سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري 2024ع

باب:

صفحو:2 

 

 

 فوزيا سنديلو

 

ڪوٽ لکپت جو قيدي

(همتن جو هڪ نه کٽندڙ داستان)

”هر ماڻهوءَ جي دل ۾ خوف، ڳڻتي ۽ دهشت جو هڪڙو ڪوٽ لکپت، هڪڙو شاهي قلعو ۽ هڪڙو لال قلعو آهي.“

”ڪوٽ لکپت جو قيدي“، رسول بخش پليجي صاحب جي جيل ڊائري آهي. ان ڊائري جي شروعات سينٽرل جيل خيرپورميرس کان ٿئي ٿي، جتي پليجي صاحب ڪجهه ڏينهن قيد ۾ گذاريا، ان کانپوءِ هڪ ڊگهو عرصو ڪوٽ لکپت جيل اندر شروع ٿئي ٿو. جتي پليجو صاحب پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي مهينا جيل جي بند ڪمري اندر گذاري ٿو. هيءَ ڊائري همت ۽ حوصلي جو هڪ ڊگهو داستان آهي. ڊائري پڙهندي، ذهن ۾ خيال اُڀرن ٿا ته زندگيءَ جو سفر ڀلي ڪيڏو به ڪٺن، اڻانگو ۽ اذيتناڪ ڇو نه هجي، پر ان سفر کي هر صورت ۾ جاري رکڻو آهي. همت ناهي هارڻي، پير پٿون ڪري به مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکڻي آهي. ڀٽائيءَ جي بيتن جهڙي خوشبوءَ سان واسيل هيءَ جيل ڊائري پڙهندي، ڪنهن ڪنهن مهل همت جواب ڏيڻ لڳي ٿي، پر وري ليکڪ جو حوصلو ۽ عزم ڏسي، اهڙي همت پڙهندڙ جي اندر ۾ به پيدا ٿيڻ لڳي ٿي.

جان جئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري،

تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل وهڻ جي.

(سُر حسيني)

پليجو صاحب نه رڳو هڪ سياستدان هو، پر هُو هڪ گهڻ پڙهيو مفڪر، دانشور، اديب، نقاد ۽ هڪ انقلابي ذهن رکندڙ عالمي ليول جو ڏاهو ۽ ڀٽائيءَ جو پارکو پڻ هو. هُو هڪ نفيس ۽ حساس دل ۽ جبلن جهڙو مضبوط حوصلو رکندڙ ماڻهو هو. ڊائري جي ورق ورق منجهان جيل جي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ايئن چوندي نظر اچي ٿو ته:

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتيُون ٿئين.

                      (شاهه)

هڪ هنڌ چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن مقصد عظيم آهي ۽ پويان ڪا منظم ڳالهه موجود آهي ته زندگيءَ جو ڪڙي ۾ ڪڙو تجربو، پس پيش ماکيءَ کان مٺا نتيجا ڪڍي سگهي ٿو.“

جيل، جنهن جو تصور به عام ماڻهوءَ لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ دهشت پيدا ڪندڙ آهي ان لاءِ لکي ٿو ته:  مون قيد ۽ ان جي ڪيترين مجبورين، محرومين، سختين، بي واجبين ۽ عذابن کي زندگيءَ جون دستوري ۽ قدرتي شيون ڪري، تسليم ڪيو آهي ۽ انهن کي معموليءَ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ڏني اٿم.“ هو اجائي ڏک، محرومين، خوف، پڇتاءَ ۽ مجبورين کي عوام دشمن زهر سمجهي ٿو. مون کي اهو پڙهي حيرت ٿي ته پليجو صاحب مايوسي ڦهلائيندڙ ادب (جيڪو ڪافڪا ۽ ڪاميو لکيو) کي رد ڪري ٿو ڇڏي. هُو انقلابي سوچ جي پرچار ڪري ٿو، جيل جهڙي ڀوائتي دنيا ۾ جتي نه چنڊ جي چانڊوڪي، آزاديءَ سان پهچي سگهي ٿي نه ئي صبح جي سج جا روشن ڪِرڻا پهچي سگهن ٿا، نه ئي ٿڌيون هوائون دل کولي گهلي سگهن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ هُو ننڍڙين ننڍڙين شين مان خوشيءَ جا خزانا هٿ ڪري، وقت کي بهترين نموني گذارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن مهل اخبار ته ڪنهن مهل ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌي پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري ٿو.

