سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جُون 2005ع

 

صفحو :1

سرتيون

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار.....!

پياريون سرتيون، اھا ته مڃيل حقيقت آھي ته سموري دنيا ھڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪئي آھي. ان ڪري ھرڪو پنھنجي ڳوٺ جي ڳلين ۽ ڳڙکين کان چڱيءَ طرح واقف آھي ۽ ھر دنيا جي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جتن ڪري رھيو آھي. پر ڇا اھو ضروري آھي ته دنيا جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنھنجي ٻولي، پنھنجي تھذيب، پنھنجي ثقافت، ۽ اخلاقي قدر ڇڏي ڏجن، نه ھر گز نه! ھر شيءِ جي اوسر پنھنجي بنياد تي ٿيندي آھي. جيڪڏھن اسين پنھنجو بنياد اکيڙي ڪمزور ڪري ڇڏينداسين ته ڪھڙي اوسر ۽ اڏاوت ٿي سگھندي. انڪري پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ ثقافت، اخلاقي قدرن جي پاس خاطر ڪندي پنهنجي نسل جي تربيت ڪرڻ گھرجي ته جيئن اھو پنھنجي آدرشن کان نه ھٽي. جيڪڏھن کانئن آدرش ڦرجي ويا ته پوءِ ”انڌي گھوڙي ڪَلُ ۾ ”وارو حال ٿيندو. اسان جون ليکڪ ڀينرون/نياڻيون متوازن سوچ، ھاڪاري ڪردار ۽ جاندار لکڻ سان بھتر سماج اَڏڻ لاءِ لاڳيتو ڪوشش ڪري رھيون آھن. لطيف سائينءَ جي ھن شعر وانگر:

محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

تون جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھايو!

سو يقيناً، محبت ۽ محنت سان ڪيل سندن علمي ۽ ادبي پورھيو کين ھڪ ڏينھن ضرور ڪنھن اوچي مقام تي بيھاريندو، ليڪن منھنجي انهن ڀيڻن کي به گذارش آھي جيڪي تڪڙي شھرت جي چڪر ۾، مردن جي ھٿن ۾ ڪٺ پتليون ٿي ھلن ٿيون ۽ اھي مرد سندن کاتي ۾ ايتري گندگي رکي ٿا ڇڏين جو پاڻ ته ڇا پر سندن نسل به ڌوئي نه سگھندا. ڀينرن کي ڏاھپ سان ھلڻ گھرجي!

جھڙيءَ ريت شھر جي عورت پڙھي ڳڙھي پنھنجي پيرن تي بيٺل آھي، اھڙيءَ طرح اسان جي ٻھراڙيءَ جي عورت به گھڻ_ ڪارائتي آھي. صبح جو ڏھائي، ميڙائي ڪري، وري ٻني ٻاري جي ڪم تي ويندي اتان رونبو، لابارو، چونڊو وغيره ڪري وڏي گاهه جي ڀري مٿي تي رکي گھر رواني ٿيندي. گھر ڀاتين جي سانجڻ کان فارغ ٿي مال کي گاھ پٺو ڏيئي ويھندي ٽوپو ٽنگو ڏيڻ. پاڻ جيڪي ڪپڙن تي ڀرت جا گل چٽ ڀري ٿي ۽ موتي مڙھي ٿي انھن جي قيمت ھزارن ۾ آھي، کانئس ماڻهو ڪوڏين ملھ ۾ ڀرت ڀرائين ٿا، جيڪا ساڻس ڏاڍائي آھي.

سرتيون جي باري ۾ ”سرتيون“ جُون 2005ع جو شمارو اوھان جي ھٿن ۾ آھي، پرچو ڪيئن آھي؟ ان بابت پنھنجي راءِ لکي موڪلينديون. ھميشه جيان اوھان جي صلاحن ۽ تنقيدن جي آجيان ڪئي ويندي. ھي اوھان جي سھڻي ساٿ جو ثمر آھي، جو پرچو وقت اندر شايع ٿي پڙھندڙن تائين پھچي ٿو. انھيءَ لاءِ اوھان جون لک ڀلايون. اميد ڪجي ٿي ته آئيندي به اھڙو سھڪار ڪنديون. گذريل پرچي بابت اوھان ڀينرن جا خط، ٽيليفون ۽ پيغام وصول ٿيا. ڪيتريون ڀينرون قرب جا قدم ڀري سرتيون لاءِ مواد ڏئي ويون. مطلب ته اوھان سڀني جا لک ٿورا جو رسالي ۾ دلچسپيءَ سان لکو ٿيون.

اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان، پرنٽ ميڊيا تي ڪھڙو اثر پيو آھي؟ خاص ڪري اُسرندڙ ملڪن ۾، ان تي به ڀينرن کي لکڻ گھرجي. اسين ھتي رڳو پرنٽ ميڊيا جي حوالي سان سنڌي اخبارن کي عرض ڪنداسين ته ڪوڙن نالن سان خط ڇپجڻ کان پاسو ڪن.  

 (گلبدن جاويد)

سنيھا سانگيئڙن جا

 

ماھوار رسالي ”سرتيون، اپريل 2005 جو شمارو نظر مان گذريو. ان ۾ منھنجي لکيل آرٽيڪل ۽ خط تي تنقيد خط پڙھيم، پڙھي تمام افسوس ٿيو.

