شبنم گل
شخصيت
ولي رام ولڀ 1956ع ۾”پرائمري
اسڪول ليونگ اگزامنيشن سرٽيفڪيٽ“
(سنڌي ورنيڪيولر فائينل) پاس ڪيو. ان دوران هن
ديوناگري لپيءَ ۾ هنديءَ جي ابتدائي تعليم پشڪرڻا
برهمڻ پاٺشالا مٺيءَ مان جيوتش وديا جي نالي واري
ماهر پنڊت پونم چند سرماڙي برهمڻ چيلهار واسيءَ
کان ۽ سنسڪرت زبان جي سکيا هاءِ اسڪول ۾ پنڊت
سارنگ رام شرما کان حاصل ڪئي. کيس سنڌي، انگريزي،
اردو، سنسڪرت سان گڏ هندي، ڍاٽڪي، پارڪري، گجراتي،
سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين جي به ڄاڻ آهي.
ولي رام ولڀ جو تعارف
مانوارا مترجم، ڪھاڻيڪار محترم ولي رام ولڀ سنڌي
ٻوليء جي بااختيار اداري ۾ آيا ته اداري ۾ سندن
شاندار آڌرڀاءُ
ڪيو ويو.
محمد ابراھيم اسٽوڊيوز ۾ سندن گفتگو رڪارڊ ڪئي وئي.
سندن شاندار خدمتون لائق تحسين آھن.
نه فقط آدرشي ليکڪ آھن،
پر ان سان گڏ ھر روپ ۾
مثالي ڪردارآھن
.
Vali Ram Vallabh Lohano, born in Mithi, writer,
researcher, got early education in Thar, then in
Sachal College and Sindh University, did MA in
Urdu Literature, Sociology and secured first
position in MA Mass Communication. Beside Sindhi
and Urdu, he knows Sanskrit, Dhatki, Gujrati and
Punjabi. He has written and translated dozens of
books
ولي رام ولڀ 1961ع ۾ کپري هاءِ اسڪول مان انٽرگريڊ
ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو. مٺي اسڪول ۾ زير تعليم
هئڻ دوران سندس دلچسپي اسڪول لائبريري جي ڪتابن
سان هوندي هئي. ريڊنگ روم ۾ اخبارون ۽ رسالا ايندا
هئا، جيڪي سندس سنڀال هيٺ رهندا هئا. ان وقت جي
هيڊ ماستر لڇمڻ داس پارواڻي کيس انگريزي گرامر ۽
ڪمپوزيشن ۽ چوڌري ضياءُالحق انگريزي ٽيڪسٽ، اردو ۽
فارسي پڙهائيندا هئا. هو ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾
دلچسپي رکڻ سان گڏ شام جو ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال به شوق
سان کيڏندو هو. اسڪول جي خاص ڏهاڙن جي موقعن تي
تقريرون ڪرڻ ۽ سالياني تقريب جي ناٽڪن ۾ پڻ حصو
وٺندو هو. 1956ع ۾ هڪ تقريري مقابلي ۾ کيس
”شاگردن
جا فرض“
جي موضوع تي تقرير ڪرڻ تي پهريون انعام مليو هو.
1956ع ڌاري هو مٺيءَ
جي هڪ سماجي شخصيت ڀڳت کيم چند آسناڻيءَ جي سنگ ۾
آيو، جيڪو پنھنجي
ٽيم
سان روزانو صبح ۽ شام مقرر وقتن ۽ هنڌن تي پاڻ وڃي
شاگردن ۽ ٻين عام ماڻھن کي اخلاقي نقطا ۽ نصيحت
آميز سکيا ڏيندو هو. جن ولي رام کي گهڻو متاثر
ڪيو. ڀڳت کيم چند پنهنجي سرپرستيءَ ۾ سماجي سڌاري
۽ نوجوانن ۾ اخلاقيات ۽ سداچار جي ڦهلاءِ لاءِ
شيوامنڊليءَ
۾
لائبريري قائم ڪئي، جنهن جو چيئرمين ولي رام ولڀ
کي چونڊيو ويو. انهيءَ منڊليءَ ۽ لائبريريءَ جا 80
کن ميمبر اسڪولي شاگرد هئا. لائبريري ۾ عام
پڙھندڙن لاءِ 350 کن ڪتاب ۽ رسالا رکيل ھئا ۽ ڪجهه
روزانيون اخبارون اينديون هيون. ساڳي سال ڀڳت صاحب
جو گجرات جي تاريخي پس منظر ۾ لکيل هڪ ناٽڪ
”چندر
هاس“
اسٽيج ڪيو ويو، جنهن ۾ ولي رام ولڀ وڌي چڙهي حصو
ورتو. ٽڪيٽن جي وڪري مان مليل پئسن مان ڪنيا
پاٺشالا (ڇوڪرين جو ڌرمي سکيا مرڪز) جو بنياد رکيو
ويو، جنهن ۾ ٽيهارو کن اسڪولي ڇوڪرين کي هندي ٻولي
پڙهائڻ جو ڪم به سرانجام ڏنائين.
