جيڪڏهن ڪو جونيئرشاعر شاعريءَ سان چاهه رکندي، وٽن
اچي ته پنهنجي علم سان سندن جهول ۾ گوهر دان ڪن.
همت افزائي ڪجي، نه ڪي دل شڪني. اهڙيءَ طرح سان
نوجوان شاعرن جي راهه هموار ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته
ايندڙ نسل جا، اهي ئي پاسبان، اهي ئي ترجمان، اهي
ئي پيغام رسائيندڙ، اهي ئي لاٽ مثل پنهنجي روشنيءَ
سان روشن راهون ارپيندا.
سوال:
موجوده صورتحال ۾ سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ جا ڪهڙا
امڪان آهن.
نجمه نور:
ڇو نه آهن امڪان، هر دور ۾ امڪان ممڪن هوندا آهن ۽
رهيا آهن. ڳالهه اوهان ٿا ڪريو موجوده دور جي.
موجوده دور ته وڌيڪ آماده ڪري ٿو، لکڻ تي مجبور
ڪري ٿو، درد وڌيڪ دعوت ڏين ٿا. حالت زار کي ڏسندي،
شاعر تي وڌيڪ ڀاري ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو عوام
کي نئون ولولو، جذبو، همت ۽ دليريءَ جو پيغام ڏين،
ڪهڙيءَ طرح، ڪهڙن رُخن ۾، ڪهڙين حالتن ۾ زندگيءَ
کي گذارڻ جا ماڻ ڏين. ڏس ڏين، رستا هموار ڪن.
ڪاميابين لاءِ رستا تلاش ڪرڻ لاءِ جذبو پيدا ڪن.
موجوده دور ۾ سجاڳيءَ جي سخت ضرورت آهي. ستل قوم
کي هڪ رائيٽر قلم جي نوڪ وسيلي، جاڳائي سگهي ٿو.
شعوري لکڻي ۽ تحرير ۾ شاعريءَ سبب ئي شعور اجاگر
ڪري سگهجي ٿو، صدين کان انقلاب قلم وسيلي ممڪن ٿي
سگهيا آهن.
سوال:
هن وقت جيڪا شاعري ڇپجي پئي، اها نئين شاعري آهي؟
ڇا اها نئين شاعري، نئين ذهن جي نشاندهي ڪري ٿي؟
نجمه نور:
جي ها، نئين شاعري يقيناً نئين ذهن جي پيداوار
آهي. ظاهر آهي ته شاعري ذهن جي سوچن جي ۽ خيالن جي
نشاندهي ۽ نمائندگي ڪندي آهي.
هرڪو نئون شاعر لکڻ سان جُٽيو پيو آهي، پوءِ ان
لکڻيءَ ۾ پرواز آهي يا نه آهي، پر لڳو پيو آهي
پنهنجي ڪم سان. ڀلا ڪهنو سخنور ڇا پهريائين نئون
نه هو؟ شاعريءَ جي شاهراهه تي هلندي هلندي ته منزل
ملندي آهي نه. باقي جيڪي رڪيا ته رڪجي ويا. انهن
پاتو ۽ پنهنجو مقصد ماڻيو، جن جاکوڙ ڪئي.
جي پنهنجي ڪم سان ماڻهو مخلص آهي، ڪاميابي اوس
نصيب ٿيندي. اهو ئي ايمان آ پنهنجو.
سوال:
ويهين صديءَ ۾ سائنس، فلسفي، نفسيات وغيره دنيا
جي ادب ۽ شاعريءَ تي گهرا نقش ڇڏيا؟ سنڌي شاعري
به متاثر ٿي؟
نجمه نور:
سنڌي شاعري، دنيا جي شاعريءَ ۾ وقار سان ڪَــرُ
اوچو ڪيو بيٺي آهي. انتهائي شاهوڪار ٻولي آهي،
جنهن جي سيني ۾ لازوال ادبي هيرا موتي چمڪن ٿا.