آءٌ ھينئر ڀيڻ جي لکيل خط جي جواب ۾ خط لکي رھي آھيان. لکندڙ ادي، خط ۾ ذاتيات تي لھي لکيو آھي، جنھن مان اديءَ جي سھپ جي خبر پوي ٿي. اديءَ منھنجي لاءِ ذاتي حوالي سان لکيو آھي ته ھڪ گھريلو عورت کي ڇا خبر آھي، پر ادي، اھا ھڪ گھريلو عورت، اخبارن، رسالن، ٽي وي، انٽرنيٽ ۽ زندگيءَ جي ٻين ڪافي حقيقتن ۽ شين جو مطالعو ڪري ٿي، جيڪي گھر ۾ ميسر آھن. اديءَ کي مان اھا ڄاڻ پڻ ڏيڻ ضروري ٿي سمجھان ته مان ايتري تعليم يافته ۽ تعليم جي فيلڊ ۾ پروفيشنل ڪواليفائيڊ آھيان ۽ اڄ کان 20 سال اڳ ماستريءَ جي گھر ويٺي بنان ڪنھن سفارش جي آفر ٿي ھئي، پر پنھنجي مڙس جي راءِ کي اھميت ڏيندي نوڪريءَ کان انڪار ڪيم.

ادي ان استاد جي ڳالھ ڪري ٿي ته ڪِن چند خراب ماڻھن جي ڪري سڀني کي خراب نه چئجي، پر ادي اھي چند ماڻھو اڪثريت ۾ آھن ۽ شايد توھان کي اھا ڄاڻ نه آھي ته موجوده حالتن ۾ اسان جا تعليمي ادارا، اسپتالون، جيتوڻيڪ قومي ادارا پڻ ناڪارا بڻجي چڪا آھن. ادي ٽيچر جي ڳالھ ۾ ڊاڪٽر جي ڳالھ ڪٿان آندي؟ پر جيڪڏھن اھا ڳالھ آھي ته اِھا اديءَ کي خبر ناھي ته اھي ڪھڙيءَ طرح ذميواري پوري ڪن ٿا. روز اھڙين اڪيچار خبرن سان، اخبارون ۽ رسالا ڀريل نظر اچن ٿيون، جن مان انھن جي غير ذميواريءَ جي خبر پوي ٿي. جيئن ته ڀيڻ کي پھرين به ھر ڳالھ جي وضاحت ڪري چڪي آھيان، پوءِ به ڀيڻ پنھنجي ڳالھ تي بضد ٿي ڏينھن ملھائڻ جي ڳالھ ڪري ٿي ۽ ان کي پڻ ھڪ سٺو قدم سمجھي ٿي. ھا ادي، سٺو قدم، ڇونه ٿيندو انھن لاءِ جيڪي اي سي (A.C) ڪمرن ۾ ويھي، انھن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ۽ پنھنجي مفادن کي اھميت ڏيندا ۽ پوءِ کين انھن غريب لاچارن جي ڏکن جي خبر به نه ھوندي آھي جيڪي پاڻ اي سي ڪمرا، ڪارون رکندا آھن ۽ ھوٽلن ۾ رھندڙ آھن تن کي ڪھڙي خبر غريب جي ڏک سور جي!

اديءَ ڳالھ ڪئي آھي پَرُو ڌاڙيل جي جيڪو سندس ئي ڳوٺ جو آھي، ۽ اديءَ کي ھيءَ ڳالهه به ٻڌايان، جيڪا سندس ڄاڻ ۾ نه آهي، اها آهي جو ان توهان جي ڳوٺائي پَرُو ڌاڙيل جي قبر تي پَڙ پون ٿا ۽ ان جي ميت تي اجرڪ به پڻ لاتعداد پيا هئا. ۽ ساڳئي وقت پروءَ بابت، ڳوٺائي هوندي به تاريخ بابت حقائق کان آگاهي نه آهي، ۽ ان موضوع تي به ٻئي دفعي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڇو ته مان پنهنجي اصلي موضوع کان هٽڻ نه ٿي چاهيان. اديءَ ڳالهه ڪئي آهي تباهيءَ جي ذميواريءَ جي، ته تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي. جتي اهڙن ناڪاره عملدارن جو هٿ آهي ته اتي هڪ عام ۽ باشعور ماڻهو به ان ڳالهه جو ذميوار آهي ۽ ڀيڻ پاڻ به شايد ان ذميواريءَ کان آجي نه آهي. تنهنڪري غير منطقي طريقي سان اڪثريتي راءِ تي پنهنجي غير منطقي اقليتي راءِ کي فوقيت ڏيڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

چوندا آهن ته حقيقت کان منهن موڙڻ اُٺ پکيءَ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائڻ آهي.

اديءَ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ”موت جسماني نه پر روحاني ٿيندو آهي“ ان مان اديءَ جي مذهبي تعليمات جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي جيڪا هر فرد لاءِ بنيادي نظرياتي احساسن جي حيثيت رکي ٿي. قرآن شريف ۾ باربار فرمايو ويو آهي ته موت روحاني نه پر جسماني آهي ۽ آخرت ۾ وري اُهي روح گڏ ٿيندا ۽ انهن کان حساب ڪتاب ٿيندو.

