ڪومليءَ ڇهين سال ۾ پير پاتو ته ماسيءَ کيس اسڪول
۾ داخل ڪرايو ۽ هوءَ روز وليءَ سان گڏجي اسڪول وڃڻ
لڳي. نمي به وڏي ٿي وئي هئي. هوءَ هاڻي رئو ويڙهي
رکندي هئي، ان لاءِ ته جيئن سندس ڇاتيءَ تي ڪنهن
جي نظر نه پوي. پهرين کان به وڌيڪ خاموش ٿي وئي
هئي. خاموشيءَ سان گهر ڪم ڪار لاهي. ڀرت ويهي
ڀريندي هئي.
ڪوملي ۽ ولي اسڪول مان موٽندا هئا ته سندن ٿيلها وٺي رکندي هئي
۽ کين ماني آڻي ڏيندي هئي.
شامڙيءَ جو وري کين اسڪول جا ڪم پڪا ڪرائيندي هئي. ۽ راند
کيڏئيندي هئي.
ماسيءَ تان به گهر جو چڱو ڪم لٿو پيو هوندو هو. هوءَ ويٺي رليون
سبندي هئي. ماسيءَ جو شروع کان ئي ارادو هو ته
ڪومليءَ کي هوءَ پنهنجي وليءَ جو ڪنوار بڻائيندي.
نميءَ سان جڏهن اهو ذڪر ڪيائين ته نميءَ خوش ٿيندي
چيو، ماسي، تون وڏي آهين جيڪو به فيصلو ڪندينءَ،
اسان جي حق ۾ بهتر هوندو.
ماسڙ کي ٻئي شهر ۾ نوڪري هئي. هو ڪڏهن هفتي ته ڪڏهن مهيني ۾ چڪر
پيو لڳائيندو هو. وليءَ پنج درجا پاس ڪيا ته پاڻ
وٽ گهرائي ورتائينس ۽ اتي هڪ سٺي اسڪول ۾ داخلا
وٺي ڏنائينس. ماءُ جي گهڻي سڪ لڳندي هيس ته ٻن ٽن
ڏينهن لاءِ اچي رهي ويندو هو. نه ته، موڪلن ۾ ئي
ايندو هو.
هڪ ڏينهن، نميءَ ڀرت ويٺي ڀريو ته ٻاهريون در ٺڙڪيو. ماسي
ڪوٺيءَ اندر هئي، نميءَ اٿي وڃي دَرُ کوليو.
دروازي تي ٻه اڌڙوٽ عمر جا مرد بيٺل هئا. ٻئي
نميءَ جي لاءِ اڻڄاتل هئا.
نميءَ پڇين، ڪهڙو ڪم اٿوَ؟
ڪريم بخش جو گهر هيءُ آهي؟ هڪڙي مرد پڇا ڪئي.
”اها، توهان ڪير.....؟ نميءَ حيت مان ٻنهي ڏي نهاريو.
”اسان کي اندر اچڻ ڏي امان، اسين سڀ احوال ٻڌايون ٿا،“
هڪڙي مرد چيو. نميءَ، ماسيءَ کي سڏ ڪيا ته هوءَ ڪوٺيءَ مان نڪري
آئي. دروازي وٽ ٻن ڌارين ماڻهن کي بيٺل ڏسي وڌي
آئي. ”ڪير آهيو توهان، ڪهڙو ڪم اَٿوَ؟“ ماسيءَ کي
ڏسي نمي دروازي کان هٽي وئي.
”ڀيڻ، اسان کي اندر اچڻ ڏيو اسين سڀ ڪجهه ٻڌايون ٿا.“
ماسيءَ ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ چيو اچو، ۽ پاڻ دروازي کان هٽي بيٺي ۽
اهي ٻئي اندر هليا آيا. کين کٽ تي ويهاريندي
ماسيءَ پڇيو.
هاڻي ٻڌايو ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو!؟
”ڀيڻ، ڳالهه هيءَ آهي چند سال پهرين مولوي صاحب توهان وٽ ٻه
ڇوڪريون ڇڏي ويو هو، اهي اسان جون ڀاڻيجيون آهن،
اسين انهن جا ماما آهيون.“
ان ڳالهه جو توهان وٽ ثبوت ڪهڙو آهي؟ ماسي گهٻرائجي وئي. ائين
لَڳس ڄڻ اهي دوکيباز هجن ۽ ڪوملي ۽ نميءَ کي هن
کان کسڻ آيا هجن.
