A CELEBRATION OF SINDHI
WOMEN
ON
23 MARCH 2005
AURTAZAD WOMENS
RESEARCHES PUBLICATION
TAHRIK-E-NISVAN
رپورٽ: رابيلا حميد
شروعات زينت صديقيءَ جي گيتن سان ٿي.
زينت صديقيءَ گيت ٻڌايو.
عطيه دائود شيري ۽ ثريا سوز کي خراج پيش ڪيو.
شيما ڪرمانيءَ ناٽڪ ڪيو، موضوع: ٻن ويلن جي ماني ۽
سڄي ڏينھن جي جاکوڙ.
شيخ اياز جي وائي
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏھن ڳاڙھا گُل الو ميان، تڏھن ملنداسين.
الف ليليٰ جي ڪھاڻي ھارون الرشيد
چار_ سودينار_ لاش عورت
وزير کي ڦاسي/اصل قاتل اچي ٿو.
”زال بيمار/ مڙس ھن لاءِ انگور آڻي ٿو پر ھن کي صوف کپن ٿا.
مشڪل سان ٽي صوف آڻي ٿو_ بصري مان پر زال کي سخت
بخار آھي، ٺيڪ ٿئي ٿي. مڙس دڪان تي وڃي ٿو. اتي ھڪ
پھلوان صوف پيو کائي ۽ پڇڻ تي ٻڌائيس ٿو ته ھڪ
بيوقوف بصري مان زال لاءِ ٽي صوف آندا، اُن ھڪ مون
کي ڏنو، مڙس گھر اچي زال کي ماري ٿو. پوءِ ھڪ
ڏينھن سندس ڌيءَ پئي روئي ۽ ھوءَ ٻڌائي ٿي ته صوف
ھن کنيو ھو، جيڪو ھڪ پھلوان ڦري ويو.
اھا ڪھاڻي ڪنھن دور ۾ به اھا ئي ھئي ته اجايو شڪ مڙد کي ٿئي ٿو
۽ عورت کي ماري ٿو، پر ھن جديد دور ۾ به اھا ڳالھ
پراڻي ڪانھي پر ڳالھ ساڳي آھي.“
عورتزاد: وومين ريسرچ ائنڊ پبليڪيشن پاران ”اَ سيليبريشن آف
سنڌي وومين“ ”23 مارچ“ تي ملھايو ويو. جنھن ۾
”تحريڪ نسوان“ جي شيما ڪرماني گروپ او ٿيئٽر ھڪ
نرت ناٽڪ پيش ڪيو. ناٽڪ بَابت رايا ڏنا ويا ۽ ڪجھ
سوال پڇيا ويا.
ٻيو ناٽڪ ”ڪارو_ ڪاري“ جي عنوان تحت ھو.
پوک/ ڍڳا، ٽرئڪٽر. ھو پنھنجي ڀيڻ کي ماري ٿو.
وڏيرو/ ايس ايڇ او/ ڪاريءَ جي پيءُ تي 50000 ڏنڊ رکن ٿا.
”ھڪ گھر جو منظر. ننڍي ڇوڪري پنھنجي سرتيءَ سان اکٻوٽ راند پئي
رھي ته اوچتو ڀاڻس ۽ پڻس ٻاھران سِٽ سِٽي ٿا اچن
ته ڀيڻ کي ماري اڳين ڌر کان ڏنڊ طور
پنجاھ
ھزار وٺي ٽرئڪٽر وٺندا ۽ پوک ڪندا. انھيءَ منصوبي
تي عمل ڪندي ڀاءُ پنھنجي ڀيڻ کي سڏي ٿو ۽ چويس ٿو
ته پاڻي پيار. ڀيڻ پيار مان گُڏي آڻڻ جي فرمائش ٿي
ڪري. ڀاءُ کيس پيار مان آسرو ٿو ڏئي ته جڏھن شھر
ويندو ته سندس لاءِ ضرور گُڏي ۽ ٻيون شيون وٺي
ايندو. ٻئي لمحي ھو ڀيڻ جي چوٽيءَ ۾ ھٿ وجھي
ڪيرائي ٿو ۽ ڪھاڙين جا وار ڪري اتي ئي ختم ڪري ٿو
ڇڏي. ان کان پوءِ وڏيرو ۽ ايس ايڇ او پنھنجو ڪردار
ٿا نڀائين
آخر ڇو؟!! سوالن جوابن، راين جو سيشن ٿيو.