پر خير لڳي ٿو ته ادي به اڄ جي ملازم استاد وٽ پڙهيل سمجهي ته بهتر ٿيندو.

ادي، جسم جي ڪنهن هڪ عضوي جي خراب ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي ڪٽي ڪو نه ڇڏيو آهي، پر موت مار بيماريءَ ۾ عضوو وڌيڪ نه آهي، جهڙوڪ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ انسان کي بچائڻ لاءِ عضوو ڪٽي ڇڏيندا آهن، پر پاڻ ڀيڻ ماستر آهي تنهن کي ڊاڪٽريءَ جي ڪهڙي خبر.

ادي منهنجي مشاهدي ۾ سٺا استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ شاگرد گذريا آهن، پر تنقيد ان لاءِ ڪبي آهي ته غلط انسانن جن ۾ استاد، ڊاڪٽر، وغيره، اهي ان تنقيد مان ڪجهه سکن نه ڪي ان کي ذاتي صطح تي وٺن. ساڳي وقت حقيقتن کان منهن لڪائڻ وارا ڪيترو وقت سچ کان پڙدو ڪندا. نيٺ کين سچ جي سامهون سِر جهڪائڻو پوندو.

ته ڀيڻ کي چوندس ته هڪ بيت ”وقت چوي آءٌ بادشاهه“ پڙهي  ان تي غور ڪري. وري به اهو چوڻ ضروري ٿي سمجهان ته اديب ئي سماج جو ڳُوڙهو مشاهدو ڪندڙ آهي ۽ ان جي اندر لڪل ڪڙا سچ عوام الناس جي سامهون آڻڻ جو زمو کڻندڙ سمجهيو ويندو آهي ۽ مون به هڪ سچ تان پڙدي کڻن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر اها الڳ ڳالهه آهي ته آئينو ڏيکارڻ به هڪ جرم آهي ۽ ان جي سزا ڀوڳڻي پوي ٿي. جيئن هينئر مون کي به سزا وار سمجهيو وڃي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته آئيني ۾ ڪنهن کي پنهنجو عڪس نظر اچي ته آئيني کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڄڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ آهي. ڀيڻ آئيني تان پڙدي کڻڻ لاءِ ڪجهه اخبارن، رسالن ۾ ڇپيل آرٽيڪل، سرويز، خبرون لکي رهي آهيان، جيڪي پڻ اديءَ جي مطالعي لاءِ آهن.

پهرين ماهوار رسالي ”صبح ٿيندو“ جي مارچ 1999ع جي شماري ۾ ڇاپيل هڪ ”سروي رپورٽ“ آهي، جيڪا ذميوار ۽ غير ذميوار استادن بابت شايع ڪئي وئي آهي. جيڪا خود ڇهه ست سال اڳ جو رڪارڊ آهي ۽ اڄ ان ۾ تمام گهڻو واڌارو اچي ويو آهي.

تاريخ

سرخي

اخبار

05-03-05

استاد ٻارن جي مستقبل جا ذميوار آهن، جاين هڙتالن کان پاسو ڪن: آدم ٻٽ

عبرت

05-03-08

ٽنڊو فضل جي پرائمري ۽ مڊل اسڪولن ۾ استاد نه اچڻ سبب ٻارڙا تعليم کان وانجهيل

عبرت

05-03-11

استادن کي علمي سکيا سان گڏ فڪري اوسر به وڌائڻ گهرجي: آدم ٻٽ

عبرت

05-03-12

تعليم جي سڌاري لاءِ استاد پنهنجو روايتي ڪردار تبديل ڪن: ضلعي ناظم بدين

عبرت

05-03-25

سنڌ اندر تعليم جي تباهيءَ ۾ استادن جو وڏو هٿ آهي: علي نواز ٽالپر

عبرت

05-04-28

استاد نوڪريءَ کي پارٽ ٽائيم سمجهن ٿا: حميده کهڙو

عبرت

خط

 

 

05-04-28

قائم اعظم يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ سنڌ جا ماستر: علي خن ڀنڊ

عبرت

05-04-28

تعليم جو معيار سڌارڻ لا استاد جو معيار سڌارڻ جي ضرورت آهي: غلام حسين ملاح

عبرت

ڊيگهه ۾ پوڻ کان بچڻ لاءِ صرف چند اخبارن جي چونڊ ڪئي آهي. ادي اهي آرٽيڪل، خبرون، خط، اخبارن ۾ الائي ڪيترا روز ڇپجن ٿا، سو اديءَ کي گهرجي ته انهن سڀني کي پڻ جواب ڏئي، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ مون وانگر ويچارا ڪم علم آهن.

آخر ۾ بحث براءِ بحث کان پاسو ڪرڻ جي مشوري سان گڏ بحث براءِ اصلاح جي تجويز ڏيان ٿي، پر جيڪڏهن ان تجويز تي ڀيڻ عمل ڪرڻ کان لنوائيندي ۽ ان غير منطقي انداز ۾ بحث کي ولوڙڻ جي ڪوشش ڪندي ته مکڻ ته نه نڪرندو، باقي ان ما سندس نالي تي بار بار اسان جي رسالي ”سرتيون“ ۾ خط ڇپرائڻ جي سندس ڪوشش کي ساراهڻو پوندو.

