سوال: توھان ھڪ ماءُ، ھڪ شاعره، ھڪ ورڪنگ وومين ۽ ساڳئي وقت
ھائوس وائيف به آھيو، ايتريون ساريون ذميواريون
توھين ڪيئن ٿيون نڀايو؟
جواب: مان سمجھان ٿي ته ھر ماءُ ھڪ شاعره ھوندي آھي، ان جو ھر
ٻار ھڪ شعر ھوندو آھي. اصل ۾ ڪنھن به شخصيت جا رنگ
روپ ڪنھن ھڪ دائري ۾ جمع ٿي ٿا وڃن. جنھن ۾ ھر رنگ
مختلف به ھوندو آھي ۽ منفرد به ھوندو آھي . جڏھن
سڀ رنگ پاڻ ۾ ملندا آھن ته انھن جي امتزاج سان
خوبصورتيءَ جو احساس اڀرندو آھي. مامتا، ھائوس
وائيف، ورڪنگ وومين، شاعره، مان اِتي تمام مختصر
چونديس ته آسماني،زرد، سبز، سرخ ھيءُ سڀ رنگ ملي
ڪري سفيد روسنيءَ کي جنم ڏيندا آھن ۽ اھڙيءَ طرح
منھنجا اھي سڀ رنگ روپ منھنجي شخصيت جي تڪميل ڪندا
آھن! اھي سڀ ذميواريون منھنجو نِيمُ منھنجي شخصيت
جا مختلف روپ آھن، جنھن ۾ ڪنھن به تَڪ يا
ناگواريءَ جو احساس ناھي ٿيندو، زال آھيان ته
پنھنجي مڙس جي محبتن جو مرڪز آھيان، ماءُ آھيان ته
تڪميل ڪائنات آھيان پنھنجي ٻارن ۾ زندگيءَ جا سڀ
رنگ ڏسي خوشي ۾ مگن رھندي آھيان! استاد آھيان ته
پنھنجي شاگردن جي مستقبل جون تعبيرون سمجھندي ذھني
سڪون ماڻيندي آھيان! جتي ايتريون خوشيون. ايترا
خواب گڏجي پون اتي ذميواريون، ذميواريون نه پر
زندگي بڻجي پون ٿيون.
سوال: جيڪڏھن توھان کي ھڪ ٻيو جنم ملي ته ان جنم ۾ توھان ڪھڙي
روپ ۾ پاڻ کي ڏسڻ پسند ڪنديون؟
جواب: زندگي مخلتف رنگن سان گڏجي ڪري ترتيب پائي ٿي ۽ اھي سڀ
رنگ آھستي آھستي پنھنجا روپ بدلائين ٿا، ۽ مون کي
زندگيءَ جا جيترا به روپ مليا آھن ۽ مان جيترن به
مرحلن مان گذري آھيان، مان خوش آھيان. مطمئن
آھيان، مان زندگيءَ جي درد کي محسوس ته ڪيو آھي،
پر پنھنجي شخصيت تي ان کي مڙھيو ناھي ۽ صرف ھڪ
ڳالھ سکي آھي ته:
سدائين خوشين کي کڻي ھلو، پاڻ به شادمان رھو ٻين کي به انھن ۾
شامل ڪيو، چاھي ڪھڙو به روپ ھجي مون کي پنھنجي
سڀني روپن سان بي انتھا پيار آھي، ڇو جو مون ھر
روپ ۾ ايترو ته رنگ ڀريو آھي، جو زندگيءَ جو ڪوبه
روپ مون کي ڪوجھو نه ٿو لڳي؟ ۽ ٻئي جنم ۾ ته ڇا؟
پر ھر جنم ۾ مان اھو ئي چاھينديس ته مون کي اھي سڀ
رنگ ۽ روپ عطا ٿين:
جن ۾ مون اھڙو جيون گذاريو
جھڙو پيار جي مالھا ۾ موتي پوئي
ڳچيءَ ۾ پوڻ!
سوال: شاعريءَ ۾ توھان جا پسنديده شاعر ڪھڙا آھن؟
جواب: شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ استاد بخاري. شاھ عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي شاعري مون کي ان ڪري موھيندي آھي ڇو ته
ان جي شاعريءَ ۾ اھڙا ته سچا سُر نمايا آھن جو عشق
ھجي ته اھڙو جو زندگيءَ کي عبادت جو درجو بخشي، جي
حوصلي جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ ٿو ڪري ته اھڙو
حوصلو جو ھڪ نازڪ نفيس عورت کي سسئيءَ جو روپ ڏئي
ڊپ ڊاءَ کان آجو ڪري پھاڙن جا پنڌ ٿو ڪرائي ۽
معصوميت ۽ پريت جا اھڙا مثال ٿو پيش ڪري جو عمر
جھڙي ارڏي بادشاھ کي ھڪ معصوم، اٻلا ۽ اٻوجھ
مارئيءَ جي آڏو جھڪڻ تي مجبور ٿوڪري. استاد
بخاريءَ جي شاعري اتي وري پنھنجي سادگيءَ سميت
مڪمل روپ ۾ نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ته ڄڻ شاعر ھر
ڳالھ ڄاڻندو ھجي، جيئن ان کي مرڪن جو ھر راز معلوم
ھجي، درد ۽ غم جون سڀ گھرايون ان جي علم ۾ ھجن،
اھڙيءَ طرح ھو پوري قدرت سان پنھنجي احساسن کي
بيان ڪري ٿو. ان کان علاوه شيلي، ڪيٽس به منھنجا
پسنديده شاعر آھن، ڇالاءِ جو انھن شوخ رنگن جي
شاعري ڪئي آھي، خوبصورتي محنت ۽ روشني انھن جي
شاعريءَ جو بنيادي مرڪز آھي.
