سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مئي 2005ع

 

صفحو :5

لاڏو، لاڏي آڻيندو

نجمه پنهور

جيئن يونيورسٽيءَ مان آيس ته سپنا جي فون آئي ته سندس رشتو طئي ٿي ويو آهي. ڏاڍي خوشي ٿيم، چيومانس ڏاڍي مصروف آهيان پر توسان ملڻ ضرور اينديس ۽ تفصيل سان ڪچهري ڪنداسين. ٻن منٽن جي فون تي به ٻارن ڪنهن پوتيءَ مان ٿي ڇڪيو ته ڪنهن هروڀرو گوڙ ڪري مون کي فون تي ڳالهائڻ ڪونه ٿي ڏنو. جلدي فون رکيم، ٻارڙن کي بک لڳي هئي! ٻارڙن کان پڇيم ڇا کائيندا. اُهو ٺاهي ڏيانوَ.

ٻار، جاب ۽ گهر. عورت جي به ڪهڙي لائيف آهي، ڪير به خوش ڪونهي اسان مان. وري گڏ پڙهندڙ سهيليون، انهن سان ته سال ٿيو وڃن ملندي، ڇا ڪجي. اهڙي زندگي گهارڻ ۾ به هڪ الڳ مزو آهي. سپنا منهنجي ننڍپڻ جي دوست آهي. هر ڳالهه هڪٻئي سان شيئر ڪندا هئاسين، پر هاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهائي دل جو بار هلڪو ڪندا آهيون.

هڪڙي سنڊي تي مشڪل سان ٽائيم ڪڍي ملڻ وئي سانس. ڏاڍي خوش ٿي. ويجهڙ ۾ سندس تٿ ٻڌجي وئي هئي، ”انڊس ۾ شام جي پهر شادي آهي“، ٻڌايائين. مون رڙ ڪري چيو ”ڀلا پڌري، مڱڻو، ميندي، اُهي سڀ رسمون ڪڏهن ٿينديون.“ سپنا کلندي وراڻيو، ”هن مصروفيت واري دؤر ۾ ڪنهن کي وقت آهي انهن اجاين رسمن کي ڪرڻ ۽ ڪٽڪ مائٽن جا سڏائڻ، انهن کي کارائي پياري خدمتون ڪري پٺيان وري گلائون ٻڌجن!“ سندس ڳالهه ته دل سان ٿي لڳي پر ائين ٻُسي ٻُسي شادي هڪڙو تڻ ته ڪر؟؟!

”اهو هڪڙو تڻ ئي ته آهي شاديءَ جو جنهن ۾ توهين سڀ اچجو.“ ”نه سپنا، گهر ۾ سڀني سرتين کي سڏاءِ، جيئن اسين بهاني سان هڪ ٻئي سان ملون.“ سپنا وراڻيو، ”جيئن توهان کي مناسب لڳي.“ تيسين سپنا جي وڏي ڀيڻ چيو ته ”جي سڀني جي مرضي آهي ته پوءِ ڍولڪي ٿا ڪري ڇڏيون. شاديءَ کان اڳ سڀني سرتين کي سڏي، ڳائڻ وڄائڻ ڪنداسين.“ آءٌ ته حيران ٿي ويس، برابر ڍولڪيءَ جو نالو ٻڌو هئم! ڍولڪي آهي ڇا؟ اها ته صحيح معنيٰ ۾ خبر ڪانه هئم. اسان اڃا ڍولڪيءَ تي پئي بحث ڪيو ته سنجها اسان جي سرتي به اچي وئي. وڌيڪ صلاح ڪرڻ جو موقعو مليو، سنجها چيو ته ”اڄ ڪلهه اُهي پراڻيون رسمون ختم ٿينديون پيون وڃن، جيڪي اڳ شادين ۾ ڪيون وينديون هيون. هاڻ جديد دور آهي، ان حساب سان هلڻو پوندو، نه ته هر ڪو ائين چوندو پڙهيل لکيل ڄٽ آهيون. مون کي سنجها جي انهيءَ جملي تي ڏاڍي مٺيان لڳي پر آءٌ به متان ڄٽن ۾ شمار ڪئي وڃان، انڪري چپ رهيس. چاچا اڪبر جي شادي ٿي ياد آيم، جڏهن بابا، چاچا، ماما سڀ گڏجي سڱ وٺڻ لاءِ گهُر ڪندا هئا. گهر جون مايون الڳ وينديون هيون. پوءِ هڪ ڀيرو، ٻيو ڀيرو پنڌن جي پويان پنڌ، جتيون ئي گسي وينديون هيون. مس وڃي ڇوڪريءَ جو سَڱ ملندو هو. ”ها“ ٿيندي هئي ته پڪ سمجهبي هئي انهيءَ پڪ ٿيڻ جون مبارڪون گهر گهر ۾ گونجبيون هيون، مٺائي ورهائبي هئي. هر ماڻهو ٻئي کي خوش ٿي چوندو هو ڀيڻ مبارڪ هجيو، ڇوڪري توهان کي ملي، هر ڪنهن جو منهن خوشيءَ مان پيو ٻهڪندو هو. پر هتي سپنا جي شاديءَ جي تٿ ٻڌي پر جهڙي ڪنهن کي خبر نه هجي، پر جڏهن چاچا اڪبر ڊاڪٽري پوري ڪري هائوس جاب ڪري ڳوٺ موٽيو هو، سندس شاديءَ جي ته تٿ ٻڌجي وئي هئي ته پُڦي زينا، ڏاڏي صاحبان، چاچي آمنت گڏجي چاچا جي گهر اندر گهڙڻ سان ڳيچ ڳاتو هو:

تٿ جي رات لاءِ ڪي منڊيون گهڙائم

لالڻ لائي لنگي، ڪر ڪُلهي.

