سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2024ع

باب:

صفحو:5 

 

 

زان پال سارتر/ زرينه بلوچ

  (چونڊ افسانو)     

ديوار

هنن اسان کي ڌڪو ڏيئي، هڪ وڏي ڪمري ۾ وڌو، جنهن کي تازي پوچي ڏنل هئي. منهنجون اکيون ڇنڀجڻ لڳيون، ڇو ته سوجهري جي ڪري اکين کي تڪليف پئي ٿي. آخر منهنجي نظر چئن غير فوجي آفيسرن تي پيئي، جيڪي هڪڙيءَ ميز جي چوڌاري ويٺا هئا ۽ ڪاغذ پئي پڙهيائون. هو قيدين جي هڪ ٻئي ٽولي کي پنهنجي پٺيان ويهاريو ويٺا هئا. وٽن پهچڻ لاءِ اسان کي سڄو ڪمرو لتاڙڻو پيو. قيدين مان گهڻن کي ته مان سڃاڻندو هوس، پر انهن ۾ ڪي پرڏيهي به هئا، جن کي مان نه سڃاڻي سگهيس. منهنجي سامهون ويٺل ٻن قيدين جو رنگ چٽو ۽ منهن گول هو، ٻيئي ڄڻا ذري گهٽ هڪجهڙا ٿي لڳا. منهنجي خيال ۾، هو فرينچ هئا. منجهانئن جيڪو ننڍو هو، تنهن رکي رکي پنهنجيءَ پتلون کي مٿي پئي ڪيو، شايد ذهني آنڌ مانڌ جي ڪري.

ڪارروائي اٽڪل ٽي ڪلاڪ هلي. مان ٿڪجي چور ٿي پيو هوس، ۽ هاڻي ائين ٿي لڳم، ڄڻ ته مغز بنهه خالي ٿي ويو هوم. پر ڪمرو چڱو گرم هو، جنهن مان هڪ قسم جي فرحت پئي آئي، نه ته اسين گذريل چوويهن ڪلاڪن کان ساندهه سيءَ ۾ پئي ڏڪياسين. سنتري قيدين کي هڪڙو هڪڙو ڪري، ميز جي سامهون وٺي پئي ويا. انهن چئني آفيسرن واري سان، هر ڪنهن قيديءَ کان سندس نالو ۽ رهڻ جو هنڌ پئي پڇيو، يا نالي ماتر هڪ اڌ ابتو سبتو سوال ٿي پڇيائون. جهڙوڪ- ”بارود خاني کي باهه ڏيڻ ۾ تون شامل هئين؟“ يا ”تون نائين تاريخ جي صبح جو ڪٿي هئين ۽ ڇا پئي ڪيئي؟“ هنن انهن سوالن جا جواب ٻڌا به ڪين ٿي، ۽ ائين ٿي لڳو، ڄڻ ان مهل گهڙي کن ماٺ ڪري سامهينءَ ديوار کي ويٺي ڏٺائون، ۽ پوءِ ڪجهه نه ڪجهه لکي ٿي ڇڏيائون.

ٽام کان پڇيائون ته ”تون برابر بين الاقوامي دستي ۾ شامل هئين؟“ ٽام جي کيسي مان جيڪي ڪاغذ نڪتا هئا، تن جي ڪري کيس قبولدار ٿيڻ کان سواءِ ٻي واهه ئي ڪانه هئي.

هنن يوآن کان ڪجهه به نه پڇيو. رڳو سندس نالو پڇي، ڳچ تائين ڪجهه لکندا رهيا.

يوآن چيو: ”منهنجو ڀاءُ برابر دهشت پسند آهي. توهان کي ته خبر آهي ته هو هتي ڪونهي. منهنجو ته ڪنهن به جماعت سان واسطو ڪونهي، ۽ مون سياست ۾ ڪڏهن به هٿ ڪونه وڌو آهي.“

هنن ڪڇيو ئي ڪونه. يوآن چوندو رهيو:

”مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. آءٌ ٻين جي گناهن جو ڪيتو لوڙهڻ نٿو چاهيان.“ سندس چپ ڏڪيا پئي. هڪ سنتري، کيس ماٺ ڪرائي، اتان وٺي ويو.

هاڻ منهنجو وارو آيو

”تنهنجو نالو ’پابلو ابٽيا‘ آهي؟“

”ها“.

ان شخص ڪاغذن تي هڪ نظر ڊوڙائي، ۽ چيائين.

”رومن گرس ڪٿي آهي؟“

”مون کي خبر ناهي.“

”تو ان کي ڇهينءَ کان وٺي، نائين تاريخ تائين، پنهنجيءَ جاءِ ۾ لڪائي ويهاريو هو؟“

”نه“.

هنن هڪ منٽ ڪجهه لکيو، ۽ پوءِ سنتريءَ مون کي به ٻاهر موڪلي ڇڏيو.

رستي ۾ ٽام ۽ يوآن، ٻن سنترين سان گڏ، مون لاءِ بيٺا هئا. ٽام هڪ سنتريءَ کان پڇيو: ”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا؟“ سنتريءَ پڇيو.

”ڇا ٿي لکيائون؟ بيان يا فتوائون؟“

”فتوائون.“

”هو اسان کي ڇا ڪندا؟“

”توهان کي فتوا جيل ۾ ٻڌائي ويندي.“ سنتريءَ تمام رکائيءَ سان جواب ڏنو.