ان کان پوءِ مشاعرو ٿيو. جنھن جي ڪمپيئرنگ گلبدن جاويد ڪئي.
مشاعري جي صدارت رخسانه پريت چنڙ ڪئي، سحر امداد،
شبنم گل، پشپاولڀ، نذير ناز، ريحانه چنڙ، گلشن
لغاري، صاحبه انصاري، عطيه دائود، امر سنڌو، ثمينه
ميمڻ ۽ نجمه پنھور پنھنجي شاعري ٻڌائي.
صاحبه انصاري پنھنجو شعر ٻڌايو.
جي پڇي ٿي سوالن تي سوال،
نه مليس ٿو ڪو جواب
ته ٿي پئي ٿي پاڻ ئي سوال(؟)
رخسانا پريت چنڙ:
پاڻ ايندا حجائتا آھنج،
ڪونه دردن کي دعوتون گھرجن.
ريحانا چنڙ:
ھن ڳوٺ جا سڀ چونرا ڊھي ويا
۽ رڳو رھجي ويا
جھرڪين جا آکيرا!
.................................
ٽي ڇوڪرا تري آيا،
پر ڌيءَ ٻڏي وئي،
ڇو ته ڇوڪريون ترڻ ناھن سکنديون.
زينت صديقيءَ گيت ٻڌايا:
منھنجي اباڻن لاتم ڏينھڙا،
منھنجي اباڻن لاتم سالڙا،
مئي جو ملڪ ملير چون ٿا،
مينھن وسين تون ڇو نه!
مينھن وسين تون ڇو!
اَئي امان اَئي امان، اڄ ٻه چار ڇڄ ڇنڊيدس
ٻيون سھيليون وھنجن، آءٌ ڏسيو پئي ڌران
منھنجا مائٽ پري، آءٌ اڪيلي مران،
مُئيءَ جو ملڪ ملير چون ٿا،
مينھن وسين تون ڇو نه! مينھن وسين تون ڇو!
جيجل جھجھو مينھن وسي رھيو آھي، ڀائرن جي ڀيڻ پئي ھنجون ھاري،
اَلا منھنجي اباڻن لاتم ڏينھڙا،
مُئيءَ جو ملڪ ملير چون ٿا.
زينت صديقيءَ کي ٻئي گيت جي فرمائش ڪئي وئي، ۽ ھن ھي مشھور لوڪ
گيت ٻڌايو:
ڇو ٿي ڄڻيئي اھڙيون ڌيئر امان،
ڌيئر پرايو ڌڻ اٿئي ڙي امان،
لوليون ڏنئي، پرديس وڃڻ جون.
ابي امان کي ٿيون سين چار ڌيئرون،
ننڍڙيون پرڻيون ويجھيون، ڏُور ٿيون وڏڙيون،
ڏک سک ۾ سڀ ڏور امان،
گوڏي تي سمھاري لوليون ڏنئي ڙي امان،
لوليون ڏنئي پرديس وڃڻ جون.
سس طعنن سان ٿي مون کي ستائي،
سھري جي تابش ساھ سڪائي،
گوندر منجھ گذاريان امان
لوليون ڏنئه پرديس وڃڻ جون،
ائين نه ڏين ھا پرديس امان،
ڇو ٿي ڄڻيئي اھڙيون ڌيئر امان.
گلشن لغاري:
جيئڻ ڪاڻ جيجل، او اڀاڳي آيل!
ڪيئن ھانوَ جھليو ھوندءِ، ڪيئن چپ سبيا ھوندءِ؟
معصوم گلن، جن کي تون روز چمندي ھئينءَ،
پائي ڳراٽيون ۽ سيني لائيندي ھئينءَ،
ڪيئن تن جا گلا جيجل، ڪاتيءَ سان ڪُٺا ھوندءِ!
ھوءَ ڪيترن سالن کان پوءِ ملي ھئي،
ھوءَ جيڪا ڪڏھن گلابن جيان سرسبز ۽ شاداب لڳندي ھئي
لڳي رھي ھئي ڪنھن زرد پن جيان
نجمه پنھور:
ھيل به برکا رُت ۾ ساجن،
ڳاڙھا گل پٽينداسين
نيري نڀ جي ھيٺيان ويھي
پريت جو ٻج ڇٽينداسين.
گلبدن جاويد:
ٽٽل تار دل جي وري ڇيڙجي،
محبت جو ميڙو وري ميڙجي،
ڀلا وقت سان جھيڙو ڪو جھيڙجي
۽ پاڻيءَ بنان فصل گُل کيڙجي.