چاچا اڪبر وري سندس لاڏيءَ لاءَ مينا ٿي ڪڙو ۽ نٿ ٺهرائي آيوهو. ڪيڏو نه سهڻو سمان هو. ان ويل شام جو پهر هو، سڀني هڪڙي هنڌ بيهي ڪن تي هٿ رکي ڳيچ چيو:

نٿ ته شھر ڀنڀورجي ڙي ڀينرون،

ھلي منھنجي سوڍيءَ کي پايو،

راڻو منھنجو آھي سوداگر ڙي ڀينرون.

چؤطرف ٽھڪڙا ئي ٽھڪڙا ھئا، سڀ ڄڻيون پنھنجن گھرن مان ڪم ڪاريون اڌ اڌ ۾ ڇڏي چاچا اڪبر جي اچڻ تي اچي گڏ ٿيون ھيون. اڪبر ھاڻ لاڏو ھو.

انھن رسمن ۽ رواجن کي ڏسي ھتي جي شادين کي ٿا ڏسون، ڪيڏا مھانگا ڪپڙا ڏيج جا. ڇا نه ٿو ڏنو وڃي ڇوڪريءَ کي شاديءَ ۾. سپنا جي ماءُ چيو. ”سعودي مان ته ڪمبل ۽ سوڙون گھرايون اٿم، دبئيءَ مان زيور ۽ ڪپڙا به الائي ڪھڙي بوتيڪ جا جنھن جي ھڪ ھڪ وڳي جي قيمت 18 يا 20 ھزار روپيا. پيسي کي پاڻيءَ جيان وھايو پيو وڃي.“

آءٌ پنھنجي ڌيءُ مومل ڏي ٿي نھاريان، جيڪا پنجن سالن جي آھي. ڇا اسين به اُنَ جي وھانءَ تي ائين ڪنداسين. نه آءٌ اھڙين اجاين رسمن جي خلاف آھيان، منھنجي چئن ڀائرن جي شاديءَ تي اسان جي گھر وارن ڇوڪريءَ وارن کي چيو ته ڏيج جي ضرورت ڪانھي. اسان جي گھر ۾ جيڪي ڪجھ آھي، اُھو ڪافي آھي. ڏاج جي خلاف جيڪي شروعات ڪرڻي آھي ته پھرين پنھنجي گھر مان ئي شروعات ڪرڻي پوندي آھي.

گھر اچي آءٌ به سوچيان ٿي، ڍولڪيءَ تي وڃڻو آھي ۽ ٻيو شاديءَ تي، ٻه وڳا ته گھرجن؟ الماري کولي ھڪ جوڙو پنيءَ جي ڪم وارو ڪڍي ڏٺم ۽ ٻيو مُڪي جي ڪم تي جوڙو سليڪٽ ڪيم ۽ جيولري مئچنگ تي چوائس ڪري مطمئن ٿيس.

سنجھا جي فون آئي ته ”ڇا پروگرام اٿئي. ڪپڙا وٺندينءَ؟ ڪڏھن ٿي شھر ھلين يا ڪراچيءَ مان شاپنگ ڪجي؟“

سنجھا ڪپڙا ته ڍڳ سارا پيا آھن، مون کي ته ضرورت ڪانھي نوَن ڪپڙن جي. ھاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ڪزن جي شاديءَ تي ڪپڙا ٺھرايا ھئم، آھي ئي پائينديس.“

سنجھا چيو، ”ڀلي ڀيڻ، مڙس جي بچت ڪر، سدائين ائين ئي ڪندي آھين. ڀلا ڀاڳ اٿس جو اھڙي زال ملي اٿس جو نه خرچ ڪري نه ڪو بار وجھي. بس سائين توھان جي آھي مرضي.“ مون پڇيو: ”سپنا جي شاپنگ ٿي وئي“ . سنجھا چيو بلڪل ٿي وئي آھي“. پاڻ ئي شاپنگ ڪئي ھئائين. لانئن جو جورو ته تمام سھڻو ورتو اٿس. بوتيڪ واريءَ کان آرڊر تي ٺھرايو اٿس.“

فون رکي سوچيان ٿي، ”چاچا جي شاديءَ مھل ڪيئن جڏھن ڪنوار جي لانئن جو جورو آيو ته ڪيئن نه ڳيچ چيا ويا ھئا! شاديءَ کان ست ڏينھن اڳ ڏاڏيءَ سڀني نياڻين کي ڪوٺايو ھو. ان لاءِ چاچا کي مقرر ڪيو ويو. ماما جي ڌيئن، چاچن جي ڌيئن، پڦين، جي ڌيئن، ماسين جي ڌيئن کي گھرايو ويو. ڏاڏيءَ کي اطمينان ٿيو، ڀلي ٿانوَ ٻھاري لاءِ مايون ڪم واريون بيٺل ھيون، پر ڇوڪرين گڏجي سڏجي ڪم کي کڻي ورتو. وڏيون وري پينگھن ۾ ويھي صلاح ثواب ڪنديون ھيون. مڙد وري ماڙيءَ جي مٿئين هصي ۾ منتقل ٿيا ھئا، جتي انھن کي ماني پھچائي ويندي ھئي، رات جو گھر جي ڪم ڪار کان وانديون ويھي دھل تي جھمريون ھڻن ۽ ڳيچ چون، جيڪي گھٽ ۾ گھٽ مون لاءِ نواڻ ھئي. جڏھن چاچي سُرھي پٽڪو پائي ڪوٽ پاتو ۽ ڪنھن مڙد جو پراڻو بوٽ پائي ڏنڊو ھٿ ۾ کڻي ايڪٽنگ سان ٿي ھلي ۽ چيائين آءٌ آھيان شھزادو. ھاڻ مون کي ڪھڙي به ڇوڪري وڻندي ان کي وٺي ويندس ۽ ان سان وھانءُ ڪندس. پوءِ ڇوڪرين ۽ مائين جا ٽھڪڙا ھئا. ڇوڪريون ھڪ ٻئي ۾ پيون لڪنديون، متان مون کي ٻانھن کان ڇڪي، ان ڪردار جو نالو رکيو ويو ڪاڪو ميرو. ھن جي ڳالھائڻ ۾ مشڪري. روزاني رات جو سانگ جا ڪردار بدلبا ھئا. جيسين وڃي شادي ٿئي، ھاڻ ته شاديون فارمل ٿي ويون آھن. رات جو ٻن ڪلاڪن لاءِ شاديءَ تي وڃڻو پوي ٿو.