سائنس، فلسفي، نفسيات جي اثرات بنان شعور جي هڪ
سِٽ به سرجي نٿي سگهي، انهيءَ بنان تصور به
ناممڪن آهي. هر دور ۾ ماضي هجي، حال يا مستقبل،
شاعرن جون لازوال خدمتون رهيون آهن، جيڪي ادبي
دنيا ۾ چنڊ جيان چمڪنديون رهن ٿيون. تاريخ جا ورق
شاهد رهندا تاقيامت. شاعرن کي ڪنهن وقت ۽ مناسب
موقعي جو انتظار نه ڪرڻو پوندو آهي. پلڪ پلڪ ۽
گهڙي گهڙي لکڻ لاءِ بيچين ڪندي رهي ٿي. آس پاس جو
ماحول، زندگيءَ جون ناهمواريون، مسئلا، شاعرن جا
مضمون هجن ٿا.
اهو چئي سگهجي ٿو ته هر دور وارتائن سان ڀريل آهي
ته شاعرن جي درد ڪٿا سان به ٽمٽار آهي. شاعر سال ۽
صديءَ جو محتاج ناهي رهيو، هو نه پنهنجي فڪر جي ڪٿ
ڪري ٿو ۽ نه وري تور ماپ. ڏينهن رات پنهنجي حصي جو
ڪم همت، حوصلي ۽ مخلصيءَ سان ڪندو رهي ٿو. ڪندو
رهندو، ڪرڻ به گهرجي، شاعري آهي ئي پيغمبري پيشو،
جيڪو هر دور ۾ اهم آهي.
سوال:
اسان جو نوجوان شاعر پنهنجي لکڻين ۾ پنهنجي
شاعراڻين روايتن جو ڪيترو خيال ٿو رکي؟ قومي ۽
تهذيبي مزاج کي هن ڪيترو سمجهيو آهي؟
نجمه نور:
نوجوانن کي واقعي پنهنجي ريتن، رسمن، مزاج، خيالن
۽ سوچن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، جا هن فن جا تقاضا
آهي. جيڪڏهن تقاضا، اهميت ۽ وقت جي ضرورت پٽاندڙ
خيالن جي ترجماني نه ڪئي ته ڇا ڪيو.
اسان جو آواز سنڌ ڌرتيءَ ۽ پنهنجي وطن واسين جو
ترجمان هئڻ گهرجي. اهو سوچڻ گهرجي ته هن وقت جا
حالات ڇا جي گهر ڪن ٿا، ڪهڙي تحرير کي دعوت ڏين
ٿا؟
وڏي کان وڏي شاعر جي شاعري عوامي اُمنگ ۾ ٻڏل نظر
اچي ٿي. ان لاءِ ان ۾ پائيدار نظر اچي ٿي، جنهن
سان شاعر کي دائميت ملي ٿي. اها ئي شاعري آفاقي
شاعري چئجي. باقي شاعريءَ جي صف ۾ پهچڻ لاءِ
هروڀرو جا ڌڪا زوال پذير هجن ٿا.
شعور بنان شاعري بيڪار آهي.
سوال:
اسان جي سموري شاعريءَ ۾ ڏُک، رنج ۽ جدائيءَ جهڙا
مضمون گهڻا آهن؟ سموري شاعري انهن مضمونن سان ڀري
پئي آهي؟ ائين ڇو آهي؟
نجمه نور:
انسان وڏي خساري ۾ آهي. روئندو اچي ٿو. مرندي لڙڪن
سان دم ڏئي ٿو. خوشي اڻ لڀ آهي.دردن جا دنگ آهن.
هر ماڻهو سور سانڍيو جيئندو وتي، نه جيئرن ۾ نه
مُئلن ۾. جهڙو زندان ۾ هجي.
