سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري/ مارچ 2022ع

باب:

صفحو:5 

منهنجي سيراندي کان پيل گهڙي

شمائله ٽالپر

 

منهنجي سيراندي کان پيل گهڙي هر هر ٽڪ ٽڪ ڪري احساس ڏياري رهي هئي ته زندگي ٿوري اٿئي! ڇڏ، سندس اها ڳالهه ٻڌندي ئي باهه وٺي وئي ڪاوڙ منجهان کڻي منهن ئي ٻئي پاسي ڦرايايومانس ته به ڪانه مڙي ۽ منهنجي محسن ٿي ڪري هر هر ٿي ٽڪ ٽڪ ڪيائين، مان هن کي پنهنجو دشمن سمجهندي پاڻ کان پري ڪندي ديوار تي لٽڪائي ڇڏيومانس ۽ پاڻ ان گهڙي کي پٺ ڏئي ڪمري ۾ موجود دريءَ جي سامهون پيل ڪرسي تي، مزي سان هٿن ۾ موبائل کڻي ڪنن ۾ ”هينڊ فري“ وجهي ٻاهر جي گوڙ گهمسان کان بي پرواهه ٿي، هن خوش فهمي ۾ ويهي رهيم ته، اڃان ڪافي وقت آهي. سڀ ڪجهه ڪري وٺندم، مان ته هر فن مولا آهيان. ڪرڻ تي اچان ته ٻه منٽ به مس لڳندا. هيڏانهن مان پنهنجي مزن ۾ گم هئم ته هوڏانهن وقت پاڻي ٿي وهندو رهيو. ڪنهن مهل سيڪنڊ سيڪنڊ ته ڪنهن مهل منٽ منٽ ته ڪنهن مهل ڪلاڪ ڪلاڪ، ڪنهن مهل وري ڏينهن جا ڏينهن، ڪنهن مهل هفتن جا هفتا، ڪنهن مهل وري مهينن جا مهينا ۽ سالن جا سال ان عرصي دوران گهڙي جيڪا آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي هئي، ته به مون کي آواز ڏيڻ کان نه مڙي! ۽ مون کي بار بار سڏيندي رهي، پر مان جيڪا مصنوعي ٻوڙي ٿي ويٺل هئم، سو ڪو به آواز منهنجي ڪنن تي نه ٿي پهتو ۽ مان اڃا به ان خوش فهمي ۾ گم هئم ته مون وٽ ڪافي وقت آهي، سڀ ڪجهه ڪري وٺندم. في الحال ڪجهه دير زندگي جا مزا ماڻيان! پر هڪ لمحي اچانڪ جو پنهنجي سامهون واري دريءَ کان جهاتي پائي ڏٺم ته مار! هي ڇا! ڪجهه وقت پهرين ئي ته هي وڻ ساوا هئا ۽ انهن تي موجود پکي ٻوليون ٻولي رهيا هئا، هاڻ يڪدم ڪيئن هي سرسبز وڻ پنن ۽ ٽارين مان سڪل ٿُڙ ٿي ويا؟ هنن تي ويٺل پکي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اڃان ان ڪشمڪش ۾ ئي هيم ته ڀت ۾ لڳل آئيني تي نظر پيم ته مار! هي ڇا منهنجا ڪارا ڪارا وار اڇا ڪيئن ٿي ويا؟ هي منهنجي حُسن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ منهنجو رنگ روپ ڪيڏانهن ويو؟ هي منهنجي جسم جي چمڙيءَ تي گهنج ڇو پيا نظر اچن. لڳي ٿو مون کي ڪا بيماري ٿي وئي آهي. اڃان ان ئي اڻ تڻ ۾ هيم ته ذهن ۾ خيال آيو ته گهڙي ڇو ٽڪ ٽڪ ڪرڻ بند ڪئي آهي، پهرين ته مٿو کائي ويندي هئي، اڄ ڇا ٿيو اٿس؟ کڻي جو پويان نظر گهمايم ته، مٽيءَ ۾ ڌُوڙ ٿيل گهڙي، پنهنجا ڏينهن پورا ڪري چڪي هئي. هن تي ماتم ڪندي احساس ٿيم ته: ”هي ته منهنجي محسن هئي جيڪا بار بار مون کي پاڻ ڏانهن سڏيندي رهي، پنهنجي قدر لاءِ واجهائيندي رهي، پر مان هن جي ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي،“ پنهنجي دشمن کي ئي پنهنجو محسن سمجهندي رهيم ۽ زندگي ڀر جي موقعن کي پنهنجي ئي هٿن سان پاڻ وڃايم. افسوس! مون وٽ ته هاڻ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو ئي نه رهيو آهي. جنهن جي باري ۾ مون ڪالهه ئي چيو پئي ته: ”مان جيڪڏهن ڪرڻ تي اچان ته منٽ به مس لڳندا“ انهن افسوس ڪندڙ سوچن ۾ هئس ته امان اچي ننڊ مان اٿاريو ۽ آءٌ بغير وقت وڃائڻ جي پنهنجي خوابن جي تعبير ڳولڻ ۾ مصروف ٿي ويس!