ڏُتارڻ لاءِ دل کي،
بھانا ٿا گھرجن.
ثمينه ميمڻ:
قلم ڪڏھو ڪر ساٿ ڇڏيو آ،
زخم جھُريو آ تازو ٿيو آ،
پاڻھي ڄاڻي شعر جُڙيو آ،
جدا جڏھن کان ٿيڻو پيو آ.
”ماکيءَ
مٺا ماڻھو“ جو مھورت
رپورٽ: نجمه پنھور
ماھتاب محبوب ”ماکيءَ مٺا ماڻھو“ ۾ سھيڙيل خطن کي ساھ سان سانڍي
رکيو ۽ ھاڻي انھن کي ڪتابي صورت ۾ اسان جي آڏو
آندو آھي. انھن جي اھميت انڪري به آھي، جو انھن
خطن جي لکندڙن مان ڪيترا طبعي طور تي اسان ۾ موجود
نه آھن ۽ ھي خط انھن جون اڻڇپيل ”تحريرون“ آھن،
جيڪي اسان/ اوھان جي پڙھڻ لاءِ آھن اسين ڪوشش
ڪنداسين ته ”ماکيءَ مٺا ماڻھو“ تي ”سرتيون“ ۾ ھڪ
ڀرپور اڀياس ڇپيون، پر تيستائين اچو ته انھيءَ
ڪتاب جي مھورتي تقريب جو احوال پڙھون. (ن_پ)
”ماکيءَ مٺا ماڻھو“ ماھتاب محبوب جو 17 ھون ڪتاب آھي. ھي ڪتاب
ھند_ سنڌ جي اديبن جي خطن تي مشتمل آھي، جيڪي ھنن
ماھتاب محبوب ڏانھن لکيا. ان ڪتاب جو ان ڪتاب جو
مھورت 27 اپريل تي سنڌ لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿيو،
جنھن جي صدارت حميد سنڌيءَ جي ھئي ۽ خاص مھمان آغا
سليم ھو.
تقريب جي شروعات شاھ سائينءَ جي ڪلام سان ٿي.
امرسنڌوءَ ۽ گلبدن جاويد، ماھتاب محبوب کي گلن جا تحفا پيش ڪيا.
زمر محبوب ڪتاب جو مھورت ڪيو. ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير مرشد
محبوب ٺاھي آھي.
ان کان پوءِ تاج جوئي ڪتاب تي ڳالھائيندي، سنڌي
ادب ۽ خط نويسيءَ جي تاريخ تي ڳالھايو.
زبير سومري چيو ته ”ماھتاب محبوب ڏانھن لکيل خط پڙھي ائين
ٿو لڳي، ڄڻ مھتاب محبوب ڏانھن لکيل خط پڙھي ائين
ٿو لڳي، ڄڻ ماھتاب ھند جي ڄائي ھئي، ۽ سنڌ ۾ پرڻجي آئي آھي.
اتان جي اديبن جنھن سڪ ۽ محبت سان ماھتاب کي خط
لکيا آھن، اھا سڪ پيڪا ئي ڏئي سگھن ٿا.“
امر سنڌو ”ماکيءَ مٺا ماڻهو“ تي ڳالهائيندي چيو ته: ”نمبر ون ۽
ٽو واري ريٽنگ ادب ۾ نه، اداڪارن لاءِ مخصوص رکڻ
کپي. هي ڪتاب ادبي سماجي تاريخ نه آهي، پر ان دور
جي روين جي تاريخ آهي. مهتاب فقراءُ طبيعت جي مائي
آهي. جيئن پنهنجي تحريرن ۾ آهي، تيئن عام زندگيءَ
۾ به آهي. خيالن ۽ آئيڊياز سان ڪميٽيڊ آهي.“
انعام شيخ چيو ته: ”ماهتاب محبوب هڪ باوقار ۽ خوبصورت عورت آهي.
خط دل جو اظهار ۽ جيترا سادا لکيل اوترا اثر انداز
هوندا آهن.“ هن چيو ته ماهتاب جي لکڻين سنڌ ۾
امرتا حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته خطن تي مشتمل هي ڪتاب
سنڌي ادب لاءِ هڪ تحفو آهي.