اسين جنهن جاءِ ۾ بند هئاسين، سو هڪ وڏيءَ اسپتال جو تهخانو هو. اتي ڏاڍو سيءُ پئي پيو. اسين سڄي رات پئي ڏڪياسين. ڏينهن جو به اهڙوئي حال هو. گذريل پنج ڏينهن مون هڪ ديول جي تنگ ڪوٺڙيءَ ۾ گذاريا هئا. اها ڪوٺڙي صفا ڀت جي سوراخ جيان هئي، ۽ ڪن ايامن جي پراڻي هئي. جاءِ جي تنگيءَ ڪري، جتي آين، اتي اسان کي کڻي بند ڪيو هئائون. ڪوٺڙيءَ ۾ گهڻي تڪليف نه هئي. اتي سيءُ گهٽ هو. پر مان اڪيلو هوس، ۽ اڪيلائي ڳچ مهل کان پوءِ ئي محسوس ٿيندي آهي. هن تهخاني ۾ ڪيترائي ماڻهو هئا. يوآن صفا ماٺ ۾ هو. کيس ڏاڍو ڊپ هو، ۽ ٻيو ته اڃا عمر به اهڙي ڪانه هيس. پر ٽام بڙ بڙيو ۽ اسپيني ٻوليءَ ۾ ڀڙ هو. تهخاني ۾ هڪ بينچ ۽ چار تڏا پيل هئا. هو جڏهن اسان کي موٽائي اتي وٺي ويا ته اسين ويهي انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽام چيو:

”ڦاسجي وياسين!“

”آءٌ به ائين ٿو ڀانيان.“ مون چيو. ”پر منهنجي خيال ۾ هو هن ڇوڪري کي ڪجهه نه ڪندا.“

”ها، هن جي خلاف وٽن ڪابه ثابتي ڪانهي. رڳو سندس ڀاءُ دستي ۾ آهي، بس.“ ٽام چيو.

مون يوآن ڏانهن نهاريو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هن ڪجهه به نه ٻڌو هو.

ٽام پئي چيو: ”خبر اٿيئي، ساراگويا ۾ ڇا پيا ڪن؟ ماڻهن کي پٽ تي ليٽائي، مٿانئن لاريون ۽ ٽرڪون ٿا هلائين! مراقش جي هڪ ڀڳل ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو ته هو ڪارتوسن بچائڻ لاءِ ٿا ائين ڪن.“

”پر تڏهن به پيٽرول ته لڳندو هوندو!“ مون چيو. مون کي ٽام تي ڪاوڙ پئي آئي. کيس اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ کپندي هئي.

”۽ وري آفيسر نظرداري ڪرڻ لاءِ رستي تي چڪر پيا لڳائيندا آهن.“ هو چوڻ لڳو. ”کيسي ۾ هٿ وجهيو، سگريٽ پيا پيئندا آهن. تون ڀانئين ٿو ته هڪدم ماري ٿا ڇڏين ڇا؟ نه، ڇڏيندا آهن ته ماڻهو ڀلي ڦٿڪن ۽ ريهون ڪن! هڪ ڪلاڪ بعد ماريندا آهن. هن مراقشيءَ ٿي چيو ته پهريون ڀيرو کيس الٽي اچي ويئي.“

”آءٌ ڀانيا ٿو ته هتي ائين نه ڪندا. وٽن سچ پچ ڪارتوسن جي کوٽ شل نه هجي!“ مون چيو.

ڇت ۾ چار ننڊا ننڊا منگهه هئا، جن مان سوجهرو به پئي ٿيو، ۽ کاٻي پاسي کان ٿورو پاسو کليل هو، جتان آسمان پئي ڏٺو. ان سوراخ مان هو تهخاني ۾ ڪوئلا ڪيرائيندا هئا. اتي اڃا به ڪوئلن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن جا ڍڳ ٿيل هئا. انهيءَ تهخاني مان اسپتال کي گرم ڪندا هئا. پر جنگ شروع ٿيڻ سان بيمارن کي اتان ڪڍيو ويو هو، انهيءَ ڪري ڪوئلا بچي پيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اتي مينهن جو پاڻي پئي پيو، جو ڍڪ ڏيڻ وسري ويو هون.

ٽام سڄو ڏڪڻ لڳو، ۽ چيائين: ”خداوندا، هاڻ سيءُ وري شروع ٿيو!“هو اٿي ڪسرت ڪرڻ لڳو. چرڻ پرڻ ڪري، هرهر سندس قميص جي ڳچي کلي ٿي پئي، جنهن مان سندس ڇاتيءَ جا وار ۽ اڇي چمڙي ڏسڻ ۾ پئي آيا. هو اونڌو ليٽي، ٽنگون هوا ۾ لوڏڻ لڳو. هن جا ڪلها به پئي لڏيا. ٽام خشڪ هو، پر سندس بت تي چرٻيءَ جا تهه چڙهيل هئا. مون ويچاريو ته ڄاڻ انهيءَ گوشٽ جي گرم ۽ نازڪ ڍير ۾ بندوق جي گولي يا سنگين جي چهنب اهڙي نموني ٽنببي، جيئن مکڻ ۾ ڇري، هو جيڪڏهن سنهو هجي ها ته مون کي اهو خيال اصل ڪونه اچي ها. مون کي گهڻو سيءُ ڪونه ٿي پيو، پر منهنجا ڪلها ۽ ٻانهون بيستا ٿي پيا هئا. رکي رکي ائين ٿي لڳم، ڄڻ منهنجي ڪا شي وڃائجي ويئي آهي، ۽ مان پنهنجو ڪوٽ هيڏانهن هو ڏانهن ڳولڻ ٿي لڳس، پر پوءِ ياد پيم ته هنن منهنجو ڪوٽ موٽائي ڪونه ڏنو هو. انهيءَ ڪري مون کي تڪليف پئي ٿي. هنن اسان جا ڪپڙا سپاهين کي ڏيئي ڇڏيا هئا. رڳو قميصون ۽ اسپتال جي مريضن وارا ڳوڻ جا پاجاما ڇڏيا هئائون. اهي پاجاما مريض اونهاري ۾ پائيندا هئا.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽام اٿي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. هو سهڪيو پئي. ”ڪجهه گرم ٿئين؟“ مون پڇيو مانس. چيائين، ”اصل نه! پر هاڻ ته ست ئي ڪونه رهيو آهي!“

شام جو اٽڪل اٺين لڳي، هڪ ميجر ٻن سپاهين سان گڏجي آيو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو. هن سنتريءَ کان پڇيو: ”هنن ٽنهي جا نالا ڇا آهن؟“

”اسٽين باڪ، آبيٽا ۽ مرابل.“ سنتريءَ ٻڌايو.

