سوچ ويچار
قبيلائي تڪرار: هڪ وحشت
جيڪڏھن ھن سماج تي
گهرائيءَ سان
نظر وجھجي ٿي
ته هڪ پاسي دنيا جو روشن پهلو آهي، جنهن ٽيڪنالاجي
ذريعي تمام گهڻيون سهولتون پيدا ڪيون آهن. پر وري
جي ٻيو پاسو اونداهون ڏسجي ٿو. جنهن کي ڏسڻ سان
انسان جا لڱ ئي ڪانڊرجي
وڃن ٿا
ته
ھتي
ھر روز ڪيتريون ئي نياڻيون ۽ ڳڀرو نوجوان قبيلائي
تڪرارن جو کاڄ بڻجي رھيا آھن.آخر اھو ڀيانڪ سلسلو
ڪيسيتائين،
ھن سماج جو رت پيئندو رھندو؟
ھن سلسلي جي تاريخ کي سماجي
۽
سائنسي انداز جي حوالي سان ئي ڏسڻ جي ضرورت آھي.
هئڻ ائين
گھرجي ھا،
جو اسان جي سماج جو جديد مقامي صنعتڪار پنھنجو تاريخي
ترقي وارو ڪردار نڀائي
ڪري،
ھتان جي سماج مان پسمانده
سماج جي باقيات
(قبيلائي
نظام /وڏيرائي شاھي وغيره)کي
ختم ڪري ھن سماج کي جديد
صنعتي بنياد
تي تعمير
ڪري ھا.
پر ھتان جو جديد صنعتڪار اھو
نه ڪري سگهيو
۽
نه
وري اھو ڪرڻ چاھي ٿو.
تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته
پسمانده سماجن جو جديد صنعتڪار قومي جمھوري انقلابن کان
پوءِ
واري مرحلي ۾ داخل
ٿيو،
جنھن جي ڪري جديد صنعتڪار عالمي انسان دشمن قوتن ۽
جاگيرداريءَ
جي باقيات
۾ ڦاسي
پيو.
پوءِ
اڄ ڏينھن تائين،
ڪردار نڀائيندو
پيو
اچي!
انھي پس منظر ۾ اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو
ته
اسان جو سماج جديد صنعتي سماج ۾ تبديل نٿي سگھيو
آھي.
انھي پس منظر ۾ اسان سنڌ کي ڏسون ٿا
ته
ھن وقت
خاص
طور تي قبيلائي
نظام جي ھڪ
ڀيانڪ
لھر اٿي آهي.
ان لھر ۾
ڪيتريون ئي
زندگيون تباهه
۽ برباد ٿي رهيون
آھن.
حقيقت ۾ سنڌي سماج ھڪ زرعي سماج جي شڪل ۾ موجود
ته
آھي،
پر ان
سماج
جي ثقافت اعلى
۽ معياري
بنيادن
تي
بيٺل
آھي.
جنھن ۾ مھمان نوازي کان وٺي،
سياسي شعور تائين،
ھڪ حقيقي
پرامن ماحول موجود آھي.
ان
کان انڪار نٿو ڪري سگھجي
ته قبيلائي
نظام سنڌ جي سماج
لاءِ
ھڪ وحشت ثابت
ٿيو
آھي.
جيڪڏھن
قبيلائي
نظام جا نتيجا
ڏسجن
ته
انھن ھتي وڏي تباھي ۽ بربادي آندي آھي.
ھتان جي واڳ ڌڻين شعوري طورتي ھن قبيلائي
نظام کي مضبوط
ڪري،
ان ذريعي،
عورت جي
تعليم،
عورت جي
فرد جي حيثيت واري آزاديءَ کي ڪچلڻ جي سازش
ڪئي
آھي.
اهڙن بنيادي
عنصرن جي سازشن کان ھرڪو واقف ٿي چڪو آھي.
سماج ۾ ھڪ مزاحمت شروع
ٿيڻ
جو عمل
به
شروع ٿي چڪو آھي،
جيڪو مستقبل لاءِ
جديد انساني سماج جي تعمير لاءِ ھڪ وڏي اميد آھي.
ملڪي حڪومتن کي اپيل آهي ته هن قبيلائي نظام جي
وحشت خلاف آئيني ۽ قانوني سڌارا آڻي ته جيئن هڪ
بهتر سماج تخليق ڪري سگهجي.
گلبانو هادي
آزاد
قاضي
ديس ديس
جون انقلابي عورتون
(اولهه بنگال)
تاريخي پسمنظر
مغلن جي دور ۾ علي وردي خان نالي هڪ جوان مرد
سپاهي 1740ع ۾ بنگال تي قابض ٿي، صوبيدار بڻجي
ويٺو. جنهن مرڪزي سرڪار جي ڪمزوري مان فائدو
وٺندي، بنگال کي مرڪز کان عملي طور آزاد ۽ خود
مختيار بڻائي ڇڏيو. هن جنگ ۽ جولان وارن اندروني
شورشن ۽ مرهٽن جي بغاوتن هوندي، سورهن سال، حڪومت
ڪري، 1756ع ۾ وفات ڪئي.
علي وردي خان انگريزن جي مڪارانه پاليسين، دوکن ۽
فريبن کان واقف هو. کيس خبر هئي ته، ”ايسٽ انڊيا
ڪمپني“ جا نوڪر نهايت بي اصول، احسان فراموش ۽
سازشي هئا. پر جيئن ته هن جو ڌيان گهڻن پاسن
ڏانهن هڪ ئي وقت رڌل ٿي رهيو. ۽ ڪيترن ئي معاملن
کي منهن ڏيڻ ۾ هو هڪ ئي وقت رڌل هو، انڪري انگريزن
جي پاڙ پٽڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
(هندستان جي تاريخ مترجم محمد ابراهيم جويو. ص
323).
علي وردي خان جي وفات کان پوءِ سراج الدوله حڪومت
تي ويٺو. سراج الدوله پاران حڪومت جون واڳون وٺڻ
سان، انگريزن پنهنجيون شرارتن جي ظاهر ظهور ٿي
شروعات ڪري ڏني. جنهن ۾ هنن يورپ ۾ هلندڙ انگلينڊ
۽ فرانس جي جنگ کي بهانو بڻائي، بنگال ۾ موجود
پنهنجي قلعن کي بغير اجازت جي مرمت ڪرائڻ شروع
ڪيو. سراج الدوله کين منع نامو موڪليو، پر هنن ان
کان انڪار ڪري ڇڏيو.