محمد علي مانجهي، ولي رام ولڀ کي
گلدستو پيش ڪري رهيو آهي
ولي رام ولڀ 1959ع کان 1968ع تائين ٻيلي کاتي ۾
نوڪري ڪئي ۽ 1969ع کان 1988ع تائين ويهارو ورهيه
کن ڪراچيءَ جي هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي
حيدرآباد برانچ جو پهرين بزنس ايگزيڪيوٽو
۽ پوءِ برانچ مئنيجر ٿي رهيو. ان کان پوءِ هو سنڌ
يونيورسٽيءَ جي تحقيقي اداري انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ جي مختلف شعبن جهڙوڪ: اينٿراپالاجيڪل
ريسرچ سينٽر، فوٽو گرافڪ، مائڪرو فلمنگ، پينٽنگس،
آڊيو ويوئل ۽ ميوزڪ جي شعبن ۾ اپريل 1988ع کان
مارچ 2001ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
۽ 15 مارچ 2001ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر، اينٿراپالاجيڪل
سينٽر (ميوزيم) جي حيثيت سان رٽائرڊ
ڪيائين. سنڌالاجيءَ ۾ ملازمت دوران هو ڇهه ماهي
”سنڌي
ادب“
مخزن جو ايڊيٽر ۽ فوٽوگرافڪ ۽ مائڪرو فلم سيڪشن جو
به ڪجهه وقت انچارج پڻ رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت
دوران ھو سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڪاميٽين جي رڪن
ھئڻ جي حيثيت سان فرض
پڻ ادا ڪيائين.
سندس ادبي ڪمن جو
وچور ڪجهه
ھن ريت آھي:
ترجمو ڪيل ناول:
ڪهاڻين جا مجموعا:
عالمي
ادب ٽين دنيا جون ڪهاڻيون (پرڏيهي) : (1980ع).
ٿڪل
سُريت ۽ ٻيون ڪهاڻيون، البرتو موراويا (اٽالين)
(1983ع).
ٻار
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ (28 ڪهاڻيون): (1984ع).
نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪهاڻيون اردو ۽ هندي: (2003ع).
بهشت ۽ دوزخ ۽ ٻيون ڪهاڻيون (ننڍي کنڊ جون مختلف
ٻوليون): (2004ع).
مٺڙا ڀاءُ...! ۽ ٻيون ڪهاڻيون (وچ اوڀر، ڏور اوڀر
۽ ننڍي کنڊ جون ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ): (2006ع) (7)
پرڏيهي ڪهاڻيون (امريڪي، لاطيني، يورپي،
آسٽريليائي ۽ ڏکڻ افريڪي چونڊ ڪهاڻيون): (2011ع).
آرسي ڪهاڻيون (ظفر حسن سان گڏ: (2013ع).
شاعريءَ جا مجموعا:
ولي رام ولڀ ۽ زيب سنڌي
’مُکا
ميلو‘(انٽرويوز).
تحقيق
:
1.مٺي
شهر جي معاشي ۽ سماجي حالتن جو تحقيقي جائزو.
(2) اڻويهين صديءَ
جي اخبار نويسي.
3.ع
کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو.
’سنڌ
ڪهاڻي‘:
(انگريزي) ڪيول ملڪاڻي جي تصنيف
‘The Sindh Story’
جو ترجمو تاج جويي جي نالي ۾ (1991ع)، ٻيو ڇاپو
’ورو‘
جي نالي ۾ (2002ع)، ٽيون ڇاپو ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي
۽ نولراءِ بچاڻي جي نالي ۾ (2005ع).