”ڀيڻ، ثبوت ٻيو ته اسان وٽ ڪو ڪونهي باقي اسان جي اکين جا لڙڪ
ان ڳالهه جي سچائيءَ جو ثبوت آهن.“
اسين سچا آهيون ڀيڻ، اسان تي اعتبار ڪريو. ائين چوندي اکين مان
ڳوڙها وهي آين. نميءَ، جڏهن غور سان ٻنهي جي چهرن
۾ ڏٺو ته کيس سندس چهرن جي نقشن ۽ ماءُ جي مهانڊي
۾ ڪافي هڪجهڙائي نظر آئي. هن کي يقين ٿي ويو ته
اهي هن جا پنهنجا آهن ڪي ڌاريا ماڻهو ناهن. پر
ماسيءَ جي چوڻ کان اڳ، هن ڪجهه به نه ڪڇيو.
هوءَ، جتي بيٺي هئي، اتي ئي بيٺل رهي ۽ پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندي رهي. ڀيڻ، جيڪڏهن اڃا به توهان کي
يقين نه ٿو اچي ته پوءِ اسين اٿون ٿا. توهان مولوي
صاحب کان اسان بابت پڇي پڪ ڪجو. اسين وري
اينداسين. هو مايوس ٿي اٿڻ لڳا. نمي! ماسيءَ نميءَ
جو نالو وٺي نميءَ ڏانهن نهاريو ته نمي ڊوڙي اچي
مامن سان ملي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. هو ٻئي چرين
جيان نميءَ جي مٿي کي چميون ڏيڻ لڳا. ٻنهي ي اکين
مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.
”ڏسُ ته، ساڳي ماءُ ويٺي آهي. صفا مريم جهڙي آهي. ائين ٿو لڳي
اسين ڄڻ پنهنجي ڀيڻ سان پيا ملون.“
هاها، صفا ان تي وئي آهي. ساڳيو نڪ، ساڳيون اکيون، چپ،
ڏند.......فقط رنگ جو فرق آهي. هيءَ ڀوري آ ۽ اسان
جي ڀيڻ سانوري هئي.
نمي مامن سان ملي روئي به رهي هئي خوش به ٿي رهي هئي. ماسي به
خوش هئي ته نميءَ کي پنهنجا ماما ملي ويا هئا.
پوءِ نمي، مامن سان گڏ ويهي ماءُ جون ڳالهيون ڪرڻ
لڳي. ماسي چانهه ٺاهڻ هلي وئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ
ڪٿي آهي؟ مامي نميءَ کان پڇيو. اُها وليءَ سان
گڏجي شهر وئي آهي شيءِ وٺڻ. ڪالهه کان وٺي جيئن
ولي آيو آهي ته ڪوملي گڏگڏ اٿس. هڪ منٽ لاءِ به نه
ٿي ڇڏيس. نميءَ، خوش ٿيندي مامن کي ٻڌايو.
توهان ٻئي هتي خوش ته آهيو نه؟ مامي پڇا ڪيس. ها ماما، هيءُ گهر
اسان جو پنهنجو گهر آهي. نه رڳي ماسي پر ماسڙ به
گهڻو ڀائيندو آهي. اسان کي هتي ڪا به تڪليف ڪانهي،
اهو ٻڌائيندي خوشيءَ مان ڳوڙها وهي آيس.
هن گهر جي مالڪياڻي ڏاڍي نيڪ عورت لڳي، توهان يتيم ۽ بي سهارا
نياڻين کي پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏئي وڏو نيڪ ڪم ڪيو
اٿائين، الله اجر ڏيندس.
ماسي چانهه کڻي آئي پئي. اهي الفاظ ٻڌائين ته چيائين، ”ادا، اهو
ڪنهن تي ٿورو ڪونهي، مون پنهنجو فرض پورو ڪيو
آهي.“
پوءِ به ڀيڻ، اڄڪلهه ڪي ٿو ڪنهن لاءِ ايترو ڪجهه ڪري. توکي شابس
آ ڀيڻ. ”شابس ڪهڙي ادا، هي ته منهنجون ڌيئرون آهن.