تنهن بعد انگريزن سراج الدوله خلاف اندروني طور
باقاعدي سازشون ڪرڻ شروع ڪيون. هنن سراج الدوله
سان مختلف وقتن تي عهد نامه به ڪيا ۽ ڪرشنا داس ۽
مير جعفر جهڙن کان غداري وارا ڪارناما پڻ سرانجام
ڏيارا. جن جي مخالفانه ڪردار جي ڪري، آخرڪار سراج
الدوله کي 1757ع ۾ پلاسي جي جنگ ۾ شڪست آئي. هي
مرد مجاهد مير جعفر جي ماڻهن هٿان قتل ٿي ويو تنهن
بعد مير جعفر بنگال جو حاڪم بڻيو. جيتوڻيڪ مير
جعفر بنگال جو نواب مقرر ٿيو، پر اُتان جي سياسي ۽
معاشي ڪارڪردگي
”ڪلڪتي ڪائونسل“ جي هٿن ۾ هئي.
انگريز پنهنجي وڌندڙ ضرورتن ۽ گهرجن ڪري، مير جعفر
کان وڌيڪ سهولتن جا مطالبا ڪرڻ لڳا، جن جو هو
پورائو ڪونه پئي ڪري سگهيو. انڪري کيس آڪٽوبر
1760ع ۾ تخت تان لاٿو ويو.
مير جعفر جي جاءِ تي مير قاسم کي مقرر ڪيو ويو.
جنهن انگريزن کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. مير
صادق ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 10 لک رپيا نقد ڏيڻ
کانسواءِ بنگال جا ٽي زرخير ضلعا پڻ سندن حوالي
ڪيا، جن ۾ انگريزن کي پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ جي
اجازت ڏني. پر پوءِ به انگريزن جون ضرورتون ۽
گهرجون پوريون نه ٿيون ۽ روز بروز وڌ کان وڌ
سهولتون گهرڻ لڳا ۽ مطالبا مڃڻ جي تقاضا ڪرڻ لڳا.
مير قاسم به مطالبا مڃيندي، ٿڪجي چڪو هو. انڪري
1763ع ۾ انگريزن جو هڪڙو وفد نواب سان مليو ۽ ڪجهه
شرط اڳيان رکيا، جيڪي هن مڃڻ کان انڪار ڪيو. جنهن
تان اختلاف وڌي لڙائيءَ جي حد تائين وڃي پهتا،
جنهن سبب ڪيتري ئي خونريزي ٿي. ان وقت مير قاسم جي
مشڪلاتن وڌائڻ لاءِ ڪلڪته ڪائونسل 7 جولاءِ 1763ع
تي مير جعفر جي نوابيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مير
جعفر (جنهن کي انگريزن آفيسرن ۾ ڪلائيو جي گڏهه
طور ڄاتو ويندو هو) 5 فيبروري 1765ع ۾ وفات ڪئي.
ان جي مرڻ بعد سندس پٽ نجم الدين کي انگريزن
پنهنجي پاران هٿ ٺوڪيو حاڪم مقرر ڪري ويهاريو.
تنهن کي پڻ گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو. آگسٽ 1766ع
۾ ڪلائيو جي سازشن سان هي نوجوان به راهه رباني
وٺي ويو. اهڙيءَ ريت بنگال مٿان مرشد آباد جي ڏيهي
حاڪمن جي نالي ماتر هلندڙ حاڪميت جي به پُڄاڻي ٿي.
هاڻ بنگال مٿان انگريزن جو مڪمل قبضو ٿي چڪو هو
جنهن ڪري، انگريز سرڪار جو چؤطرف حڪم پئي ڦريو. پر
پوءِ به بنگال جا مرد مجاهد وطن جي وجود بحال
ڪرائڻ ۽ قومي سربلنديءَ خاطر جنگ ڪرڻ کان هڪ
ڏينهن به چپ ڪري نه ويٺا. انگريزن جي پير اکيڙڻ
لاءِ شهيد تيطو مير، حاجي شريعت الله ۽ ٻين نيڪ
ڪميونسٽ نوجوانن جون قربانيون برصغير ۾ آزاديءَ جي
جهنڊي کي سر بلند ڪرڻ لاءِ بنيادي پيڙهه ثابت
ٿيون. (ترم ياترا، ص 36).
ملڪ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ جيڪي مختلف تحريڪون
هليون، تن مان ”هندستاني ري پبلڪن آرمي چٽ گانگ“
سر فهرست هئي. 1928ع ۾ ان پارٽيءَ جا ڪجهه ليڊر
بنگال آرڊيننس تحت گرفتار رهڻ کان پوءِ، جڏهن آزاد
ٿيا، تڏهن کين ملڪ جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ سوين
وسوسا وڪوڙي ويا. انهن انقلابين جو خيال هو ته
جيستائين ٻاهران ڪنهن قسم جي ڪابه مدد نه ملندي ته
آزادي حاصل نٿي ڪري سگهجي. انهن اهو پڻ طيَ ڪري
ڇڏيو هو ته چند سرڪاري آفيسرن ڪجهه يورپين ۽ ڪن
پوليس آفيسرن کي ماري ڇڏڻ سان، برطانوي حڪومت جو
بنياد لوڏي نٿو سگهجي. اهو ويچار ايندي ئي، سندن
صفن ۾ مايوسيءَ واري لهر مضبوط ٿيندي پئي وئي.
چٽ گانگ علائقي جي ڪن گرم خيال انقلابين، ان مايوس
ڪن ماحول کي ٽوڙڻ جو اهو ئي حل ڳولي لڌو ته
هٿياربند مقابلو ڪيو وڃي. اهو ويچاري چؤطرف سرڪاري
اسلحه خانن مٿان حملا ڪيا ويا. ريل گاڏين ۽ تار
گهرن کي تباهه ڪيو ويو. ان عمل سان ڪجهه عرصي لاءِ
ته ملڪ ۾ نظام درهم برهم ٿي ويو، پر اهو معاملو
گهڻو وقت نه هلي سگهيو. انقلابين جي جوش جذبي
واري عمل ۾ نه رڳو مردن حصو ورتو، پر عورتون پڻ
ڀرپور نموني سان شامل ٿيون. اهڙين عورتن مان ڪجهه
بهادر عورتن جو هن باب ۾ ذڪر پيش ڪجي ٿو.