فلسفو ۽ مذهب:
گيتا جو اڀياس:
(انگريزي) سارديسائي ۽ دليپ بوس جي ڪتاب
‘Gita in Marxism’
جو ترجمو (1992ع).
ولي رام ولڀ ۽ زيب سنڌي
تحقيق
:
1.مٺي
شهر جي معاشي ۽ سماجي حالتن جو تحقيقي جائزو.
(2) اڻويهين صديءَ
جي اخبار نويسي.
1947ع
کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جو تحقيقي جائزو.
تاريخ
:
’سنڌ
ڪهاڻي‘:
(انگريزي) ڪيول ملڪاڻي جي تصنيف
‘The Sindh Story’
جو ترجمو تاج جويي جي نالي ۾ (1991ع)، ٻيو ڇاپو
’ورو‘
جي نالي ۾ (2002ع)، ٽيون ڇاپو ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي
۽ نولراءِ بچاڻي جي نالي ۾ (2005ع).
فلسفو ۽ مذهب:
1. گيتا
جو اڀياس: (انگريزي) سارديسائي ۽ دليپ بوس جي ڪتاب
‘Gita in Marxism’
جو ترجمو (1992ع).
من جي شانتي: (هندي) راڌا سوامي ست سنگ
بياس/امرتسر پاران ڇپيل هندي ڪتاب
’من
ڪي شانتي‘جوترجمو
(2002ع).
ڊائري:
1.
ظفر
حسن جي ڊائري: (جلد 1، ظفر جوڻيجي ۽ رفيق منگي سان
گڏ) (2003ع).
نصاب:
1.سنڌي
ڇهون ڪتاب: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو (2005ع).
مرتب ۽ نظرثاني ڪيل ڪتاب
:
1.
سنڌي پھاڪا:
لسانياتي ۽ سماجي
۽
ثقافتي اڀياس: ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي. سُڌار
سنوار (2010ع).
2.
سنڌي ٻوليءَ جو گرامر: ارنيسٽ ٽرومپ؛ ٽرانسلٽريشن
۽ نظرثاني ڊاڪٽر فھميدھ حسين سان گڏ (2011ع).
جانورن جي عجيب دنيا (انگريزي ڪتاب
Amazing World of Animals
جو ترجمو). (2013ع).
ماءُ ٻارن کي ڪيئن سُڌاري؟ (ڊَبليُو. ايس. اِسٽونر
جي ڪتاب ’نيچرل ايجُوڪيشن‘
تي آڌاريل
’سُڀاويڪ
ٻاراڻي سِکيا‘
جو سنڌي ويس) سُڌار ۽ سنوار (2013ع).
پاڪستان _نرالو وجود نرالي تقدير؟ :
جاويد جبار ،سنڌي ترجمو: محسن ٻٻر؛ سنوار ۽ سُڌار
(2014ع).
اِنسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل.
ايڊٽ ڪيل رسالا
:
(1) ماهوار
’سهڻي‘
طارق اشرف جي ٻانهن ٻيليءَ جي حيثيت سان پنج شمارا
(1971ع).
شگفته شاهه
اکيون پَسي آئيون
سرڪاري نوڪري ڇڏڻ
مون کي سرڪاري اسڪول ۾ نوڪري ڪندي اٺ سال ٿيڻ وارا
هئا. جڏهن اسرى اسڪول جي برانچ قاسم آباد ۾ کلي ته
مون سان رابطو ڪيو ويو ته آءٌ اچي پرنسپال جي
حيثيت سان ڪم ڪريان ڇو ته جنهن ماڻهوءَ مون کي اها
آفر ڏني ان جا ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ مون وٽ پڙهيا
هئا ۽ هو منهنجي ڪم کان واقف هو. مون معذرت ڪئي ته
آءٌ سرڪاري نوڪري ڇڏي پرائيويٽ اسڪول ۾ نوڪري نٿي
ڪري سگهان.
مون کي يقين هو ته آءٌ ضرور ڪاليج ۾ ليڪچرر شپ
حاصل ڪري وٺندس. 1994ع ڌاري پبلڪ سروس ڪميشن پاران
ليڪچرار جون پوسٽون نڪتيون جن مان سنڌيءَ جون 5
سيٽون هيون. آءٌ ڏاڍي پراميد هيس ته، آءٌ ڪامياب
ٿيندس. مون پهرين لکت وارو امتحان پاس ڪيو.