سحر امداد ڪتاب نه پڙهيو هو، سو ماهتاب جي ذات ۽ جن جي حوالي
سان ڳالهائيندي هُن کيس دعائون ڪيون ته: ”هوءَ
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون خوبصورت تحريرون ڏيندي ۽
اسان کي انهن جو انتظار رهندو.“
ولي رام ولڀ انهيءَ موقعي تي چيو ته: .خطن مان ماهتاب جو سندس
مڃتا هن جو ئي نصيب آهي.“
ماهتاب محبوب سڀني ڳالهائيندڙن ۽ شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيندي
چيو ته: ”مقالا ۽ تقريرون، قدرتي ڏات ۽ فن آهي،
جنهن کان مان محروم رهجي وئي آهيان. سالن کان
سانڍيل هي خط ”ماکيءَ مٺا ماڻهو“ جي صورت ۾ توهان
جي آڏو آهن. روحن جا عڪس ڄڻ امانت آهن. هاڻي ته اي
ميل، هٿ هٿ ۾ موبائيل ادب جا خزانا آهن.“
آغا سليم چيو ته: ”ڪتاب مو نه پڙهيو آهي، رڳو حاضري ڏيڻ لاءِ
آيو آهيان. ماهتاب لاءِ ذاتي راءِ آهي ته هن ۾
وقار آهي، وضعداري آهي، اهڙو ئي هن جو محبوب آهي ۽
اهڙا ئي هن جا ٻار آهن. ٻاهرين سونهن ته خدا جي
دين آهي، پر هن جي اندر ۾ به سونهن آهي، فنڪشن
اهڙا ڪرائجن.“
حميد سنڌيءَ ڳالهائيندي چيو ته گذريل 30 سالن ۾ ماهتاب ڏانهن
لکيل سنڌ _ هند جي اديبن جا خط سنڌي ادب جي شخصي،
سماجي ۽ ثقافتي تاريخ جا ورق آهن.“
ليکڪ نصير مرزا چيو ته ماهتاب محبوب هڪ غظيم ليکڪ، شاعر ۽
دانشور جي محبت ۽ احترام جو مرڪز رهي آهي. هن چيو
ته خطن جو هي مجموعو هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ محبت جي
اڏيل هڪ نئين پل آهي ۽ ان سان محبت جو نئون ڪلچر
وڌندو ويجهندو.
آخر ۾ ”راڳ رهاڻ“ تي، جنهن ۾ آغا ثناءُ الله، اياز قادري ۽ ٻين
فنڪارن ڪلام ڳايا. ائين هيءَ رنگارنگ ۽ پُروقار
تقريب پڄاڻيءَ تي پهتي.
جيون _ هٿ،
درد _ ريکائون
پوءِ، نميءَ جي خوشيءَ خاطر هن اُن شخص سان شادي ڪري ڇڏي، پر هو
وڏو ماڻهو هو نڀائي نه سگهيو. ڇهن مهينن ۾ ئي هُن
جي دل کَٽي ٿي وئي. اُهو ڄاڻڻ باوجود به ته هن جي
ڪُک ۾ سندس ٻار پلجي رهيو هو ۽ هو کين ڇڏي هليو
ويو.
دائيءَ، ننڍڙيءَ کي کڻي سندس ماءُ جي ڀر ۾ ليٽايو ته ڀرسان ويٺل
نميءَ، ننڍڙيءَ ڏي بيحد پيار مان ڏسندي سندس نرم
گلابي ڳل کي پنهنجي هٿ سان ڇهندي پڇيو ”امان، هن
جو نالو ڇا آهي؟“
ماڻس مرڪندي چيس، ”تون ڀيڻ آهينس تون ئي نالو رکيس.“
”چڱو ته پوءِ مان نالو رکانس ٿي ڪومل. سڏيندي ماڻس وري ڪوملي!“
نميءَ خوش ٿيندي چيو.
”نالو سٺو آهي ۽ تنهنجي نالي سان ٺهي ٿو. نرمل ۽ ڪومل“ ماڻس
مرڪندي چيو. ان ڏينهن نمي اسڪول به نه وئي. پاڙي ۾
رهندڙ پنهنجين ننڍڙين ساهيڙين کي وٺي آئي ۽ چوڻ
لڳي، ”ڏسو ته سهي! ڪيڏي پياري آهي، منهنجي ننڍڙي
ڀيڻ! جهڙي جپاني گُڏي!“
ماڻس، کٽ جي سيرانديءَ کان رکيل دٻي مان ٻه ٽي نباتون ڪڍي هنن
کي ڏنيون ۽ خوش ٿينديون ٻاهر نڪري ويون. ڪوملي،
ڇهن مهينن جي ٿي ته نميءَ کي ماءُ ڳانا ٺاهڻ
سيکاريا. هوءَ ڏاڍي تيزيءَ سان ڳانا ٺاهي وٺندي
هئي ۽ پوءِ شام جو ڪومليءَ کي ڪڇ تي کڻي، اهي ڳانا
دڪان تي ڏئي سيڌو سامان وٺي ايندي هئي.