بنگال جي انقلابي ڇوڪري ڪلپنادت جا ننڍي عمر کان
ئي انقلابي خيال هوندا هئا. جڏهن اسڪول ۾ پڙهندي
هئي، تڏهن پريتي ودادار نالي هڪ ٻي انقلابي خيال
رکندڙ ننڍري نينگريءَ سان ساهيڙپ ٿي ويس، جنهن سان
گڏ، هن ”گرل گائيڊ“، نالي تنظيم ۾ شموليت اختيار
ڪئي.
ان زماني ۾ تعليمي ادارن ۾ ”خدا ۽ شهنشاهه“سان
وفادر رهڻ جو به قسم کڻايو ويندو هو. پر هنن ٻنهي
انقلابي سوچ رکندڙ ننڍڙين ڇوڪرين پنهنجو پاڻ ۾
فيصلو ڪيو ته هو اهو قسم نه کڻنديون. انڪري هنن ان
قسم جي جاءِ تي ”خدا ۽ ملڪ سان وفادار رهڻ“ جو
نعرو بُلند ڪيو.
ڪلپنا دت 1929ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڪاليج
پڙهڻ لاءِ ڪلڪتي هلي ويئي، جتي سندس پتوديءَ جهڙي
انقلابي سبق ڏيندڙ ماسترياڻيءَ سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي،
جا آهستي آهستي ننڍن ننڍن خبرن چارن وسيلي، سندس
تربيت ڪندي رهندي هئي. ان جي اثر هيٺ هن ڇوڪرين جي
انجمن ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو ۽ محب وطن نوجوانن
پاران ”ديپالي سنگهه“ نالي کوليل هڪ تربيتي اداري
۾ سکيا پڻ وٺڻ لڳي. اتي رهڻ دوران موڪلن جي وقت ۾
هن پريتيءَ سان گڏجي، چٽ گانگ جي انقلابين سان
رابطو قائم ڪري ورتو.
ان وقت تائين، عورتون انقلابي
تحريڪ
۾ نه جي برابر هونديون هيون، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به
ڇوڪريءَ انقلابي تحريڪ ۾ اعتماد بحال ئي ڪونه
ڪرايو هو. ان وقت انقلابين ۾ اننت سنگهه نالي هڪ
اڳواڻ هو، جيڪو عورتن کي مردن جي ڪمزوري سمجهندو
هو، انڪري عورتن تي اعتماد به گهٽ ڪندو هو ۽ عورتن
کي انقلابي جماعت ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ مخالف هو. پر
ڪلپنادت پنهنجي قابليت ۽ دانائيءَ سان اعتماد بحال
ڪرائي ورتو ۽ اننت سنگهه هن تي ڀروسو ڪرڻ شروع
ڪيو، ايتري قدر جو، جڏهن اننت سنگهه جيل مان ڀڄڻ
جو پروگرام ٺاهيو ته ان جي تجويز پڻ ڪلپنادت کي
ڏياري موڪليائين.
18 اپريل 1930ع تي اننت سنگهه جي ساٿين اسلحه خاني
تي حملو ڪيو ان کان اڳ ڪلپنادت کي سندس ڳوٺائي
چوندا هئا ته، ”هاڻ جڏهن تون چٽ گانگ ايندينءَ ته
اسان توکي پنهنجي ليڊر سورجياسين (ماسٽردا) سان
ملائينداسين.“ پر هوءَ جڏهن گرمين جي موڪلن ۾ چٽ
گانگ پهتي ته ان کان اڳ ئي اسلحه خاني وارو مشهور
حملو ٿي چڪو هو. صوبي ۾ افراتفري وارو عالم هو.
اخبارن ۾ انقلابين جي ڪاررواين جو چؤٻول هلندڙ هو
۽ سرڪاري مشنري موڳي ٿي چڪي هئي. ڪرفيو آرڊر لاڳو
ڪيو ويو هو، پوليس ۽ فوج جا جٿا گوريلن جي گهر گهر
ڳولا ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ وٺ پڪڙ واري ماحول ۾
سندن ليڊر اننت سنگهه 28 جون 1930ع تي ڪن مصلحتن
سبب پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيو.
ڪلپنادت ان وقت ڪاليج جي شاگردياڻي هئي ۽ انقلابين
سان نئين نئين واقفيت وڌائي هئائين. سندن ليڊر
اننت سنگهه، جيڪو عورت کي مرد جي ڪمزوري سمجهندو
هو ۽ عورتن تي اعمتاد به گهٽ هوندو هوس، انڪري
عورتن کي انقلابي جماعت ۾ شامل ڪرڻ جو به مخالف
هو. پر ڪلپنادت پنهنجي قابليت ۽ دانائيءَ سان
اننت سنگهه وٽ پنهنجو اعتماد بحال ڪرائي ورتو.
سندن ان اعتماد واري بحاليءَ ڪري ئي جيل مان ڀڄڻ
واري پروگرام واري تجويز، کيس موڪلي وئي هئي.
تجويز اها هئي ته سڄي شهر ۾ ڪارروائي شروع ڪئي وڃي
۽ گڏوگڏ جيل ۾ پڻ بغاوت ٿئي. ان ڪارروائي ڪرائڻ ۾
ٻين مقصدن سان گڏ، اهو به مقصد هو ته اننت سنگهه ۽
ٻين انقلابين کي جيل مان آزاد ڪرايو وڃي.
منصوبي جو تيار ٿيل پروگرام کڻي، اننت سنگهه جو
ساٿي ڪلپنادت تائين پهتو ۽ کيس چيائين، ”ڇا توکي
پڪ آهي ته تون هيءُ ڪم ڪري ويندينءَ؟“ ڪلپنادت
جواب ۾ کيس صرف ايترو چيو، ”هائو مان ڪري سگهان
ٿي.“ ان وقت جي ڪيفيت لاءِ ڪلپنادت پاڻ لکي ٿي،
”اننت سنگهه سان ٿورو ميل جول به انسان ۾ حد درجي
جي طاقت ۽ خود اعتمادي پيدا ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ
ريت اننت سنگهه جي هدايت موجب مان ڪلڪتي مان تيزاب
جون بوتلون وغيره آڻيندي هيس، منهنجي عمر ان وقت
سورهن يا سترهن سال هوندي، پر مون کي ائين پئي
محسوس ٿيو ته مان هر ڪم ڪري سگهان ٿي.“
پروگرام موجب شهر ۾ چپي چپي تي ۽ جيل جي چئني طرفن
کان زمين ۾ بارود جون تارون وڇايل ويون ۽ جيل اندر
خفيه طور تي هٿيار پهچايا ويا، پر اتفاق سان اهو
راز ٿوري غلطيءَ جي ڪري ظاهر ٿي پيو. جنهن ڪري
ڪارڪنن پويان باهه ٻري ويئي، اننت سنگهه تي ڪيس
هلائي، چٽ گانگ کان ٻاهر جلاوطن ڪيو ويو.