سوال: انگريزي ادب ھڪ عالمي ٻوليءَ جو ادب آھي. جڏھن ته سنڌي ھڪ
علاقائي ادب آھي، توھان جي ٻنھي جي باري ۾ ڇا راءِ
آھي؟
جواب: جيستائين انگريزي ادب جو تعلق آھي ته بيشڪ اھو عالمي ادب
آھي، ان جي باري ۾ ٻه رايا نه ٿا ٿي سگھن. انگريزي
دنيا ۾ ڳالھائڻ واري ھڪ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ ان جو
دائرو به تمام وسيع آھي ۽ ان ٻوليءَ ۾ تمام گھڻا
ڪتاب ڇپجن ٿا ۽ گھڻي تعداد ۾ وڪامجن به ٿا، ترجمو
به ڪيا وڃن ٿا. ۽ سنڌي ھڪ علائقائي زبان آھي، پر
جيڪو ميٺاج، جيڪا سچائي پنھنجي زبان ۾ آھي، اھا
ڪنھن ٻي زبان ۾ نٿي ملي. جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ جي
پبلسٽي به انگريزيءَ وانگر ٿئي ته سنڌي زبان ۾ به
اھا قوت موجود آھي جو اھا عالمي پئماني تي وڏو
اعليٰ مقام حاصل ڪري وٺي. علائقائي زبان جا لوڪ
گيت ڪنھن به زبان جي لوڪ گيتن جي مقابلي ۾ رکجي
سگھن ٿا، ۽ تمام ڳالھين ۾ اھا بھتري برتر نظر اچي
ٿي.
سوال: شاعريءَ جي باري ۾ مختلف ملڪن يا دنيا جي ادب ۾ مختلف
وصفون ٻڌايون ويون آھن، اڃا به ٻڌايون وڃن پيون،
توھين شاعريءَ کي ڪيئن بيان ڪنديون؟
جواب: اصل ۾ ھر ملڪ جو پنھنجو ھڪ سماج ھوندو آھي، انھن جي
پنھنجي تھذيب ھوندي آھي، رھڻ ڪرڻ جو انداز ۽
ڳالھائڻ جو ڍنگ مختلف ھوندو آھي. بيشڪ حسن،
خوبصورتي ھڪ عالمي قدر آھي، پران کي بيان ڪرڻ جو
انداز ان سماج جي عڪاسي ڪندو آھي، جنھن جو ھڪ رد
شاعر يا قلمڪار ھوندو آھي. ھاڻي اھو سماج
خوبصورتيءَ کي ڪھڙي طرح کڻي ٿو؟ ان کي ھر شاعر
مختلف انداز ۾ بيان ڪندو، اھڙي طرح رد جي شدت ۽ غم
جا اثاثا به عالمي آھن، ليڪن ڪٿي اھي انتھائي پھتل
آھن ته ڪٿي گھٽ تعداد ۾ ڪٿي غربت جي انتھا اِھا
آھي ته ٻن ويلن جي ماني به ميسر ڪونھي، ۽ ڪٿي غم
اھو آھي ته پاڻي گرم ڇو آھي؟ ٿڌو ڇو ڪونھي؟ ھاڻي
اھي ٻه مختلف احساس آھن ۽ شاعر پنھنجي سماج جي
حوالي سان انھن کي بيان ڪندو آھي.
جيستائين منھنجي ذاتي راءِ جو سوال آھي ته مان شاعريءَ کي ھڪ
احساس سمجھان ٿي، جيڪو تمام نازڪ آھي، جنھن ۾ سڀ
رنگ جذبات جي شدت سان ڀرپور آھن ۽ جذبن جي شدت
احساس کي نمايان ڪندي آھي. صرف ھڪ جُزو اھو آھي
جيڪوشاعريءَ کي آفاقي صنف بڻائي ڇڏي ٿو. اُها
”آگهي“ خوشبوءِ جي سڃاڻپ، رنگن سان پيار، اجالن ۽
انڌيرن سان پيار، بي زبان اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جي
سڃاڻپ، آسمان تي ٽمڪندڙ ستارن جي اشارن کي سمجهڻ،
چنڊ جي سامهون ٿي بيهڻ ۽ وري بادلن ۾ لڪي وڃڻ جو
راز. ڪچي مٽيءَ جي خوشبوءِ ساهن ۾ پلجندڙ پيار جي
ڪهاڻي، ڪنهن ڪويءَ جي ڪويتا! سادي پني تي لکيل اهي
لفظ جيڪي شعر بڻجي پوءِ امر ڇو ٿا بڻجي پون! اها
ڄاڻ جيڪڏهن انسان کي ملي وڃي ته ان جي شاعري آفاقي
حيثيت اختيار ڪري وٺي. آفاقي شاعريءَ مان منهنجو
مقصد اهو آهي ته فرد ڪنهن به معاشري يا ڪنهن به
ملڪ جو هجي اهو احساس ان کي پنهنجو احساس لڳي، اهو
دکن ۽ دردن کي پنهنجو درد سمجهي ۽ اتي زبان جو
محتاج هئڻ نه گهرجي. احساس جي خوشبوءِ ساڳي هجي.