انٽرويو لاءِ پهتس ته ڳالهيون ٻڌم ته سيٽن لاءِ
قيمت مقرر هئي يا وري ڪا وڏي سفارش خاص ڪري سياسي
سپورٽ هئڻ لازمي هئي. اتي مون انٽرويو لاءِ آيل
ڇوڪرين کي پاڻ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو ته جيڪي پيسا
ڏينداسين سي ته سال کن ۾ پگهار جي صورت ۾ واپس ملي
ويندا. تڏهن دل ۾ سوچيم ته جنهن ڪمائيءَ جو بنياد
ئي رشوت تي رکيل هجي ان جي سڄي ڪمائي حرام ٿي. مون
وٽ نه ته سفارش هئي نه ئي مون کي رشوت ڏيڻي هئي،
سو انٽرويو به سٺو ٿيو. پر مون کي ناڪام ڊڪليئر
ڪيو ويو ۽ منهنجي اکين جي اڳيان جن کي ليڪچررشپ
ملي هئي انهن جي اهليت ڪنهن کان به لڪيل ڪونه هئي.
مون کي ان تجربي ڏاڍو ڏک ڏنو.
انٽرويو ايڏو
سٺو ٿيو جو سر نذير مغل آخر ۾ اهو چيو:
“Well lady! We have impressed with you.”
آءٌ ڏاڍي خوش ۽ مطمئن ٿي گهر آيس ته يقيناً هتي ته
ميرٽ هلندي. ڪجهه ڏينهن گذريا ته يونيورسٽيءَ جي
هڪ ذميدار ماڻهوءَ مون کي ڪال ڪري مون کي مبارڪ
ڏني ته منهنجو نالو ميرٽ تي پهرين نمبر تي هو. آءٌ
ڏاڍي خوش ٿيس، پر اڳتي هن چيو:
”ميرٽ لسٽ ۾ ته توهان جو نالو آهي پر هڪ ٻئي
ماڻهوءَ جي وڏي سفارش آهي. توهان به ڪنهن کان
سفارش ڪرايو نه ته سيٽ ڪنهن ٻي کي ملي ويندي.“
اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڏاڍي مايوس ٿيس.
منهنجي ڪا سفارش هجي ها ته ڪڏوهڪر سرڪاري ڪاليج ۾
ليڪچرر ٿي وئي هجان ها. ان ئي سال فيبروريءَ ۾
بابا جي وفات ٿي وئي هئي. بابا جي الاهي ڄاڻ سڃاڻ
هئي، پر هن وڏن عهدن تي هوندي به اسان لاءِ سفارش
نه ڪئي، سو هينئر وري ڪير منهنجي لاءِ سفارش ڪري
ها.
ڪجهه ڏينهن گذريا ته خبر پئي ته ٻئي ماڻهوءَ کي
پي.ايڇ.ڊي جي بنياد تي ليڪچرر رکيو ويو. ان وقت
پي.ايڇ.ڊي لاءِ ڪورس ورڪ وغيره نه ٿيندو هو. فقط
پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسس جمع ڪرائبي هئي. مون کي هڪ ڀيرو
ٻيهر شديد ڏک ٿيو. منهنجي خواهش هئي ته اتي ليڪچرر
ٿي وڃان ۽ پوءِ پي.ايڇ.ڊي به ڪريان. مون کي سمجهه
۾ ڪونه آيو ته ليڪچرار لاءِ پي.ايڇ.ڊي جي شرط ته
هوئي نه ته پوءِ ان بنياد تي ميرٽ واري ماڻهوءَ جو
حق ڇو ماريو ويو؟ ڪافي سالن بعد مون کي ڪنهن ٻڌايو
ته جنهن شخص کي پي.ايڇ.ڊيءَ جي بنياد تي ليڪچررشپ
ملي اها ٿيسز هڪ اردو ۾ لکيل پي.ايڇ.ڊي جو نقل هو.