اهڙي ماحول ۾ جون 1931ع ۾ هڪ ٻئي اڳواڻ سور جياسين
(ماسٽردا) کيس چورائي موڪليو ته، هو، هن سان ملڻ
چاهي ٿو. ان رات هيءَ مقرر خفيه جاءِ تي پنهنجي
ليڊر ساڻ ملڻ ويئي. ان ملاقات ۾ هن کان ڪابه خاص
ڳالهه ٻولهه ڪانه پڇي وئي، البته هن کان سندس
تعليم جي باري ۾ معلوم ڪيو ويو. جنهن مان هن کي
اندازو ٿي ويو ته سندس ليڊر علم حاصل ڪرڻ ۾ سُستي
برداشت نٿو ڪري. ان پهرين ملاقات ڪلپنادت جي دل تي
ايترو ته اثر ڪيو، جو هوءَ پاڻ لکي ٿي، ”ان پهرين
ملاقات ۾ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. مون کي خوشي،
تعظيم، تعجب ۽ خوف محسوس ٿي رهيو هو ۽ ائين پئي
ڀانيم ته هو جيڪو به حڪم ڏيندو، ان کي مان هر حال
۾ پورو ڪنديس.“ ان ملاقات بعد هن پارٽيءَ جي ورڪرن
سان رابطو اڃا به وڌائي ڇڏيو.
1932ع ۾ جڏهن ڪلپنادت چٽ گانگ ڪاليج ۾
B.Sc
پڙهندي هئي، تڏهن انقلابين سان سندس گهرائپ وڌي
ويئي، جنهن جو جلد ئي خفيه پوليس کي به پڻ گمان
پئجي ويو ۽ سندس مسلسل چوڪسي ٿيڻ لڳي، پر پوليس کي
ان جو ڪو به ثبوت نه ملي سگهندو هو، انڪري رپورٽ ۾
اهو ئي ڄاڻايو ويندو هو ته، ”هوءَ ڪاليج وڃڻ ۽
اُتان واپس اچڻ کانسواءِ گهر مان نڪرندي به نظر
نٿي اچي.“ ايتري قدر جو هو جڏهن پرنسيپل ۽
پروفيسرن کان رپورٽ وٺندا هئا ته اهي به چوندا
هئا، ” هوءَ ته خاموش ۽ باادب ڇوڪري آهي۽ ان جي ته
حاضري به لاڳيتي صحيح رهندي آهي.“ مٿين بيانن ملڻ
کان پوءِ به سرڪار جو شڪ ختم نه ٿيو ۽ هنن ڪلپنادت
جي جاچنا جاري رکي. اهڙين حالتن هوندي به ڪلپنادت
ڪمال هوشياريءَ ۽ خبرداريءَ سان انقلابين سان
مسلسل رابطي ۾ رهندي آئي. آخرڪار 16 سيپٽمبر 1932ع
تي هن کي پارٽيءَ پاران اطلاع پهتو ته کيس پريتيءَ
سان گڏ، ڪنهن حملي ۾ حصو وٺڻو آهي. ان لاءِ هوءَ
گهران اهڙيءَ ريت سنبري نڪري، جو جيئن وري کيس
واپس اچڻو نه پوي. اطلاع موجب هوءَ مقرر جاءِ تي
پريتيءَ سان ملي، جتان ٻئي سمنڊ جي ڪناري ويون،
جتي هنن بندوق هلائڻ جي مشق ڪئي. بعد ۾ واپس ٿيڻ
تي کيس چيو ويو ته هوءَ في الحال گهر هلي وڃي.
(شايد اها ڳالهه به اڃا سندس آزمائش ۾ شمار هئي)
ڇاڪاڻ ته حملي ۾ اڃا دير آهي، جيڪڏهن هوءَ ايترو
وقت ٻاهر رهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن کي شڪ پئجي
وڃي. ڪلپنادت حملي جو هيءُ موقعو هٿان وڃائڻ نه
پئي گهريو، کيس دل ۾ وسوسو پئي ٿيو ته جيڪڏهن هڪ
ڀيرو واپس موٽي ويس ته وري شامل ٿي نه سگهنديس.