اسان جنهن جنهن سماج سان تعلق رکون ٿا، ان ۾ بُک،
بدحالي، افلاس، بدامني، بدڪرداري، ناانصافي هر طرف
کان ڪرُ کنيون بيٺي آهي. پوءِ شاعر به ته اهڙي
پيڙا واري ماحول جو حصو آهن، پوءِ انهن جي قلم مان
لڙڪ نه وهندا ته ٽهڪ نڪرندا؟
جنهن قوم جو مقدر ڀوڳنائون هجن، اتي سوز خواني نه
ٿيندي ته ڇا خوشيءَ جي شهنائي وڄندي؟
اوهان ٿا چئو ته شاعري درد سان ڇو ڀريل آ، سو ان
جو خاص سبب اهو ئي آهي. جنهن پلئه ۾ گلن بجاءِ خار
هجن ته اها جهولي، مهڪندي يا ڪنڊن سان ڇيهون ڇيهون
ٿيندي؟ هر ماڻهو درد جي ڪهاڻي نظر اچي ٿو.
پريشانيءَ جو ريکائون، سندس چهري تي بخوبي عيان
هجن ٿيون، نسلي جهيڙا، لساني جنگ، مذهبي جهيڙا،
اخلاقي روين جو قتل عام، عورت جي درد ڪٿا، اوهان
سڀني جي اڳيان سواليه نشان بڻيل آهن. بحيثيت وطن
واسيءَ جي مضمون غم ديده هجڻ هڪ لازمي امر آهي.
”اچوڙي سورن واريون ڪريون سور پچار....“
صديون پهريون جو آواز به اڄ اسان جو آواز آهي.
زندگيءَ جي ڏکويل کي آٿت ڏيندي ۽ پرچائيندي جي
پرچي ته هنن لفظن سان تسلي ڏيان ٿي.
تون زندگيءَ جو غم نه ڪر، هي زندگي ته پيار آ،
رُسي وڃي ته ڄڻ خزان، پرچي ته ڄڻ بهار آ.
هي روح جو آ رابطو ۽ تن بدن جو ڀروسو،
سڪ سڄيءَ جو سلسلو، ٽٽي ته جيت هار آ.
هي بيڪسن جي آرزو، هي بيوسن جي جستجو،
کلي ٽڙي ته گلابي گل، روئي رڙي ته خار آ.
پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ، پاڻ کي ئي آٿت ڏيڻ زندگي
آهي. سو اهي ئي سبب آهن ته ڏک، رنج جدائيءَ جهڙا
مضمون اوهان کي نظر اچن ٿا. ائين ٿا چئون نه؟
منهنجا خيال ٻڌي مطمئن ٿيا هوندا.
سوال:
جديد سنڌي شاعريءَ جون مکيه خصوصيتون ڪهڙيون آهن؟
ڇا سنڌي شاعري موجوده صورتحال جي اثرقبولي رهي
آهي؟
نجمه نور:
اوهان سنڌي شاعريءَ جون مکيه خصوصيتون پڇيون آهن،
وري پيا چئو ته موجوده صورتحال جا اثر قبولي رهي
آهي يا نه؟
سنڌي شاعريءَ جي حقيقت ائين آهي، جيئن سج، چنڊ،
تارن جي حقيقت، جا اُفق تي جرڪي رهي آهي، تاقيامت
جرڪندي رهندي. اها سدا حيات آهي. لازوال پڻ.
مان اوهان کي ٻڌايو ته موجوده صورتحال هجي يا
ماضيءَ جي صورتحال، ڪهڙي به خطي جي هر دور ۾
پنهنجي حصي جوڪم نڀايو آهي، پاڻ ملهايو آهي.
جيستائين دنيا باقي رهندي، شاعريءَ جا نوان رنگ
وکيريندي رهندي. ان ۾ ڪوبه شڪ، وهم ۽ گمان نه هجي
ها، پر ڪنهن جو قلم مضبوط ڌار ته ڪنهن جو تيز
ترار ته ڪنهن جو هلڪو وهندو رهي ٿو. سڀني ڌارائن
جو رخ سمنڊ ڏانهن آهي، جو صدين کان سڪو ناهي.