ميجر عينڪ نڪ تي ٺاهي فهرست کي ڏٺو: ”اسٽين باڪ... اسٽين باڪ... ها، ٺيڪ آهي، توکي موت جي سزا ڏني ويئي آهي. سڀاڻي صبح جو توکي گوليءَ سان اُڏائبو.“ هو فهرست کي ڏسندو رهيو: ”باقي ٻن کي به“

”مون کي به؟“ يوآن چيو. ”ائين ٿي نٿو سگهي!“

ميجر حيرت وچان کيس ڏٺو. ”نالو ڇاهي تنهنجو؟“

”يوآن مرابل.“ هن جواب ڏنو.

”ها، تنهنجو نالو به لکيل آهي.“ ميجر چيو. ”توکي به موت جي سزا ڏني ويئي آهي.“

”مون ته ڪجهه به نه ڪيو آهي!“ يوآن چيو.

ميجر ڪلهي کي ائين لوڏيو، ڄڻ ته چوندو هجي ’بس، آءٌ ڇا ڪريان!

پوءِ هو ٽام ۽ مون ڏانهن وريو: ”توهين باسڪ فرقي جا آهيو؟“

”ڪير به باسڪ ناهي.“

هن کي اها ڳالهه ڄڻ ڏکي لڳي. چوڻ لڳو: ”هتي ٽي باسڪ آهن. مان انهن جي ڳولا ۾ پنهنجو وقت ڪونه وڃائيندس. چئبو، تڏهن توهان کي پادريءَ جي ضرورت ناهي!“

اسان ڪوبه جواب نه ڏنو. هن چيو: ”هڪ بيلجمي ڊاڪٽر هينئر ايندو. هن کي توهان سان رات رهڻ جي موڪل آهي.“

هو فوجي سلام ڪري، هليو ويو.

”مون توکي ڇا چيو هو!“ ٽام چيو. ”موت جي سزا مليسون!“

”ها.“ مون چيو. ”پر هن ڇوڪري سان بيواجبي ٿي آهي.“

مون اها ڳالهه ائين اخلاقي فرض سمجهي کڻي ڪئي، نه ته ڇوڪرو مون کي بنهه ڪونه ٿي وڻيو. هن جو منهن زرد ٿي ويو هو. ڊپ ۽ تڪليف سندس منهن جي رونق بگاڙي ڇڏي هئي. ٽي ڏينهن اڳ هو ڏاڍو چست ۽ ڦڙت ٿي لڳو، پر هينئر هو پوڙهن جيان سست ۽ بيجان پئي لڳو، ۽ مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هاڻ جيڪڏهن هن کي کڻي ڇڏي به ڏين، ته به وري جوان نه لڳندو. ها، جيئڻ کان پوءِ ماڻهو مٿس رحم ڪن، ته پوءِ پيو وقت گذاريندو. پر ڪو مون تي قياس ڪري، اهڙو ويچار ايندي ئي مون کي پاڻ کان وحشت لڳندي آهي، ڏاڍي وحشت. هن وڌيڪ ڪجهه به ڪونه ڳالهايو هو، پر سندس وار اڇا ٿي ويا هئا. هن اکيون ڦاڙيو، هيٺ زمين کي پئي ڏٺو. ٽام دل جو چڱو هو. هن سندس هٿ ورتو ٿي، پر يوآن هٿ ڇڪي ورتو ۽ منهن بڇڙو ڪرڻ لڳو.

”هن جي چر نه ڪر.“ مون هوريان چيو. ”ڏسين نٿو ته هاڻ سرسام جو دورو ٿيڻ وارو اٿس!“

ٽام سمجهڻ کان سواءِ منهنجي ڳالهه مڃي. هن جي دل گهريو ٿي ته هو وڌي ڇوڪري کي دلاسو ڏئي. اهڙي نموني هن جو وقت گذرندو، ۽ پنهنجي باري ۾ سوچڻ کان به بچي وڃي ها. پر مون کي هن تي ڪاوڙ پئي لڳي. مون موت بابت اڳ ڪڏهن به نه ويچاريو هو، ڇو ته اڳ ڪڏهن به اهڙو وقت ڪونه مليو هوم. پر هاڻي اهو وقت هو، ۽ انهيءَ بابت سوچڻ کان سواءِ ٻيو چاروئي ڪونه هو.

ٽام وري ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ”ٻڌاءِ، تو ڪنهن کي ماريو آهي؟“ هن مون کان پڇيو. پر مون جواب نه ڏنو. هو مون کي ٻڌائڻ لڳو ته ڪيئن آگسٽ جي شروعات کان وٺي، هن ڇهن ماڻهن کي ماريو هو. کيس وقت جي نزاڪت جو احساس بنهه ڪونه هو، بلڪ هن انهيءَ جو احساس ڪرڻ به نٿي گهريو. مون پاڻ به کيس چڱيءَ طرح نه سمجهيو هو، ۽ هاڻي مون خيال ڪيو ته برابر پنهنجيءَ حالت تي غور ڪرڻ ڪري تڪليف ٿئي ٿي. مون گولين لاءِ خيال ڪيو ته ڪيئن اهي ٻرندڙ باهه جيان بدن مان لنگهنديون. پر انهن ڳالهين جو اصل سوال سان ته ڪو واسطو ڪونه هو! مون کي ڪوبه فڪر ڪونه هو. اسان وٽ انهن ڳالهين سوچڻ لاءِ ته سڄي رات پيئي هئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽام ماٺ ۾ پئجي ويو، ۽ مون کيس اک ٽيٽ سان ڏٺو. مون ڏٺو ته سندس وار به اڇا ٿي ويا هئا، ۽ صفا ڳريل پئي لڳو.