مثال طور تي بنگالي شاعر ٽئگور ۽ جرمنيءَ جو شاعر گوئٽي. انهن
جي شاعري دل ۾ پيهي وڃي ٿي! ۽ جيئن سنڌ جو عظيم
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جنهن جي شاعري جڏهن به
پڙهي وڃي، جتي به پڙهي وڃي، هر هنڌ عڪاس بڻجي پئي
ٿي. روح جي گهرائين ۾ لهي وڃي ٿي. ۽ پوءِ انسان جي
دل و دماغ کي تر و تازه بڻائي تسڪين بخشي ٿي ۽ اها
هڪ بهترين شاعر جي سڃاڻپ آهي. جيتوڻيڪ انهن جي
زبان هر ڪو شخص نه ٿو سمجهي، ليڪن انهن جي شاعريءَ
۾ اُهي احساس نمايان آهن، جيڪي بيحد سچا ۽ گهرا
آهن.
اڃا به جي مان شاعريءَ کي چند لفظن ۾ بيان ڪريان ته ايترو چوڻ
ڪافي آهي ته ”لطيف انساني جذبن کي ترتيب ڏئي،
موسيقيءَ جو ڇهاءُ بخشي ڇڏڻ شاعري آهي.“
سوال: توهان کي هينئر ڪيترا ٻار آهن؟ انهن ڏانهن جڏهن توهان جي
پيار جي نظر کڄندي آهي ته پوءِ توهان جا احساس
ڪهڙا هوندا آهن؟
جواب: مون کي ٻه ٻارڙا آهن، اسفند يار ۽ زرياب. جيڪي منهنجي
وجود جو خوبصورت حصو آهن ۽ جڏهن منهنجي پيار جي
نظر پنهنجي تخليق ڪيل خوبصورت معصوم شاهڪارن تي
پوندي آهي، ته ائين ڀاسندو آهي ڄڻ ته ڪا سڄي
ڪائنات منهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪٺي ٿي هجي! چوڌاري
محبت ئي محبت، پيار ئي پيار آهي ۽ ڄڻ ڪيترائي
خوبصورت گيت، رنگ روشنيون منهنجي دامن ۾ سمايل
هجن، منهنجا ٻار منهنجي محبت جي علامت آهن! انهن
جي مرڪ ۾ مون کي ساري دنيا رقص ڪندي نظر ايندي
آهي. جڏهن اهي معصوم ٽهڪڙا ڏئي ٽڙندا آهن ته
منهنجي دل جي ڌڙڪڻ جي لئه بدلجي ويندي آهي ۽ ڪئين
رنگين سُرتال ڇڙي پوندا آهن. ۽ ان وقت ائين
ڀائيندي آهيان ڄڻ دنيا ۾ ڪنهن به غم جو ڪو وجود ئي
ڪونهي ۽ پوءِ ڪا خوبصورت سِٽ سرجي پوي ٿي!
سونهن ڀريو سماءُ ٿا لڳن،
ڪنهن وائيءَ جو ورجاءُ ٿا لڳن،
منهنجا، ٻئي، هي گلڙا، اسفند ۽ زرياب
ڏات جي ڪنهن ڏيهه جو ڏانءُ ٿا لڳن.
سوال: اڄڪلهه عورت جي آزاديءَ کي توهين ڪيئن ٿيون سمجهيو؟ يا
محسوس ڪريو؟ آزادي ۽ انارڪيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: جيستائين آزاديءَ جو سوال آهي ته سنڌي سماج ۾ سنڌي عورت
تمام گهڻي دٻاءَ جو شڪار آهي. ان ڏوهه ۾ رڳو سماج
جو هٿ ڪونهي، پر ان کي صحيح مقام ڏيارڻ ۾ هتان جي
دانشورن به ڪو ذڪر جوڳو ڪم ناهي ڪيو. مان ڪارو
ڪاريءَ جي ڳالهه نه ٿي ڪريان، ڇو ته ان موضوع کي
ايترو ته غلط نموني سان هئنڊل ڪيو ويو آهي، جو ان
مسئلي جو صحيح نموني سان ڳولڻ جو ڪو رستو ئي نه ٿو
ملي، ان کان علاوه ٻيا به تمام گهڻا رخ ۽ پاسا
اهڙا آهن، جتي سنڌ جي عورت سماجي زنجيرن ۾ جڪڙيل
نظر اچي ٿي ۽ اڄ به اهڙيون حويليون موجود آهن، جتي
عورتن سان جانورن جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.
