اقرار مدھوش سومرو
سنڌ ڌرتيءَ جي عورت شاعرن جو مختصر تعارف
تاريخ جي دريءَ مان جي جهاتي پائي ڏسنداسين ته
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ عورت ليکڪائن جو هڪ وڏو انگ
ملي ٿو. سومرن جي دؤر ۾ مرکان شيخڻ جو سمورو ڪلام
صوفياڻو آهي. هن پنهنجي مرشد جي تعريف ۾ لکيو.
مرکان شيخڻ ان دؤر ۾ ڳيچن جي شاعره هئي، جنهن
اوائلي دؤر ۾ سنڌي سماج ۾ هڪ شاعره جو هجڻ، هڪ
ترقي يافته سماج جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس ڳيچن ۾
مرشد جي عقيدت ۽ اعتقاد جو بي اختيار اظهار ملي ٿو
۽ محسوس ائين ٿئي ٿو ته هن، اهو شعر نهايت صدق ۽
ايمان سان لکيو ۽ ڳايو آهي.
اهڙيءَ طرح مغليه دؤر ۾ هڪ ٻي عورت مائي ساران جو
نالو ملي ٿو، جنهن بابت روايت آهي ته هن مائيءَ جي
مڙس کي سرڪار بيگناهه سزائون ڏئي، ڌاڙيل بڻائي
ڇڏيو هو. پوءِ هوءَ جهنگل ۾ وڃي، پنهنجي گهر واري
جي وڇوڙي ۾ ان لاءِ گيت ڳائيندي هئي.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مائي نيامت جو تذڪرو ڊاڪٽر
گربخشاڻي ڪيو آهي، هوءَ لطيف سائينءَ جي مريدياڻي
هئي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به وجد ۾ اچي شعر چوندي
هئي. روايت آهي ته جڏهن لطيف سائينءَ پنهنجي
پڇاڙيءَ ۾ پنهنجو سمورو ڪلام ڪراڙي ڍنڍ ۾ اڇلائي
ڇڏيو ته سندس وفات کان، پوءِ مريدن ۽ فقيرن مائي
نيامت جي مدد سان پورو ڪلام ورائي لکيو. هن مائيءَ
کي شاهه جو سمورو ڪلام برزبان ياد هوندو هو.
شاهه جي رسالي ”گنج“ ۾ مائي نيامت جو هڪ ذاتي نظم
به ڏنل آهي. انهن کان علاوه سنڌ ۾ ڪيتريون ئي
گمنام شاعرائون ٿي گذريون آهن، جن جا ڇپيل گيت ڳيچ
۽ سهرا، اڄ به سنڌ جي ڳوٺن ۾ شادين مرادين ۾ ڳايا
وڃن ٿا.
انگريزن جي دؤر ۾ هندو عورتن ۾ ڪافي تعليم جي
سجاڳي پيدا ٿي. ورهاڱي کان اڳ ڪجهه مسلمان عورتون
به تعليم جي سلسلي ۾ اڳتي آيون. زناني تعليم جي
ڦهلاءُ سبب عورتن ۾ علمي ادبي شعور پيدا ٿيو. ان
دؤر ۾ نماڻو فقير، ڀڳواني داسي، راما ٻائي، ڪملا
ڪيواڻي، گوپي هنڱوراڻي، سندري ٽهلراماڻي اوائلي
شاعرائن ۾ اچي وڃن ٿيون.
مسلمان عورتن ۾ روشن آرا مغل جو نالو وڏي اهميت
رکي ٿو. هن دور جي شاعرائن عشق محبت ۽ صوفياڻي
مضمون تي طبع آزمائي ڪئي. هت شاعرائن وٽ پنهنجي
محبتن جو وڇوڙو به آهي ته دردن تي ڏکايل هڪ وفادار
عورت به هڪ پورهيت به ته جفاڪش به آهي ته ڪٿي
ڪوٽن ۾ قيد ۽ بيوس مجبور به آهي.
محترمه ڀڳواني داسي پنهنجي دور ۾، غزل جي باڪمال
شاعره هئي. عاشقاڻي مضمون کانسواءِ اخلاقي ۽
ناصحاڻو مضمون به سنڌي عورتن جي غزل ۾ ملي ٿو.
جهڙوڪ: دنيا کي فاني سمجهڻ تڪبر ۽ وڏائيءَ کان
پرهيز ڪرڻ، نوڙت ۽ نياز سکڻ وغيره. راماٻائي جي
ڪلام ۾ اخلاقي مضمون گهڻو آهي. گوپي هنڱوراڻي جي
”مکڙي“ جي جذبن جو لطيف انداز ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.