ڇاڪاڻ جو هڪ سي.آءِ.ڊي. انسپيڪٽر روزانو سندس چوڪي
ڪندو رهندو هو. آخرڪار نه چاهيندي به پارٽي ليڊر ۽
خود پريتيءَ جي زور ڀرڻ تي هوءَ واپس وڃڻ تي راضي
ٿي، پر ٿيو اهو ئي جنهن جو کيس خطرو هو. 17
سيپٽمبر جي رات جو جيئن ئي هوءَ پنهنجي گهر ٻاهران
پهتي ته سامهون ورانڊي ۾ پوليس کي چڪر هڻندي
ڏٺائين. ان وقت کيس مرداني پوشاڪ پهريل هئي. هوءَ
هڪدم پنهنجي مقرر جاءِ ڏانهن واپس ورڻ لاءِ موٽي،
واپس ورندي، جڏهن جبلن جي وچ واري ڪلب ڀرسان پهتي،
تڏهن کيس هڪ گشتي دستي گرفتار ڪري وڌو. ڪلپنادت جو
رات جي وڳڙي ۾ مرداڻي ويس ۾ گرفتار ٿيڻ، سو به
سرڪاري ڪلب جي ڀرپاسي مان، ان ڳالهه سرڪار کي ويتر
وڌيڪ تشويش ۾ وجهي ڇڏيو. پر کين اڃا تائين، ان
ڳالهه جي ڪابه تصديق ڪانه ملي سگهي هئي ته ڪلپنا
دت جو انقلابي گروهه سان به واسطو آهي. انڪري وڌيڪ
جاچ هلندي رهي. ان واقعي کان پوءِ هفتي بعد 24
سيپٽمبر جي رات جو ساڳي ڪلب تي انقلابين جي هڪ جٿي
پريتيءَ ودادار جي اڳواڻيءَ ۾ حملو ڪيو، جتي
پريتيءَ پنهنجو انت آندو هو. ان حملي کان پوءِ
سرڪار کي ڪلپنادت جي باري ۾ تشويش حقيقت واري روپ
۾ نظر اچڻ لڳي. پرحملي واري واقعي سان وابسته هئڻ
جا ڪي پڪا ثبوت کين ڪونه مليا. تنهنڪري کيس قلم
109 ۾ ڪيس هلائي، ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. قلم109
جو مطلب هو ته، ”ڪنهن به بري فيل لاءِ ويس بدلائڻ
۽ پاڻ لڪائڻ“. ضمانت تي نڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ
پريتيءَ کي سورجياسين جو پيغام پهتو، جنهن ۾ کيس
هدايت ڪئي وئي هئي ته هوءَ روپوش ٿي وڃي. پارٽي
ليڊر پاران اهڙو پُر اعتماد پيغام ملڻ تي کيس جا
خوشي محسوس ٿي، تنهن جي باري ۾ هوءَ لکي ٿي ته،
”ان ڏينهن مون تي اهڙي خوشي طاري ٿي هئي، جنهن جو
يقين نه پئي آيو! ڪنهن دور ۾ عورت لاءِ دهشت پسند
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ تي مڪمل بندش هئي، پر هاڻ اسين
اها وڏي خوشقسمتي سمجهي رهيون هيونسين ته اسان کي
پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ملي هئي.“
ڪلپنا دت کي ضمانت تي آزاد ڪري، ڪيس هلائڻ شروع
ڪيائون. ڪيس هلندي سرڪار طرفان اها ڪوشش ڪئي پئي
وئي ته ظاهر اهو ئي ڪيو وڃي ته ڪلپنادت انقلابين
جي مختلف ڪاررواين ۾ شريڪ هئي. ڪلپنادت روپوش ٿيڻ
شرط وري انقلابين سان شامل ٿي وئي. ان دوران هن
ماسٽردا جا تنظيمي ليڪچر ٻڌا. هن انقلابين سان
گڏجي، پنهنجي ديس جي بچاءَ لاءِ وڏا معرڪا سرانجام
ڏنا. انڪري سرڪار هر جاءِ تي فوج بيهاري ڇڏي. ڳوٺن
۾ به سرڪاري ماڻهو انقلابين جي ڳولا ۾ مصروف ٿي
ويا.
ڪلپنادت روپوشي واري دور ۾ فيبروري 1933ع ۾ پارٽي
ليڊر ماسٽردا ۽ ٻين ساٿين سان گڏ، رات جي
اونداهيءَ ۾ ڪم سان وڃي رهي هئي، ته ”گوترولا“ ڳوٺ
ڀرسان، پوليس سان سندن ٽڪر ٿي پيو، مسلسل ٻن
ڪلاڪن جي ويڙهاند کان پوءِ سندن ليڊر، ڪلپنادت جي
ٿوري غلطيءَ سبب گرفتار ٿي پيو. پر ڪلپنادت نڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي وئي. ان موقعي تي ڪلپنادت جي ٻئي ساٿيءَ
مني دت سان گڏ، بچي نڪرڻ وارو واقعو به نهايت
دلچسپ هو. ٿيو ائين ته پوليس گهيرو ڪري، گوليون
هلائڻ شروع ڪيون. تڏهن هنن ڀرواري باغ مان نڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. گهگهه اونداهيءَ ۾ هوءَ سورجياسين جو هٿ
مضبوطيءَ سان پڪڙي، اڳتي وڌي رهي هئي ته اوچتو
سندس پير ترڪي ويو. تنهنڪري سورجياسين جي هٿ
منجهان هٿ ڇڏائجي ويس ۽ هوءَ وڃي پاڻيءَ جي تلاءَ
۾ ڪري. پاڻيءَ جي آواز تي پوليس ان طرف وڌيڪ ڌيان
ڏنو ۽ سورجياسين کي گرفتار ڪري ورتو. ڪلپنادت
تلاءَ ۾ ڪرڻ سان ڳچيءَ تائين، ٻڏي ويئي. سردي به
غضب جي هئي. پر پوليس مقابلي جي ڪري، کيس ڄڻ ته
سيءُ ئي ڪونه پئي لڳو. اتي پاڻيءَ ۾ کيس ائين
محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪو ٻيو ماڻهو به اندرآهي. سندس
اهو شڪ پڪ ۾ تبديل ٿيو، جڏهن ڪو شخص آهستگيءَ سان
سندس ويجهو آيو ۽ کيس چيائين، ”ڇا سورجياسين آهين؟
هيڏانهن اچ.“ تنهن تي هن کيس ٻڌايو ته، ”نه مان
ڪلپنادت آهيان.“ هاڻ هن کي خبر پئي ته اهو سندن هڪ
ٻيو ساٿي مني دت هو. جنهن اڳ ۾ ئي تلاءَ ۾ پناهه
ورتي هئي. گهگهه اونداهيءَ ۾ سندن چوڌاري انڌا ڌنڌ
گوليون هلي رهيون هيون ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ
جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مني دت کيس چيو، ”اچ منهنجو
هٿ وٺ ته هتان نڪري هلون.“ گوليون مسلسل سندن مٿي
۽ پاسن کان زوڪاٽ ڪندي وڃي رهيون هيون. پر هو انهن
سڀني کان بي خوف ٿي جان بچائي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا هئا. اهي ٻئي آهستي
آهستي ٿي تلاءَ جي ڪناري تي چڙهڻ لڳا. جڏهن ٻاهر نڪتا، تڏهن مني دت کيس
ڪناري سان بيٺل جهوپن جو ذڪر ڪندي چيو، ”اسان کي
هتي لڪي وڃڻ گهرجي، نه ته گولين سان پروڻ ٿي
وينداسين.“ ان صلاح موجب، هو ٻيئي جهوپن ۾ لڪي
ويٺا. پر اتي ويهي رهڻ ۾ به هنن پنهنجي جان محفوظ
نه سمجهي، تنهنڪري گولين کان بچڻ لاءِ اتي ئي
اونڌي مُنهن ليٽي پيا. ايتري ۾ کين اونداهيءَ ۾
ڪجهه ماڻهن جا پاڇا جهوپن طرف ايندي، محسوس ٿيا،
کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪن! سندن بارود پڻ
ختم ٿيڻ تي هو، اهڙي وقت تي هنن فيصلو ڪيو ته هڪڙو
هڪ طرف فائر ڪري ته ٻيو ٻئي طرف، اهڙيءَ ريت
ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ پوليس ڪجهه وقت لاءِ گوليون
هلڻ هلڻ بند ڪري ڇڏيون، تڏهن وري هنن کي ڀڄڻ جو
موقعو ملي ويو. پر هو جيئن ئي ٻاهر نڪري ڀرواري
باغ ۾ ٽپيا ته هڪدم سيٽيون وڄڻ لڳيون ۽ گوليون
شروع ٿي ويون، هاڻ اهي وڌيڪ گرفت ۾ اچي چڪا هئا.