بلڪ ان کان به بدتر! ان حويليءَ جو وڏيرو، اعليٰ نسل جي گهوڙي
کي، سنواري سينگاري ٿو، پر پنهنجي ڀيڻ يا ڌيءُ جو
حال پڇڻ به گوارا نه ٿو ڪري ۽ گهڻا ته ايترا
خاندان آهن، جو تعليم يافته هوندي به انهن جي
عورتن تائين علم جي روشني نه ٿي پهچي. ڪٿي جائداد
جي چڪر ۾ عورت ورهائجي ٿي، ڪٿي خاندان جو سوال
اڀري ٿو. اهي سڀ پابنديون صرف عورت لاءِ ئي مڙهيون
ويون آهن. جيستائين اسان وٽ، پڙهيل لکيل طبقو يا
سنڌي دانشور ان موضوع تي ڪو به عملي قدم نه کڻندا
تيستائين سنڌ ۾ عورت جي آزادي ناممڪن هوندي. مان
صرف ايترو چونديس ته معاشرتي مجبورين جون اهي
پابنديون جيڪڏهن سنڌ جي عورت پنهنجي قوت بازوءَ
سان نه توڙيون ته معاشرو تمام بريءَ طرح لڏي ۽
لرزي ويندو!
۽ اتي انارڪيءَ جو مطلب آهي ڇڙواڳي وري اهڙي آزادي جيڪا ڪنهن به
اخلاقي اصول جي پابند هجي، ليڪن اهو اصطلاح سنڌ جي
عورت تي استعمال ناهي ٿيندو، اها ته اڃا تائين
پنهنجا جائز حق ئي حاصل نه ڪري سگهي آهي ته پوءِ
اهي حدون توڙڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ۽
جيستائين سنڌي عورت جو سوال آهي ته اها اخلاقي طور
تي ايڏي وڏي آهي جو هوءَ ڪو به اهڙو غلط ڪم نه
ڪندي، جنهن ۾ هن جي وقار کي ڪو ڇيهو رسي! پر سوال
اهو آهي ته جائز حقن جي ته هوءَ حقدار آهي نه!!!؟؟
ته هر الزام جڳ، لڳايو اسان تي،
ڪاڏي ويا، هئا جي ثواب باقي،
اي! ڪاش تقدير، ڪجهه ته ٻڌاءِ هاڻي
رهيا ڪيترا تنهنجا، حساب باقي!
سوال: توهان جا پسنديده ڪتاب؟
جواب: منهنجا پسنديده ڪاب ”شاهه جو رسالو“ جنهن کي پڙهڻ سان
ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ زندگي هر بار نئون جنم وٺي،
انيڪ نوان ورپ کڻي ٻيهر اچي ٿي. پرل ايس بڪ جو
ڪتاب گُڊ ارٿ هيمنگ وي جو ڪتاب فار هوم دي بيل
ٽالس. جيڪي پڙهڻ سان ائين ڀانئجي ٿو ته ڄڻ هر منظر
اک جي سامهون گذرندي ٿو نظر اچي!ـ
سوال: توهان جي شادي ارينج هئي يا لَوي ميريج هئي؟ توهان جي مڙس
هڪ عام رواجي سڌي مڙس آهي، يا هڪ سلجهيل ۽ زال کي
دوست سمجهندڙ انسان آهي؟
جواب: منهنجي شادي ارينج ميريج هئي، پر ان ۾ منهنجي پسند کي
اوليت ضرور هئي! جيستائين عام رواجي سنڌي مڙس جي
ڳالهه آهي ته سنڌي مڙس هئڻ ڪا بري ڳالهه ڪانهي.
اصل ڳالهه آهي ذهني اپروچ جي. جتي صحيح قدرن جي
سڃاڻپ ٿئي ٿي. ان حوالي سان، مان بي حد خوشنصيب
زال آهيان ۽ مون کي فخر آهي ته منهنجو جيون ساٿي
هڪ پيار ڪندڙ، سلجهيل انسان آهي مشڪلاتن جو ڪو به
مرحلو هجي اتي مون کان به اڳڀرو هوندو آهي. گهر جو
فڪر هجي يا ٻاهر جو، سڀ ۾ هو ساٿ نبائيندو آهي ۽
ڀرپور خوشيءَ سان نڀائيندو آهي، نه ڪي بار سمجهي
پورو ڪندو آهي. منهنجو جنم ڏينهن هجي يا اسفند ۽
زرياب جي فرمائش جو ڪو سلسلو هجي، سدائين سندس
نيڻن ۾ مون پيار ڇُلندي ڏٺو آهي.
ڏک هجي يا سک جو ڪو لمحو، سدائين ساڻ ساڻ هوندو آهي. هر دک جي
دوا ۽ هر سک جو اهڃاڻ ٿي پوڻ ڪو ڪمال انسان ئي ٿي
سگهي ٿو، اڪثر مان اهو سوچي حيرانيءَ ۾ پئجي ويندي
آهيان ته دادوءَ جهڙي سخت گير مٽيءَ جو هيءُ
ماڻهو، نٽهڻ اس ۾ ٿڌو ڇانورو ڪيئن ٿو بڻجي! ايڏو
نرم لهجو، شيرين گفتار جو ڍنگ هن ڪنهن کان سکيو
آهي؟ سارو سارو ڏينهن بئنڪ جي نوڪري ڪندي ٿڪ ۾
چُور چُور ماڻهو ايندي ئي اسان ۾ ايڏا محبت ڀريا
سُر ڪيئن ٿو وکيري! سچ ته اهو اهڙو ته پيارو جيون
ساٿي آهي، جيڪو منهنجي ڏک جي هر پل ۾ منهنجو دوست
بڻجي پوي ٿو! ۽ منهنجو هن جو ساٿ ائين آهي!! جٿي
اهڙو پيار هجي جنهن ۾ اعتماد به هجي ۽ عظمت به
هجي. عزت به هجي ته احساس به هجي. ۽ اهڙي پيار کي
لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، صرف مَحسوس ڪري
سگهجي ٿو. ڇو ته اهڙو پيار اها خدائي ڏات آهي،
جيڪا انسان کي ان رتبي تي پهچائي ٿي جتي سواءِ
عظمتن جي ٻيو ڪجهه به ناهي هوندو! ۽ جتي مان! باقي
نه رهي ۽ تون ئي تون جي تنوار هجي. ڪنهن شاعر جو
اتي هيءُ سٽون ڪيڏيون نه سهڻيون ڀاسن ٿيون.
”منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تون،
ڪڏهن نه ڀانيو مون، ڌار توکي پاڻ کان.“
سوال: توهان شاعريءَ ۾ اصلاح جي ڪيتري ضرورت محسوس ڪريو ٿيون؟ ۽
توهان ڪڏهن ڪنهن وٽ اصلاح لاءِ ويون، ريسپانس ڇا
هو؟
جواب: جيئن ڏات کي پنهنجي عروج تي پهچڻ لاءِ ڏانءَ جو هجڻ ضروري
هوندو آهي، تيئن شاعريءَ ۾ اصلاح جو پهلو امر
ڪردار ادا ڪري ٿو! هر شيءِ کي سهڻي نموني پيش ڪرڻ
لاءِ ترتيب ڏيڻ جي ضرورت پوڻ لازمي آهي. جيستائين
اسين شاعريءَ کي مخصوص لفظن ۾ آڻي ترتيب نه
ڏينداسين تيستائين ڪا به سٺي شاعري سرجي نه ٿي
سگهي. ائين مون به پهرين اهو سوچيو ته پنهنجي
شاعري ڪنهن کي ڏجي ضرور. پر ائين ڪرڻ سان لڳو ته
مون ڪو وڏو گناهه جو ڪم ڪيو هجي ڇو ته مون کي اهو
شاعريءَ جي اصلاح ڪرڻ جي بجاءِ منهنجي پنهنجي ذات
جي اصلاح ڪرڻ شروع ڪندو. پوءِ ٿيو ڇا؟ جو اصلاح جي
چڪر کي ڇڏي ڪري پنهنجي سادي سودي شاعريءَ کي پاڻ
تائين محدود رکڻ جي ڪوشس ڪيم ۽ اڄ تائين وري نه
ڪنهن کي اصلاح لاءِ شاعري موڪليم. اهو آهي ريسپانس
پنهنجي دور جي لکندڙن جو ۽ اتي جڏهن ڪنهن نئين
لکندڙ کي ايڏو تلخ تجربو سامهون اچي ته پوءِ ڪنهن
جي دل چوندي ته اڳتي هلي وري ان عمل کي دهرائجي.
سوال: توهان جون پسنديده فلمون ڪهڙيون آهن، انهن جي پسند جو
ڪارڻ.
جواب: مان فلمون تمام گهٽ ڏسندي آهيان، جيڪڏهن ڏسندي به آهيان
ته آرٽ فلمون ڏسندي آهيان، ڇو ته انهن فلمن ۾
زندگيءَ جي جهلڪ نظر ايندي آهي ۽ مون کي انهن جذبن
سان شدت سان لڳاءُ هوندو آهي، جن ۾ زندگي جا سڀ
روپ نمايان هجن!
اڃا ته الائي، ڇا ڇا کسن ها اسان کان،
ماڻهو چڱو ٿيو جو خدا نه ٿيا؟
سوال: حسينه هن هيڏي سهڻي سٽ سرجڻ جو ڇا سبب هو؟
جواب: دوست! تون پڇين ٿي ته هن سٽ لکڻ جو ڇا سبب
هوندو ته دوست! زندگيءَ ۾ ايترا حادثا سامهون اچن
ٿا جو هر حادثو لکڻ تي مجبور ڪري ٿو. ضروري ناهي
ته اهي درد جا سفر ماڻهوءَ پاڻ ڀوڳيا هجن. پر جتي
ڪو به ويجهو لاڳاپو لاڳاپيل هوندو آهي اتي ان جو
درد به پنهنجو محسوس ٿيندو. منهنجي هيءَ سٽ ان
دردن جي عڪاسي آهي، ٻيو منهنجو اهو ايڏو وسيع
تجربو آهي ته ماڻهو ڀلي سامهون نه اچي پر پوءِ به
هُن جي ڪوشش هوندي آهي ته ڪنهن کي جيڪڏهن هن کان
ڪجهه مٿڀرو مانُ ملي ٿو پوي، اهو ڪنهن به صورت ۾
هجي، ان کي ڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل هوندو. پوءِ
ڪيڏو به ويجهو رشتو ڇو نه هجي! اتي اهو ساڙ جو
پهلو هميشه رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو اهو تجربو بار،
بار مون سان ٿيو هجي ۽ پوءِ هر دل جي ڳالهه بڻجي
پوي! ۽ دلين جون ڳالهيون، دلين جا راز جي ائين
سامهون اچن ته پوءِ لفظن جو اهو حسن ئي ٿي سگهي ٿو
ته ڪٿي ڪنهن جي من ۾ اڇائيءَ جي اُها لاٽ پيدا ڪري
جيڪا ڪنهن به جيون کي ٻاٽ اونداهه ڏانهن نه ڌڪي!