شاديءَ جا ڪارڊ ڇپجي ويا ھئا. ان سان گڏ ڍولڪيءَ جا ڪارڊ به مليا، سمجھ ۾ نه آيم ڍولڪي، پر وڃي ڏسڻو ھو. خير سان ڍولڪيءَ جي رات ٻار وٺي ويس، سھيليون، سرتيون، ڀيڻون، مِٽ مائٽ سڀ ھئا. رڳو ڳائڻ جو مقابلو ھو. سنڌيءَ ۾ ڪنھن کي ڪجھ ياد ئي نه ھجي، سڀني ڇوڪرين انڊين گانن تي پرئڪٽس ڪئي ھئي:

مين تو ڇوڙ چلي بابا ڪا ديس

پيا ڪا گھر پيارا لگي،

او ڪوئي ميڪي ڪو دي دي سنديس،

پيا ڪا گھر پيارا لگي.

اھڙي قسم جي گانن تي ڇوڪرين ڏانڊيا ڊانس ڪئي. خير سٺو ته لڳو پر پنھنجي ٻولي، پنھنجي ثقافت کان ڪوھين ڏُور اسين ڪھڙي ديس جا رھاڪو ٿي ويا آھيون.

آءٌ ته ھيڏي محفل ۾ به پنھنجي ڳوٺ جي شاديءَ جي سوچن ۾ گُم ھئس، مايون ٻُڪيءَ جا سڏ ڏينديون، شام جي پھر ۾ اڱڻ تي رنگن سان چٽ ۽ گُل ڪڍنديون، اُکري ۽ مُھري به نئين ھوندي، ڳانا اڳ ۾ ٺاھي رکنديون، اُھي مُھريءَ جي مٿان ٻڌنديون، ست سھاڳڻيون چانور، انُ، کڻنديون ۽ کارڪون کڻي ڳاڙھي ڌاڳي ۾ ست کارڪون ٻڌبيون، پوءِ واري واري سان انُ ڪُٽبو، جيئن زور سان ڌڪ لڳندا، تيئن ڳاني مان کارڪ ھڪ ھڪ ٿي ڇڻندي، اُھا کڻي ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ کي کارائبي، جيئن سندس شاديءَ جو سعيو ٿئي. ڳيچ گڏجي سڀ چونديون. ڏاج ڪنوار جو ڏيکاربو، مِٽ مائٽ جيڪي ڪجھ ڏيندا، اُھي وڏي واڪي ٻڌائينديون، گھوٽ جي ڀيڻ جيڪي پيسا ۽ جورا ڏيندي ته مائين ۾ کلڪا پئجي ويندا. ھڪڙي ڄڻي کلي چوندي ”اي گھوٽ ڀيڻ“ اھا ڪمائي ڪٿان آندءِ.

اھڙي طرح کِل خوشيءَ سان پَرڻا پيا ٿيندا. ڀيڻو چاچا اڪبر کي لُنگي پارائي وٺي آيون. چاچا کي ڳانو ٻڌو ويو. ميندي سڀني گڏجي ھنئي، اُھا شاديءَ جي رات به ھئي، ٻُڪيءَ جي رات به ۽ دِليءَ ڀرڻ جي رات، جنھن ۾ پھرين دھلاري ھليا، پوءِ ڪجھ مڙد ۽ ان کان پوءِ راڄ جون مِٽياڻيون ڳيچ چونديون کلنديون، دِلي کڻي پاڻي ڀرڻ ھليون. اُھو پاڻي ماسي حوا جي گھر رکيوسين، صبح جو گھوٽ وھجندو.

اھڙي طرح جي شادي ۾ ھڪ کَنَ جي به واندڪائي نه ھئي.

ڪنوار لاءِ کھنبي رَتو جوڙو، نٿ، ھار، چوڙيون، سڳي، گھڻو سينگارجو سامان ھو. اھي ٺاھي جوڙي ڳاڙھي ڀريل ڪپڙي سان ڍڪي ڪنوار ڏي وياسين.

ست ڏينھن دھلاري بيٺا دس ھڻندا، جيسين شاديءَ جو ڏينھن ٿئي. پر سپنا جي شاديءَ ۾ وياسين، قيمتي ڪپڙا، بيوٽي پارلر تان تيار ٿيل ڪنوار، ھوٽل جي ماني، جنھن ۾ 20 آئٽم ھئا. سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڪھڙي شيءِ کائون. منھنجن ٻارن ته سلاد پئي کاڌو. گھڻي منع ڪيم ته بابا ترسو، ماني کائجو، چيائون ”امان ٻارنھن ٿيا آھن، بک به لڳي آھي. ”ٻارڙن جو به ڪھڙو ڏوھ، شھرن ۾ ته مانيءَ جو ڪو وقت ئي ڪونھي. نڪاح ته شايد اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو ھئن. باقي ماني ۽ رخصتي (جنھن کي اڳ ۾ نيکيٽي چئبو ھو!) ھئي، ماٺ ميٺ ۾ ڪنوار وٺي ھليا. نه ڪنھن جي اک ۾ ڳوڙھو، نه ڏک جي ريکا، نه ئي وڇوڙي جو ڪو ڳيچ.

منھنجي مَن ۾ ھي گيت ٻُرڻ لڳو. ڪنوار جي موڪلاڻي مھل ڳاتو ويندو آھي نيکيٽيءَ جو ڳيچ:

لاھي ڪڙولو ھن ڪوٽ جو،

مومل نينداسين،

مومل نينداسين،

اسين تِل نه ترسنداسين،

اسان جي اُپل سکياڻي،

مارل کي وٺيو وڃن ٿا ڏُور.