مان ماءُ آهيان هنن جي. توهان جي ڀيڻ کي مون
پنهنجي ڀيڻ بڻايو هو. منهنجي ڀينڙيءَ جي نشاني
آهن. مون کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پياريون آهن.“
ماسيءَ ائين چيو ته هن مان هڪ ڄڻي چيو، پوِءِ ته
ادي، تون به اسان جي ڀيڻ آهين.“
”ها ادا، مون کي پنهنجي ڀيڻ ئي سمجهو.“ ماسيءَ جي اکين ۾ به لڙڪ
اچي ويا.
هنن چانهه پي ورتي ته نميءَ ٿانو کنيا ۽ رڌڻي ڏانهن هلي وئي.
نميءَ رڌڻي ۾ ٻڌو، سندس مامو چئي رهيو هو ته اسان
جي ڀيڻ اسان جا گهر آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجو گهر ڇڏيو
پر اسان جا گهر پوءِ به آباد ٿي نه سگهيا. سان مان
ڪنهن به شادي نه ڪئي. ڀيڻ جي گهر ڇڏڻ کان پوءِ ته
صفا اجڙي وياسين. جمال پاڻ کي ڦاهو ڏئي ماري ڇڏيو.
ٻه ڀائر ٽي بي وگهي مري ويا. هڪڙو روڊ حادثي ۾ مري
ويو. وڏو ڀاءُ جيئن ويو ته وري مُنهن ئي نه
ڪيائين. ستن ڀائرن مان اسان ٻه ڀائر وڃي بچيا
آهيون. مامي جي ڳالهه ٻُڌي نميءَ روئي ڏنو.
ٿوري دير کان پوءِ هو وڃڻ لڳا ته ماسيءَ نميءَ کي سڏ ڪيو ۽ هوءَ
ڳوڙها اگهي ٻاهر آئي.
ٻنهي امن واري واري سان نميءَ جي مٿي تي چمي ڏئي کانئس موڪلايو.
پوءِ ماسي ڏانهن مُنهن ڪري هڪڙي چيو، ”ادي! اسان
کي جي گهڻي سڪ لڳي ته اسين ملڻ جي لاءِ اچي سگهون
ٿا. نه!؟“ ”ها ادا ڇو نه، مان به ڀيڻ آهيان توهان
جي.“ ماسيءَ خوش ٿي جواب ڏنو.“
اوڏي مهل، ڪومليءَ ۽ ولي هٿ هٿ ۾ ڏئي اندر داخل ٿيا. پنهنجي گهر
۾ اوپرن ماڻهن کي ڏسي دروازي وٽ ئي پيهي رهيا.
”اَچُ اَچُ ڪوملي. اسان جا ماما آيا آهن، هنن کي سلام نه
ڪندينءَ.“ نميءَ، خوش ٿيندي چيو.
”نه، نه، هي ڪنا ماڻهو آهن، مون کي نه ٿا وڻن. مان سلام نه ڪندي
مان. مون کي ڊپ ٿو لڳي. ”ائين چئي ڪوملي ڊوڙي
ڪوٺيءَ اندر هلي وئي. نميءَ ڄاتو ٿي ته ڪوملي ٻار
آهي، پر پوءِ به هن کي اهو سٺو نه لڳو. ڏک سان گڏ
شرمساري به ٿي رهي ھيس. مامن ڏانهن نهاريائين ته
ٻئي مرڪي رهيا هئا. (هلندڙ).