هڪ ڏينهن، نمي اسڪول مان موٽي ته ماءُ وٽ اوپري عورت کي ويٺل
ڏٺائين. ڪتاب رکي ماءُ وٽ آئي ته ماڻس ٻڌايس،
”نمي! هيءَ تنهنجي ماسي آهي. تون جڏهن ڄائي هئينءَ
ته هن منهنجو ڏاڍو خيال رکيو هو. پنهنجي وس آهر
منهنجي مدد به ڪئي هئائين. هي هتي مسواڙ تي رهيل
هئا، جلد ئي لَڏي ويا ته وري نه مون سان ڪئي نه ئي
هن کي ياد آيس. اَڄُ اوچتو ڀلجي پئي آهي!“ نميءَ،
سلام ڪيو ته هن ڀاڪر ۾ ڀري ورتس. ”ڪيڏي وڏي ٿي وئي
آهين! جڏهن آخر ڀيرو توکي ڏٺو هومانءِ ته ريڙهيون
مس پئي پاتئي. تنهنجي ماءُ جو ۽ منهنجو ڏاڍو قرب
هو پاڻ ۾. قسمت ۾ وري ملڻ لکيل هو، تڏهن ته مليون
آهيون.“
نميءَ کي سندس اهو پيار ڀريو لهجو ڏاڍو وڻيو، هوءَ پاڻ به نميءَ
اڇو اُجرو ۽ چپ چپ، اهو ننڍڙو ڇوڪرو نميءَ کي ڏاڍو
وڻيو. پورو هفتو ماسي وٽن رهي. اهو سڄو هفتو نميءَ
خوش خوش گذاريو. ماسي جڏهن واپس وڃڻ لڳي ته ڏک کان
نميءَ ته کانئس موڪلايو به ڪونه. بنان موڪلائڻ جي
هوءَ اسڪول هلي وئي هئي.
صبح جو وقت هو. نميءَ، آڳر جي ٻُهاري پئي ڪڍي، ماڻس ماني پئي
پچائي، ڪومليءَ پَٽ تي ويهي راند پئي ڪئي، ڪوملي
بي سمجهه هئي، جيڪا به شيءِ هٿ ۾ ايندي هيس وات ۾
وجهي ڇڏيندي هئي، ان وقت به بلور هٿ ۾ آيس ته کڻي
وات م وڌائين. نميءَ جي نظر جيئن ئي ڪومليءَ تي
پئي ته گهٻرائجي وئي. ڪومليءَ جون اکيون ٻاهر نڪري
آيون هيون ۽ هوءَ زور زور سان روئڻ لڳي. نميءَ جي
دانهن تي ۽ ڪومليءَ جي روئڻ تي ماڻس ڊوڙندي آئي.
نمي ڀيڻ جي حالت ڏسي روئي رهي هئي. ماڻس پريشان ٿي
وئي. ڪومليءَ کي کڻي اونڌو جهلي ڪنڌ وٽ ٻه ٽي هلڪا
ڌڪ هنيائين ته بلور اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. نمي پوءِ
به روئندي رهي. ماڻس ٻنهي کي ڀاڪر ۾ ڪري پرچايو.
تڏهن مس نميءَ ماٺ ڪئي. ”نمي، اَڄ جي مان وقت تي
نه پهچان ها ته الائي ڇا ٿي وڃي ها! ڀيڻ جو خيال
رکندي ڪر. پٽ تي ننڍڙيوننڍڙيون شيون ڏسي ته کڻي
ڇڏيندي ڪر. ”ماڻس، نميءَ کي سمجهايو. دل زور زور
سان ڌڙڪي رهي هيس. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هيس. اهو
سوچيندي ته خدا جو شڪر آ جو بلور نڪري ويو. نه ته،
الائي ڇا ٿي وڃي ها! هن ڪومليءَ کي چميون ڏيڻ شروع
ڪيون نميءَ، پٽ تان سموريون ننڍڙيون شيون کڻي گند
جي دٻي ۾ وجهي ڇڏيون. اهو به نه پئي ڏٺائين ته
ڪهڙي ڪم واري شيءِ آهي، ڪهڙي بيڪار. ان وقت سڀ کان
وڌيڪ نميءَ کي پنهنجي ڀيڻ ڪوملي پياري هئي.