سوال:
ڇا آزاد نظم اسان جي شاعراڻي مزاج ۽ ڪيفيت جي
ڪامياب ترجماني ڪري سگهي ٿو؟
نجمه نور:
شاعري آزاد هجي يا پابند، اثر رکي ٿي، اها ڳالهه
الڳ آهي ته ڪنهن جو رنگ ڳوڙهو ۽ گهرو هجي ٿو ۽
ڪنهن جو هلڪو، پر بنان رنگ نه هجي ٿي. اهو پڙهڻ
وارن تي منحصر آهي ته ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر قبولين ٿا.
جهڙي مزاج جو ماڻهو هوندو ۽ جهڙي ڪيفيت سان هو
لکندو، تحرير به اهڙو ڏيک ڏيندي، اثر انداز ٿيندي.
ڳالهه آهي انداز بيان جي ته ڪير شعله بيان آهي،
ڪير سرد بيان. ڇوته اهي صلاحيتون به ماڻهن جي
شڪلين وانگر جدا جدا ٿين، ۽ خداداد هجن ٿيون.
اوهان کي خبرآهي ته ذهني ليول هر ماڻهوءَ جي جدا
هجي ٿي ته سوچ، فڪر، لاڙا، مهارتون پڻ عليحده هجن
ٿيون، ته تحريرن جون شڪليون صورتون به جدا ٿين ته
اثرات به جدا ٿين.
سوال:
سنڌي شاعريءَ جو مجموعي مزاج ڪيئن آهي؟ ڇا
Depict
پيو ٿئي؟ ڇا ٿيو آهي؟ ڇا ٿيڻ گهرجي؟
نجمه نور:
سنڌي شاعريءَ جو مجموعي مزاج ۽ ڪردار اڄ به اهم
رهيو آهي. اوهان کي ان ڏس ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا
ڪندي نظر ايندي، لڪل پوشيده رازن تان پردو
هٽائيندي رهي آهي. پنهنجو فرض ذميداريءَ سان ادا
ڪري پئي.اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ، پرنٽ ميڊيا به
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. موجوده حالتن کي وائکو ڪرڻ
۾ ٻه قدم اڳتي آهي، نه ڪي پُٺتي آهي. شاعر به پرنٽ
ميڊيا جو سهارو وٺندي، جاکوڙي رهيا آهن. واڪا ڪرڻ
مون وس....
سو سنڌي شاعر به پنهنجي ذميداري خوب سمجهي ٿو،
پوءِ به طريقي سان قلم خون جگر مان ٻوڙي ٻوڙي لکي
ٿو. هو ملڪ کي، قوم کي، وطن واسين کي، دوستن
احبابن، پنهنجن کي خوش ڏسڻ چاهي ٿو. هن جي دل مان
هر وقت وطن واسين لاءِ دُعائون نڪرنديون رهن ٿيون.
سوال:
سوشيالاجسٽ جي حيثيت سان اوهان جون خدمتون؟
نجمه نور:
مان هن سماجي زندگيءَ جي درد ۽ پيڙائن ۾ ساهه کڻان
ٿي، منهنجي آسپاس جا گهٽ ذهني اسيري آهي، تنهن کي
آزاد ڏسڻ چاهيان ٿي. مون کي پنهنجو ساهه ڪڏهن
ٻوساٽيل محسوس ٿيندو آهي. مان عورت جا هٿ پير ٻڌل
ڏسان ٿي. ان جي خيالن تي تلوار لڙڪيل محسوس ڪيان
ٿي. انهن جون ڪيهون ۽ ڪوڪون ڏينهن رات ٻڌان ٿي،
مان ڪڙهان ٿي، پچان ٿي، جهڄان ٿي، تڙپان ٿي. هڪ
عورت ناتي، انهن جو انياءُ پاڻ تي محسوس ڪريان ٿي.
انهن سان ڏاڍايون، تڪليفون، تشدد پنهنجي بدن تي
سمجهان ٿي. ڪوڙا پنهنجي بدن تي کاڌا اٿم. آءٌ
لکندي رهان ٿي عورتن جي حقن لاءِ. جدوجهد ڪندي
رهندم. جتي پڳم. مان پنهنجي زندگيءَ جو سڄو علمي
ادبي پورهيو، انهن جي نانءُ ڪريان ٿي. اهو ئي سبب
آهي ته مان پي. ايڇ. ڊي. به ڪارو ڪاريءَ جي موضوع
تي ڪري رهي آهيان. ڪاريءَ پويان لڪل ڪارڻ کي جاچڻ
ٿي چاهيان. تمام گهڻا ڪالم، ڪهاڻيون، ريڊيو تي
تقريرون عورتن جي مختلف مسئلن تي لکندي رهان ٿي.