”چنڊ ۽ اجرڪ“ تي
تبصرو
علي حسن سرڪي
چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي شاعري نجمه نور ڦلپوٽو
جهڙيءَ طرح شام جي پوئين پهر جو لهندڙ سج اکين کي وڻندو آهي،
تهڙيءَ طرح سج لهڻ کان پوءِ ڪنهن اڀرندڙ چنڊ و
منظر پڻ اکين کي پيارو لڳندو آهي. چنڊ سونهن جي
علامت آهي، ان چنڊ جي روشني پوري عالم لاءِ
رنگينيءَ و سبب به بڻيل آهي، جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ
آڪاش تي نروار ٿيندو آهي ته ان رات کي ٻين لفظن ۾
پورنماسي رات يا چانڊوڪيءَ واري رات به چيو ويندو
آهي. اها ات ڪيڏي نه سُدر هوندي آهي، جڏهن چنڊ
پنهنجي جوڀن ۾ هوندو آهي. منهنجي خيال ۾ شايد ئي
ڪو اهڙو شاعر هجي، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو
ذڪر نه ڪيو هجي، پوءِ اهو ذڪر سڌيءَ طرح هجي يا اڻ
سڌيءَ طرح. مطلب ته ان چنڊ جي سونهن جي ساراهه هر
ڪنهن پئي ڪئي آهي. نئين ٽهيءَ جي نوجوان شاعرن جتي
چنڊ جي چاندوڪيءَ کي محبوبه جي ادائن سان ڀيٽا ڏني
آهي. اتي اڄ اسان جي عورت شاعرائن به ان چنڊ کي
پنهنجي محبوب جي حسن ۽ سوڀيا سان تشبيهه ڏيندي
سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. سنڌ
ڌرتيءَ جي ڄائي نجمه نُور ڦلپوٽو به انهن شاعرن ۾
اچي وڃي ٿي جن جي شاعريءَ ۾ پڻ ان چنڊ جو ذڪر
مختلف پس منظرن ۾ ملي ٿو، تڏهن ته پنهنجي پهرئين
شايع ٿيل شعري مجموعي جو نالو به ”چنڊ ۽ اجرڪ“
رکيو اٿائين.
نجمه نُور جي شاعري ڪنهن معصوم مُرڪ جيان من کي موهي ٿي ۽سندس
اڇا اجرا احساس ڪنهن هلڪي بارش جي رم جهم تي مَڌرُ
سُرن جيان روح کي راحت بخشين ٿا، هونئن به شاعري
احساساتي ۽ دلين جي ترجمان هوندي آهي. انهن احساسن
۽ جذبن جي ڪسوٽيءَ تي شاعريءَ کي پرکيو ۽ سمجهيو
ويندو آهي. نجمه نُور ڦلپوٽو هن گُهٽ ۽ ٻوسٽ جي
ماحول ۾ وڏي جرئت ۽ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ
ته شاعره طور اسان جي سامهون اُڀري آئي آهي ٻيو ته
وڏي ڳالهه ته هن همت ڪري پنهنجا اهي شاعراڻا خيال
هڪ شعري مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرائي سنڌي سماج ۾
سنڌي شاعرائن کي اڳتي اچڻ جو هڪ پليٽ فارم پڻ مهيا
ڪيو آهي. سندس چنڊ جي چانڊان جهڙا من کي موهيندڙ
خيال ڏسو جهن ۾ پاڻ چنڊ سن گڏ تارن ۽ ڪُتين جو ذڪر
ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ ڪيو اٿائين.
ڪڏهن چنڊ اڀري، اڱڻ کي اجاريو،
مڙئي ”نُور“ نالو، رکائي هلياسين.
چنڊ ۽ تارا، ڪتيون، توتان پرين گھوري ڇڏيان،
”نُور“ توسان ئي ته آھن، سڀ نظارا معاف ڪر.
نجمه نُور ڪٿي وري آڪاش جي چنڊ کي سڏڙا ۽ واڪا ڪندي ھن جي دنيا
کي چوکو ۽ نرالو سمجھندي، پنھنجي من جي مجبوري
سامھون آڻيندي ٻاٽ ۾ لاٽ جي منتظر نظر اچي ٿي، پر
چنڊ ڏُور آڪاش ۾ مغروريءَ جو ويس اوڍي سندس ھڪ به
نه ٿو ٻڌي. تڏھن ته پاڻ چنڊ کي ڏوراپو ڏيندي چوي
پئي:
آڪاش جي چنڊ کي مون پئي سڏيو،
ويو واٽ وٺي مجبوريءَ ۾،
ھُن ھر ڀير ڪيئي ماڳ مٽيا،
دنيا جي رڳو دستوريءَ ۾.