 

 

لڄن جا محافظ

ڪبرا رئوف دَل

 

صبح جا اڃا ڇهه مس ٿيا هئا ته فوجي گهنٽي وڳي ۽ مسلسل وڄندي رهي، مسلسل گهنٽي وڄڻ ڪري زرقا جي اک کلي وئي. ڏاڍي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان فون جي مسلسل وڄندڙ گهنٽيءَ طرف ڏٺو. ”هن گهر ۾ فون ناهي ڪو ڏچو آهيه“ زرقا پنهنجي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي، پر هوڏانهن گهنٽي هئي جيڪا اصل بيهڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.

”يا خدا هيءَ ڪهڙي صبح صبح مصيبت نازل ٿي آهي ”زرقا اونهو ساهه ڀريندي اٿي ڪريڊل تان ڪاوڙ مان ريسور کڻي ڪن سان لڳايو.

”هيلو.......“

”السلام عليڪم“ پريان آواز آيو.

”وعليڪم السلام، اوهه تون! ايڏو سوير فون ڪئي اٿئي! ڇو اڄ يونيورسٽيءَ نه هلندينءَ ڇا!“

زرقا حيران ٿيندي شالا جو آواز سڃاڻندي چيو.

”مان ته اينديس پر توکي ڇا ٿي ويو آهي، ٻن ڏينهن کان يونيورسٽيءَ ۾ به نه آئينءَ، فون به نه ڪيئي، بهرحال اهو پوءِ ٿي پڇان توکان، پهرئين هيءَ ڳالهه ٻڌ، اڄ ضرور ۽ ڪنهن به صورت ۾ يونيورسٽيءَ هلڻو اٿئي“ شالا ڄڻ پنهنجو فيصلو ٻڌايو.

”اڄ، ضرور.... ۽ ڪنهن به صورت ۾...!! سو وري ڇو؟“ زرقا تعجب مان سوال ڪيو.

”ان لاءِ جو اڄ فيڪلٽيءَ ۾ ”عورت ۽ انقلاب“ جي عنوان تي سيمينار ٿي رهيو آهي. اتي پنهنجو هلڻ ضروري آهي. هونءَ ته قوم جون ڳالهيون ڪريو سورن ۾ ڏريو پوين ۽ اڄ وري سيمينار تي به ڪونه هلندينءَ ڇا؟ هيلو......... ٻڌين پئي نه؟“

”ها، ٻڌان پئي“

”ها ته پوءِ جلدي اچجانءِ گڏجي هلنديونسين“

”ٺيڪ آبابا، ٻيو ڪو حڪم هن بنديءَ لاءِ“

”حڪم پلس بنديءَ کي وجهه ڌوڙ ۾ _ پنهنجائپ جو سڏ اٿيئي ضرور اچجانءِ“

”ها، منهنجي انقلابي ليڊر ها _ ضرور اچبو_“

”چڱو پوءِ خدا حافظ“

”خدا حافظ“

زرقا، ريسيور ڪريڊل تي رکيو ۽ پوءِ تياري ڪرڻ لڳي.

يونيورسٽي پوائنٽ تمام پهريائين نڪري وڃڻ ڪري زرقا ۽ شالا ڪنهن سواريءَ جي انتظار ۾ هيون، ايتري ۾ بريڪ جي آواز تي هنن ڏٺو ته هڪ نئين ڪار بلڪل سامهون اچي بيٺي، جنهن مان هڪ نوجوان پنهنجي مُڇن کي تاءُ ڏيندي پنهنجي اکين تان سن گلاسز هيٺ نڪ تي آڻي ڇڏيا.

شالا ۽ زرقا وائڙن جيان هڪٻئي کي ڏٺو. ايتري ۾ هن چيو: ”اچو ڀلا، انتظار وري ڇا جو، جتي چوندؤ اتي مان اوهان کي ڊراپ ڪري ايندس.“

پر هنن سواءِ ڳالهائڻ جي ڪنڌ سان انڪار ڪيو_هنن جي انڪار تي هن وري ٻيهر پنهنجي اکين تان سن گلاسز لاهي ونِڪ Wink  ڪئي ۽ هليو ويو.

”شالا سڃاتو هيئي ڪير هو؟“ زرقا چيو، ”هاها، اهو ئي ته هو جيڪو گذريل هفتي شاپنگ سينٽر تي نوس نوس ڪندو پئي هليو ۽ مجبوراً شاپنگ اڌ ۾ ڇڏي گهر هليا آيا هئاسين“_شالا حوالو ڏيندي چيو.

”آئي الا مُئي جون اکيون ڪيڏيون نه ڀؤ واريون هيون.“

ايتري ۾ آواز آيو ”بابا ڪاڏي ويندؤ“ رڪشو سندس ڀر ۾ هو. رڪشي ۾ ويٺل اڌڙوٽ عمر جو شخص، جنهن جي مٿي تي پراڻي سنڌي ٽوپي بي ترتيب پهريل هئي اکين ۾ ڏسڻ سان ائين ٿي لڳو ڄڻ صدين جو ٿڪ اکين ۾ لهي آيو هجيس، ۽ هو ان رڪشا ۾ سوار ٿي يونيورسٽيءَ ڏانهن روانيون ٿيون.

وقت ڪجهه گهڻو گذري وڃڻ ڪري ڪجهه مقرر پنهنجون تقريرون ڪري چڪا هئا. هيءُ اڃا فيڪلٽي کان ڪجهه فاصلي تي هيون ته ڪنهن مقرر لاءِ انائونس ٿيو.

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.

هاڻي مان هن واديءَ مهراڻ جي سپوت ۽ هن مقدس سنڌوءَ جي پاڪ پويتر پاڻيءَ تي پلجندڙ ۽ مانجهي مرد، ڪامريڊ شير عالم کي دعوت ڏيندس ته هو ڊائيس تي اچي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري. تاڙين جو ڦهڪو لڳي ويو. نعرن جي گونج ۾ شير عالم ڊائيس تي پهتو_هال ۾ نظر ڊوڙايائين_نڙي سرڻ جي بهاني پوءِ هلڪي کنهڪار ڪيائين ۽ سن گلاسز کي ٺاهڻ لڳو_ايتري ۾ شالا ۽ زرقا اچي هال ۾ ڊائيس تي ڪامريڊ کي ڏسي ڇرڪي ويون.