خدا ڄاڻي ته واقعي ائين هو يا نه. جنهن وقت هن کي
ليڪچررشپ ملي ان جي عمر 55 سال هئي. مون کي بعد ۾
يونيورسٽيءَ پاران آر.اي
(R.A) يعني
ريسرچ ايسوسئيٽ جي پوسٽ جي آفر ٿي، پر مون ان آڇ
کي ٺڪرائي ڇڏيو ڇو ته اها منهنجي بي عزتي هئي ته
آءٌ ڪوائيلفاءِ ته 17 گريڊ جي ليڪچررشپ لاءِ ڪريان
۽ ڪم وري ريسرچ ايسوئسيٽ جو ڪريان. بقول آپا تنوير
جوڻيجو ته ريسرچ ايسوسئيٽ معنى ”سستڙا استاد“. ڪم
انهن کان استاد جو ئي وٺن باقي پگهار ٿوري ۽ فڪسڊ.
ان کان وڌيڪ پگهار مون اسڪول مان پئي کنيو. بس....
اهو ڏک به سهي ويس.
ان کان پوءِ ايڇ. ايس. ٽي ٽيچرز جون پوسٽون آيون
ته مون به اپلائي ڪيو ۽ ساڳي ريت انٽرويو واري
ڏينهن صبح کان وٺي انتظار ڪري ٽپهريءَ تائين وارو
آيو. انٽرويو سٺو ٿيو. جڏهن مون کان شاهه سائينءَ
جي رسالي بابت پڇيائون ته مون سڀني سرن جا نالا
ٻڌايا ۽ شاعريءَ بابت سمجهاڻيون ڏنيون ته انٽرويو
وٺڻ وارا ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون کي خاطري ڏنائون ته
منهنجي چونڊ ٿي ويندي... پر.... جيئن ئي 1997ع ۾
نواز شريف جي حڪومت آئي ته پي.پي.پي جي دور ۾ نڪتل
پوسٽن ۽ انٽرويوز کي ختم ڪيو ويو ۽ معاملو اتي ئي
رهجي ويو.
هڪ دفعو ٻيهر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سنڌيءَ ۾
ليڪچرر لاءِ پوسٽ لاءِ فارم ڀريم. هن ڀيري به لکت
وارو امتحان پاس ڪري انٽرويو ڏنم، پر نتيجو اهوئي
ساڳيو. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران
يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سيد پناهه علي شاهه اسڪول
جي لاءِ پرنسپال جي پوسٽ جو اشتهار آيو ته اتي به
فارم ڀريم...پر... اتان جواب ئي ڪونه آيو نه ئي
پرنسپال جي پوسٽ تي ڀرتي ٿي. هاڻي آءٌ بنهه مايوس
ٿي ويس ڇو ته ان وچ ۾ اسان جي اسڪول جون تقريباً
سڀئي جونيئر اسڪول ٽيچرون هائي اسڪول ٽيچرز بڻجي
ويون. منهنجون ڪليگز ۽ فريندز اهو ئي چونديون هيون
ته آءٌ به ڊزرو ڪندي هيس ته گهٽ ۾ گهٽ هائي اسڪول
ٽيچر ته ٿيان. پر منهنجي ايم.اي فرسٽ ڪلاس ۽ ايم
ايڊ فرسٽ ڪلاس هئڻ جي باوجود آءٌ هائي اسڪول ٽيچر
يا گريڊ سورهون به حاصل نٿي ڪري سگهيس ڇو ته آءٌ
لينگئج ٽيچر هيس. گسٽا (گورنمينٽ اسڪول ٽيچرز
ايسوسيئشن
GSTA) جي ميمرن کي
بار بار چيم ته لئنگئيج ٽيچرز کي به سندن حق وٺي
ڏيو، پر صرف واعدا هئا عمل ڪونه هو.
2000ع ۾ گرمين جي موڪلن دوران پبلڪ اسڪول حيدرآباد
پاران هڪ اشتهار آيو ۽ جنهن ۾ ان سال اتي گرلز
سيڪشن شروع ڪرڻ لاءِ هر مضمون لاءِ بي.پي.ايس
سترهن
(BPS-17) جون
پوسٽون آيون. ايم.ايڊ ۽ پنجن سالن جو تدريسي تجربو
پڻ گهربل هو. سو اتي به ڪوشش ڪيم. پبلڪ اسڪول
حيدرآباد خودمختيار تعليمي ادارو آهي. سال گذري
ويو ته اتان به جواب ڪونه آيو.