جي ائين اثر ٿي پوي ته پوءِ،
منهنجو هر اُهو سفر سڦل ٿي پوي.
جن راهن ۾ مون ڪجهه ڀوڳيو هجي،
سوال: بدلجندڙ سماج جي بدلجندڙ رخن ۽ روين توهان جي دوستن ۾ ڪو
فرق آندو؟
جواب: جيستائين دوستن جي روين ۽ بدلاءِ جي ڳالهه اچي ٿي ته اتي
ڪيترائي لمحا، پل اهڙا به گذريا جتي اهي وارتائون
ٿينديون رهيون، پر اهو فطري عمل آهي. انسان اڃا به
اڳتي ۽ اڃا به اڳتي جي چڪر ۾ هر اُها شيءِ وڃائي
ويهندو آهي جيڪا هُن جي فائدن ۾ هجي! پر دوستي هڪ
اهڙو ته پاڪيزا رشتو آهي جيڪو ٻن دلين کي بغير
ڪنهن مقصد يا مطلب جي پاڻ ۾ ملائي ٿو. پر اتي جي
ملاوٽ شامل ٿي وڃي ته پوءِ دوستي نه ٿي رهي دشمني
بڻجيو پوي.
زندگيءَ جي ڊگهي سفر ۾ مون کي جيڪي به دوست مليا. تمام پيارا ۽
گهرا پر پوءِ به ايتري شڪايت مون کي سڀني دوستن
سان ضرور آهي، ڪٿي ته ڪٿي هنن مون کي ڏکايو ضرور
آهي. جيتوڻيڪ منهنجي هر ڪوشش ۾ اهو شامل هوندو آهي
ته جيستائين ٿي سگهي دوستن سان نڀائجي، پر مون کي
پوءِ به شڪايت آهي ته وقت تي ڪو دوست ڪم اچي ائين
ٿيو ناهي. ڪميون ڪوتاهيون هئڻ لازمي هونديون آهن
پر منهنجن سڀني دوستن کي ڪٺو ڪري اگر پڇجي ته مون
هنن سان اڄ تائين ائين نڀايو آهي جيئن دوستيءَ جو
پهرئين ڏينهن وارو پهريون پيار.
پر پوءِ جي اتي خبر پوي ته ڪو دوست ڪيئن ٿو چوي ته ڏک ٿيڻ ته
لازمي هوندو آهي ۽ مون کي منهنجا دوست ۽ انهن جا
احساس پنهنجا احساس لڳندا آهن. مون ڪڏهن به انهن
کي پرائو ناهي سمجهيو! ۽ جڏهن انهن سان ملڻ کان
پوءِ پرائي هجڻ جو احساس ٿئي ته فرق نه ٿيو آهي.
اهو چوڻ ته اجايو ٿيندو. واقعي، وقت ۽ حالتون
ماڻهوءَ کي بدلائي ٿا وجهن. پر پوءِ به سچي دوست
کي وڃائي ويهڻ گناهه عظيم آهي.
زندگيءَ جي وشال سفر ۾ ڪيترائي ساٿي مليا، ڪي ته تمام پيارا
ڪجهه ته ائين به هئا! پر مون کي ته ڪنهن کان شڪايت
ڪانهي، جن درد ڏنا تن کان به نه، جن اعتماد جا
بَکيا اڊيڙيا تن کي کان به نه، ڪي ته سفر ۾ ئي
وڇڙي ويا ۽ ڪن سان روح رچنديون به ٿيون، پر هر
ڪوئي همدرديون حاصل ڪري هلندو رهيو. منهنجا ٽهڪ
وقتي طور تي انهن لاءِ حوصلي جو باعث بڻيا پر انهن
۾ اوتيل درد کي ڪير به پروڙي نه سگهيو!
پوءِ به جي سچ پڇين سکي ته ڪهڙو ليکو؟
ڇا جون پڇائون
ته ڪنهن ڪيڏيءَ مهل اسان کي پيڙائن جا پنڌ ڪرايا،
منزلن جي فريب ته هونئن ئي اسان کي راهن جا رولا
ڏنا آهن،
پر اي رولاڪ راهون، اسان کي منزلن جا نشان نه ٿا
گهرجن.
پر! ايترو واعدو ڪيو مون سان!
ته جڏهن به ڪا وڇوڙي جي وير مون کي
پنهنجي دوستن کان ڪٿي جدا ڪري وجهي
ته وري ملڻ لاءِ
ها رڳو ئي رڳو
دوستن جي دلين تائين پهچڻ لاءِ
رسائيءَ جا ڪجهه اختيار منهنجي حوالي ڪجو.
ڇو جو؟
مون کي پرواهه ناهي ته ڪير ٿو نڀائي مون سان!