ڇو ته ڪامريڊ شير عالم اهوئي شخص هو جنهن هنن کي شاپنگ سينٽر ۽ اسٽاپ تي گاڏي بيهاري سن گلاسز نڪ تي آڻي ونڪ (Wink)  ڪيو هو.

زرقا، شالا ڏي سوالي نظر سان ڪروڌ سان ڏٺو.

”ها اهي ئي ته آهن لَڄُن جا محافظ“. ٻنهي منهن گهنجائيندي پٽ تي ٿُڪ اڇلي ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ بنان موٽي ٻئي گهر هليون ويون.

 

فاطمه مرنيسي جي آتم ڪٿا

حدون ٽوڙڻ جا خواب

مترجم: امر سنڌو

حصو نائون

”سڌريل دنيائن جي عورت جو سفر پولارن ڏانھن آھي. پر سنڌ جي عورت ايڪھين صديءَ ۾ به ڌرتيءَ جي ڌوڙ جيترو مان، به ماڻي نه سگھي آھي. آجپي ۽ آزادگين جي ڏس ۾ دنيا جون عورتون ڀلي ته سنڌ جي عورت کان گھڻيون اڳتي ھجن، پر غلاميءَ جي تاريخ ۾ ٻئي گڏ بيٺل ھيون. ”آزادگي ۽ آجپو فقط خواھشن جي آڌار تي نه ٿو ماڻي سگھجي.“ عورتن جي جدوجھد جي تاريخ بار بار اھو سبق ورجائي ٿي. دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي سنڌ جي عورت کان به ھڪ قدم پوئتي ھيون، اڄ سنڌ جي عورت کي پنھنجي جدوجھد جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڇڏي چڪيون آھن. عورت جي حقن لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ اڳڀرين عورتن جو ذڪر، سندن زندگين جو احوال سندن جدوجھد جو داستان ”سرتيون“ ۾ ان ڪري شروع ڪجي ٿو، جئين اھڙا مثال سنڌ جي عورت جي آجپي واري سفر کي آسان بنائين.

فاطمه مرنيسي، مسلمان فيمينسٽ عورت، جنھن جو تعلق مراڪش جي پوئتي پيل سماج سان آھي. سا اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ خاص طور تي مسلمان عورتن جي حقن لاءِ واحد علامت بڻيل آھي. سندس آتم ڪٿائي داستان ”سرتيون“ جي پڙھندڙ ڀينرن لاءِ حاضر آھي.        

 (امرسنڌو)

چانڊوڪين جا ٽهڪ

 

ياسمينه جي فارم تي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪو وقت مقرر نه هو. پر پوءِ هن کي اوچتو ياد پوندو هو ته مون ڪجهه نه کاڌو آهي ته هوءَ مون کي قائل ڪندي چوندي هئي ”هيءُ وٺ، ڪجهه زيتون ۽ تازي ماني ئي ڪافي آهي.“ پر ان جي بنهه فيض جي حرم ۾ کاڌي پيتي جي وقت جي پابندي لازمي هوندي هئي ۽ فقط مقرر وقت تي ئي کاڌو ملي سگهندو هو.

ميز تي، هر ڪنهن جي جاءِ مقرر هوندي هئي. چار ميزون لڳنديون هيون پهرين ميز مردن لاءِ، ٻي خاص عورتن لاءِ ۽ ٽين ٻارن ۽ غير اهم عورتن لاءِ، اسان ته انڪري خوش هوندا هئاسين ته پڦي حبيبه اسان سان گڏ ويهندي هئي. آخري ميز تي نوڪر، چاڪر ۽ دير سان ايندڙ ويهندا هئا. پوءِ چاهي انهن جو ڪنهن به عمر، رتبي يا جنس سان تعلق هجي. اها ميز هميشه ڏاڍي ڀريل هوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي مقرر وقت تي اچڻ ۾ دير ٿي وڃي ته کيس ان ئي ميز تي ماني ملندي هئي ۽ ماني ملڻ جو اهو آخري موقعو هوندو هو نه ته کيس بکيو رهڻو پوندو هو.

امان کي ان اجتماعي رهڻي ڪهڻيءَ سان انڪري به نفرت هئي ته هتي وقت جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي هئي. هوءَ بابي سان هميشه وڙهندي رهندي هئي ته پنهنجو الڳ گهر ٺاهيون. قومپرستن به پڙدي خلاف ته آواز اٿاريو پر خاندان جي عليحدگيءَ جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي. اصل ۾ گهڻو ڪري سڀ ليڊر پنهنجي اباڻن گهرن ۾ ماءُ پيءُ سان گڏ رهندا هئا. مڙداڻي قومي محاذ عورتن جي آزاديءَ جي حمايت ته ڪئي پر ان مسئلي جي حل لاءِ ڪا ڪوشش ڪانه ورتي ته جيڪڏهن اولاد والدين کان ڌار رهي ته پوڙهن والدين جي خدمت ڪير ڪندو؟ وڏن پوڙهن کي اڪيلو ڇڏي جدا رهڻ به ڪو ٺيڪ نه ٿي لڳو.

امان کي خاص طور تي منجهند جي کاڌي کان سخت چڙ هئي. هوءَ دير جو اٿندي هئي ۽ پنهنجي لاءِ پر تڪلف نيرن تيار ڪندي هئي، ڏاڏي لاله ماني ناپسنديدگيءَ سان ان کي گهوري ڏسندي هئي، پر امان ان تياريءَ کي ظاهر ظهور نافرمانيءَ جي شڪل ڏيندي هئي.