سيارو شروع ٿي چڪو هو. ڪوملي هاڻي پنڌ ڪرڻ لڳي هئي. نميءَ کي
پنهنجي ڀيڻ ڏاڍي پياري هئي. ڪم ڪار لاهي، ڪومليءَ
کي ڪڇ تي کڻي هوءَ پاڙي جي گهرن ۾ هلي ويندي هئي.
پنهنجي خرچيءَ مان به ڪومليءَ کي شيءِ وٺي ڏيندي
هئي. ڪومليءَ کي کٽمٺڙو ڏيکاري چوندي هئي، مون کي
پهري چمي ڏي ته پوءِ ڏيانءِ. ڪوملي ننڍڙيون وکون
ڀريندي اچي چُمي ڏيندي هيس ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي.
آهستي آهستي نميءَ، ڪومليءَ کي ”ادي“ چوڻ سيکاريو. ماڻهن، ٻنهي
جو پاڻ ۾ ايترو قرب ڏسي خوش پئي ٿيندي هئي.
نميءَ، پنج درجا پاس ڪيا ته ماڻس بيمار رهڻ لڳي. ائين پڙهائي
ڇڏي نمي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ لڳي. گهڻو وقت ڳانا
ٺاهڻ ۾ گذري ويندو هيس ڪجهه دير وري ڪومليءَ سان
ويهي راند ڪندي هئي. اوچتو هڪ رات ماڻس جي طبيعت
تمام گهڻي بگڙجي وئي. ٽي ڏينهن ٽي راتيون تمام تيز
بخار ۾ کٽ تي پئي رهي ۽ پوءِ مري وئي. مرڻ کان
ڪجهه گهڙيون اڳ، نميءَ کي پاڻ وٽ سڏي ويهاري
سمجهايو هئائين، ”نمي! منهنجي مُئي کان پوءِ تون
پنهنجي ماسيءَ ڏانهن هلي وڃجانءِ. هان وَٺُ، هيءُ
اٿئي اُن جو پتو. هن کي اهو نياپو ضرور ڏجانءِ ته
جيئن مون تي اڳ احسان ڪيو هُيئي، تيئن هن ڀيري به
احسان ڪجانءِ، منهنجون نياڻيون هاڻي تنهنجي حوالي
آهن، هنن کي منهنجي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏجانءِ.“
ايترو ڳالهائيندي هوءَ چپ ٿي وئي هئي. نميءَ ماڻهس جون کليل
اکيون ڏسي وٺي دانهون ڪيو. سڀ پاڙي وارا اچي گڏ
ٿيا هئا، سڀني گڏجي ماڻس جي ڪفن دفن جو بندوبست
ڪيو. پاڙي جون ڪجهه عورتون ٽن ڏينهن تائين سندن
گهر ۾ رهيون ۽ انهن ڪومليءَ کي به سنڀاليو.
چوٿين ڏينهن تي مولوي صاحب نميءَ کي پاڻ وٽ گهرائي چيو، ”ڌيءُ!
تنهنجي ماءُ هن دنيا ۾ نه رهي آهي. تون اسان جي
نياڻي آهين. جنهن وٽ به چاهين رهي سگهين ٿي، پر جي
تنهنجي ماءُ جو ڪو مٽ مائٽ هجي ۽ توکي ان جي خبر
هجي، تون اُن وٽ رهڻ چاهين ته ٻڌاءِ، مان پاڻ
توهان کي اتي وٺي هلندس.“
مولوي صاحب جي ڳالهه ٻڌي نميءَ چپ چاپ ماءُ جي ڏنل پرچي مولوي
صاحب جي حوالي ڪري ڇڏي. منجهند جو ٽائيم هو نمي
ڪومليءَ کي ڪڇ تي کنيو، جنهن دروازي تي بيٺي هئي،
سو سندس ماسيءَ جي گهر جو دروازو هو. مولوي صاحب
به گڏ بيٺو هيس. ٿوري دير کان پوءِ دروازو کليو.
جنهن عورت دروازو کوليو هو، ان کي نمي سڃاڻي وئي.