هاڻي اونداهي ڪافي ڇانئجي ويئي هئي. ٿورو هلڪو سوجهرو منگهه مان لنگهي، ڪوئلن جي ڍڳ تي پئي پيو. مون کي ان سوراخ منجهان هڪ تارو پئي ڏسڻ ۾ آيو. مون سوچيو، رات اُجري ۽ برف جهڙي هوندي.

ايتري ۾ دروازو کليو، ۽ ٻه سنتري اندر لنگهي آيا. سندن پٺيان ڪاريءَ ورديءَ ۾ هڪ ڀورن وارن وارو ماڻهو هو. هن اسان کي سلام ڪيو.

”مان ڊاڪٽر آهيان.“ هن چيو. ”مون کي موڪل مليل آهي ته هن صبر جي گهڙيءَ ۾ توهان جي مدد ڪريان.“ سندس آواز مٺو ۽ چٽو هو.

مون چيو: ”هتي ڇا گهرجيئي؟“

”مان توهان جي خدمت لاءِ آيو آهيان. مان توهان جي پڇاڙيءَ جي گهڙين کي آسان ڪرڻ جي هرڪا ڪوشش ڪندس.“

”تون هتي ڇا لاءِ آيو آهين؟ ٻيا به ته آهن اسپتال ۾. سڄي اسپتال ڀري پيئي آهي!“

”مون کي هتي موڪليو اٿن.“ هن بيزار ٿي چيو. ”سگريٽ پيئندوء؟“ کيسي مان سگريٽ ۽ چروٽ ڪڍي، اسان کي آڇيائين، پر اسان نه ورتا.

مون سندس اکين ۾ چتائي نهاريو، پر هو ڪجهه پي آيو هو. پوءِ چيومانس: ”تون هتي مدد ڪرڻ لاءِ ڪونه آيو آهين! تنهن کان سواءِ، آءٌ توکي سڃاڻان ٿو. جنهن ڏينهن آءٌ گرفتار ٿيو هوس، مون توکي بئرڪن جي اڳيان فاشين سان گڏ ڏٺو هو.“

مون گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو، پر يڪايڪ منهنجي اندر ۾ هڪڙي عجيب غريب ڪيفيت پيدا ٿي ويئي. مون کي هن ڊاڪٽر جي موجودگيءَ سان ڪابه دلچسپي نه رهي. هونئن ته آءٌ جڏهن به ڪنهن جي پٺيان پوندو آهيان ته سولائي سان سندس جند ڪونه ڇڏيندو آهيان، پر هينئر ڳالهائڻ تي دل ئي ڪانه پئي ٿيم. آءٌ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي، ٻئي طرف ڏسڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري ڏٺم ته هو مون کي حيرت سان تڪي رهيو هو. سنتري هڪڙي تڏي تي ويٺو هو. پيڊرو، جو بت ۾ سنهون پر قد ۾ ڊگهو هو، سو وندر خاطر پنهنجا آڱوٺا گهمائي رهيو هو. ٻئي ڄڻي، ننڊ اچڻ جي خيال کان، ذري ذري پئي ڪنڌ کي ڌوڻيو.

”اوهان کي روشنيءَ جي ضرورت آهي؟“ پيڊرو اوچتو ڊاڪٽر کان پڇيو. ٻئي ڄڻي ڪنڌ ڌوڻي ”ها“ چيو. ڊاڪٽر، ٿنڀ جيان سڌو، چپ چاپ بيٺو هو. سندس ٿڌين نيرين اکين ۾ گهوري، مون کي احساس ٿيو ته منجهس سوچن جي صلاحيت صفا ڪانه هئي.

ايتري ۾ پيڊرو ٻاهران بتي کڻي آيو، ۽ بينچ جي ڪنڊ تي کڻي رکيائين. بتيءَ ۾ سوجهرو گهٽ هو، پر اونداهيءَ کان وري به چڱو هو. گذريل رات اسان گگهه اونداهيءَ ۾ گذاري هئي. گهڻيءَ مهل تائين، آءٌ سوجهري جي گول پاڇي کي ڏسندو رهيس، جيڪو بتيءَ جي ڪري ڇت تي ٺهيل هو. آءٌ بلڪل گم سم ان کي تڪيندو رهيس. پوءِ اوچتوئي اوچتو، ڄڻ ته آءٌ جاڳي پيس: سوجهري جو دائرو گم ٿي ويو! مون محسوس ڪيو، ڄڻ ته ڪنهن گهڻي بار ڪري اُهو ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو هو. هي بار نڪو موت جو ويچار هو، نه ڊپ جو. هن جو ڪوبه نالو ڪونه هو. منهنجا ڳل پوسرڻ لڳا، ۽ مٿي ۾ سور ٿيڻ لڳو.

