چڪو آهيان
مان پاڻ وٽ ڪجهه به بچائي ناهي رکيو
آهه! هي هٿڪڙيون!
منهنجون ڪرايون رتو ڇاڻ آهن
مان باقي قيد ۾ ڇو رهان
منهنجي لاءِ باقي ڇا رهيو آ
مان انهن واعدن جو ڪهڙو ڀرم رکان
جن کي تو پورو نه ڪيو
هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟
هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟
هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟؟
هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟؟؟
ماڻهو چئي رهيا هئا ته اُم ڪلثوم سندن لاءِ ڳائي
رهي آهي، پر هڪ قيدي ضد ڪري رهيو هو ته اُم ڪلثوم
صرف ۽ صرف هن لاءِ ڳائي رهي آهي.
اسان صرف جيلن ۾ ئي قيد نٿا ڪيا وڃون، پر زمان ۽
مڪان ۽ پنهنجو وجود به ته هڪ قيد خانو آهي. اُم
ڪلثوم جو آواز اڄ به پُڇي رهيو آهي ته:
هي قيد ڇا لاءِ ۽ ڇو؟
هي ڇا لاءِ ۽ ڇو؟؟ |