مئي 2001ع ۾ قاسم آباد ۾ گلستان سجاد ۾ بحريه
فائونڊيشن ڪاليج شروع ڪيو ويو ته مون سان رابطو
ڪري مون کي اتي جاب جي آڇ ملي. مون کي آفر ليٽر به
ملي ويو. گريڊ ٻڌايل ڪونه هو جيڪا پگهار ٻڌايل هئي
اها سورهين گريڊ کي ڏني پئي وئي. آءٌ منجهي پيس.
پگهار منهنجي سرڪاري اسڪول جي پگهار کان بهتر هئي.
پر سرڪاري ريگيولر پگهار کي ڇڏي پرائيويٽ اداري ۾
وڃڻ نه پئي چاهيم. پر مون آڇ ڪئي ته آءٌ هڪ بنهه
نئين برانچ جي سيٽ اپ ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهان ٿي.
مون پنهنجي اسڪول مان هفتو موڪل ڪئي ۽ ان ڪاليج ۾
وڃي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندي هيس. منهنجي ننڍي
ڀيڻ رخشنده جنهن باٽني ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن
کنئي هئي ۽ فيڪلٽي ٽاپ پڻ هئي ان کي اتي باٽني جي
ٽيچر طور رکيو ويو. اسين ٻئي روز اتي وينديون
هيوسين اڃان ڪلاس شروع نه ٿيا هئا پر ٽيچرز مقرر
ٿي ويون هيون. اسان سڀني گڏجي ڪلاس سيٽ ڪيا.
مئي 2001ع ۾ قاسم آباد ۾ گلستان سجاد ۾ بحريه
فائونڊيشن ڪاليج شروع ڪيو ويو ته مون سان رابطو
ڪري مون کي اتي جاب جي آڇ ملي. مون کي آفر ليٽر به
ملي ويو. گريڊ ٻڌايل ڪونه هو جيڪا پگهار ٻڌايل هئي
اها سورهين گريڊ کي ڏني پئي وئي. آءٌ منجهي پيس.
پگهار منهنجي سرڪاري اسڪول جي پگهار کان بهتر هئي.
پر سرڪاري ريگيولر پگهار کي ڇڏي پرائيويٽ اداري ۾
وڃڻ نه پئي چاهيم. پر مون آڇ ڪئي ته آءٌ هڪ بنهه
نئين برانچ جي سيٽ اپ ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهان ٿي.
مون پنهنجي اسڪول مان هفتو موڪل ڪئي ۽ ان ڪاليج ۾
وڃي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندي هيس. منهنجي ننڍي
ڀيڻ رخشنده جنهن باٽني ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن
کنئي هئي ۽ فيڪلٽي ٽاپ پڻ هئي ان کي اتي باٽني جي
ٽيچر طور رکيو ويو. اسين ٻئي روز اتي وينديون
هيوسين اڃان ڪلاس شروع نه ٿيا هئا پر ٽيچرز مقرر
ٿي ويون هيون. اسان سڀني گڏجي ڪلاس سيٽ ڪيا.
هڪ مهيني بعد (جون، جولائي جي گرمين جي موڪلن ۾)
بلڪل اوچتو مون کي پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان سنڌيءَ
جي استاد لاءِ لکت جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ليٽر
مليو. مون کان ته ڳالهه ئي وسري وئي هئي ڇو ته سال
جو عرصو ٿي ويو هو. رخشنده ۽ مون اتي گڏ اپلائي
ڪيو هو. ٻنهي کي ليٽر مليو هو. اسين ٻئي لکت جي
امتحان ۾ ويٺيوسين ۽ لکت جو امتحان پاس ڪري ڇڏيو
ته اسان ٻنهي کي ساڳي ڏينهن تي انٽرويو ڪال آئي.
پبلڪ اسڪول حيدرآباد هڪ خودمختيار ادارو آهي. جيڪو
بورڊ آف گورنرز تحت هلندو آهي. بورڊ جو چيئرمين
ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن هوندو آهي. اتي ان مهل تائين
اڃان سفارش ۽ سياسي مداخلت نه هئي، انڪري منهنجي ۽
رخشنده سميت ٻين مضمونن جون ٽيچرز نج اهليت تي
ڀرتي ٿيون.