مون ٿورو پنهنجن يارن ڏانهن نهاريو. ڏٺم ته ٽام پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان لڪائي ڇڏيو هو، مون کي رڳو سندس اڇو ڪنڌ ڏسڻ ۾ پئي آيو. ننڍي يوآن جي حالت خراب هئي. سندس وات کليل هو، ۽ ڏڪيو پئي. ڊاڪٽر پنهنجو هٿ سندس ڪلهن تي وڃي رکيو، ڄڻ کيس دلاسو ٿي ڏنائين. پر يوآن جون اکيون صفا ٿڌيون هيون. پوءِ مون ڊاڪٽر جو هٿ آهستي آهستي کسڪندو، سندس ڪراين تائين ويندو ڏٺو. يوآن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ڊاڪٽر سندس ڪرائيءَ کي ٽن آڱرين سان جهلي، ٿورو هٽي، مون ڏانهن پٺ ڪئي. پر مون پٺيان جهڪي ڏٺو ته هن پنهنجي کيسي مان واچ ڪڍي ڏٺي، ۽ ساڳئي وقت سندس آڱريون يوآن جي نبض کي ڳولڻ لڳيون. هڪ منٽ کان پوءِ هن هٿ ڇڏي ڏنو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي ڀت سان لڳي بيٺو. پوءِ اوچتو کيس ڪا ڳالهه ياد آئي، ۽ کيسي مان چوپڙي ڪڍي ڪجهه لکڻ لڳو.

”حرامي ڪنهن جاءِ جو!“ مون ڪاوڙ مان دل ئي دل ۾ چيو: ”ويجهو اچي منهنجي به نبض ته ڏسي! اهڙو ٺونشو هڻانس منهن تي، جو...“

هو مون وٽ نه آيو، پر مو محسوس ڪيو ته هو مون کي ڌيان سان ڏسي رهيو هو. مون منهن مٿي کڻي ساڻس اکيون ملايون. هن ڏاڍي بيپرواهيءَ سان چيو: ”توکي سيءُ ڪونه ٿو پوي؟“ هو پاڻ سيءَ جي ڪري نيرو ٿي ويو هو. ”مون کي سيءُ ڪونه ٿو پوي.“ مون جواب ڏنو. هن هڪ پل لاءِ به پنهنجي ڪرڙي نظر نه هٽائي. اوچتو آءٌ ڳالهه سمجهي ويس، ۽ پنهنجو هٿ منهن تي ڦيرايم. آءٌ پگهر ۾ شل هوس. هن هيڏي تهخاني ۾ ايڏي سخت سيءَ هوندي به، منهنجي بدن تان پگهر ريلا ڪري وهي اُٿي هليو هو. مون مٿي تان هٿ گهمايو، وار پگهر ڪري چنبڙي پيا هئا. انهيءَ ساعت مون کي احساس ٿيو ته منهنجي قميص پسي، بت سان چنبڙي پيئي هئي. مان ڪڏهن کان پگهر ۾ ٻڏل هوس، مون کي ڪل ئي ڪانه رهي! پر هن سوئر جي ڦر، ڊاڪٽر، هر ڪا ڳالهه ڏسي ورتي هئي. هن پگهر جا ڦڙا منهنجي منهن تان ٽمندي ڏسي، خيال ڪيو هوندو ته مون تي ڊپ ۽ دهشت طاري آهي. پوءِ کيس فخر ٿيو هوندو ته کيس عام انسانن وانگر سيءُ پئي پيو. منهنجيءَ دل ۾ آيو ته اُٿي سندس منهن ڀڃي وجهان، پر اڃا آءٌ اُٿيس ئي ڪونه ته منهنجي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. آءٌ بينچ تي ائين ليٽي پيس، ڄڻ منهنجو ڪنهن سان واسطو ئي ڪونه هو، ۽ رومال سان پنهنجو ڪنڌ اگهڻ لڳس، ڇو ته هاڻي پگهر جا ڦڙا وارن تان وهي، ڪنڌ تي پئي ڪريا، جنهن ڪري مون کي ڏکيائي پئي ٿي. ٿوريءَ دير کان پوءِ مون پگهر اگهڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته اگهڻ بيڪار هو. منهنجو سڄو رومال پسي پيو هو، ۽ پگهر اڃا به پئي وهيو. منهنجيءَ چيلهه هيٺان به پگهر پئي وهيو، ۽ پتلون بينچ سان چنبڙي پيئي هئي.

اوچتو يوآن چيو: ”ڇا، توهين ڊاڪٽر آهيو؟“

”ها.“

”ڇا، گهڻي تڪليف ٿيندي آهي؟... گهڻيءَ دير تائين؟“

”ڇا مطلب؟... اوه! نه نه“ ڊاڪٽر ڏاڍي پيار سان چيو. ”بلڪل نه، ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي. جلد ئي ڪم ختم ٿي ويندو.“ هن اهڙي نموني چيو، ڄڻ پنهنجي ڪنهن بيمار کي دلاسو پئي ڏنائين.

”چيائون ٿي ته... ڪڏهن ڪڏهن ٻه ڀيرا به گوليون هلائڻيون پونديون آهن!“

”ها، ڪڏهن ڪڏهن.“ ڊاڪٽر ڪنڌ لوڏي چيو. ”گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي جو گولين جي پهرئين وسڪاري کان دل ۽ دماغ بچي ويندا آهن، پوءِ ٻيهر بندوقون ڀري نشان وٺڻو پوندو آهي.“

يوآن ٿوري دير سوچي چيو: ”ان ۾ وقت لڳندو آهي؟“ کيس انهيءَ وقت جي تڪليف جو ڏاڍو ڊپ پئي لڳو. هن رڳو انهيءَ بابت پئي سوچيو. اها سندس عمر جي تقاضا هئي. مون انهيءَ تي اڳ ڪڏهن به گهڻو ڌيان نه ڏنو هو، ۽ مون کي پگهر ايذاءَ جي ڊپ کان اصل نٿي نڪتو.