 

هڪ ذهين ۽ بهادر ڪردار: سارا گل

صالح ميمڻ

 

 

 

ھيءُ پاڪستان جي تاريخ جو انتھائي شاندار مثال ۽ ثبوت به آھي ته انسان جي ڪھڙي به جنس ھجي، جيڪڏهن ان کي بھتر ماحول ۽ تعليم جا مناسب موقعا ملن ته اھو انسان ترقيءَ جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري سگھي ٿو، ڪنھن جو ڪھڙي به شڪل و صورت ۾ پيدا ٿيڻ ان جي، نه ئي ان جي والدين جي وس جو معاملو آھي. دنيا ۾ ڪنھن به جيو ۾ ٽين جنس ٿيندي ئي ناھي، مگر جنسي عضون کان قدرتي طور محروم رھندڙ انسانن کي ٽين جنس قرار ڏئي خواري جو سبب سمجھيو ويندو آھي. اھا اسان جي سماج جي وڏي بي حسي ۽ بي رحمي آھي، جنسي طور تي محروم انسانن کي ننديو ويندو آھي، پر قدرت وري به انھن انسانن لاءِ دروازا کليل رکيا آھن، جن کي ٽين جنس قرار ڏنو ويندو آھي، انھن کي قدرت وري انھن جي قائم مڙھين ۾ تحفظ مھيا ڪندي آھي، اھي ته ڳولا ڪندا رھن ٿا ته جيڪڏهن ڪنھن گھر ۾ اھڙو ٻار پيدا ٿيو آھي ته انھن حوالي ڪيو وڃي. ھي وڏو مثال آھي ته ھن کي جڏھن ماحول مليو ۽ پرگهور ٿي ته ھن پڙھي ڊاڪٽر بڻجي ڏيکاريو، بقول ھن جي ھن جي والدين ته ھن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو، جن جن ساٿ ڏنو، اھي عظيم انسان بڻجي ويا آھن، ھزارين جوڙا اھڙا به ٿين ٿا جن کي ٻار نٿا ٿين ۽ ميڊيڪل جي رپورٽن ۾ ڪڏھن ڪنھن مرد ته ڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ اھو اچي ويندو آھي ته اھي ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت کان محروم آھن، اھو به قدرتي معاملو آھي، ان ۾ انھن يا ٻئي ڪنھن جو به قصور ناھي ھوندو، پر اصل ۾ کدڙا اھي مرد ھوندا آھن، جيڪي فطري طور ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ھوندا آھن. ۽ عورتون جيڪي مائون بڻجڻ واري صلاحيت نه رکنديون آھن، پر انهن کي طعنا تنڪا ڏيڻ انساني شيوو ناهي. ميڊيڪل سائنس مطابق ٻار پيدا ڪرڻ واري صلاحيت کان محروم نه ھوندا \ھونديون آھن، رڳو انھن جا جنسي عضوا بگڙيل ھوندا آھن. ان بنياد تي انھن کي مذاق جو نشانو بنائي سندن زندگي زهر ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته ڪو به ڪنھن به طرح جو معذور پيدا ٿي سگھي ٿو، والدين جي باري ۾ گھڻو مشھور به آھي ته اھي پنھنجن معذور ٻارن جي ٻين ٻارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خدمت ڪندا آھن، ته پوءِ جنسي طور تي معذور ڪنھن ٻار سان ايتري نفرت ڇو ڪئي ويندي آھي؟ جو ان کي گھر مان ئي ڪڍيو ويندو آھي. ڪراچي جي سارا گل اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته ھوءَ سھارو ملڻ تي اھو اعزاز ماڻي وئي آھي جيڪو تعليم جي ميدان ۾ پوري ملڪ ۾ ھن کان اڳ ڪنھن به نه ماڻيو آھي، ميڊيڪل سائنس تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي، وقت اھو به ثابت ڪري سگھي ٿو ته سارا گل جي بنيادي جنس اگر عورت واري آھي ۽ ان جي پيٽ ۾ اوويري موجود آھي ته اھا سائنسي بنيادن تي ماءُ به ٿي سگھي ٿي، جيڪڏهن سارا گل جي بنيادي جنس مردن واري آھي ته اھو سائنسي بنيادن تي پيءُ به ٿي سگھي ٿو، سائنسي بنيادن تي ڪنھن کي ماءُ يا ڪنھن کي پيءُ ٿيڻ لاءِ سھاڳ رات يا ھني مون ملھائڻ جي ڪا به ضرورت نه پوندي آھي، شادي جا مقصد رڳو ٻار پيدا ڪرڻ نه، پر ان کان گھڻو اڳتي ٻارن جي بھترين تربيت ۽ بھترين تعليم وارا به ٿين ٿا، سارا گل جا والدين اھا ساڳي ذميداري پاڻ کڻن ھا ته سارا گل جي ڊاڪٽر ٿيڻ تي اڄ انھن جا ڳاٽ فخر سان اوچا ھجن ھا، اصل ۾ قدرتي محروميون انھن ۾ ھيون جيڪي سارا گل ۾ شفٽ ٿيون، پر سارا گل جي والدين پاڻ لاءِ پاڻ جيڪي ملامتون پيدا ڪري ان جو ٻج ڇٽيو، سو اھي اڄ به ان معاملي تي پنھنجي بي عزتي سمجھن ٿا، ته پوءِ اھا بي عزتي انھن لاءِ ھاڻ ڪئي ڀيرا وڌي وڏي ٿي چڪي آھي، جتي جتي سارا گل جو نالو ايندو، اتي اتي انھن جي والدين جو ڪردار به سامھون ايندو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org