آءٌ سرڪاري نوڪري ۾ هيس ۽ مون ٿرو پراپر چئنل
(Through Proper Channel)
اپلاءِ ڪيو هو انڪري مون کي
اڃان اتان Relieve
ٿيڻو هو. سڀني ساٿي ٽيچرز مون
کي مبارڪ ڏني ته آءٌ 17 گريڊ
(BPS-17) ۾
سليڪٽ ٿي وڃان پئي.
مئي 2001ع ۾ پرويز مشرف جي متعارف ڪرايل ضلع ناظم
سسٽم، لاءِ اليڪشن ٿيا هئا. آگسٽ 2001ع ۾ ڪمشنر
سسٽم ختم ڪري چونڊيل ناظم آندا ويا. حيدرآباد ضلعي
جو ناظم مخدوم رفيق الزمان ٿيو.
-آگسٽ 2001ع منهنجو گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول ۾
آخري ڏينهن هو. ان ڏينهن هڪ اين.جي.او پاران ڪرايل
پروگرام ۾ مخدوم رفيق الزمان صاحب کي خاص مهمان
ضلعي ناظم طور گهرايو ويو هو ۽ اسڪول جي هر فنڪشن
وانگر ان پروگرام جي ڪارروائي به مون هلائي. ان
اين.جي.او پاران مون کي اسڪول ۾ ڏنل خدمتن جي
اعتراف جو سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو. ان کان اڳ
پرائيويٽ اسڪول ۽ گورنمينٽ گرلز هائي اسڪول مان
مون کي مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا هئا.
اٺن سالن جو اهو خوبصورت ترين دور 31 آگسٽ 2001ع
تي پڄاڻيءَ تي رسيو.
خوشبو بلوچ
نظم
اسان جي محبت ۾
ڪابه ڪمي نه هئي
نه مون کي سندس محبت تي
نه ئي هن کي
منھنجي محبت تي ڪو شڪ هو
اهو هڪ اهڙو احساس ضرور
هو
جنھن جو اظھار
اسان ٻئي ڪري نه سگھياسين
محبت اسان جي سينن ۾
ڪنھن راز جيان دفن
اڌوري ئي رھجي وئي۔۔۔!!
رات ڪاري ۽ تُنھنجي ياد
رات ڪاري هئي جيتري
ياد به آئي هئي تُنھنجي ايتري....
مون ٻڌو ھو ته
يادن سان به آھن گل ٽڙندا
مُنھنجي دل ته
ويتر هئي ڦٿڪي پئي...
روح به هو تڙپي
پيو.....
ياد ڪيڏا هئا اڌما ڏنا
ننڊ به
ته وئي هئي رُسي....
پوءِ
ڪيئن پرڀات ٿي ھئي اي منھنجا پرين......
ڪا خبر ئي نه پئي.....
امر سنڌو
ايمانداريءَ سان لکيل لفظن جي حرمت اڄ به برقرار
آهي
هن سماج ۾ ايمانداريءَ سان لکيل لفظن جي حرمت اڄ
به برقرار آهي.
اسان جي ملڪ ۾ سنڌ شايد اهو واحد خطو آهي. جتي
ليکڪن جو مان ۽ عزت ڪنهن
celebrity کان
گهٽ نه آهي. پهرين اهو منهنجو صرف مشاهدو هو. پر
هاڻي ڪجهه تجربي جو حصو به آهي. مان انتهائي
عاجزيءَ سان شڪرگذار آهيان حيدرآباد جي ڊاڪٽرس
برادريءَ جي جن بغير ڪنهن ذاتي سڃاڻپ، ڪنهن وڏي
حوالي يا ڪنهن به ٻئي حوالي سان مون کي محض ان
لاءِ اوليت ۽ خاص Treatment
ڏني جو اهي منهنجا
Reader
رهيا آهن. ان کان وڌيڪ عزت ۽ مان جي ٻي ڪهڙي ڳالهه
ٿي سگهي ٿي.
مان نالا ڳڻايان ته ڪيترائي نالا ايندا. پر ڊاڪٽر
بيکارام سابق وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي، ڊاڪٽر منير جوڻيجو سونولاجسٽ، ڊاڪٽر
عنبرين منير سرجن، ڊاڪٽر خالد ٽالپر آئي اسپيشلسٽ،
ڊاڪٽر ايوب لغاري آرٿوپيڊڪ سرجن، ڊاڪٽر شفيق
الرحمان ميمڻ سرجن ۽ ڪڊني اسپيشلسٽ، ڊاڪٽر
چنديرام، ڊاڪٽر انيلا شيبا ريڊيولاجسٽ جيڪي هتي جي
ڊاڪٽرس ڪميونٽي جا وڏا نالا آهن. انهن سڀني ڊاڪٽرن
خصوصي توجهه ڏيڻ جي باوجود
مون کان ڪڏهن به فيس جو هڪ رپيو ناهي ورتو.