آءٌ اُٿي ڪوئلن جي ڍير تائين ويس. ٽام ڇرڪ ڀريو. هن ڏاڍيءَ نفرت ڀريل نگاهه سان مون ڏانهن نهاريو. منهنجي بوٽن چيچاٽ پئي ڪيا، جنهن ڪري کيس ڪاوڙ پئي لڳي. مون خيال ڪيو- ڇا، منهنجو منهن به اهڙو هئڊو ٿي پيو آهي، جهڙو هن جو ڏسڻ ۾ پيو اچي؟ مو ڏٺو ته هن کي به پگهر پئي ٽميو. سوراخ مان ڏٺم، آسمان شاندار هو. هن اونداهيءَ ڪنڊ ۾ روشنيءَ جو نالو ئي ڪونه هو، پر رڳو مٿي نهارڻ سان آسمان نظر اچي ٿي ويو. پر اهو اڳي جهڙو نه هو. گذاريل رات ديول جي ڪوٺيءَ مان مون کي آسمان جو وڏو ٽڪر ڏسڻ ۾ پئي آيو، ۽ ڏينهن جو جدا جدا وقتن ۾ جدا جدا يادگيريون پئي آيون. پرهه ڦٽيءَ مهل جڏهن آسمان سخت ۽ هلڪو نيرو ڏسڻ ۾ پئي آيو، تڏهن مون کي بحر اوقيانوس جا ڪنارا ٿي ياد پيا. ٻنپهرن جو ان کي ڏسي، سوائل جو هڪ شرابخانو ٿي ياد آيم، جتي مون زيتون کاڌا هئا ۽ ناريل جو پاڻي پيتو هوم. وچينءَ مهل جڏهن منهنجي ڪوٺيءَ ۾ ڇانو ٿي آئي، تڏهن مون کي اسپين جو اُهو آکاڙو ياد ٿي پيو، جنهن ۾ ماڻهو ڍڳن سان وڙهندا آهن، ۽ جنهن جي اڌ حصي ۾ ڇانو هوندي آهي، باقي اڌ حصو ٽپهريءَ جي فرحت ڏيندڙ اُس ۾ چمڪندو آهي. پر آسمان ۾ ائين سڄيءَ دنيا جو عڪس ڏسڻ مشڪل هو. هاڻي مان جيئن وڻيم، تيئن آسمان ڏانهن نهاري ٿي سگهيس، ڇو ته ان کي ڏسڻ سان ڪابه يادگيري نٿي آئي. اها ڳالهه مون کي پاڻ وڻي ٿي.

مان موٽي اچي ٽام جي ڀرسان ويهي رهيس. چڱو وقت گذري ويو. پوءِ ٽام هري هري ڳالهائڻ لڳو. هن لاءِ ڳالهائڻ بلڪل ضروري هو، ڇو ته سواءِ ڳالهائڻ جي هو پنهنجيءَ شخصيت جي وجود جي احساس کان محروم ٿيڻ لڳو ٿي. مون سمجهيو ته هو مون سان پيو ڳالهائي، پر هن مون ڏانهن نهاريو به نٿي. هو يقيناً منهنجن اڇن وارن ۽ وهندڙ پگهر کي ڏسڻ کان ڊنو ٿي. اسين هن مهل هڪجهڙا پئي لڳاسين ۽ هڪٻئي لاءِ آرسيءَ مثل هئاسين، پاڻ انهيءَ کان به بدتر. هن ڊاڪٽر کي پئي ڏٺو، جيڪو جيئرن منجهان هو.

”ڳالهه تنهنجي سمجهه ۾ اچي پيئي؟“ هن چيو. ”منهنجي سمجهه ۾ ته ڪجهه به نٿو اچي.“ مون به آهستي آهستي ڳالهائڻ شروع ڪيو. مون به ڊاڪٽر کي پئي ڏٺو. ”ڇو؟ ڇا ڳالهه آهي؟“

”ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، جو هينئر سمجهڻ ۾ نٿو اچي.“

ٽام جي بت مان عجيب بوءِ پئي آئي. مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجي سنگهڻ جو حواس ٻين کان تيز هو. مون مشڪيو. ”تنهنجي سمجهه ۾ به جلد ايندو.“

”ڳالهه تمام منجهيل آهي.“ هو اصرار ڪندو رهيو. ”آءٌ دلير رهڻ گهران ٿو. پر گهٽ ۾ گهٽ خبر ته پويم!... ٻڌ! پاڻ کي اجهو ٿا اڱڻ ۾ وٺي هلن... چڱو آهي، پوءِ هو پاڻ سان گڏ بيهندا... پر ڪيترا؟“

”پنج يا اٺ انهيءَ کان وڌيڪ نه.“

”ٺيڪ آهي. اٺ ڄڻا هوندا. انهن مان هڪڙو ڄڻو رڙ ڪندو: ’نشان چٽيو!‘... پوءِ مون کي اٺ بندوقون پاڻ ڏانهن تاڻيل نظر اينديون. آءٌ سوچيندس ته ڪهڙي نموني ديوار ۾ پيهي وڃان. آءٌ پنهنجن پٺن سان زور ڏيندس، پنهنجيءَ سموريءَ طاقت سان... پر ديوار ڪنهن هيبتناڪ خواب وانگر اُتي ئي بيٺي هوندي. مان اهو سڀ سوچي سگهان ٿو. توکي ڪهڙي خبر ته آءٌ اهو سڀڪجهه ڄڻ اکين سان ويٺو ڏسان!“