امان، پيضن جو آمليٽ، اوڦراٽا، ماکي ۽ چانهه پيئندي هئي. پوري يارهين وڳي هوءَ نيرن ڪندي هئي ۽ جڏهن لاله ماني ٻيپهريءَ جي نماز لاءِ وضوءَ ۾ مصروف هوندي هئي. ان کان ٻن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن سڀ کاڌي لاءِ ويهندا هئا ته امان کاڌو نه کائي سگهندي هئي، ڇو ته کيس بک ئي نه لڳندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هوءَ مانيءَ جي ميز تي موجود ئي نه هوندي هئي. خاص طور تي جڏهن بابي کي چيڙائڻو هوندو هئس. ڇو ته مانيءَ جي ميز تي غير حاضري سخت بدتميزي ۽ سهپ کان ٻاهر هلت سمجهي ويندي هئي.

امان جوـ هيءُ خواب هو ته هوءَ، بابا ۽ ٻارن سان جدا گهر ۾ رهي، هوءَ چوندي هئي ته ڪنهن ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڏهه پکي هڪ ئي اکيري ۾ رهن. ها پر جي سڀني جي زندگي زهر ڪرڻي هجي ته پوءِ ائين ئي ڪجي. بابو چوندو هو ته کيس پتو ناهي ته پکي ڪئين ٿا رهن. پر پوءِ به کيس امان سان همدردي هوندي هئي. هو ان ٻُڏتَر ۾ رهندو هو ته ڪيئن امان کي خوش به رکجي ۽ روايتي ذميوارين کي به نڀائجي. هو ڪٽنب جي، ايڪي کي توڙڻ نه چاهيندو هو. اهو ڄاڻيندو به ته، عام طور تي وڏا ڪٽنب ۽ خاص طور تي حرم جي زندگي تيزيءَ سان ماضيءَ جو نشان ٿيندي پئي وڃي، هو پيشن گوئي ڪندو رهندو هو ته اسين ايندڙ ڏهن سالن ۾ عيسائين جيان ٿي وينداسين. جن جو پنهنجن پوڙهن ماءُ پيءُ سان ڪو تعلق نه ٿو رهي.

دراصل منهنجا ڪيترائي چاچا، جيڪي وڏي گهر کان الڳ ٿي ويا هئا اهي ڪڏهن ڪڏهن ئي لاله ماني وٽ ايندا هئا. هاڻي ته جمعي نماز کان پوءِ به، جيڪو روايتاً خاندان جي سڀني گهر ڀاتين جي ملڻ جو ڏينهن هوندو هو. ان ۾ به اهي اڪثر غير حاضر رهندا هئا ۽ اها شڪايت عام هئي ته ”هاڻي ته سندن گهر جا ٻار به وڏڙن/ بزرگن جو هٿ نه ٿا چمن.“

شاديءَ کان پهرين سڀ گڏ رهندا هئا. پر بعد ۾ سندن زالن کي اها گڏيل زندگي پسند نه آئي ۽ اُهي اجتماعي زندگي برداشت نه ڪري سگهيون ۽ سڀ الڳ ٿي ويا. انڪري ئي امان پُراميد هئي ته هڪ ڏينهن نيٺ هوءَ به جدا گهر ۾ رهندي.

سڀ کان پهرين چاچا ڪريم، ملڪ جو پيءُ گهر ڇڏي جدا ٿي ويو. سندس زال کي موسيقي ٻڌڻ جوڏاڍو شوق هو. هوءَ چاچي سان گڏ رباب جي سُرن تي ڳائڻ پسند ڪندي هئي، چاچو ڪريم ڏاڍو سٺو ربابي هو، پر هو پنهنجي زال سان سنگت ڪرڻ کان هميشه لهرائيندو هو، ڇو ته وڏي چاچي جو خيال هو ته ساز وڄائڻ ۽ ڳائڻ مردن کي سونهي نه ٿو، نيٺ هڪ ڏينهن چاچي ڪريم جي زال ٻار وٺي پيڪين هلي وئي. اهو چئي ته ”مان هاڻ هن گڏيل ڪٽنب ۾ ڪڏهن به نه رهنديس.“ چاچو ڪريم پاڻ به خوش باش قسم جو ماڻهو هو، حرم جي اصولن کان پاڻ به بيزار هو. موقعو ڏسي هن خود به گهر ڇڏيو ۽ بهانو اهو ٺاهيائين ته ”بهتر آهي ته زال جي ڳالهه مڃجي ورنه شادي ٽٽڻ جو خطرو آهي.“ ڪجهه ئي وقفي کان پوءِ هڪ کان پوءِ ٻيا چاچا به گهر ڇڏي جدا ٿي ويا ۽ نيٺ بابا ۽ وڏو چاچو وڃي رهيا ۽ هاڻي جي بابو به هليو وڃي ته ڪٽنب ئي ختم ٿي وڃي. انڪري بابو چوندو هو ته ”جيستائين منهنجي ماءُ زنده آهي. مان پراڻين رسمن کي نه ٿو ڇڏي سگهان.“

هونئن به بابي کي امان سان به ڏاڍو قرب هو ۽ اهو ڏک به هئس ته هو امان جي خواهش پوري نه ٿو پيو ڪري. انڪري هو مسلسل نيون نيون تجويزون پيش ڪندو هو. هڪ ته هن نعمتخاني ۾ قسمين قسمين طعام رکايا جيئن پنهنجي مرضيءَ سان کائجي پيئجي. گڏيل ڪٽنب ۾ وڏي مصيبت اها به هئي ته پنهنجي مرضيءَ سان فرج کولي کائڻ به ممڪن نه هو. خير پهرين ڳالهه ته انهن زمانن ۾ فرج هئا ئي ڪونه، پر حرم ۾ رهڻ جو اصول هيءُ هو ته پوري گروهه جي تال تي هلڻو ٿي پيو، پنهنجي مرضيءَ تي کائڻ واري عياشي به پوري نه ٿي ڪري سگهجي.

وڏي چاچي لاله ماني وٽ گودام جي ڪنجي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ پڇندي ضرور هئي ته سڀاڻي ڇا کائيندؤ. پوءِ به بابو اُهو ئي کائيندو هو، جيڪو سڄو ڪٽنب پسند ڪندو هو. جيڪڏهن توهان کي چڻن، سوجي ۽ ڪشمش کان نفرت هجي ۽ رات جو ڪوس ڪوس پچي ته ان کان علاوه ٻي ڪا راهه نه هوندي ته توهان ڪجهه زيتونن تي ئي گذاريو ڪريو.