ان موقعي تي هنن فيصلو ڪيو ته وري تلاءَ ۾ گهڙي
وڃجي ۽ غوطو هڻي، صرف نڪ کي ساهه کڻڻ جي لاءِ ٻاهر
رکجي. اهڙيءَ ريت پاڻيءَ ۾ ٻيهر لهي ويا ۽ ايڏي
سرديءَ هوندي، مسلسل هڪ ڪلاڪ تائين، اندر ويٺا
رهيا. تنهن بعد ڪجهه ماٺار ٿي، تڏهن ٻاهر نڪتا، پر
پوءِ به کين محتاط رهڻو پيو ۽ خطري واري حد تائين،
هو ريڙهيون ڏيئي هلندا رهيا. پوءِ جڏهن کين يقين
ٿي ويو ته خطري واري حد کان ٻاهر نڪري ويا آهن،
تڏهن اُٿي تيزيءَ سان ڀڄڻ شروع ڪيائون.
ان واقعي کان ٽي مهينا پوءِ 19 مئي تي، جڏهن هو
”گيرا“ ڳوٺ ۾ لڪل هئا ته پوليس کين وري به گهيرو
ڪيو. ٻنهي طرفن کان ڪافي وقت گوليون هلنديون
رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جو مالڪ، ان جو ڀاءُ ۽
انقلابين جو هڪ ساٿي مارجي ويا. ڪلپنا دت ۽ ٻئي هڪ
انقلابي ”تارا ڪيشور“ کي گرفتار ڪيو ويو. هنن ٻنهي
۽ ”مسٽردا“ جو ڪيس ساڳيو قرار ڏنو ويو. ڪلپنادت کي
جيل ۾ وڃي معلوم ٿيو ته، ”سورجياسين“ کي ان ڳالهه
جي پڪ آهي ته کيس ڦاهي ڏني ويندي، تنهنڪري هاڻ هو
پنهنجو ڪم ٻين کي سمجهائڻ واري ڪم ۾ رڌل آهي.
جون 1933ع ۾ سڀني تي گڏيل مقدمو هلايو ويو. جنهن ۾
14 آگسٽ 1933ع تي ”سورجياسين“ ۽ ”پتودي“ کي موت جي
سزا ٻڌائي وئي. پر ڪلپنا دت کي ڪاري پاڻي جي سزا
ڏني وئي، اهو صرف ان ڪري، جو هڪ ته هوءَ عورت هئي
۽ ٻيو ته ننڍي عمر جي هئي. اهڙيءَ ريت کيس موت جي
سزا ڏيڻ بجاءِ ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي. تنهن
بعد مسلسل ڏيڍ سال تائين، کيس مختلف جيلن ۾
رُلائيندا رهيا.
سورجياسين جي موت واري سزا جي خبر ٻڌڻ سان سڀني
ورڪرن کي ڏاڍو صدمو رسيو. سورجياسين ان ڳالهه کي
محسوس ڪندي، کين چورائي موڪليو ته، ”ضرورت پئي ته
هاءِ ڪورٽ ۾ پريوي ڪائونسل ۾ اپيلون ڪيون
وينديون.“ آخرڪار سمورين قانوني پابندين کي ختم
ڪندي، 13 جنوري 1934ع تي رات جو سورجياسين کي
ڦاسي ڏني وئي. اها ڳالهه ايتري قدر ته لڪائي وئي،
جو سورجياسين جو لاش به مالڪن کي نه ڏنو ويو.
ڪلپنا دت کي پڻ اها ڳالهه ڪافي وقت کان پوءِ
راجشاهي جيل ۾ چٽ گانگ جي قيدين ٻڌائي، جنهن جو
سندس دل تي ڏاڍو اثر ٿيو. ”هن قسم کنيو ته، هوءَ
پنهنجي ساٿين سان گڏ، (سورجياسين)جي باقي ڪمن کي
ضرور اڳتي وڌائيندي.“
سال 1929ع ۾ جڏهن صوبائي وزارتون ٺهيون ۽ صوبن کي
نئون آئين مليو، تڏهن ٻين ڪيترن انقلابين سان گڏ،
ڪلپنا دت کي پڻ ٻاهر نڪرڻ جي اميد نظر آئي، پر ڪن
سببن جي ڪري، سندس نڪرڻ ۾ دير ٿي وئي، تنهنڪري
انڊيمان جيل وارن قيدين هيٺين ٽن نڪتن تي بک هڙتال
شروع ڪئي.
1. کين انڊيمان جيل مان واپس گهرايو وڃي.
2. سمورن قيدين کي بِي ڪلاس ۾ رکيو وڃي.
3. عام طور تي سڀني کي آزاد ڪيو وڃي.
ملڪ جي ٻين قيدين پڻ انڊيمان وارن قيدين سان شامل
ٿيڻ لاءِ مختلف جاين تي هڙتالون ڪرڻ شروع ڪيون.
آهستي آهستي انهن مطالبن تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو
۽ مهاتما گانڌي ۽ ٻيا سياسي ليڊر پڻ ميدان عمل ۾
آيا. بنگال سرڪار پهرين ٻن مطالبن کي هڪ دم پورو
ڪيو ۽ ٽئين مطالبي تي غور ڪرڻ لاءِ مهلت گهري.