ليڪچر ذريعي شاگردن کي سماج جي اوڻاين ۽ مسئلن
بابت سندن حل تلاش ڪرڻ لاءِ جذبا اُجاگر ڪندي
آهيان. جيڪي سماجي اسٽيڊي ڪري، گهرو ۽ اونهو
مشاهدو ڪرڻ جوڳا ٿيندا آهن. انهن ۾ سجاڳي اچي ٿي.
ايندڙ خدشن، غير يقينيءَ واري ڪيفيت تي غور ڪندي،
مقابلي لاءِ راهون تلاش ڪندا آهن ۽ منزل ماڻڻ لاءِ
رستا طي ڪرڻ جي سگهه پاڻ ۾ پيدا ڪندا آهن.
سوشيالاجي اصل ۾ ماڻهوءَ ۾ تحقيق ڪرڻ جو جذبو
اجاگر ڪري ٿي، مسئلي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ ذهني
طرح ڪوشش ۽ جذباتي طرح سان تيار ڪري ٿي.
ان کان علاوه بحيثيت سوشيالاجسٽ مان ايم.اي.
سوشيالاجيءَ جي شاگردن کي سماجي موضوع ڏيندي آهيان
ته اهي تحقيق ڪن ته جيئن منجهن تحقيق ڪرڻ جي
صلاحيت ۽ شعور پروان چڙهي. اهي موضوع، عنوان،
Topics
مثال طور هن قسم جا هوندا آهن:
دهشتگرديءَ جا ڪارڻ، اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ
جا نقصان، عورتن جي تعليم ۽ رڪاوٽ، نوجوانن ۾ نشي
جهڙي لعنت ڇو؟ عورت ڏوهه ڇو ٿي ڪري؟ ڳوٺن ۾ صحت جا
مسئلا، ڪاروڪاريءَ جا بنيادي سبب، ٻارن سان جنسي
زيادتي يا تشدد، اغوا براءِ تاوان، عورت جي اسان
جي سماج ۾ حيثيت، شادين جا مسئلا، پيار جي پرڻي جا
سبب ۽ نقصان، ڏاج جي لعنت، خودڪشيءَ جا سبب، جرڳا
سسٽم، نوڪري ڪندڙ عورتن جا مسئلا، ڪم ڪندڙ ڪنهن به
جاءِ تي عورت لاءِ رستا روڪ، بيروزگاري ۽ بدحالي،
انهن سان ملندڙ جُلندڙ ڪيترائي ٻيا موضوع کين
ڏيندي آهيان، جن تي هو تحقيق ڪري، پنهنجي
Thesis
تيار ڪندا آهن. ان کان علاوه
T.V
تي عورتن جي موضوع تي بحث مباحثي ۾ حصو وٺندي
آهيان. سيمينارس، ڪانفرنسن ۾ پيپر پڙهندي آهيان.
عورتن جي حقن لاءِ ريڊيو تي تقريرون ڪندي رهندي
آهيان. اخبارن مئگزينن ۾ به عورتن جي مسئلن کي
High Light
ڪندي نظر ايندي آهيان. پنهنجي طور تي ڄڻ جهاد ڪري
هن ڪم کي کنيو اٿم. چڱي ڳالهه چوڻ جهاد جي ذمري ۾
اچي ٿي.
عورتن کي به گهرجي ته هڪٻئي لاءِ ويڇا ۽ نفرتون
ختم ڪري هڪٻئي جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ سوچن، نه
صرف سوچن بلڪ عملي مظاهرو به ڪن.