جي ٻاٽ ۾ ٿئي ھا، لاٽ ته پوءِ،
ڇو جان جھُري ھا، جھوريءَ ۾،
جذبن ۾ خوشبوءَ جي رنگت ۽ ڪنھن ڪرڻي جو احساس ڀريو انداز، مُک
تي ھڪ سوال بڻجي سامھو ايندو آھي. نجمه نُور
اڪيلائيءَ جو سفر ۾ جڏھن ڪنھن ياد سان گڏ ڪنھن باغ
۾ پاڻ کي وندرائڻ لاءِ رکون کڻي ٿي ته سندس ڪوئل
جي ڪُوڪ ۽ مٺڙي ٻوليءَ ورا مشابھت ڪيڏي نه وڻندڙ ۽
پياري آھي، سندس من ۾ وسيل ڪنھن جي ياد کي منظر
عام تي آڻڻ وارو خيال اڃان به نجمه نُور جي
يادگيريءَ کي وڌائيندي، دل جي ڳالهه کي هڪ سواليه
جملو بڻائيندي ڪيڏو نه حسين غزل تخليق ڪيو آهي؟
منهنجي جزبن ڇا ڌوم مچائي آ؟
تنهنجي خوشبو منجهن سمائي آ.
ڇو نه چؤڏس، سُهائو سُونهن ڪري،
شمع احساس جي جلائي آ.
تنهنجي مُک تي سوال بڻجي وئي،
منهنجي دل ۾ جا ڳالهه آئي آ،
باغ ۾ تنهنجي ياد هئي مون سان،
جيڪا ڪوئل کڻي هُلائي آ.
حسين شام جي پس منظر ۾ مهراڻ جي موجن سان گڏ ڪنهن سهاري جي تلاش
۾ نڪتل نجمه نُور ان سرمئي شام جي سرهاڻ ۽ ساهه کي
سڪون بخشيندڙ ٿڌڙي هوا جي جهوٽن سان گڏ، جڏهن پکي
پنهنجن آکيرن ڏانهن راهي ٿين ٿا ته ان پل سندس چپن
تي چاهه جو چنگ چُري پئي ٿو ۽ ان سڪ جي فڪر ۾ شفاف
چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي چاهت ۾ نينهن جو پسڻ لاءِ پاڻ
ڪيڏي نه آتي نظر اچي ٿي.
اچو ته سندس هي غزل ڏسون.
سُهائي شام ۽ مهراڻ جو ڪنارو هجي،
ڀري جهان ۾، منهنجو به ڪو سهارو هجي،
پکي پکڻ، ڪري واهيرا پيا وڻن ڏي ورن.
چُري پيو چاهه جو چنگ، ڪنڌ هجي ۽ ڪٽاروهجي،
لباس لال مٽي جيئن سياهه ڪن ڪرڻا،
شفاف چنڊ جي چانڊاڻ جو پنارو هجي.
نجمه نور جي شاعري قدرتي نظارن جي حسن سان ٽمٽار نظر اچي ٿي.
لڳي ٿو ته پاڻ قدرتي نظارن ۽ منظرن جو مشاهدو
ڀرپور انداز ۾ ڪيو اٿائين. اهو ئي سبب آهي جو سندس
شاعريءَ ۾ جابجا چنڊ، ستارن، ڪَتين، فضائن، هوائن،
پرهه ڦٽيءَ جي ويل ماڪ ڦڙن جي گلڙن کي تازگي
بخشيندءَ، حسين ورکا، ٻوٽن جي ٽارين جي لُڏندڙ لام
تي پکين جي لات جو سُرور وارو سمو، ڪوئل جي مٺڙي
لات تي باغ ۾ ڪنهن جي ياد تي جهومڻ. مطلب ته اهڙا
ڪيئي قدرتي منظر نجمه نور جي شاعريءَ ۾ اوهان کي
پڙهڻ لاءِ ملندا. جيڪي هڪ ته سندس اعليٰ مشاهدي جو
نچوڙ پيش ڪن ٿا. ٻيو ته سندس مطالعي جي پروڙ به
ڏين ٿا. اداسيءَ جي لمحن ۾ ڪنهن کي ڪجهه به ڪونه
وڻندو آهي. پر هڪ شاعر تصور جي دنيا ۾ اميد جو
دامن ڪڏهن به نه ڇڏيندو آهي. اسان جي خوبصورت
شاعره نجمه نور پڻ اهڙي اداسيءَ واري لمحي ۾ آس جي
واڳ ۾ خوشين جي منتظر نظر اچي ٿي.