سرتي نسرين هاشمي.

اميد ته اوهين خيريت سان هونديون. ڀيڻ مان ڪافي عرصي کان اوهان جا پرچا پڙهندي رهان ٿي ۽ گهڻي وقت کان دل چاهيو ٿي ته اوهان ڏانهن مواد موڪليان ۽ خط لکان، پر گهڻيءَ مصروفيت سبب ائين نه ڪري سگهيم. پر اوهان جي رسالي جي ڇڪ، هڪ قوت آهي، جا مسلسل پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهي آهي. اوهان جي مسلسل محنت ۽ دلچسپيءَ جو ثمر آهي، جو هي رسالو پنهنجي مقبوليت برابر رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ اوهان واڌايون لهڻيون. خدا اوهان کي ساڳئي جذبي، محنت، اُمنگ سان هيءُ محنت ۽ پورهئي جو سفر جاري، ساري رکڻ جي سگهه عطا ڪندو. قدرت اوهان جو ساٿ ڏيندي ”آمين“.

هي رسالو ”سرتيون“ خالص عورتن جو رسالو آهي جنهن ۾ عورتون ڀرپور نموني سان شريڪ رهيون آهن ۽ لڳ ڀڳ هر پهلوءَ تي تحريرون پنهنجي نظر مان گذريون آهن. ادي، مان به اڪثر عورتن جي مسئلن تي لکندي رهندي آهيان. ان سلسلي ۾ منهنجو ڪافي مشاهدو ۽ تجربو آهي. سو مان اوهان ڏانهن مختلف موضوعن تي تحريرون موڪليندي رهندم. اميد ڪريان ٿي ته اوهين ضرور پنهنجي رسالي ۾ انهن لاءِ مناسب جاءِ ڏينديون، هينئر مان امڙ جي نسبت سان هڪ گيت روانو ڪريان ٿي، Mother’s Day  ته گذري ويو، پر مان سمجهان ٿي اسان لاءِ روز امڙ جو ڏينهن آهي، جن جون مائرون زنده آهن، اهي خدمت ڪري قسمت سنوارين ٿا، مان ان کان محروم آهيان، يقيناً ان جي ڪميءَ کي شدت سان محسوس ڪندي مان اندر جي عڪاسي ڪئي آهي. ايندڙ پرچي جو انتظار رهندو.

نجمه نور

پروفيسر سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي،

ان کان علاوه شبنم چانديو، شگفته جبين، صبا شيخ، گلشن لغاري، سونهن سنڌي، ثريا مصراڻي، شائسته عارباڻي، ريحانه نظير ۽ ٻين جا خط پهتل آهن.

 

شاهه سائينءَ جون سورميون

مارئي

ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي

 

شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جون ست سورميون آهن. سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل، مارئي، نوري، ليلا.

ٽي سورميون جدوجهد جي علامت طور ڳايل آهن:

سسئي، سهڻي ۽ مارئي

اڄ پاڻ سر مارئيءَ تي ڳالهايون ٿا.

اکاڻيءَ موجب سومرا دور جو حاڪم عمر سومرو ڦوڳ نالي، هڪ هاريءَ جي ڀڙڪائڻ تي مارئيءَ نالي هڪ ٿر ڄائيءَ کي کوهه تان کڻي آيو، جتي هوءَ پاڻي ڀرڻ آئي هئي ۽ کيس عمر ڪوٽ ۾ پنهنجي محلات ۾ رکيائين. مارئي کي طرحين طرحين جي طعامن، راڻين ۽ شهزادين جي عمدين پوشاڪن، سونن ڳهن، محلن، ماڙين ۽ ٻانهين نوڪراڻين جي لشڪر سان، لالچائي، مرعوب ڪري کيس عمر سومري پاڻ سان شاديءَ ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مارئيءَ کي عمر ڪوٽ ۾ ٻن ڳالهين مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو اختيار هو:

عمر کي قبول ڪري ان وقت جون سڄي جهان جون آسائشون ماڻن.

عمر کي ٺڪرائي هر قسم جون تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهڻ. هوءَ ڌن دولت ۽ شاهاڻي شان شوڪت سان نه لالچ ۾ آئي ۽ نڪي مرعوب ٿي، عمر کي چيائين:

 ايءَ نه مارن ريت، جئن سيڻَ مٽائبن سونَ تي،

 اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

 پَکَن جي پِريت، ماڙين سين نه مَٽيان.

اها مارن جي ريت رسم ناهي ته هو سون تي سيڻ مٽائين. پنهنجن غريب عزيزن کي ڇڏي ڌارين دولتمندن سان مٽيون مائٽيون ڪن. عمر ڪوٽ ۾ اچي ڪُريت (ڪُ خراب، ريتَ رسم) يعني خراب رسم، ڪُڌي رسم ڪانه وجهنديس. پکن يعني جهوپڙن جي برابر ماڙين کي نه ٿي سمجهان.