”چڱو، ميان، چڱو،“ مون چيو، ”آءٌ به ائين ئي خيال ۾ آڻي سگهان ٿو.“

”ڏاڍو ايذاءٌ ايندو. خبر اٿئي ته هو اکين ۽ منهن جو نشان وٺندا آهن، ته جيئن منهن چچرجي وڃي!“ هن شرارت سان چيو. ”آءٌ هينئر ئي زخمن کي محسوس ڪري سگهان ٿو. ڪلاڪ کان منهنجي ڪنڌ ۽ مٿي ۾ سور پيو ٿئي. رڳو سور نه، بلڪ ان کان به وڏي، ڪا ٻي شي. سڀاڻي صبح جو به مون کي ائين محسوس ٿيندو... ۽ پوءِ ڇا ٿيندو؟“

مون سندس مطلب چڱيءَ طرح پئي سمجهيو، پر کيس ڏيکاري نٿي ڏيڻ گهريم. مون کي پاڻ به سور پئي محسوس ٿيو. سڄي بت ۾ سور هو، ڄڻ ته ڪيترائي ننڍا ننڍا ڦٽ ٿي پيا هئا. اڃا تائين آءٌ انهن کي سهسائي نه سگهيو هوس، پر منهنجي حالت ساڳئي ئي هئي. مون ان کي ڪابه اهميت نٿي ڏني.

”پوءِ؟“ مون چيو، ”پوءِ تنهنجيءَ قبر تي سوسن جا گل ڦٽندا!“

هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر کي به چتائي پئي ڏٺائين. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڊاڪٽر ڪجهه به نه ٻڌي رهيو هو. مون کي خبر هئي ته هو هتي ڇالاءِ آيو آهي. اسان جيڪي ڪجهه سوچيو پئي، تنهن سان کيس ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. هو رڳو اسان جا بدن ڏسڻ آيو هو. انساني جسم، جيڪي زندگيءَ هوندي به موت جي عذاب ۾ مبتلا هئا.

”هي سڀ ڪنهن خوفناڪ خواب جيان آهي.“ ٽام چئي رهيو هو. ”اسين ڪجهه سوچڻ ٿا گهرون. اسين محسوس ڪريون ٿا ته ٺيڪ پيا سوچيون، هاڻ سڀڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو، پر ايتري ۾ ڳالهه نڪريو وڃي، دماغ تان لهيو وڃي. آءٌ پنهنجي ذهن کي خاطري ٿو ڏياريان ته انهيءَ کان پوءِ ڪجهه به نه رهندو- پر منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهيءَ جو مطلب ڇا آهي! ڪنهن ڪنهن وقت ائين ٿو لڳي، ڄڻ ته آءٌ سمجهي سگهان ٿو- ۽ ڳالهه دماغ مان نڪريو وڃي، ۽ پوءِ آءٌ انهيءَ سور ۽ ايذاءَ جي سوچ ۾ پئجيو وڃان... گوليون، ڌماڪا! آءٌ هڪ ماديت پرست آهيان. آءٌ قسم کڻي چئي ٿو سگهان ته منهنجو دماغ چڪرائجي نه رهيو آهي. پر ڪا ڳالهه ضرور آهي! مون کي پنهنجو لاش نظر پيو اچي. اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. پر آءٌ ان کي ڏسي رهيو آهيان. آءٌ پنهنجين اکين سان پنهنجو ئي لاش پيو ڏسان... مون کي سوچڻو آهي... مون کي اهو سوچڻو آهي ته هاڻي آءٌ ڪجهه به ڏسي نه سگهندس، ۽ دنيا جا ٻيا سڀ ماڻهو مزا پيا ماڻيندا... پابلو! اهڙي نموني سوچڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي. تون اعتبار ڪر، مون سڄي رات ڪنهن شي جو انتظار پئي ڪيو آهي. پر هيءَ اُها شي ناهي... پابلو، هيءَ اسان جي پٺيان پکڙجندي رهندي، وڌندي رهندي، ۽ پاڻ ان جي ڪابه تياري نه ڪري سگهنداسين!“

”چڱو، هاڻي بس ڪر.“ مون چيو. ”چوين ته تنهنجي لاءِ پادريءَ کي گهرائي وٺان؟“

هن ڪوبه جواب نه ڏنو. مون کي هاڻِ کان ئي احساس پئي ٿيو ته هو ڪنهن نبيءَ جيان مون کي ’پابلو‘ سڏي، آسماني نموني ۾ خطاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون کي اها ڳالهه بنهه ڪانه وڻي. پر آرلنڊ جا ماڻهو اڪثر ڪري اهڙا ئي ٿيندا آهن. مون کي هڪ هلڪو احساس پئي ٿيو ته سندس بدن مان پيشاب جي ڌپ پيئي اچي. حقيقت ۾ مون کي ٽام سان ايتري همدردي نه هئي، ۽ منهنجي سمجهه ۾ نٿي آيو ته رڳو انهيءَ ڪري جو اسين گڏ مرڻ وارا هئاسين، مان ڇو هن سان وڌيڪ همدردي رکان. ٿي سگهي ٿو ته منهنجا جذبات ڪن ٻين ماڻهن سان ٻئي نموني جا هجن ها. مثلاَ ’ريمو گرس‘ سان. پر ٽام ۽ يوآن جي صحبت ۾ مون پاڻ کي صفا اڪيلو پئي سمجهيو. اها ڳالهه مون کي تمام چڱي ٿي لڳي. هونئن ئي ريمو جي صحبت جو مون تي گهڻو اثر ٿئي ها، پر هينئر ٽام سان گڏ منهنجي دل تي ڪوبه اثر نٿي ٿيو. ۽ مون انهيءَ ئي حالت ۾ رهڻ ٿي گهريو.