هوءَ اها ئي هئي جنهن لاءِ ماڻس چيو هيس ته اها
تنهنجي ماسي آهي.
مولوي صاحب جڏهن ان عورت کي سموري حقيقت ٻڌائي ته هوءَ نميءَ کي
ڀاڪر ۾ ڀري ايتري ته رني جو گهٻرائجي نميءَ سان گڏ
ننڍڙي ڪومليءَ به روئڻ شروع ڪري ڏنو. پوءِ، هوءَ
کين پرچائي اندر وٺي آئي، مولوي صاحب واپس هليو
ويو.
”منهنجي ڀيڻ کي ڪا ڏاڍي تڪڙ هئي وڃڻ جي، مون کان موڪلائي به نه
وئي. بنان ٻڌائڻ جي وئي هلي. ”ائين چوندي اکين مان
ڳوڙها وهي آيس. ڪيتري دير تائين هوءَ نميءَ سان
سندس ماءُ جون ڳالهيون ڪندي رهي. ڪومليءَ کي هن
پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو هو.
نميءَ، ماسيءَ کان وليءَ جو پڇيو ته ماسيءَ ٻڌايس، پيءُ سان
گڏجي بازار ويو آهي، ڄاڻ موٽيا. ٿوري دير کان پوءِ
اهي موٽيا ته نميءَ ۽ ڪومليءَ کي ڏسي ماسهنس جو
مڙس حيرت ۾ پئجي ويو. ولي، ماءُ جي هنج ۾ ستل
ننڍڙي ڇوڪري ڏسي اچي ماءُ جي ڀرسان ويٺو.
”هي منهنجي ا ساهيڙيءَ جون ڌيئر آهن، جنهن جو ذڪر اڪثر مان
توهان سان ڪندي رهندي آهيان. هوءَ هاڻي هن دنيا ۾
ناهي رهي. هنن جو اسان کان سواءِ ڪو به مٽ مائٽ
ڪونهي، هاڻي هي ٻئي هتي رهنديون.“
اهو ٻڌي هو اڳتي وڌيو. نميءَ جي مٿي تي شفقت مان هٿ ڦيريائين.
پيار ڀري هڪ نظر ڪومليءَ تي وجهي اندر هليو ويو.
نميءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ماسيءَ جي مڙس جي روپ
۾ کين پيءُ ملي ويو هو. نميءَ، پاڻ کي ان گهر ۾
بلڪل محفوظ ڀانيو. ڪيتري دير تائين هوءَ پنهنجي
مٿي تي ان شفقت ڀرئي هٿ جو ڇُهاءُ محسوس ڪندي رهي.
ماسيءَ ڀرسان پيل کٽ تي ننڊ پيل ڪومليءَ کي
سمهاريندي وليءَ کي چيو:
”هيءَ تنهنجي ”ادي“ آهي. تون هن سان ويهي ڳالهيون ڪر ته مان
ماني تيار ڪري وٺان.“
ماسي اٿي رڌڻي طرف وئي ته نميءَ، وليءَ کي پنهنجي ڀي ۾ ويهاري
کانئس پڇيو، ”پڙهندو آهينڍ؟!“
”ها، ولي شرمائيندي جواب ڏنو.
”ڀلا توکي!. ب اچي ٿي؟“ نميءَ پڇا ڪيس.
”ها، ا، ب، ڀ، ت...... بس ايتري ٿي اچي.“
ت، تاري کان اڳتي نه ٿي اچيئي، نميءَ پڇيس.
نه، مون کي ايترو ياد آهي، ولي چيو.
ٺيڪ آ، اڳتي مان ياد ڪرائيندي مانءِ! نميءَ چيس.
توهان ٻئي هاڻي هتي رهندؤ؟ وليءَ پڇيو.
ها اسين ٻئي هاڻي توهان سان گڏ رهنديونسين.
توکي آکاڻيون اينديون آهن؟ وليءَ پڇيو.
ها، کوڙ ساريون اينديون آهن. رات جو روز مان توکي هڪ ڪهاڻي
ٻڌائيندي! نميءَ جي ائين چوڻ تي ولي خوش ٿي ويو.
ٿوري دير کا پوءِ، ننڊ ستل ڪومليءَ ڏي نهاري
پڇيائين، ”هيءَ ڪير آهي!؟“
نميءَ ٻڌايس، اها منهنجي ننڍڙي ڀيڻ آهي.
ان جو نالو ڇا آهي؟ وليءَ پڇا ڪئي.