مارئيءَ کي عمر جي ڏاڍ ۽ جبر کان اهڙي نفرت ٿي پئي جو کيس چيائين:

جا عمر!تومُل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،

ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد،

سِڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.

اي عمر سومرا! جيڪا تنهنجي لاءِ عيد آهي، اها اسان لاءِ ماتم اٿيئي (ٿي سگهي ٿو ته شاهه صاحب جو اشارو ان ڳالهه ڏانهن هجي ته هر عمر جي عيد مارئي ۽ مارن جي ماتم سان ٿيندي آهي، منهنجي کڄي وڃڻ کان پوءِ مارن کان خوشي موڪلائي وئي آهي ۽ هو منهنجي ڏسڻ لاءِ سڪن پيا.

بادشاهن جا ڪن اهڙين ڳالهين ٻڌڻ جا عادي ڪونه هوندا آهن. عمر سومرو ڪاوڙجي پيو ۽ مارئيءَ جون مراعات بند ڪري کيس قيد ڪيائين.

اڳين حاڪمن جي دور ۾ ماڻهن کي قيد ۾ ڪهڙيون تڪليفون ملنديون هيون؟ هن سُر ۾ شاهه صاحب انهن عذابن جي به ٿوري جهلڪ ڏيکاري آهي:

 ڳچيءَ ڳانا لوهه جا، زيريُون ۽ زَنجير،

پَيَڪڙا پيرَن ۾، ڪوٺين انڌير ڪِيرَ،

چاري چؤگانَن ۾، واهِيَتَ ڪَن وَزيرَ،

ڇَن نه ڇَڄِي آهيان، اَهڙيءَ سِٽَ سَرير،

مارُو ڄامَ مَلير! پُڇِج ڪِي پَنوَهار کي.

ڳچيءَ ۾ لوهه ڳٽ آهن، ٽنگن ۽ پيرن ۾ ڪڙا ۽ زنجيرون آهن. ڪوٺين ۾ لوهي ڪلا کتل آهن ڳچيءَ ۾ پيرن وارا زنجير آهن ۽ اهي لوهي ڪلن ۾ آهن. ڪوٽ جي ٻاهران چوڌاري کليل ميدانن ۾ چوڪيدار پهرا پيا ڏين، انهن جي نگهباني وزير پيا ڪن. ڇن يعني هيٺاهين ايراضي جتي مينهن جو پاڻي بيهي، گاهه ۽ وڻ ٿين (ٿر ڏانهن اشارو) ۾ ڪانه آهيان ۽ نڪي ڇڄي (آڏو ورانڊي طور اڏيل مَنَهن) ۾ آهيان. آءٌ اهڙي حال ۾ آهيان اي ملير جا مارو ڄام! مون سان ملاقات ڪر

ٻانهن ۾ هٿڪڙيون آهن، ڪنڌ ڪاٺن ۾ آهي. ان هوندي اشارن سان ڳُجهه ڳوهه ۾ ملير بابت پئي پڇائون ڪريان. اگر مارو مون سان ملاقاتون ڪن ها، منهنجي خبر چار لهن ها ته بند جي مون کي پرواهه ئي ڪانه هئي.

هَٿين هَٿ ڪرولَ، هِينئڙي پيم هن جا،

سانگي ساري سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول،

ٻاٻاڻَن سين ٻولَ، ڪيم نه ڪوٽ وهڻ جا.

هٿ لوهه جي ڪڙين، زنجيرن ۾ قابو آهن، دل هن يعني ماروءَ وٽ قيد آهي. جڏهن قيد ۾ تڪليفون تمام گهڻيون وڌي ويون، تڏهن عمر کي چيائين:

جي لوڻ لڱن لائيين، چيري چيري چَمُ،

مون ڪَر اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪَمِ،

جان جان دعويٰ دَمُ، تان پرت پنهوار سين.

منهنجي جسم کي چهڪ ۽ چير ڏئي انهن فٽن ۾ لوڻ وجهندين، ته به آءٌ توسان شادي نه ڪنديس. منهنجي بُڻ بڻياد ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ اهڙو بڇڙو ڪم نه ڪيو آهي. جيستائين جيئري آهيان پهنوار جي آهيان.

عمر ڪوٽ جي شروعات وارن ڏينهن ۾ مارئي ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي رهي ته شال عمر ڪوٽ ۾ نه پر واپس وطن ۾ سندس موت ٿئي:

الا ائين مَ هَوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،

جُسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پو مر پڄنم ڏينهڙا.

اگر آءٌ پنهنجي وطن کي ساريندي هتي عمر ڪوٽ ۾ مري وڃان ته منهنجي قبر پهنوارن وٽ اباڻي قبرستان ۾ ڪجانءِ ۽ بجاءِ ڪنهن ٻيءَ خوشبوءِ جي اتي جي ولڙين جو واس ڏجانءِ.

عمر ڏٺو ته مارئي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ بنهه تيار نه ٿي ٿئي، کائي پيئي به نه ٿي، عمر ڪوٽ ۾ هوندي ته مري ويندي. ڪن روايتن موجب کين خبر پئي ته هوءَ سندس ڀيڻ آهي. مارن کي نياپو ڪيائين، جيڪي کيس وطن واپس وٺي ويا. مارن ۾ خوشي ۽ سرهائي ٿي.