اداسيءَ جا لمحا سدا ڪين رهندا،
خوشي خود اسان ڏي، هلي پاڻ ايندي،
فضا ۾ ٿي مستي، تمنا، گُلن جي،
ته شبنم، چمڻ لئه، گلن کي سڏيندي.
کُليا مُک، ڪلين جا، صبا خوش نوا ٿي،
سُڳنڌ گُلن کي کڻي پاڻ ڏيندي.
۽ ٽارين تي ٽهڪي، پکي مُرڪي ملندا،
۽ گيتن، چوڻ جي، شروعات ٿيندي.
شاعر جي دل ڏاڍي حساس ٿيندي آهي، هو هميشه ٻين کي خوش ڏسڻ
چاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح شاعر نجمه نور جي دل به
نرم ۽ پشم جيان نازڪ ڀاسي ٿي ۽ هوءَ پڻ ٻين جي
خوشين لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر اچي ٿي. غمگين ماڻهن
جي مُک تي هوءَ مُرڪ ڏسڻ چاهي ٿي. غريب ۽ لاچارن
جو درد سندس رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، تڏهن ته پاڻ
پنهنجا سمورا سُک انهن ماڻهن کي سونپڻ چاهي ٿي.
جيڪي هن دل وڍيندڙ دنيا ۾ ڪو سُک چين حاصل نه ڪري
سگهيا آهن. اها هڪ دريادلي ۽ فراخدليءَ جي نشاني
آهي جو ٻين جي خوشين لاءِ پنهنجو پاڻ ڪو ارپي ڇڏي
نجمه نور به پنهنجي هن غزل ۾ شادابي ڏسڻ جي خواهش
مند آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته:
غمگين تنهنجو آ، لهجو اهڙو ڇو؟
توکي شاداب ڏسڻ چاهيان ٿي.
تنهنجي پَلڪُن تي، بُوندون آهن جي،
سي مان، هٿڙن سان اگهڻ چاهيان ٿي
توکي پنهنجا، سمورا سُک سونپي،
تنهنجا سڀ سُور سهڻ چاهيان ٿي.
توسان رهندي اداس لمحن ۾ مان،
پنهنجا ڏُک دُور ڪرڻ چاهيان ٿي.
پر کوٽن ۽ ڌوڪي باز ماڻهن جي وچ ۾ ڪو سادو ۽ سچو ماڻهو ڀلا
ڪهڙيءَ طرح سک چين جو ساهه کڻي. نجمه نُور جو اهڙو
هڪ سماجياتي غزل پڙهون جنهن ۾ هن دؤر جو منظر ڪهڙي
نه سٺي طريقي سان چٽيو اٿائين:
ماڻهو ڪيڏا من جا کوٽا،
بتا، سبتا، کوهه جا لوٽا.
چوريءَ، چٽ، يا پنڻ تي سندرو،
بي غيرت ٿيا، ڏنڊا ڏوٽا.
اهڙا ”نُور“ اڻڄايا گهوريا،
پيءُ، ماءُ تي به کڻن جي سَونٽا.
شل سنڌڙيءُ جي هيءَ شاعر پنهنجي سوچن ۽ قلم وسيلي اڃا به مارو
ماڻهن جي دکن، دردن ۽ سڏڪن جي ڪهانيءَ کي نروار
ڪندي رهي ۽ سندس قلم کي خدا تعاليٰ اهڙي جوت بخشي
جنهن جي لاٽ سان ٻاٽ جهڙي هن سماج کي اها روشني
ملي جنهن جي ه دنيا کي اشد ضرورت آهي ۽ سندس قلم
مان حق ۽ صداقت جا هوڪا هميشه گونجندا.
شل ويڙها وَسن، منهنجي مارن جا،
منهنجي ساهه جي چنڊ ستارن جا.
ھوءَ شوخ ۽ چنچل...