پر مون کي ته اها خبر آهي ته هُو منهنجا دوست آهن
ڪنهن وڏي ڏک کي آٿت لاءِ
زندگي الوداع چوڻ لاءِ
ڪنهن به اڻ ڄاتي اڃ کي اجهائڻ لاءِ
مون کي پنهنجي دوستن جي ديدار جي
ڏاڍي ضرورت پوندي.
سوال: ڇا توهان پنهنجي ايندڙ نسل کي ادبي سرگرميون جاري رکڻ جي
اجازت ڏيندا؟ ۽ پنهنجي ٻارن کي اديب بنائڻ جي ڪوشش
ڪندا؟
جواب: ادبي سرگرميون جاري رکڻ ۾ ذهني طور تي انسان پڪو ۽ پختو
ٿئي ٿو. ٻئي نموني اها هڪ ذهني اوسر آهي، جنهن جو
جاري رهڻ انتهائي ضروري آهي، جيستائين ڪو به انسان
پچي راس نه ٿيندو تيستائين ڪا به ڪاميابي اوستائين
نه ٿي رسي جتي ان کي اصل مقام ملي. انڪري مون کي
خوشي ٿيندي ته منهنجو ايندڙ نسل ان راهه تي هلي پر
شرط اهو آهي ته اهي ادبي سرگرميون ڪنهن نجات جي
رستي ڏانهن وٺي وڃن!نه ڪي اهڙا پنڌ ڪرائڻ جتي
پنهنجو وجود به ڪا معنيٰ نه رکي. جيستائين پنهنجي
ٻارن کي اديب بنائڻ جي ڳالهه آهي ته اديب بنايا
ناهن ويندا. اها ته فطرت جي تقاضا هوندي آهي، روح
جو امتزاج هوندو آهي. قدرت جي طرفان عطا ڪيل ڪا
ڏات هوندي آهي. پنهنجي طبيعت هوندي، انداز بيان
هوندو آهي. درد جو احساس ۽ پيار کي سمجهڻ جي ادا
هوندي آهي. جيڪڏهن اهي سڀ احساس منهنجي ٻارن ۾
هوندا ۽ انهن جو مزاج اهڙو هوندو ته هو بيشڪ ڏات
جي ڏيهه ۾ اچي، ڪي رنگ وکيرين ته ان کان وڌيڪ ٻي
ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿيندي جو منهنجي ئي باغ جا
گل ٽڙي سڄي مانڊاڻ کي سرهاڻ بخشين.
سوال: توهان جي اک خوبصورتيءَ کي ڪيئن ٿي ڏسي؟
جواب: خوبصورتيءَ جا ڪيترائي پهلو ۽ ڪيترائي رنگ هوندا آهن،
خوبصورتيءَ کي اسين ڪنهن هڪ پهلوءَ ۾ قيد نه ٿا
ڪري سگهون. خوبصورتي ڏسڻ واري جي اک ۾ هوندي آهي
ته هو ڪيئن ٿو سامهون واري شيءِ کي محسوس ڪري.
قدرت جا جوڙيل خوبصورت منظر، ۽ اهي دلڪش نظارا،
پربت پهاڙ، چشما، سڀ خوبصورتيءَ جو هڪ اعليٰ منظر
پيش ڪندي نظر اچن ٿا. باغن ۾ خوبصورت گلن جا رنگ
جڏهن اسان جي اکين کي ڇُهي ڪري اڳتي گذرن ٿا ته
ڪيترائي سپنا اسان جي اکين ۾ سرجي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن
ڪنهن ٻار جي چپن تي خوبصورت مُرڪ غور سان ڏسجي ته
ان ۾ خدائي ٿي نظر اچي. خوبصورتي ته پکين جي
ٻوليءَ ۾ به هجي ٿي. جڏهن هو مٺن سُرن سان لانيون
لنون ٿا ۽ ماحول کي جلا بخشين ٿا، مطلب ته
خوبصورتيءَ کي اسين هڪ هنڌ محدود نه ٿا ڪري سگهون.
زندگيءَ جا جيترا به رنگ آهن سڀ خوبصورتيءَ جي
علامت آهن. ليڪن ان ڳالهه کان به اسين انڪاري
ناهيون ته هن دنيا ۾ ڪا به شيءِ ايتري خوبصورت
ناهي جيترو انسان. جيڪڏهن اُن ڳالهه کي اسين دل
سان تسليم ڪريون ته ان جي قيمت ۽ قدر اڃا به وڌي
وڃي. اسان جو پورو جيون اهڙي پياري حسن جو آهنگ
بڻجي وڃي جو جنت جو تصور هئڻ لڳي ۽ محبت جو تصور
به خوبصورتيءَ جي هڪ علامت آهي.
سوال: عالمي ڏاهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڏاهو، سنڌي ٻوليءَ جي هن ڀڃ ڀور
۽ ٻوساٽيل ماحول ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو؟
جواب: سنڌي ڏاهو يا اديب صلاحيتن جي پيماني تي وڏو اونچو مقام
رکي ٿو، ليڪن ان کي نه ته موقعا ملن ٿا ۽ نه ئي
حالات اهڙا هوندا آهن جو عالمي پيماني تي انهن جي
صلاحيت جو تعارف ٿي سگهي! ليڪن اهو ضروري آهي ته
انهن جي جدوجهد جاري رهي.
۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۽ انگريزيءَ تي
عبور رکن ٿا، اهي سنڌي تحريرن ۽ افسانن کي بين
الاقوامي زبانن ۾ ترجمو ڪري پيش ڪن ته جيئن اها
خوشبوءِ ديس بديس ڦهلجي سگهي.
مان سهمجان ٿي ته ان ڏس ۾ اسان وٽ ايترو ڪم نه ٿو ٿئي جيترو هئڻ
گهرجي. جيڪڏهن سنڌي ڏاهو پنهنجي سوچ کي وسيع ڪري
ته گهُٽ ٻوسٽ جي هن ماحول مان پاڻ کي ڪڍي سگهي ٿو،
پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سواءِ ڪاغذي
ڪاروائيءَ جي ۽ ٺلهن نعرن جي ٻيو جيڪو به ڪم ٿئي
ٿو سو نه هئڻ جي برابر آهي! ۽ جيستائين اسين
پنهنجي تهذيب کي بچائي نه سگهنداسين، تيستائين اهو
گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول برقرار رهندو. مان نه ٿي چوان
ته هُو ئي ماٺ ۾ آهن پر ان ماٺار کي رڙين دانهن
سان نه، پر ڪنهن عملي طريقي سان ئي مانڊاڻ ۾
بدلائي سگهجي ٿو! سو صرف ايترو چونديس ”جيترو سنڌي
ڏاهو ذهين ۽ اعليٰ معيار رکي ٿو، اوترو ئي هو،
پنهنجي پچاءَ ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي. پر پوءِ به
اهو حوصلو جاڳي ٿو ته جيون جي آجپي جو ڪو نه ڪو
سلسلو جاري آهي.
سوال: شاعريءَ ۾ توهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
جواب: شاعريءَ ۾ منهنجي پسنديده صنف غزل آهي، جيڪو مون گهڻي
تعداد ۾ لکيو آهي. ٻين صنفن تي به سٺي طبع آزمائي
ڪئي آهي. پر غزل لکڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي. غزل
جو سرجڻ منهنجي لاءِ ائين آهي ڄڻ ته پرينءَ جو
پرچي پوڻ، يا وري ان جهڙي چنڊ جو اوچتو ڌرتيءَ تي
لهي اچڻ! ۽ پوءِ پاڻ اوندهه ۾ لاٽ جو جرڪي پوڻ.
غزل اها انوکي صنف آهي، جنهن ۾ ڪيترائي روحاني راز
سمايل هوندا آهن. غزل ۾ حقيقي ۽ مجازي عشق جا ٻئي
رخ سامهون اچن ٿا. غزل ۾ ماڻهو پنهنجا ڪومل جذبا
ڪوٽ ڪري سگهي ٿو.
وڇوڙي جو ورلاپ، درد جون وارتائون، فطرت جا رنگ، ڪنهن کي پنهنجو
سڏڻ جا جتن، پيار جي ڪشش، ميلاپ جا رنگ، عشق جون
ارڏايون، ٻرندڙ اکين جا خواب، جگر جي روشني، ڪونجن
جو ولر ڪيو وتن وارو فلسفو ۽ اتي وري روح جي رمزن
کي به سمجهڻ جي آشا؟؟ ائين کڻي چئجي ته غزل وسيع
ذهنن جو هڪ وسيع ۽ روشن خيال آهي.
۽ روشن خيال اندر کي اجاري ٿو. ۽ جڏهن اندر اجرو ٿي پاڪ ٿئي ٿو
ته:
پرين جو چهرو چٽو ٿي پئي ٿو!
۽ پوءِ مون وٽ ڪوئي غزل سرجي پوي ٿو!
سوال: ادب ۽ عورت ۾ مرد جو فرق رکڻ کي توهان ڪيئن ڏسو ٿا؟
جواب: عورت ۽ مرد ۾ فرق اهو موضوع هاڻي پراڻو ٿي چڪوآهي، ساري
دنيا ۾ ڪٿي به اها علحدگي ناهي رهي ته لکڻ وارو
مرد آهي يا عورت! ڇو ته تحرير جو هڪ پنهنجو مقام
هوندو آهي. چاهي ان کي ازره پونڊ لکي يا جين پال
سارتر. ڳالهه صرف اها آهي ته تحرير ۾ ڪيتري جان
آهي، اها ئي ان کي ادب ۾ مقام عطا ڪري ٿي. ۽ هئڻ
به ائين گهرجي ته ان جي ئي صلاحيتن کي مڃتا ملي
جتي ڪو ڪم ٿئي. مرد ۽ عورت جي فرق بنان
ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان انصاف جون تقاضائون
پوريون ڪرڻ کپن! جيئن اڳتي هلي. ڪنهن ايماندار
ماڻهوءَ جي پگهر جو پورهيو ساب پوي.
سوال: ”سرتيون“ جي پڙهندڙ لاءِ ڪوئي نياپو؟
جواب: ”سرتيون“ جي پڙهندڙن لاءِ ايترو چونديس ته ڪو به ڪم ڪرڻ
کان پهرين ان مقصد کي آڏو رکجي ۽ پوءِ آهي جذبي جي
سچائي ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو. ۽ اهي سڀ جذبا گڏجي
پون ته پوءِ جيون جو هڪ هڪ پل سهڻو ٿي پوي. |