دل مضطر کو سمجھایا بہت ہے

مگر اس دل نے تڑپایا بہت ہے

تبسم بھی، حیا بھی، بی رخی بھی

یہ انداز ستم بھایا بہت ہے

رھِ ہستی کی اس جگتے سفر میں

تمہاری یاد کا سایہ بہت ہے

هو بند ڪمري اندر نه رڳو ريڊيو تي هلندڙ گيتن ۽ غزلن مان مزو وٺي ٿو، پر ڪتابن جي دنيا مان پڻ ڀرپور مزا ماڻي ٿو. ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ، هُو جين آسٽن جي ناول ايما Sense and Sensibility, pride and prejudices  ۽ شيڪسپئر جي ڊرامي ”ٻارهين رات“ ملڻ جي خوشيءَ ۾ لکي ٿو: ”مزا ٿي ويا، ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ پراڻا وڇڙيل دوست ملي ويا، سٺا ڪتاب به بهترين دوست ٿين ٿا، انهن جي يادگيري اچي ٿي ۽ انهن سان وري ملڻ جي اڪير به ٿئي ٿي.“ ڪتابن سان گڏ، هُو جيل اندر ٽڙيل موتئي ۽ گلاب جي گلن جي خوشبوءِ مان به لطف اندوز ٿئي ٿو.

جيل اندر هن جي صحت به وقفي وقفي سان خراب رهي ٿي، ڪيترن ئي ڏينهن تائين، ڊائري جو هڪ ورق به لکي نٿو سگهي. گرم موسم، تتل ڏينهن، غير متوازن خوراڪ، غير صحتمند حالتون، اهڙين حالتن ۾ بيزاري ته هڪ فطري ڳالهه آهي، پر هن رڪ جي ٺهيل ماڻهوءَ اڳيان اهي ڳالهيون به عام ڳالهين کان وڌيڪ اهميت نٿيون رکن. هو اهڙين حالتن ۾ رهندي به سائنس، مذهب ۽ ڪائنات بابت پنهنجا ويچار ونڊي ٿو. هُو مشهور مسلمان سائنسدانن بو علي سينا، الرزاي، الڪندي، عمر خيام، ابن رشد بابت به لکي ٿو ته، ٽالسٽاءِ، ٽئگور، تلسي داس، ڪبير ۽ ڪاليداس جو ذڪر به ڪري ٿو. هُو انقلابي ماڻهن جهانسيءَ جي راڻي، ڀڳت سنگهه، حضرت عيسيٰ  ﷤، امام حسين ﷤، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، دودي سومري، دولهه درياءَ خان، منصور ۽ سرمد جو ذڪر به ڪري ٿو ته هوشوءَ، هيمون جو به، جن اونداهه ۾ جوت جلائي. هي اهي ماڻهو هئا، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ظالم قوتن خلاف جنگ جوٽي هئي. جيل اندر جنهن جا ساٿي اهڙا تاريخ جا امر ڪردار هجن، اهو انسان نه ئي اڪيلو ٿي سگهي ٿو نه ئي مايوس.

”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ۾ جتي ضياءَ طرفان لڳايل مارشل لا جو ذڪر آهي، اتي ايم.آر.ڊي تحريڪ، ڦٽڪن، ڦاسي گهاٽن، جيل جي اونداهي راتين،جلسن، جلوسن کان وٺي، لٺبازي، گرفتارين جو به ذڪر آهي ۽ ملڪي صورتحال کانسواءِ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ چڱي ڄاڻ قلمبند ڪئي وئي آهي.

هن جيل ڊائريءَ ۾ عورت جي آزاديءَ جي احساسن کي پڻ جڳهه ڏني وئي آهي ۽ دنيا جي چئن عظيم عورتن جو ذڪر به اهميت جوڳو آهي، جن ۾ هڪ آهي يونان جي شاعره سئفو، ڪشمير جي شاعره حبه، ايراني شاعره قرة العين، هندستاني شاعره ميران بائي. انهن لاءِ لکي ٿو ته: ”چار عظيم انسان، چار عظيم عورتون، عظيم شاعرائون، عظيم باغي.“

ڪشميري شاعره حبه چوي ٿي:

”منهنجي جوانيءَ جي بهار گذري رهي آهي تنهنجي اچڻ کان اڳ متان چمپا جا گل مرجهائجي نه وڃن.