پنهنجي سماجي رسمن موجب هڪ عورت جو کڄي وڃڻ چند گهڙين لاءِ ڇو نه هجي، سندس سڄي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو. مارئيءَ جي وطن واپس ورڻ تي مارن ۾ ته سرهائي ٿي، پر کيت سين، جيڪو مارئيءَ جو مڱيندو هو، تنهن مارئيءَ جي پاڪائيءَ تي شڪ ظاهر ڪيو. مارئي پنهنجي پاڪائي ثابت ڪرڻ لاءِ هر طريقي سان خاطري ڪرائڻ لاءِ تيار هئي. اچو ته شاهه صاحب کان مارئيءَ جي پاڪائيءَ بابت راءِ وٺون.

شاهه صاحب جن اڪثر ڪري اشارن ۽ ڪناين ۾ ڳالهايو آهي. شاعري هونئن به رمز واري وڌيڪ وڻندڙ هوندي آهي. ان کان سواءِ 1700ع ۾، شاهه صاحب جن جڏهن يارهن سالن جا هئا، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي دوکي سان گرفتار ڪرائي ملتان نيو ويو. جتي مغلن جي گورنر کين طرح طرح جا عذاب ڏئي شهيد ڪرايو. جڏهن صوفي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو، تڏهن شاهه سائينءَ جي عمر 28_29 سال هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙو (سنڌ جو حاڪم)، هالن وارا مخدوم، مٽياري جا سيد، جيڪي سندن عزيز به هئا. مخالف هئا، فقط ڪٿي ڪٿي سنئين سڌي ڳالهه چئي اٿن.

سَتي تنهنجي سَتَ ۾، ڳالهه گهرجي ڳَچُ،

وڍيو چِيريو، چچريو، پَر ۾ اُڀي پَچُ،

ساڻُ اَمانتَ اَچُ، ته ٿئين سَماني سرتيين!

پر اڻسڌيءَ طرح مارئيءَ جي پاڪائيءَ جا ساکي ٿا ڏسجن: ساهيڙين سارين ٿو.

تنهنجو اُهي ساهيڙيون توکي سارين ٿيون. جن جي پاڪائيءَ تي بحث ئي اجايو آهي. جنهن جون ساهيڙيون اهڙيون هجن سا پاڻ ڪهڙي هوندي. One is known from the company He or She keeps.  هتي هڪڙو مثال ڏيڻ بيجا نه ٿيندو.

هڪ Feudal lord جي پٽ هڪ ٻانهن کنئي. ڇوڪريءَ جا عزيز ان وٽ آيا ۽ کيس چيائون ته هو سڀڪجهه پنهنجي قسمت کان سمجهندا، باقي مهرباني ڪري کين ڇوڪري واپس ڪئي وڃي، هن وراڻيو ته ڇوڪري وڏو نالائقيءَ وارو ڪم ڪيو آهي، هُن کيس تمام گهڻي جُٺ ڪئي آهي. سندس چوڻ موجب سندن حويلين جا به ڪي اصول آهن، جيڪا حويليءَ ۾ آئي ان جو وري جنازو نڪرندو آهي، تنهنڪري هاڻي ڇوڪريءَ کي وساري ڇڏيو. مٿيان ٻول ثابت ٿا ڪن ته ڇوڪري ”جهڙي آيس جيئن“ نه رهي هئي. غلط يا صحيح هاڻي هو ڇوڪريءَ کي پنهنجي لڄ ٿا سمجهن، تنهنڪري واپس ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

عمر سومرو سنڌ جو بادشاهه هو، انهيءَ زميندار کان ته ڪريل ذهنيت جو ڪو نه هوندو! آخر مارن مان کيس ڪهڙو خوف هو؟ عمر جو مارئيءَ کي مارُن حوالي ڪرڻ ئي پاڪائيءَ جي ڪسوٽي آهي، Touch Stone  آهي.

هن سُرَ جا پنج ڪردار آهن، مارئي، عمر، مارُو، کيت ۽ ڦوڳ، جن مان ٽي ڳايل آهن. وڌ ۾ وڌ مارئي ڳايل آهي. پاڻ به ڳالهائي ٿي ۽ شاهه صاحب به ساڻس مخاطب آهن ۽ سندس ذڪر ڪيو اٿن. عمر سومرو به چڱو ڳايل آهي. هن سُر کي سرسري لفظن سان پڙهون ٿا ته مارن جو ڪو خاص ڪردار نظر نه ٿو اچي، البت مارئيءَ جون مارن تي ميارون سانوڻ جي وڏ ڦڙي وانگر وسن پيون:

ڪَيَمِ مُهاڙ مَلِيرَ ڏي، مٿي ڪَوٽ چڙهي،

نِت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳَڙي،

نِڱَي ڪُوڪَ قلب مان، منجهان رُوحَ رَڙي،

ويڙهِيچن وري، ڪَرَ نه لڌي ڪڏهين.

****

جي ڪر لڌائون، ته بنديءَ بند نه ساريو،

ماروئڙن آئون، جيڪس ويس وسري!