ڪومل، پر مان ڪوملي چوندي آهيانس.
ڪيتري پياري آهي! وليءَ چيو.
تون به ته الاهي سٺو آهين! نميءَ پيار مان چيس ته هو خوش ٿي کلڻ
لڳو.
ٿوري دير کان پوءِ، ماسي ماني کڻي آئي. ماني کائي نمي هٿ ڌوئڻ
لاءِ اٿي ته ڪوملي جاڳي پئي. پاڻ کي اوپري گهر ۾
ڏسي رڙيون ڪري روئڻ لڳي. جيستائين نمي هٿ ڌوئي اچي
تيستائين ماسي کنيس پر هوءَ اڃا وڌيڪ روڻ لڳي.
نميءَ اڇي کنيس ته ڀاڪر پائي چپ ٿي وئي.
”نميءَ، ان وقت
ڪومليءَ ڏانهن نهاريو ته هوءَ وات ۾ آڱوٺو وجهي
چوسي رهي هئي.
”ماسي، ڪوملي، کير پيئندي آهي. جيڪڏهن توهان وٽ ٿورڙو هجي ته
آڻي ڏيو. بک لڳي هونديس.“
نميءَ ڪوملي ڏانهن ڏسندي چيو.
ها، کوڙ کير، مان اجهو ٿي آڻيان!
ائين چئي ماسي گلاس ۾ کير کڻي آئي ۽ نميءَ کان
پڇيائين، کير ڇا ۾ پيئندي آهي؟
نميءَ سامان واري هڙ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ان هڙ ۾ هن جي ننڍڙي
گلاسڙي پئي آهي. ان ۾ کير پيئندي آهي.
پوءِ، ماسيءَ هڙ مان گلاسڙي ڪڍي ۽ کير ان ۾ وجهي نميءَ ڏانهن
وڌايائين.
ننڍڙو ولي ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڪومليءَ کي کير پيئندي ڏسي رهيو
هو. نميءَ ڇا ڪيو جو ڪومليءَ کي ڪڇ ۾ ڪري هيٺ ويهي
رهي ۽ وليءَ کي پنهنجي ڀرسان ويهاريندي پڇيائين،
توکي هيءَ وڻي ٿي؟؟
ها! وليءَ بيحد معصوميت مان مرڪي چيو.
پوءِ ماءُ ڏي نهاري چيائين، امان! ڏس ڪيڏي پياري آهي، جهڙي
گُڏي، ڳل کي هٿ لائيندي چيو.
ماڻس مرڪي پئي، نميءَ ڏانهن ڏسندي چيائين، ڏاڍو شرارتي آهي.
نميءَ مرڪي ڏنو.
ڪوملي کير پي ڇڏيو ته نميءَ ڪومليءَ کي پٽ تي ويهاريو. ۽ ولي ۽
ڪوملي راند کيڏڻ لڳا.
هڪ ڏينهن مولوي صاحب آيو. ماسيءَ سان ڳالهه ڪيائين ته پاڙي وارا
پڇن پيا ته نمي جاءِ وڪڻندي ته ڪانه. جي وڪڻي ته
اسين خريد لاءِ تيار آهيون. نه ته ڀلا مسواڙ تي ئي
ڏئي ڇڏيو، ٻه ٽي پئسا ٿي پوندا. ماسيءَ، نميءَ کان
پڇا ڪئي ته نميءَ چيو، ماسي تون وڏي آهين جيئن
مناسب سمجهين.
ماسيءَ مولويءَ کي چيو، ”نمي جي لاءِ اها جاءِ ماءُ جي نشاني
آهي. وڪڻداسين ڪانه باقي مسواڙ تي ڀلي ڏئي ڇڏيو.“
مولوي صاحب اهو جواب وٺي واپس هليو ويو. نمي، عمر جي ننڍي هئي
ڏکن ۽ تڪليفن کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو.
ڪوملي هاڻي ماسيءَ سان هري وئي هئي ۽ وليءَ سان راند کيڏندي
ڏاڍي خوش ٿيندي هئي.
ماسيءَ، نميءَ کي چيو هو ته، جيڪڏهن تون وڌيڪ چاهين ته توکي
اسڪول ۾ داخل ڪريان، پر نميءَ جو ارواح پڙهڻ تان
کڄي ويو هو. جيستائين، مون کي جيترو پڙهڻو هو مون
پڙهي ڇڏيو. پر ماسي، ڪومليءَ کي الاهي
پڙهائينداسين.
|