آءٌ ڪنهن پهاڙ جي پويان ٻڏندڙ چنڊ آهيان

تون الاءِ ڪٿي ستو پيو آهين.“

هونئن ته هن ڊائريءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن جو ذڪر آهي. پر دنيا جي عورتن کانسواءِ پليجي صاحب جي گهر جون عورتون جيجي زرينه، پليجي صاحب جي امڙ، ڀيڻون حورالنساءَ، ،غلام فاطمه جو به ذڪر آهي. هڪ ڳائڻي عورت ڦتيءَ جو ذڪر به آهي، جنهن لاءِ هُو لکي ٿو ته: ”ڦتيءَ جي آواز کان وڌيڪ مٺو ۽ من موهيندڙ آواز مون دنيا ۾ ڪنهن جو به ڪونه ٻڌو.“

مختصر ته هيءَ منفرد ”جيل ڊائري“ همتن جو هڪ نه کٽندڙ داستان آهي. جيڪڏهن انسان وٽ هڪ عظيم مقصد آهي ته جيل جون تنهائيون ۽ اذيتون به هن جي عزم کي جهڪائي نٿيون سگهن.

دوستو! زندگيءَ جي اڻانگين راهن تي هلندي، جيڪڏهن توهان ٿڪجي ۽ مايوس ٿي چڪا آهيو ته توهان کي هڪ دفعو هيءَ جيل ڊائري ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ضرور پڙهڻ گهرجي. جيئري ئي مئلن وانگر زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته بهادريءَ سان بامقصد زندگي گذارجي.

 

 

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

 

ننڊ نه اچي ته ڇا ڪجي؟“

 

سمهڻ کان اڳ ٻي صبح جاڳڻ بعد جي  ”ڪم ڪارين“ جي ”فهرست“ ٺاهي/ لکي رکو. اطمينان جي ننڊ اچي ويندي. جڏهن فهرست ٺاهي رکبي ته دماغ پريشان ٿيڻ بجاءِ، انهن ڪمن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ آرام سان ننڊ اچي ويندي.

بسترو ڇڏي، ڪجهه دلچسپيءَ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪريو.

دراصل ننڊ نه اچڻ جو صورت ۾ ان کي وڌيڪ سوچڻ سان، اڃان به ننڊ پري ٿي ويندي آهي. انڪري پنهنجي دلچسپيءَ جو ڪم ڪار ڪرڻ شروع ڪريو. ائين ويهن پنجويهن منٽن تائين، ڪو ”ڪتاب“، ”اخبار“ وغيره پڙهو يا ڪوبه پسند مطابق ڪم ڪريو.

هونئن به ننڊ ڪرڻ کان اڳ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ بهترين ”ننڊ آور“ عمل آهي.

ڪتاب پڙهو، پر گهڻو دلچسپ نه هجي، جو ننڊ تي غالب اچي وڃي ۽ ننڊ اکين کان پري هلي وڃي.

ڪتاب جو مطالعو ڪريو.

ڪڏهن ڪڏهن دماغ ڪجهه ڳالهين ۾ الجهيل هجڻ ڪري، ننڊ ”وقت سر“ نه ايندي آهي. ان صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ، ”ڪُتب بيني“ ڪرڻ بهترين عمل آهي. گهڻي قدر دلچسپ موضوع واري ڪتاب ۾ ماڻهوءَ جو دماغ اُلجهي پوندو آهي، انڪري ڪو هلڪي ڦلڪي موضوع وارو ڪتاب پڙهڻ گهرجي. ڪتاب جي اکرن تي نظرون ڄمائڻ، پنا/ ورق اُٿلائڻ جو آواز ڪنن جي سماعتن سان ٽڪرائجي، هٿن جي چرپر سان ملي ڪري، هڪ پُر اثر سُريلو آواز، رات جي سناٽي ۾ ”ترنم“ پيدا ڪندو آهي. جنهن جي ٻُڌڻ سان بيحد سُڪون محسوس ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو هلڪو ڦلڪو موضوع هوندو آهي ته دماع مطمئن ٿي، ننڊ جي آغوش ۾ ويندو محسوس ٿيندو آهي.

آڊيوبوڪس/ رڪارڊ ٿيل ڪتابن جو آواز ٻڌجي.

پنهنجي ساهه تي توجهه ڏيو/ ساهه کڻڻ جي مشڪ ڪريو.