ھوءَ شوخ ۽ چنچل، ٿورڙي مغرور آرٽس فيڪلٽيءَ جي، سينٽرل ڪينٽين
۾ دروازي جي سامھون، ۽ دريءَ جي پاسي واري بئنچ تي
ويھي چؤطرف، نيڻ پکي، اُڏاري ٿي
جيئن، جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي تيئن، تيئن سندس مُک تي مايوسيءَ
جا پاڇا، وڌندا ٿا وڃن. آس جا ڏيئا اُجھندا ٿا وڃن
آس جا ڏيئا اُجھندا ٿا وڃن ۽ من جا ڪنول،
ڪومائجندا ٿا وڃن. ۽ سندس چھري تي ڪنھن ڪھاڻيءَ جا
نشان ڇڏيندا ٿا وڃن.
ھوءَ ننڍڙي ڇوڪر (بئري) کي سڏ ڪري ٿي ۽ پُڇي ٿي:
”ڇا ھو ڪلھ آيو ھو؟“
”منھنجو پڇيو ھيائين؟“
”ڇا ھو اڄ ايندو؟“
”جي اچي ته چئجانس!
مان اُتي ئي ويٺي آھيان،
سندس انتظار ۾....“
ھُن جا مغرور نيڻ، نماڻي نھارَ ۾ بدلجندا ٿا وڃن وھم وڌندا ٿا
وڃن.
جيئن جيئن وقت تيزيءَ سان، گذرندو ٿو وڃي تيئن، تيئن سندس منُ،
مُنجھندو ٿو وڃي. ائين خوابُ ھڪ، ھڪ ٿي، ڀورا وڃي
ٿو دل ۽ دماغ جي جنگ ۾ زخمي ٿي، ھوءَ ٿڪل قدمن سان
پوائنٽ ڏانھن وڌي ٿي ۽ سوچي ٿي!!!؟
”الائي ڇو!؟
ھو ڳوٺان وريو ڪونه آھي!!!
اندر جي اُداسي ٻُڌائي ٿي مون کي:
لڳي ٿو ڪري کيس مجبور مائٽن
وٺي ڪا وٺي ته نه ڏني اٿس
ڪيئن بي دليءَ سان،
ڪئي ھُن ھا ھوندي!!!
ڪري ويس ڪارو
بڻيو گھوٽ ھوندو_
ميندي لڳائي، نه ئي مُوڙ پائي
سگھيو ھوندو!!!
ڏنا ڏانوڻ جنھن پل ھوندس سالين
تنھن پل دل ۾ ڏاڍو رُنو ھوندو!!!
مٺو کير ڄڻ زھر سمجھي اوتيو ھوندئين
لڌيون جنھن پھر ۾ ھوندئين لائون
ياد آيون ھوندس منھنجون وفائون!!!
ڏسي آرسيءَ ۾ پنھنجي ونيءَ کي
منھنجو عڪس اکڙين ۾
اَٽڪيو ته ھوندس!!!
ڪپھ چونڊڻ
۽ چانور ڏيڻ، وٺڻ وارين
رسمن ويل،
سندس مينديءَ رتل ھٿڙن کي ڇھندي،
ڪيل مون سان واعدا، وچن ياد
آيا ته ھوندس!!!
۽ ونيءَ کي حق سمجھي
جيئن ئي ھن ڏي وڌيو ھوندو
ياد منھنجيءَ، نانگ بڻجي
کيس ڏنگيو ته ھوندو!!!
پوءِ پڪ پاسو ورائي،
ننڊ جو ڪري بھانو
رات ساري سوچيو ھوندئين!!!
منھنجي لاءِ لوچيو ھوندئين!!!
ڪيئن ڪٽي ھيءَ رات ھوندئين؟
شال جتي به ھو ھُجي،
خوش ھُجي منھنجي سر جو سائين“
سوچ جي آکيري مان جيئن ھُن جا نيڻ پکي اڏرن ٿا
۽ ڏسن ٿا
سندس سر جو سائين!
پريان، سينٽرل لائبريريءَ جي
ڪنڊ ۾ ويھي، ڪنھن ٻي
معصوم ڇوڪريءَ کي
پيارَ جي فريب ۾
سڀاڻي جا خواب
اڻپورا خواب ڏيکاري رھيو ھو....
جيڪو کيس سڀاڻي
ڪنھن اَڄاتل راھ تي،
اڪيلو ڇڏي ڏيندو...
۽ جتان،
ان
کي واپسيءَ جو ڪو رستو ڪونه ملندو........ |