هو اڃا به ساڳيءَ طرح اکرن کي چٻاڙيندو رهيو، ڄڻ ته سندس دماغ ٺڪاڻي ڪونه هو. هن پڪ سان انهيءَ ڪري پئي ڳالهايو ته جيئن کيس سوچڻو نه پوي. سندس بدن مان پيشاب جي ڌپ ائين پئي آئي، ڄڻ ته هو مثاني جو پراڻو مريض هو. آءٌ قدرتي طرح هن سان هم خيال هوس. جيڪي ڳالهيون هن پئي ڪيون، سي ساڳيون مون کان به ٿي سگهيون ٿي. مرڻ ڪا قدرتي ڳالهه ته ڪانهي. جنهن صورت ۾ مان مرڻ وارو هوس، تنهنڪري ڪابه شيءِ مون کي قدرتي نٿي نظر آئي. نه ڪوئلن جو ڍڳ، ۽ نه بينچ تي پيڊرو جو ڀوائتو چهرو ڪجهه به نه ها، ايترو برابر هو ته مون کي ٽام وانگر انهن شين بابت سوچڻ چڱو نٿي لڳو. مون کي سڄي رات، پل پل ۾ اهو احساس پئي ٿيو ته اسين گهڻيون ئي ڳالهيون سوچيندا رهنداسين. مون پهريون ڀيرو کيس پاسي کان ڏٺو، ۽ هو مون کي ڏاڍو عجيب ۽ حيرت جهڙو لڳو ڄڻ سندس منهن تي موت جو پوش چڙهيل هو. منهنجي خودداري گهائل ٿي ويئي. گذريل چوويهن ڪلاڪن کان وٺي، آءٌ ٽام سان گڏ رهيو هوس، ساڻس ڳالهيون ڪيون هيم، ۽ ڄاتم ٿي ته اسين ڪنهن به ڳالهه ۾ هڪجهڙا ناهيون، ۽ هاڻ اسين رڳو انهيءَ ڪري جاڙن ڀائرن جيان پئي لڳاسين جو ٻيئي ڄڻا گڏ مرڻ پئي وياسين.

صوميه ناز/ لعل خاتون

پرفيوم جو استعمال

 

پرفيوم استعمال ڪرڻ به هڪ فن آهي. پرفيوم، هڪ اهڙي خوشبوءِ، جيڪا اوهان کي فريش رهڻ ۾ مدد ڏئي. توهان کي تازگيءَ جو احساس ڏياريندي رهي. هڪ اهڙي خوشبوءِ، جيڪا اوهان جي شخصيت کي وڌيڪ اجاري ۽ توهان جي سڃاڻپ بڻجي وڃي. گهڻا ماڻهو پرفيوم استعمال ڪرڻ جا شوقين هوندا آهن، پر انهن جي ڪا خاص پسند ناهي هوندي ۽ هو هر دفعي هڪ نئون پرفيوم استعمال ڪندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ڪرڻ ٺيڪ آهي، پر هميشه ائين نٿو ڪري سگهجي. بهتر اهو آهي ته پهرين پنهنجي پسند جو جائزو وٺو. مزاج مطابق خوشبو جو انتخاب ڪرڻ تمام ضروري آهي ڇو ته گهڻا ماڻهو تيز خوشبو برداشت ناهن ڪري سگهندا ۽ انهن جي مٿي ۾ سور پئجي ويندو آهي. انهيءَ لاءِ توهان صرف نالو ڏسي پرفيوم نه خريد ڪريو. بلڪ پنهنجي مزاج مطابق خوشبوءِ جو استعمال ڪريو.

موقعي جي مناسبت سان به پرفيوم استعمال ڪرڻ هڪ فن آهي. جيڪڏهن توهان ڪنهن آفيس وڃي رهيا آهيو يا ڏينهن جي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا آهيو ته اهڙي موقعي تي هلڪي خوشبوءِ کي ترجيح ڏيو. جيڪڏهن توهان رات جي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا آهيو ته پوءِ ڪا تيز خوشبوءِ توهان جو بهترين انتخاب ٿي سگهي ٿي. پر شرط صرف ايترو آهي ته ان خوشبوءِ سان نه صرف توهان انجواءِ ڪريو بلڪ ٻين کي به خوش ٿيڻ جو موقعو ڏيو. صحيح وقت تي صبح خوشبوءِ جو استعمال، توهان جي سُڀاءُ ۾ ڪافي تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ۽ توهان جي اندر ۾ خوشيءَ جي امنگ آڻي سگهي ٿو.

آرائش حُسن جي ماهرن مطابق خشڪ چمڙيءَ ۽ اڇي رنگ وارن ماڻهن جي چمڙيءَ تي پرفيوم جلدي پنهنجو اثر ختم ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن ته چڪني چمڙي ۽ سانوري رنگ وارن ماڻهن  جي چمڙيءَ تي پرفيوم جي خوشبوءِ گهڻي دير تائين رهندي آهي. ان لاءِ اهي اڇي رنگ وارن عورتن کي تهن جي صورت ۾ خوشبوءِ لڳائڻ جو مشورو ڏيندا آهن. يعني جنهن طرح جي خوشبوءِ جو پرفيوم توهان استعمال ڪري رهيون آهيون. ان سان ملندڙ باڊي اسپري استعمال ڪريو.

وقت سان گڏ گڏ، هر عورت ميڪ اپ جانت نوان مشهور ٿيڻ وارا ٽرينڊ آزمائي ٿي. بلڪل اهڙيءَ طرح پرفيوم جا برانڊز به تبديل ڪرڻ گهرجن. هر ٽئين چوٿين مهيني کان پوءِ پنهنجو پرفيوم برانڊ بدلايو. ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جو پرفيوم ڏسي، خريد نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته اها خوشبوءِ توهان جي شخصيت لاءِ موزون نه هجي. پرفيوم هميشه پنهنجي شخصيت مطابق استعمال ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org