منهنجو نه ته ان شعبي سان ڪو تعلق آهي. نه ئي مان
ڪا آفيسر آهيان نه ئي ڪنهن وڏي پوزيشن تي آهيان.
جو منهنجو خيال ڪرڻ سان انهن کي ڪو فائدو ملي. پر
منهنجو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ سنڌي زبان جو ليکڪا
هئڻ جيڪڏهن ايتري عزت ۽ مان جو سبب ٿئي ته ڇا مون
کي ان تي فخر نه ٿيڻ گهرجي....
ڪجهه ڏينهن پهرين امان کي حيدرآباد جي مشهور
پلمونالاجسٽ ڊاڪٽر مبين ميمڻ کان چيڪ اپ ڪرائڻو
هو. مون کي جلدي اپائنٽمينٽ گهرجي پئي. ان جو
حوالو اهو هو ته ذڪيه جي سهيلي جو ڀيڻيوو هو...
ذڪيه کي ڪال ڪيم. پر ڳالهه نه ٿي سگهي.
مشڪل سان چيسٽ ڪيئر ڪلينڪ کان ان جي اپائنٽمينٽ
ملي. ڊيسڪ تي موجود ڊاڪٽرن امان جي بيماريءَ بابت
هسٽري ورتي ۽ فائيل تيار ڪري ڏنو.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪال آئي.
امان کان پڇڻ کان پهرين ڊاڪٽر مون کي ٻه ٽي ڀيرا
غور سان ڏٺو. نيٺ چيائين: ”مون کي لڳي ٿو ته مون
توهان کي پهرين ڪٿي ڏٺو آهي؟“
”مان امر سنڌو آهيان...“
ڊاڪٽر پوءِ سڃاتو ۽ تازو ٿيل اياز ميلي جو حوالو
به ڏنو... پوءِ امان جي بيماري ۽ علاج جي باري ۾
تفصيل سان ٻارن وانگر سمجهايو.
ڊاڪٽر مبين ميمڻ جي مهرباني جن وڃڻ وقت پنهنجو
ذاتي فون نمبر ڏيندي چيو ته ڪنهن به وقت ڪا تڪليف
ٿئي ته فون تي يا وڊيو ڪال تي مون کان پڇي سگهو
ٿا.
امان ڊاڪٽر مبين ميمڻ جي
care ۽
Treatment کان
ايترو ته متاثر ٿي جو دوا جي ڊوز وٺڻ کان پهرين ئي
اڌ ٺيڪ ٿي وئي.
واپسي وقت ڪائونٽر واري فيس جا پيسا واپس ڪيا ۽
منهنجي زور ڀرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر جهليو آهي ته
توهان کان فيس نه ورتي وڃي.
منهنجو نه ته ان شعبي سان ڪو تعلق آهي. نه ئي مان
ڪا آفيسر آهيان نه ئي ڪنهن وڏي پوزيشن تي آهيان.
جو منهنجو خيال ڪرڻ سان انهن کي ڪو فائدو ملي. پر
منهنجو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ سنڌي زبان جو ليکڪا
هئڻ جيڪڏهن ايتري عزت ۽ مان جو سبب ٿئي ته ڇا مون
کي ان تي فخر نه ٿيڻ گهرجي....
هيءَ اها سڃاڻپ آهي جنهن کي اون ڪرڻ تي مون ۾
هينئر به هڪ جهجهڪ ضرور موجود آهي. پر هاڻي عمر ۽
وقت گذرڻ سان گڏ هي احساس به پختو ٿي ويو آهي ته
هيءَ دراصل منهنجي نه، پر منهنجي ذميداري ۽
ايمانداريءَ سان تخليق ڪيل لفظن جي عزت آهي. جنهن
جي حرمت اڄ به منهنجي سنڌي سماج ۾ برقرار آهي.
نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جھان ۾
ٻري جن ٻاري، آئون
نه
جيئندي ان ري
شاهه |