رڪارڊ ٿيل ويڊيو يا ته ”ڪتاب“ وغيره ٻُڌڻ، يا وري ڪا ”نصيحت آموز“ گفتگو ٻُڌڻ وغيره، ڇو ته ائين ڪرڻ سان، پنهنجي بستري تي ليٽي بغير پنهنجي پوزيشن تبديل ڪندي، آرام سان ننڊ جي وادين ۾ وڃي، آرام ڪري سگهجي ٿو. بنان ڪنهن رنڊڪ ۽ رُڪاوٽ جي ماڻهو آرام سان ننڊ ڪري سگهي ٿو.

پنهنجي ساهه کڻڻ واري عمل تي توجهه ڏيو.

پنهنجي غير ضروري سوچن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ساهه کڻڻ جي ”ڪثرت/ مشق“ ڪريو. جيڪا هيٺينءَ ريت ڪري سگهجي ٿي.

توهان جڏهن پنهنجي دماغ کي ”ساهه کڻڻ“ واري عمل ۾ مصروف ڪندا ته اوهان جو دماغ ٿڪجي، ننڊ تي آماده ٿي ويندو. هن مشق ڪرڻ سان نه جسماني طور ڊسٽرب ٿيندا ۽ نه ئي وري ڪو پاسو بدلائڻو پوندو. بستري تي ليٽي ليٽي آسانيءَ سان هيٺينءَ ريت عمل پيرا ٿي سگهو ٿا. هن مشق لاءِ بستري تي سُمهڻ لاءِ سڌا ٿي پٺيءَ ڀرليٽي پئو. هڪ هٿ ”سيني“ تي رکو ۽ ٻيو هٿ ”پيٽ“ تي رکو. ٻَه سيڪنڊ نڪ مان ساهه ڇڪي کڻو، ۽ پيٽ ۾ ڀريو، پوءِ آهستي آهستي ساهه کي نڪ منجهان خارج ڪريو. هيءَ مشق بار بار ڪريو ته تمام جلدي ننڊ جي وادين ۾ پهچي ويندا ۽ توهان آرام سان سُمهي رهندا.

 

غزل

 

 

 

 

وفا ياسين آرائين

 

ڪيڏا لڳن ٿا پيارا ماڻهو،

جِيءَ، جِيارا سارا ماڻهو.

جڏهن کِلن ٿا، گُل ٽِڙن ٿا،

آهن ساهه سهارا ماڻهو.

ڪهڙي ڪيان مان ڳالهه تنين جي،

سُهڻا سڀ سُونهارا ماڻهو.

ڪهڙيون تن جون ڳالهيون ڳايان،

آهن مَنَ موچارا ماڻهو.

هڪڙو ڀيرو ’ياسين‘ مِلن ٿا،

ڪَن ٿا نِينهن، نيارا ماڻهو.

*

غزل

آهين سهارو ساهه او سائين،

توسان منهنجو چاهه او سائين.

آهيان توبن ائين اڌورو،

ڀٽڪيل راهي راهه او سائين.

دردن ڏُکن ۾ چُور مان آهيان،

غم منهنجا تون لاهه او سائين.

راهه نِهاري نيڻ ٿڪيا هي،

اوسيئڙي ۾ آهه او سائين.

دشمن بڻجي ڏيهه ويو سارو،

’ياسين‘ سان ڪَر ٺاهه او سائين.

 

ڪيڏا لڳن ٿا پيارا ماڻهو،

جِيءَ، جِيارا سارا ماڻهو.

جڏهن کِلن ٿا، گُل ٽِڙن ٿا،

آهن ساهه سهارا ماڻهو.

ڪهڙي ڪيان مان ڳالهه تنين جي،

سُهڻا سڀ سُونهارا ماڻهو.

ڪهڙيون تن جون ڳالهيون ڳايان،

آهن مَنَ موچارا ماڻهو.

هڪڙو ڀيرو ’ياسين‘ مِلن ٿا،

ڪَن ٿا نِينهن، نيارا ماڻهو.

*

غزل

آهين سهارو ساهه او سائين،

توسان منهنجو چاهه او سائين.

آهيان توبن ائين اڌورو،

ڀٽڪيل راهي راهه او سائين.

دردن ڏُکن ۾ چُور مان آهيان،

غم منهنجا تون لاهه او سائين.

راهه نِهاري نيڻ ٿڪيا هي،

اوسيئڙي ۾ آهه او سائين.

دشمن بڻجي ڏيهه ويو سارو،

’ياسين‘ سان ڪَر ٺاهه او سائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org