مکڙي گهونگهٽ ۾ ڪيئن بند آهي
هن دور جي شاعرن، هزارين وايون ۽ ڪافيون چيون آهن.
سنڌي
عورتن ۾ گلي سدارنگاڻي پهرين سنڌي هندو ڇوڪري هئي،
جنهن ٽئگور جي قومي ناول ”گورا“ جو سليس سنڌي ۾
ترجمو ڪيو. ”گورا“ هڪ سماجي ۽ قومي ناول آهي، جنهن
۾ هڪ اهڙي نوجوان جي جدوجهد جو احوال آهي، جنهن جو
پيءُ انگريز هو ۽ ماءُ هندستاني هئي. اڳتي هلي، هن
ناول ”اتحاد“، هڪ سماجي ناول انگريزيءَ مان ترجمو
ڪري، سماجي اڳواڻن ۾ چوٻول پيدا ڪري ڏنو. گلي
سدارنگاڻي ٻارن جي رسالي ”گلستان“ جي ايڊيٽرطور پڻ
ڪم ڪيو.
1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، ٻه ملڪ پاڪستان ۽
هندستان قائم ٿيا.
هندو ليکڪائون هجرت ڪري، هندستان هليون ويون.
1948ع ۾ ماهوار ”نئين زندگي“ جاري ٿيو. 1955ع ۾
”ٽماهي مهراڻ“ شروع ٿيو. سرتين جي ادب جي سلسلي ۾
1957ع ۾ بيگم زينت چنه ماهوار رسالي ”مارئي“ جي
ايڊيٽر مقرر ٿي، جنهن عورتن جي ادب ۾ انقلابي ترقي
آندي. اهڙيءَ طرح 1965ع ۾ بيگم خديجه خانم
دائودپوٽي ماهوار رسالو ”اديون“ شروع ڪيو ۽ عورتن
جي ادب ۾ وڌيڪ آبياري ڪئي. اڳتي هلي، فهميده حسين
”حلال پاڪستان“ ۾ ”سگهڙين سٿ“ جي عنوان سان صفحو
سنڀاليو، جنهن سان عورتن جي ادب ۾ بيحد اضافو ٿيو.
بادام
ناتوان جو ڪتاب ”خوش خصلت خاتون“، فاطمه شيخ جو
ڪتاب ”تاريخ جا وساريل ورق“، 1948ع ۽ ڊاڪٽر
سرلاديوي جو ”جيتامڙي جي ڊائري“ وڏي اهميت رکن ٿا.
سنڌي عورت ليکڪائن جي هڪ وڏي تعداد مختلف رسالن ۾
پنهنجون ڪهاڻيون شروع ڪيون. خاص ڪري اوائلي دور ۾
بيگم زينت چنه، بادام ناتوان، ماهتاب محبوب، روشن
اسحاق مغل، رشيده حجاب، ثميرا زرين، ثريا ياسمين،
جميله نرگس وغيره جا نالا سرفهرست آهن. انهن
ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ۽ سنڌي عورتن جي هر
مسئلي کي اجاگر ڪيو. سنڌي ليکڪائن پنهنجي ڪهاڻين ۾
جن بنيادي موضوعن کي کنيو آهي، سي هي آهن.
سنڌ جي روايت پرست جاگيردارانا سماج ۾ عورت جي
بغاوت، ڪوٽن ۾ بند اڻ پڙهيل نوجوان عورتن جي حالت
زار، ٽٽل پيار ۽ ناڪام شاديون، طبقاتي ۽ ذات پات
جا ويڇا.
تنهن کانسواءِ انهن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ٻين
انيڪ سماجي موضوعن تي ڪهاڻيون لکيون آهن.
وقت سان گڏوگڏ، ڪيتريون ئي ليکڪائون سنڌي ادب جي
قافلي ۾ شامل ٿي ويون جن ۾.
خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه،
نسيم ٿيٻو، رونق شفيق ، اقبال شيخ، ثريا ڀٽي،
فريده آفتاب، بانو ارشاف بيگم، مهرالنساءِ نذير
ناز، نيلم، نسيمه ناز، رضيه سلطانه، شمع مير،
نسرين سحر، زاهده ناريجو، جميله پروين، ياسمين
خواجه، عابده الطاف قادري، رضيه صديقي، ممتاز
کوکر، سلطانه منور، شمشاد لاڙڪ، ممتاز زرين، بلقيس
سيد، غزاله شاهين، ثريا سوز ڏيپلائي، فهميده حسين،
شگفته شاهه، زرينه بلوچ، شبنم گل، شهناز ڪوثرميمڻ،
جهان آرا سومرو، نسرين جوڻيجو، ثريا، سرهاڻ گل،
نسرين سيد، شبانا سنڌي، صنوبر سيد، ماهين هيسباڻي،
گلبدن جاويد مرزا، رخسانه پريت چنڙ، شهناز لاکو،
وينگس سومرو، ارشاد سومرو، ياسمين چانڊيو. انهن ئي
نالن ۾ نسرين الطاف جو نالو پڻ سٺن لکندڙ ليکڪائن
۾ شمار ٿئي ٿو.