امان چوندي هئي ته ”کائڻ لاءِ ڪهڙو بحث........ڪجهه وقت آهي......جي عربن جو حال چڱو هجي ها ته هر ڪنهن کي پنهنجي پسند جي ماني ڏين ها. زوري زبردستيءَ هر ڪنهن کي ڏينهن ۾ ٽي دفعا دستر خوان تائين گهلي اچڻ ئي اجائي الجهن آهي. آخر ان جو ڪهڙو مقدس مقصد آهي.....؟ ڪو به نه .....“ هوءَ پنهنجي ڳالهه اڳتي وڌائيندي چوندي هئي ”منهنجي زندگي ته بنهه بي معنيٰ ۽ اجائي آهي.“ ته بابو معذرت ڪندي چوندو هو ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪٽنب کان جدا نه ٿو ڪري سگهي نه ته روايتون مٽجي وينديون.

هو چوندو هو ”هي ڏاڍو خراب وقت آهي، ملڪ تي ڌارين فوجن جو قبضو آهي، اسان جي ثقافت خطري ۾ آهي، بس اِهي چند پراڻيون روايتون ئي ته آهن،“ ان تي امان ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته تنهنجو ڇا خيال آهي ته هن اڍنگي گهر ۾ رهي اسين ايترا طاقتور ٿي وينداسين جو ڌارين فوجن کي نيڪالي ڏيئي سگهون. آخر روايتون گهڻيون اهم آهن يا ماڻهن جون خوشيون؟“

گفتگو اتي ئي ختم ٿيندي هئي، بابا امان جي هٿ تي پيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته امڙ هٿ پري ڪري اگري لهجي ۾ چوندي هئي ”هنن روايتن کان، منهنجو ته ساهه ٿو منجهي.“

ته بابو امان کي وندرائڻ جا ٻيا طريقا سوچيندو هو. قسمين قسمين کاڌا، طعام، بادام، پستا، ماکيون، گيهه، مکڻ وٺي ايندو هو. جنهن سان امان مٺايون ته ٺاهي سگهندي هئي، پر گوشت جو ٻوڙ ٺاهڻ منع هو، ڇاڪاڻ ته ان سان گڏيل ڪٽنب واري طور طريقن کي خطرو هو. انڪري سندس نيرن تيار ڪرڻ جو ڀڙڪندڙ انداز ئي خاندان جي منهن تي چماٽ هو. ڪڏهن ڪڏهن پوري ماني تيار ڪندي هئي پر اها به لڪي لڪي ۽ اهو بهانو ٺاهي وٺندي هئي ته ”اڄ رات چبوتري تي پڪنڪ ٿيندي.“

چبوتري تي مانيءَ جو بندوبست، امان ھميشه چانڊوڪين راتين ۾ ئي ڪندي ھئي. بابو ان وقت صلح جي پيشڪش ڪندو ته جيئن امان جي الڳ ٿيڻ واري خواھش کي ائين پورو ڪري سگھجي. روڪا خانه بدوشن وانگي اسان کي چبوتري تي چاڙھيو ويندو، گدا، وھاڻا، ميزون، پتنوس ۽ ننڍي ڀاءُ جو ننڍڙو جھولو جيڪو ميز وچ ۾ رکيو ويندو ھو، سڀ شيون چبوتري تي چاڙھبيون، امان خوشيءَ مان بيحال پئي ٿيندي. اڱڻ مان ڪنھن ٻئي کي اچڻ جي جرئت نه ٿيندي ھئي، ڇاڪاڻ ته سڀني کي پتو ھوندو ھو ته امان ھجوم مان فرار چاھي ٿي. امان سڀ کان وڌيڪ خوش ائين ٿيندي ھئي جو ھوءَ بابي جي سنجيده طبيعت کي تبديل ڪرڻ واريون حرڪتون ڪندي ھئي ڄڻ ھوءَ ھڪ نوجوان خوبصورت حسينه ھجي، بابو سندس پويان ڊوڙڻ لڳندو ھو. جڏھن ھوءَ بابي کي للڪاريندي چوندي ھئي ”تون ته ھاڻي ڊوڙي به نه ٿو سگھين، پوڙھو جو ٿي ويو آھين، ھاڻ تون ويھي پٽ جو پينگھو لوڏڻ جھڙو رھيو آھين. ”پھرين بابو مرڪندي اھو سڀڪجھ ٻڌندو ھو، ڄڻ ٻڌو ئي نه ھجيس پر پوءِ سندس مرڪ غائب ٿي ويندي ھئي ۽ ھو، چبوتري تي امان پويان ڊوڙڻ لڳندو ھو. ڪڏھن وھاڻن تان ٽپ ڏيندي، ڪڏھن صوفن کي اورانگھيندي پويان ڊوڙندو رھندو ھو. ڪڏھن منھنجي ڀيڻ، ڀاءُ سمير (اُھو اڪيلو فرد ھو جيڪو ڪٽنب ۾ شريڪ ٿيندو ھو) ۽ مون کي به ان راند ۾ شريڪ ڪيو ويندو ھو. پر اڪثر ڪري امان بابا ان وقت سڄي دنيا کان بي خبر ھوندا ھئا ۽ ٻئي ڏينھن اسان سڀ ٻار ڇڪون ڏيندا وتندا ھئاسين ڇو ته اھي سمھڻ وقت اسان تي ڪمبل وجھڻ وساري ڇڏيندا ھئا.