تنهن تي مهاتما گانڌيءَ ٻن مطالبن تي عمل ڪرائي،
باقي ٽئين لاءِ هڪ سال جو مدو مقرر ڪيو ۽ مهاتما
گانڌي جيل وارن قيدين کي هڙتال ختم ڪرڻ جي اپيل
ڪئي. معاهدي موجب ڊسمبر 1937ع ۾ سڀئي قيدي، بنگال
جي جيلن ۾ آندا ويا، جن سان ڪلپنا دت پڻ پنهنجي
وطن جي سرزمين بنگال ڏانهن موٽي آئي.
سال 1938ع جي شروع ٿيڻ سان ڪلپنادت جي ڇڏائڻ لاءِ
سندس پيءُ، رابندر ناٿ ٽئگور سان ملاقات ڪئي. جنهن
ان سلسلي ۾ گورنر ۽ انگريز عملدار ”ايف اينڊ روز“
سان رابطو ڪيو. جن ڪلپنا دت جي جلد آزاد ڪرائڻ جو
واعدو ڪيو. ٽئگور مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ساڳئي
وقت ڪلپنادت جي پيءُ سان پڻ رابطي ۾ رهيو. ڪلپنادت
جي پيءُ کي ٽئگور هڪ خاص خط لکيو. جنهن ۾ کيس
لکيائين ته، ”جڏهن به اوهان جي ڇوڪري آزاد ٿئي ته
مون کي تار ذريعي اطلاع ڏجو.“ ٽئگور جي ڪوششن ۽
عوامي تحريڪ جي دٻاءُ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪئي ۽
پهرين مئي 1939ع تي ڪلپنادت آزاد ٿي. هن ٻاهر نڪرڻ
سان ٽئگور کي شڪر گذاريءَ جو خط لکيو. جنهن جي
جواب ۾ ٽئگور کيس هيٺيون جواب لکيو: ”تنهنجو خط
ڏسي، مون کي خوشي حاصل ٿي، توکي ڪافي وقت کان پوءِ
آزادي نصيب ٿي آهي. ڌڻي ڪري تون ڏينهون ڏينهن صحت
۽ سڪون حاصل ڪندي رهين، اسان جي ملڪ ۾ اڃا ڪيترائي
ڪم ڪرڻ لاءِ باقي آهن. ۽ انهن لاءِ هڪ مطمئن ۽
مضبوط دماغ جي ضرورت آهي. مون کي اُميد آهي ته
گذريل جفاڪشيءَ واري تجربي تنهنجي زندگيءَ کي مڪمل
بڻايو هوندو.“
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ ڪافي عرصو سوچ ويچار ڪرڻ ۽
مختلف قسمن جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪرڻ کان پوءِ
ڪلپنادت ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
هن پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي تعليم کي
پڻ ٻيهر جاري ڪيو ۽ اپريل 1940ع ۾
B.A
جو امتحان ڏيڻ بعد، هوءَ ڪلڪتي هلي وئي. پارٽيءَ
هن لاءِ طي ڪيو ته هوءَ اُتي وڃي، ”ڪسان سڀا“ جي
آفيس ۾ ڪم ڪري ۽ پوءِ ٽرام ورڪرز يونين آفيس ۾ ڪم
ڪري. ساڳئي سال جولاءِ ۾ کيس اعلى تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪلڪتي جي ڪاليج ۾ داخلا ملي وئي. کيس تعليم
حاصل ڪندي، اڃا ڇهه ست مهينا مس گذريا هئا، جو ٻي
مهاڀاري لڙائي شروع ٿي وئي. جنهن ڪري هن کي سرڪار
پاران نوٽيس مليو ته هوءَ 24 ڪلاڪن اندر ڪلڪتو
ڇڏي، چٽ گانگ ۾ پنهنجي گهراندر نظر بنديءَ واري
حالت ۾ رهي.
جڏهن ڪلپنا دت کي مٿيون حڪم مليو، تڏهن هوءَ
پارٽيءَ پاران مقرر ڪيل ڪمن، جهڙوڪ: دفترن کي
هلائيندو رهڻ، صوبائي ۽ مرڪزي ڪميٽين جا سرڪيولر،
ڪتاب ۽ اخبار وغيره مختلف ضلعن ۾ موڪلڻ، شهر ۾
انتظام بهتر ڪرڻ، مختلف جاين تي اشتهار موڪلڻ ۽
ليڪچر ڪلاس وٺڻ ۾ مصروف عمل ٿي وئي.
نئين حڪم ملڻ تي، هن پنهنجي مليل ڪم جي پورائي جي
سلسلي ۾ هڪ نئون طريقو اختيار ڪري ورتو. ڇاڪاڻ ته
هڪ انقلابي ورڪر ۾ وقت ۽ حالتن مطابق، پنهنجو پاڻ
۾ تبديليون پيدا ڪرڻ جي سگهه هئڻ، ايتري ضروري
آهي، جيترو ڪنهن به ڪم ڪرڻ لاءِ همٿ جو هئڻ!
سندس پاڙي ڀرسان ڌوٻي پاڙو ۽ مالهي پاڙو هو، هي
اهو طبقو هوندو آهي، جنهن کي سرمائيداري سماج ۾
گهٽيا درجي جو طبقو سمجهيو ويندو آهي. گهر ۾
نظربنديءَ دوران ڪلپنا دت ڪم جي سلسلي ۾ انهن ئي
ماڻهن سان پنهنجيون اُميدون وابسته ڪري ڇڏيون. ان
سلسلي ۾ هوءَ گهر توڙي ٻاهر وارن ماڻهن کان لڪي،
انهن ماڻهن تائين پهچندي هئي ۽ کين تيار ڪري،
پنهنجي ڪم جي پورائي لاءِ مدد حاصل ڪندي هئي.
ڪلپنا دت پاڻ لکي ٿي ته: ”پوليس کي اهو گُمان به
ڪونه ٿيندو هو ته سوسائٽيءَ جي ان پٺتي پيل طبقي،
ڌوٻي ۽ مالهين جا ٻار به اسان کي ان ڪم ۾ مدد ڏئي
سگهن ٿا. يا اسان انهن ذريعي پنهنجو ڪم ڪڍي
وينداسين. انڪري انهن ٻارن جي منهنجي گهر اچڻ ۽
منهنجي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي، ڪنهن به قسم
جي پابندي ڪانه هئي.“
1941ع ۾ چٽ گانگ تي جاپانين جي حملي جو خطرو وڌي
وڃڻ ڪري، ڪلپنا دت تان پابنديون ختم ڪيون ويون ته
هن ملڪي فلاح ۽ بهبود خاطر عورتن جي هڪ انجمن قائم
ڪري ورتي ۽ جاپاني سامراج خلاف پروپيگنڊا شروع ڪري
ڏني.
ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ موجوده ڪميونسٽ لابيءَ
ڪم جي طريقه ڪار جو عجيب سلسلو شروع ڪيو. جنهن
موجب هر ان ڳالهه جي مخالفت ٿيڻ لڳي، جيڪا جداگانه
قومي وجود جي بحالي لاءِ ٿوري به ڪارگر ۽ ڪارآمد
هجي. ايتري قدر، جو اهڙا مهربان ته قوميت ۽
آزاديءَ جا پڻ انڪاري ٿي ويا. ڪلپنا دت به ڪميونسٽ
هئي ۽ هن ڪميونسٽ پارٽيءَ لاءِ ئي ڪم پئي ڪيو. پر
کيس پنهنجي ديس سان اولين محبت هئي، اهو ئي سبب
آهي، جو بنگال مٿان ڌارين جي حملي جو خطرو وڌي
ويو، تڏهن هوءَ ٻين مڙني ڳالهين کي پاسي تي رکي،
قومي وجود جي بقاءَ لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن
وٽ وڃي، کين ملڪي بچاءَ جو هدايتون ڏيندي هئي.
سندس ڪم جو طريقو اهو هو ته هوءَ جنهن به طبقي جي
ماڻهو وٽ ويندي هئي ته ان کي سندس پنهنجن گهُرجن،
ضرورتن ۽ تڪليفن جي روشنيءَ ۾ سمجهائيندي هئي.
جيئن هو پاڻ لکي ٿي: ”وچولي طبقي جي ماڻهن کي
اسان، اهو چوندا هئاسين ته اُهي روايتون، اها
تعليم ۽ اها تهذيب، جا اوهان پنهنجي هٿن سان ٺاهي
آهي، جاپانين جي حملي ۾ بلڪل برباد ٿي ويندي.
پنجاهه سالن جي جدوجهد ۽ محنت سان اوهان جا قومي
تحريڪ اُڀاري آهي، سا جاپاني حڪومت ۾ بلڪل ختم ٿي
ويندي.“
هو عورتن وٽ وڃي، کين عام طور تي چوندا هئا،
”جاپان خلاف وڙهڻ پنهنجي خوراڪ، ڪپڙي، مال ملڪيت ۽
زمين جي حفاظت خاطر آهي.“
اهڙين ڳالهين جي وسيلي، هن ”هر شخص جي دل ۾ حب
الوطنيءَ پيدا ڪئي ۽ غلاميءَ کان نفرت پيدا ڪئي.“
جاپانين جو حملو ماڻهن کي پنهنجي مٿان، ڪنهن
خطرناڪ طوفان جيان نظر اچڻ لڳو هو، تنهنڪري هنن،
انقلابي ماڻهن جي ڳالهين کي وڌيڪ غور سان ٻڌو ۽
ملڪي بچاءَ واري جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
عوام طرفان اهڙي موٽ ملڻ تي هنن جي دل ۾ ڪم ڪرڻ
لاءِ وڌيڪ جذبو پيدا ٿيو. پر ان کي هو وري به
پنهنجي ڪميونسٽ ڦهلاءَ ڪارڻ استعمال ڪندا رهيا،
وطن جي وجود واري جنگ تي هنن ڪو خاص ڌيان ڪونه
ڏنو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جاپاني حملي آورن
جي جاءِ ٻين اهڙن حملي آورن ورتي، جن جي خفيه حملي
کي هو به سمجهي نه سگهيا ۽ سندن ڪميونسٽ پارٽي ته
مضبوط ٿي وئي. پر ملڪ ڪمزور ٿي ويو ۽ 1947ع واري
ورهاڱي ان کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ بنگال جو
گڏيل وجود مڪمل طرح ختم ڪيو ويو. ڪلپنا دت جي ملڪ
مغربي بنگال ۾ پوءِ به ڪميونسٽ مضبوط رهيا ۽
ڪميونسٽ پارٽيءَ حڪومت ڪئي، پر بنگال جو بحيثيت
ملڪ جي، اهو وجود نه رهيو، جنهن تي انگريز قابض
ٿيا هئا.

ان وقت تائين، عورتون انقلابي تحريڪ ۾ نه جي
برابر هونديون هيون، ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ڇوڪريءَ
انقلابي تحريڪ ۾ اعتماد بحال ئي ڪونه ڪرايو هو. ان
وقت انقلابين ۾ اننت سنگهه نالي هڪ اڳواڻ هو، جيڪو
عورتن کي مردن جي ڪمزوري سمجهندو هو، انڪري عورتن
تي اعتماد به گهٽ ڪندو هو ۽ عورتن کي انقلابي
جماعت ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ مخالف هو. پر ڪلپنادت
پنهنجي قابليت ۽ دانائيءَ سان اعتماد بحال ڪرائي
ورتو ۽ اننت سنگهه هن تي ڀروسو ڪرڻ شروع ڪيو،
ايتري قدر جو، جڏهن اننت سنگهه جيل مان ڀڄڻ جو
پروگرام ٺاهيو ته ان جي تجويز پڻ ڪلپنادت کي ڏياري
موڪليائين.

رخسانه"پريت
گھڻو جھرياسين،
حساب ڪونھن!
اسان
ڳڻيا
سي
عذاب ڪونھن!
کلي محبت
ڪيون
پيا
ھاڻي،
اسان ۾ ھاڻي حجاب ڪونھن.
سدائين جھيڙيو اسان جبر سان،
اسان جا ٻيا ڪي ثواب ڪونھن!
پرين!
تو
اوتيون اکيون اسان ۾،
اسان ڪي پيتا
شراب
ڪونھن!
ريو تريو گھر،
جتي پئي جاچيان،
گھڻو ئي ڪجهه آ، ڪتاب ڪونھن!
اوھان
جي
ادراڪ ۾
ڪمي
آ
سمورا
ماڻھو
خراب
ڪونھن!
جي
نيڻ
پٿر،
انھن
۾
ھاڻي،
اميدون احساس خواب ڪونهن! |