سوال:
اوهان جو هڪ شعري مجموعو اچي چڪو آهي، اوهان هينئر
نعتيه مجموعي تي ڪم ڪريو پيا، اوهان هڪ اخبار ۾
ڪالم به لکو پيون، ڪالم ۾ اوهان ڪهڙن موضوعن کي
Focus
ڪندا آهيو؟
نجمه نور:
”چنڊ ۽ اجرڪ“ جي نالي سان منهنجو هڪ شعري مجموعو
اچي چڪو آهي، هڪ اڳلي مهيني ۾ اوهان جي هٿن ۾
ايندو، جيڪو ڪالمن تي مبني ڪتاب ”صبح جو سلام“
آهي. ان کانسواءِ منهنجو نعتيه ڪلام ڇپائيءَ هيٺ
آهي. جيڪو به تمام جلد اچي ويندو.
مان بيحد خوش آهيان، جو منهنجو ڪالمن جو ڪتاب اچي
رهيو آهي. جن ماڻهن منهنجا ڪالم نه پڙهيا آهن، تن
کي ڪالمن پڙهڻ جو موقعو ملندو. مون کي انهن جي
راءِ جي خبر پوندي. مان هڪ اخبار لاءِ ڪونه پئي
لکان، پر ڪيترين ئي اخبارن ۽ ميگزينن ۾ لکندي
رهندي آهيان. تمام سهڻي موٽ به ملندي رهي ٿي. مان
جيترو به جنهن به صنف ۾ لکندي رهان ٿي، خوش آهيان
ته مان پنهنجي وطن واسين لاءِ جدوجهد ڪندي رهان
ٿي، ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهي آهيان. ڪنهن تي
احسان نه پئي ڪريان، پنهنجو اهو مشغلو دين ڌرم
سمجهان ٿي.
سوال:
اوهان ڪارو ڪاريءَ تي
Ph.D
ڪئي آهي، اها سنڌي عورت تي (Honour
Killing)
جي حوالي سان پهريون وڏو ڪم آهي، ان بابت تفصيل
سان ٻڌايو؟
نجمه نور:
جيئن ته عورت سان انياءُ، ظلم، ڏاڍ، جبر، مون کي
ذهني ۽ دلي طرح سان جهنجهوڙيندو رهي ٿو، ان لاءِ
ان موضوع کي اهميت ڏيندي، تحقيق جو اٽل ارادو ڪيم،
ته دراصل ان ڪڌي، ذليل، ڳاٽي ڀڳي رواج پويان ڪهڙا
ڪارڻ ڪارفرما آهن. انهن پوشيده ۽ لڪل رازن کي فاش
ڪرڻ لاءِ اهو موضوع چونڊي، تحقيق ڪرڻ شروع ڪيم،
منهنجي تحقيق جو ڪم پايئه تڪميل تي پهتل آهي.
جيڪڏهن موٽي ڳالهه ڪبي ته ان پويان گندي ذهنيت،
لالچ، زر، زمين، دشمنيءَ جا عنصر ڪارفرما آهن.
جيڪي پنهنجي بُک ۽ هَوسَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ عورت کي
جانورن جيان ڪن کان گهلي، ڳترا ڪري، پنهنجا ناپاڪ
عزائم حاصل ڪن ٿا. وس وارا جيئن چاهين تيئن پيو
ٿئي. پوءِ ڇو نه ناريون ڪُسن. هتي مان انگ اکر
ڪونه ڏيندم. جواب تمام گهڻو وڏو ٿي ويندو. هن
موضوع تي ٻيهر مان روشني وجهندم.
سوال:
زندگيءَ جي لڙائيءَ ۾ ٿڪجي ته ناهيو پيا؟ ڪيترا
محاظ وڙهيا اٿَوَ.؟
نجمه نور:
مان آئرن ليڊي آهيان، ڪٿي ٿي ٿڪجان. ٿڪاوٽ ۽
پسپائي منهنجي ڊڪشنري ۾ آهي ئي نه. بس خدا شل صحت
برقرار رکي. هي ڪم ۽ مصروفيتون ڪٿي ٿيون شڪست ڏين.