شاعري
شاهه
زمان ڀنگر
اسلام آباد سميت سڀني صوبن سان گڏ، ڌڙڪندڙ دلين جي
مالڪ، منهنجي محسن ۽ آپا عصمت بانو جي هڪ اردو نظم
جو ۽ نظم جي منفرد شاعره ڊاڪٽر رخسانه صبا جي نظم
جو سنڌيءَ ۾ ترجمو توهان پڙهندڙن اڳيان پيش آهي.
هڪ باغيءَ جي نانءِ
بغاوت جو علم کڻي جي نڪتو آهين
ته ٻڌيون وڃ
اي باغي قبيلي جا هٺيلا جوان
ڏکيايون به جام اٿئي
ماڻهو تنهنجي رستي کي ڪنڊائون ڪري ڇڏيندءِ
تنهنجي مٿان
پٿرن جو مينهن به وسندءِ
(مان ڪيئن ڏسي سگهنديس)
پر منزل تي پهچڻ کان گهڻو اڳ
ارادن ۾ هيڻون نه ٿجانءِ
توکي دنيا جي انهن ”لٽيرن“ کان
”ڦورن“ کان منهنجا به پلاند ڪرڻا آهن
وڌيڪ خون ٿيڻ کان بچائڻو آ
منهنجي ”پوتي“
جيڪا طوفان ۾ اڏامي وئي هئي
توکي ئي ڳولي ڏيڻي آ
جتي به ويندين
اي باغي قبيلي جا هٺيلا جوان
مون کي ڏاڍو ياد ايندين
مون کي ڏاڍو ياد ايندين.
***
ڊاڪٽر رخسانه صبا
ويران گهر
نظم آخر ايڏا خود غرض ڇو ٿا ٿين
اهي آڱر جهلي پاڻ ڏانهن گهليندا رهن ٿا
مان سوچيان ٿي ته
پري تائين پکڙيل برپٽ ۾ مرندڙ پيٽ بکايل ٻارڙي
موت هٿان سجايل دستر خوان تي دعوت جا منتظر
۽ ڪئميرا جي اک سان اهڙا منظر قيد ڪري
شهرت ماڻيندڙ ڳجهون
معذور پيءُ جي ويل چيئر ڌڪيندڙ ٻارڙو
۽ روڊن تي مٽي بڻجندڙ ٻالڪپڻ
فوٽ پاٿ تي ڪرندڙ سڪن جي آس ۾
ادائون ڏيکاريندڙ پينو ناري
تعليم گاهن ۾ لڙڪندڙ لاش
بارود جي ڌپ ۾ قائم وسنديون
جوان لاشن ۾ ويڙهيل پوڙها جسم
ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهندڙ نياڻي جو ڏاج
۽ پيرن هيٺان سرڪندڙ ڌرتي
آخر اهي سمورا موضوع
منهنجي نظمن جي اڱڻ ۾ داخل ڇو نه ٿا ٿين
سوچيان ٿي ته ڇا ڪريان
جيڪو مان سوچيندي ئي رهنديس
لفظن جون تاڃيون اڻيندي ئي رهنديس
۽ اهي لفظ وقت جي پيهه ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ لتاڙجي ويندا
مان خوابن جي آزار لاءِ شعر جي ماٿري ۾ رلندي
رهنديس
۽ هزارين جنات ماڻهن جي ننڊن کي چنبڙي پوندا
ته پوءِ مان هيئن ٿي ڪريان ته
نظمن جي هن ويران گهر کان نڪري ٿي وڃان
۽ پنهنجي نظمن کي لوڙهي ٿي ڇڏيان
ٻوڏ جي ان پاڻيءَ ۾ جنهن شهر ٻوڙي ڇڏيو آهي.
***
شميم سومرو
غزل
ڌرتي جي مُرڪڻ سان گَڏُ مُرڪي اُٿو!
ڌرتي جَي تَڙَپَڻ سان گَڏُ تڙپي اُٿو!
ڇو ته غُلاميءَ ۾ گهاريون سڀئي ٿا،
ڳالهه سا سمجهَڻ سان سَمجهي اُٿو.