پر غور سان پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هنن وٽ به مارئيءَ وارو عزم ۽ اڻموٽ ارادا آهن. مارئيءَ جي کڄي وڃڻ کان پوءِ مارُن ٽن نمونن جو احتجاج ڪيو:

انهي کوهه ۽ ٻين ڀر وارن کُوهن تان پاڻي ڀرڻ ڇڏي ڏنو.

سرتين سِنجَڻُ ڇڏيو، سَتِيُن ڳالهه سُئي،

ماڙيچي ماڙين ۾، ڪڏهن ڪانه ڪئي،

عمر آن نه مُئي، اِن اوڀالِيان اڳهين!

کُوهن تان پاڻي ڀرڻ جو سامان، ٻوڪا، واجهه، وغيره کڻي ڇڏيائون.

عمر ٿيم اَپارَ، ورُهه وَٽيان ڪِن سين؟

ڏوٿيڙا ڏور ٿيا، تَڳا جَن تنوارَ،

سِٽائُون سنگهارَ، کُوهن تان کڻي ويا.

جن کوهن تان واجهه وغيره نه کنيا هئائون، اتي به ڪو پاڻي ڀرڻ ڪونه ٿي آيو ۽ اهي به پئي اُس ۾ سڙيا.

ڀِنيءَ جي ڀُوڻَن، ڀيج ڀڻڪو نه سُڻان،

سَنجَڻَ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورن،

پيا سيٽَ سيڙن، تَرهي ٻِنين ڪنڌيين.

مارئيءَ جي کڄي وڃڻ کان پوءِ مارُن پنهنجين لوين تان چِٽ گُل لاهي ڇڏيا، يا ائين چئجي ته ماتمي لباس ڪيائون:

ٿَر ٿَر اندر ٿاڪ، عمر! مارُوئڙن جا،

لاٿائُون، لطيف چئي، مٿان لوئيءَ لاک،

عُمَر! ڪريو آکَ، پهريو ٿي پَنَ چران.

لاک ڳاڙهي رنگ جو بُڻ بنياد آهي.

نيٺ مارُن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هي علائقو غير محفوظ ۽ گهُٽ ٻُوسٽ وارو ٿي ويو آهي. ڪيترو وقت ائين ڊپ ۾ رهبو. وري ڪو ٻيو عمر اچي ۽ ٻي مارئي کڻي وڃي، تنهنڪري لڏي محفوظ هنڌ تي وڃي رهيا.

مٿي ٿَر رَهي، ويا گذاري ڏينهڙا،

ڪڏهن ڪونه آئيو، تن پنوهارن پَهي،

ويئڙا سي وَهي، جنب گذاريم جن سين.

مٿين ٽنهي عملن مان مارُن وٽ عمر لاءِ نفرت جو اظهار ٿئي ٿو.

هن سُر ۾ ٻه ڪردار کيت ۽ ڦوڳ شاهه صاحب جا ڳايل ئي ناهن.

کيت: سڄي سُر ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح سندس ڪو به ذڪر ڪونهي. جڏهن مارئي وطن واپس وري ته کيت سندس پاڪائيءَ تي شڪ ظاهر ڪيو. مارئي دولت، شهرت، شاهي شان و شوڪت، محل ماڙيون ڇڏي آئي هئي ۽ چوي پئي ته هوءَ پاڪ آهي، هر قسم جي خاطري ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. هوءَ مظلوم هئي ۽ مارن کان به کيس فقط اخلاقي مدد ملي. کيت جو ڪردار به عام ماروءَ جي ڪردار کان وڌيڪ ڪونه هو. اگر ڪو ٻيو سبب ناهي ته ٿي سگهي ٿو ته شاهه کي سندس بيجا شڪ ڪرڻ نه وڻيو هجي ۽ کيس زڪر لائق نه سمجهيو هجي.

ڦوڳ: هيءُ بلڪل مُک ڪردار آهي، جنهن مارئيءَ کي کڻائي کيس جدوجهد جو موقعو ڏنو. هيءُ ڪردار اگر هن سر مان ڪڍي ڇڏجي ته مارئي ٿر ۾ شادي ڪري ٻين ٿر ڄاين جيان گمناميءَ ۾ گذاري وڃي ها. آکاڻيءَ موجب ڦوڳ مارئيءَ جي پيءُ  پالڻيءَ وٽ هاري هو. هن کائنس مارئيءَ جو سڱ گهريو. کيس ٻڌايو ويو ته مارئي کيت جي مڱ آهي، پرائي امانت آهي، تنهنڪري کيس ڪانه ملندي. ڦوڳ جواب ڏنو ته پوءِ ويهندي مائٽن وٽ به ڪانه! ۽ هو عمر سومري کي وٺي آيو ۽ مارئي کڻائي عمر ڪوٽ پهچايائين. اگر ڪو ٻيو سبب ڪونهي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته شاهه صاحب کي ڦوڳ جي اهڙي خودغرضي ۽ دهشتگردي نه وڻي هجي، ۽ شاهه کيس ذڪر لائق نه ڄاتو هجي، جيتوڻيڪ اهڙو ئي خود غرضيءَ جو ڪردار ڪونرو، قربانيءَ سبب ڳايل آهي.