انھن خوشيءَ سان ڀريل شامن بعد امان ڪو وقت ھلڪي ۽ پرسڪون رھندي ھئي ۽ مون کي چوندي ھئي ”چاھي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪجھ به ڪجانءِ، منھنجو انتقام ضرور وٺجانءِ، مان چاھيان ٿي ته منھنجي ڌيئن جي زندگي، ھلچل ۽ خوشين سان ڀرپور ھجي.“ مان مٿو کڻي کيس ڏسندي ھئس ۽ پڇندي ھئس ته”ڀرپور خوشي ڇا ٿيندي آھي؟“ ڇاڪاڻ ته مان سندس تمنا پوري ڪرڻ چاھيندي ھئس. ھوءَ مون کي سمجھائيندي ھئي. ”ڀرپور خوشي اُھا آهي جڏھن انسان ھلڪو سلڪو، محبت سان ڀريل ۽ آزاد ھجي.

ناخوش انسان اُھو آھي جنھن جي رستي ۾ رڪاوٽون ھجن. خوش عورت اھا آھي جنھن کي سڀ حق مليل ھجن، گھمڻ ڦرڻ جو حق، مقابلي جو حق ۽ محبت جو حق ۽ جنھن عورت کي ان جو مڙس ان کي اھي سڀ حق ڏئي ۽ جيڪڏھن عورت کي انفراديت، ان جي فن ۽ ھنر سميت محبت ڪري ته اھا عورت خوش رھندي آھي.

”خوشيءَ جي معنيٰ اھا به آھي ته جڏھن توکي اڪيلائپ کپي ۽ اڪيلائپ ۾ غور فڪر ڪرڻ چاھين ته توکي اِھو حق حاصل ھجي ۽ جيڪڏھن تون سڄو ڏينھن فالتو ۽ بيڪار ويھڻ چاھين ته بغير ڪنھن بھاني جي ۽ حجت جي اھو ڪري سگھين. خوشيءَ جي معنيٰ ته محبت ڪندڙن سان گڏ رھندي پنھنجي انفراديت برقرار رکڻ، اھو نه ته سڄو وقت ٻين کي خوش ڪندي وتين. اصل خوشي اھا آھي جتي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ تناسب ھجي.

۽ جڏھن مان پڇندي ھئي مانس ته ”امان توکي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيتري خوشي ملي؟“ ته چوندي ھئي ته ”ڏينھن ڏينھن جي ڳالھ آھي ڪنھن ڏينھن ته فقط پنج سيڪڙو ۽ ڪڏھن مثلاً جڏھن بابھين سان گڏ چبوتري تي ھجان ته سَو سيڪڙو ۽ سو سيڪڙو وارو معاملو مون کي ڪجھ مشڪل لڳو. خاص طور اھو ڏسي ته پنھنجا خوشيءَ جا لمحا حاصل ڪرڻ لاءِ امان کي ڪيڏي محنت ٿي ڪرڻي پوي. ڪيتري محنت ۽ مشڪل سان ھوءَ پيارين چانڊوڪين راتين ۾ ميلي جو بندوبست ڪري سگھندي ھئي. جڏھن ھوءَ بابا سان گڏ ويھي سندس ڪلھي تي مٿو رکي سرگوشيون ڪري سگھندي ھئي.

مون کي اھا به ھڪ وڏي مھم لڳندي ھئي، ڪي ڏينھن ته بابا کي پرچائڻ ۾ لڳندا ھئا. باقي سڄو انتظام سنڀالڻ، رڌ پچاءُ جو سامان مٿي پھچائڻ وغيره چند لمحن جي خوشيءَ لاءِ اھو سڄو خفو ڪرڻ مون کي وڏو ڪارنامون لڳندو ھو. پر مون کي ته پتو پئجي ويو ھو ته خوشي ممڪن آھي ۽ پوءِ مان سوچيندي ھئس، ته ايتري گھما گھمي جي زندگي ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿي! پر جيڪڏھن امان لاءِ اھا ممڪن ھئي ته مان به ڪوشش ته ڪري سگھيس ٿي.

ھوءَ چوندي ھئي ”ڌيءَ، عورتن لاءِ حالتون ھاڻ بھتر آھن. توکي ۽ تنھنجي ڀيڻ کي لکڻ پڙھڻ جي سھوليت آھي. تون گھٽين ۾ آزاديءَ سان گھمي دنيا ڏسي سگھين ٿي. مان چاھيان ٿي ته تون خود مختيار ٿي. مان توکي آزاد ۽ خوش ڏسڻ چاھيان ٿي ته تون چنڊ جيان چمڪين ۽ تنھنجي خوشين جو سرچشمو سَو سيڪڙو ھجي. ان کان ڪنھن صورت به گھٽ نه!“ پر جڏھن مان کانئس اھڙي خوشي تخليق ڪرڻ جا تفصيل پڇندي ھئس ته ھوءَ پريشان ٿي ويندي ھئي ۽ چوندي ھئي جھڙيءَ ريت اسين ساھ کڻڻ ۽ ھلڻ جي مشقت ڪريون ٿا، ائين ئي پنھنجي پاڻ ۾ خوشي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ڪرڻي پوندي.

ته مان ھر ورز صبح جو ڏاڪڻين تي ويھي خالي اڱڻ کي ڏسندي ھئس ۽ پنھنجي مستقبل لاءِ سوچيندي ھئس. چبوتري تي چانڊوڪيون راتيون، محبوب جو سماجي فرضن تان ڌيان ھٽائي، ٻاراڻيون حرڪتون ڪرڻ، سندس ھٿ جھلي تارا ڳڻڻ، مان سوچيندي ھئس خوشين جو ھڪ ئي اھو رستو آھي، خوشگوار چانڊوڪيون راتيون. ھلڪا ٽھڪ ھوائن سان لڪ لڪوٽي ڪندي اھو خوشيءَ جو ھڪ نمونو ھو.

پر اھي نشيليون راتيون ته گھٽ ئي ھونديون ھيون. ڏينھن ۾ قاعدن، قانونن جي قيد سان وڙھڻ. مرنيس گھراڻي ۾ ٽھڪ، راند ۽ بي پرواھيءَ جي ڇوٽ نه ھئي. اھو فقط لڪ ڇپ ۾ ئي ممڪن ھو. جڏھن مرد گھر کان ٻاھر ھجن يا پوءِ چبوتري تي اڪيلائپ ھجي!

(ھلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com