سُڏڪا سنڌ ڀَري ٿي ۽ تڙپي ٿي،
اُنهيءَ جي سُڏڪڻ سان گڏ سُڏڪي اُٿو.
ڪارونجهر ڪَٽجَي ٿو ماٺ ڇَڏيو ڀي،
انهيءَ جي ڪَٽجڻ سان گڏ ڪَٽجي اُٿو.
خاموشِ ”شَميم“ نٿي لکندي رهه تُون،
ماءُ سَڏيو ملهجَڻَ سان گَڏُ ملهجِي اُٿو.
گيت
سنڌڙي شال ڏسين سُکَ اَمان.
تو لئه گيتَ لِکيو آءٌ لکان.
تنهنجا کيت ڀلا چيٽ ڀلا،
اکڙين ساڻُ چُمي آءٌ چُمان.
سنڌڙي شال ڏسين سُکَ اَمان.
تولئه گيتَ لِکيو آءٌ لکان.
مارو عيد ڪندا نيڻ ٺرن،
”شميم“ ڀل ته پيا غيرَ ٻرن.
مرڪي ماءُ مٽيءَ کي ته چمان.
سنڌڙي شال ڏسين سُکَ اَمان.
تولئه گيتَ لِکيو آءٌ لکان.
*
ياسمين چانڊيو
سمنڊ ڪناري
جڏهن تون سمنڊ ڪناري پنهنجا
وار وکيري ٿين ته اولهه کان
ايندڙ نومبر جون هوائون
جهومنديون لهرن جو روپ ڌاري
تنهنجي پيرن کي ٿيون چمن،
جڏهن تون پنهنجا نيڻ کڻي,
آسمان ڏانهن نهارين ٿي
ته!!
تنهنجي نيڻن مان بادل پاڻي ڀري
رم جهم ٿا وسائن،
جڏهن تون آرس ڀڃين ٽلين ٿي ته!!
ڪاڇي جي ٽڪرين مٿان
ساوڪ ئي ساوڪ اڀري پوي ٿي
تنهنجي جوڀن جي جلون سان
سج شرمائي ڪڪرن جي اوٽ
۾ لڪي وڃي ٿو،
جڏهن تون پنهنجا نازڪ چپ
گلڙن جي ويجهو ڪرين ٿي ته!
تنهنجي لبڙن جو امرت رس
گلڙن کي گلابي ڪري مهڪائي ٿو ڇڏي،
جڏهن تون چنريءَ کي نومبر جي رت ۾
لهرائين ٿي ته!!
سوين پوپٽ تنهنجي وجود کي چمڻ لاءِ آتا ٿي
تنهنجي چوڌاري ٿا ڦيرا پائن،
جڏهن تون پنهنجي ڪارن وارن کي سنوارين ٿي ته!
نومبر جي شام شرمائي رات جو روپ ڌاري ٿي،
چنڊ جي چانڊاڻ ۾ پاڻ کي لڪائڻ لڳي ٿي،،
جڏهن تون پنهنجي مکڙي کي سنواري رات جو
رابيل جيان نومبر جي هوائن ۾ مست ٿي جهومي ٿي
ته!!
چنڊ تنهنجي چهري جي تاب نه سهندي، اوڀر ڏانهن
لاڙو ڪندو آهي،،
تنهنجي مرڪڻ سان آسمان ۾ ست رنگ ٿا نکري
پون
تنهنجي ساهن مان ڪيئي سُر ڇڙي ٿا پون،
او منهنجي محبوبا!!
تنهنجي ڪلهي تي
اوڍيل اجرڪ
آسمان ۾ ست رنگ
پيدا ڪيا آهن
انهن رنگن ۾ ملي اسان پنهنجي
محبت جو رنگ ٺاهيو آهي
جيڪو ڪڏهن به مٽجي نٿو
سگهي
انڪري جو اهو اسان
جي محبت جي
سچائيءَ جو رنگ آهي
منهنجي محبوبا اچ
ته پاڻ ٻئي
پوپٽ بڻجي وڃون
هڪٻئي جي رنگن
۾ رلجي وڃون
عدم تائين هلي
ستارن سان گڏجي وڃون
۽ هن ايندڙ نومبر
کي محبت ڪندڙن
لاءِ يادگار ڪري ڇڏيون
جيئن هر نومبر ۾ ڀلي
سال جهونو ٿيندو آهي
پر هر ڪنهن جي محبت
سدا جوان رهي
هرڪو
نومبر کي ميلاپ جو
مهينو سڏي
نه ڪي
وڇوڙي جو. |