هڪڙي شيءِ آهي، جنهن کان شڪست کائي ويندم، هارائي
ويندم، سا آهي موت.
اوهان جي دُعائن جي ضرورت آهي. اها حقيقت آهي ته
ماڻهو مون سان بيحد محبت ڪندا آهن ۽ دل سان دعا
ڏيندا آهن. اهي رب جا ڀال ٿي ڀانيان.
سوال:
سنڌي عورت هن
Transition
واري دور ۾ ڪٿي بيٺي آهي؟
نجمه نور:
سنڌي عورت اڄ جاکوڙي پئي، پر ان اڳيان رستا روڪ
آهي. قدم قدم تي شڪ، وهم، گمان، حاصل ٿين ٿا. کين
خوفزده ڪيو وڃي ٿو. پر اڄ جي عورت باشعور آهي. پاڻ
مڃرائي چڪي آهي پر اڃا کيس جاکوڙڻو پوندو، گهڻائي
پهاڙ عبور ڪرڻا پوندا. ٻوسٽ ۽ گهُٽ مان جيڪڏهن
ٻاهر ڪم ڪرڻ يا علم سانگي ڪٿي به آهي ته پنهنجي
بهادري، همت ۽ حوصلي سان. ايندڙ وقت ۾ اڃان سنڌي
عورت اڳيان ايندي. ديوارون، رڪاوٽون ٽوڙي ايندي.
پر کيس ڪردار اجاگر ڪرڻو آهي ته حفاظت ڪرڻي پوندي،
نه ته جهنگ جا هي وحشي جانور کيس ٻوٽي ٻوٽي ڪري
کائي ويندا. پنهنجي وقار جو ڀرم رکندي، پاڻ
مڃرائڻو آهي.
سوال:
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ عورتن جو ڪيترو ڪردار رهيو
آهي؟
نجمه نور:
سنڌي ادب ۾ سنڌي شاعرائن جو اهم ڪردار رهيو آهي.
هر شاعره پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۽ صلاحيتن جو مظاهرو
ڪيو آهي پوءِ ڪهڙي به صنف هجي مثلاً: ڊراما،
ڪهاڻيون، ڪالم نگاري ۽ شاعريءَ ۾ پاڻ ملهايو آهي.
ائين ناهي ته ادب جي دنيا ۾ صرف مردن پاڻ ملهايو ۽
مڃايو آهي. هتي سنڌ ڌرتيءَ جي عورت به پاڻ ملهايو
۽ مڃرايو آهي. اڃا تائين جاکوڙيندي اچي ٿي.
سوال:
اوهان ٽي وي ۽ ريڊيو (ميڊيا) تي ايندا رهو ٿا. ڇا
عورتن ۾ ميڊيا جي اچڻ سان (Awareness)
پيدا ٿي آهي؟
نجمه
نور:
ميڊيا بلڪل انقلابي رول ادا ڪيو آهي. هر ننڍو وڏو
مسئلو، شهر ۽ واهڻ جو مسئلو ڏيکاري، ماڻهن کي ڄاڻ
ڏني آهي. عورت جو ميڊيا تي اچڻ ۽ مسئلا ڊسڪس ڪرڻ
سان ٻين عورتن کي سکيا، ڄاڻ، سجاڳي ملي ٿي. ميڊيا
تي ايندڙ عورت پنهنجو مؤقف شيئر ڪري ٿي، جنهن ڪري
گهريلو عام عورت کي به مشاهداتي اويئرنيس ملي ٿي،
گهر گهر ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جي وسيلي، عورتن کي ميسيج
پهچي ٿو، جنهن مان سندن زندگيءَ جي سڀني پهلوئن جي
ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. سو اڄ جي عورت اڳي وانگر اٻوجهه
نه رهي آهي. انهن ۾ تعليم جو فقدان هو، پر اڄ جي
عورت ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي. گهر لاءِ، ٻچن لاءِ، قوم
لاءِ ۽ ملڪ لاءِ. اها ئي هڪ باشعور عورت جي علامت
۽ نشاني آهي. |