ٿر ۾ هڪڙو ڦوڳ پيدا ٿيو، جنهن مارئي کڻائي عمر ڪوٽ پهچائي. اڃا هڪڙو ٻيو به اهڙو ڪردار هجي ها جيئن مارئي جي ويجهن عزيزن مان ڪو عمر کي وڃي چوي ها ته هُن هڪ ٿر ڄائيءَ کي شاهي محل جي زينت بڻائي، مٿن وڏا وڙ ڪيا آهن، ته قوي امڪان آهي ته عمر سومرو اهڙي همت افزائي (Encouragement)  سبب مارئيءَ مان اهڙو جلدي هٿ ڪونه ڪڍي ها ۽ هوءَ شايد عمر ڪوٽ ۾ مري وڃي ها پر جتي ڦوڳن جون قطارون ذاتي غرضن ۾ ويڙهيل، شاهي ايوانن ۾ هٿ ادب جا ٻڌيو، اکيون پوريو، ڪنڌ جهڪايو هر وقت حاضر بيٺيون هجن، اتي مارئيون ڪونه موٽنديون آهن.

مارئيءَ جي ٻين سورمين سان ڀيٽ:

شاهه جي ستن سورمين مان چار بادشاهن جي محلات تائين پهتيون، سورٺ، مارئي، نوري ۽ ليليٰ. سورٺ ۽ مارئي ٻئي کنيل آهن. سورٺ، راءِ ڏياج سان شادي ڪئي ۽ سندس ذڪر واحد اسم غائب جي صيغي ۾ ڪيل آهي. ڪٿي به کيس ڳالهائڻ ڪونه ڏنو آهي ۽ نڪي ساڻس ڳالهايو اٿن. قاضي صاحب جن جي رسالي ۾ سر سورٺ جي چوهٺ پيتن مان ڪل ڇهن بيتن ۾ سندس ذڪر آهي.

منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو ٻيو سبب ناهي ته ٿي سگهي ٿو ته شاهه کي سورٺ جو جبر اڳيان جهڪڻ نه وڻيو هجي!

ٻيو کيس جدوجهد سبب سسئيءَ ۽ سهڻيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. عزم ۽ اٽل ارادي ۾ ٽئي برابر آهن. ٽنهي جو هن قول تي عمل آهي ته: One can die but can not be defeated

هن سُر ۾ شاهه صاحب طبقاتي فرق جو اظهار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ پلر کي شربت کان، ڏٿ کي عمدن کاڌن کان، پکن کي محلن، ماڙين کان وڌيڪ مانائتو چيو اٿن، پر چوڻ جي انداز مان لڳي ٿو ته مارُن جي ايڏي اڻهوند کين ڪنڊي وانگر چڀندي رهي:

آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿُ ڏيهاڙي سومرا،

سَٿَا ڪيو سيد چئي، سائُون سُڪائين،

منجهان لِنبَ، لَطِيفُ چئي، چانُر ڪَيو چاڙهين

پُلاءُ نه پاڙين، عُمرَ! آراڙييءَ سين.

کائڻ لاءِ ڏٿ، سو به جڏهن ملي. سائون ۽ لنب گاهه جا قسم آهن، انهن جا پن، گل ۽ ٻج هنن جو کاڄ آهن. لنب مان چانور ڪيو چاڙهين، چانورن جي خواهش جو اظهار آهي، پُلاءَ نه پاڙين،  محروميءَ جو انتهائي نقش نظر اچي ٿو.

پيغام

وطن جي حب: هي هنڌ ماڙيون هاڻ، وطن ريءَ ويهي

شاهه وٽ جابر ۽ جبر برداشت ڪندڙ، ٻنهي لاءِ بخشش ڪانهي.

طبقاتي فرق کان نفرت

کيتن ۽ ڦوڳن کي ذڪر جوڳو نٿا سمجهن، نٿا ڳائين.

نااميد نٿا ٿين. مينڍا ڌوءِ نه مارئي.

عظيم ڪاميابيون وڏيون قربانيون لهڻن

 

پارس راڻي

 

ڦٽل آهي باک،

رٺل آهي ماڪ

ڄام شوري جي پُل

هائي وي تي هُل

پريان ڪائي ڏُور،

سوچن ۾ پُور،

کليل اٿس آلا وار،

سنڌڙيءَ جي آ نار،

سون جهڙو رنگ،

مهڪيل هي انگ

سانوريءَ جا نيڻ

ٻرندڙ ڪائي ميڻ

وارن ۾ سڳنڌ ميٽ جي

چولي اٿس ڇيٽ جي.

چيلهه کي ڏئي موڙو

پاڻيءَ ۾ اڇلايئين هوڙو

ڀري وڏو شوڪارو

گهوري ٿو وڻجارو

حيران اهي نظر،

ڏسي هي منظر.

 

پٿرن جا آهن ماڻهو،

پٿرن جو آهي شهر.

هٿ هٿ ۾ خنجر آهن،

قاتلن جو آهي شهر.

پيار ٿئي نيلام سر عام

بازارين جو آهي شهر.

داءُ لڳن ٿا زندگين جا،

جوارين جو آهي شهر.

مسيحا ٽنگيل آهن صليب تي،

بيقدرن جو آهي شهر.

کوکلا ٽهڪ کوکلا وعدا

لٻاڙين جو آهي شهر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com