(سوچ
ويچار)
هو هڪ سڀني ۾
سمايل آهي..
انسانذات جي تاريخ ۾، دنيا جي علم و ادب کي مختلف
قومن پنهنجي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏٺو ۽ پيش ڪيو
آهي. هڪ ڳالهه جيڪا دنيا جي عالمن جي فڪر ۾ هڪ
جهڙائي جو اهڃاڻ آهي، اهو آهي انسانذات جو ارتقائي
سفر! منهنجي خيال ۾ اهو علم ئي آهي. جيڪو زندگيءَ
جا سڀ سفر سڻاوا ۽ سڦل بڻائي ٿو. انڪري جن علم
حاصل ڪيو اهي عالم ۽ عالموئون (اسڪالرز)
بڻيا/بڻيون. پنهنجي جهول کي ڏات، ڏاهپ ۽ سونهن سان
ڀري، انسانن ۾ ورهائيندا رهن ٿا. اها سندن ڏنل
علمي دولت آهي جو سماج ۾ سهپ، رواداري، امن قائم
آهي. ان ڪري مطالعو ڪندو رهڻ، پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ کي
انسان پنهنجي زندگيءَ جو حصو بنائي. دنيا جهان جي
تخليقڪارن پنهنجي لفظن کي پني تي پوپٽن جيان ٽاڪي،
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، ڪن وري شاعريءَ جي
صورت ۾، احساسن ۽ جذبن جو جولان، روپ ۽ درد ڏيکارڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪي وري مضمون نويسيءَ سان جيون
گهارڻ جو هنر سيکارين ٿا ته ڪي وري سائنسي ٺوس
حقيقتن ۽ تحقيقن سان انساني زندگيءَ ۾ سک، سهولتون
۽ بيمارين کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا
آهن. ته ڪي وري انسان جي ذهني ڪيفيتن تي تحقيق
ڪري، انساني روين کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ نيون
تحقيقون ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو کين
ليکڪ، شاعر، دانشور، سائڪالاجسٽ، سائنسدان ۽ عالم
سڏيو وڃي ٿو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته عالمن ۽ شاعرن ۾ درويشن ۽ ولين
واريون وصفون هونديون آهن. اهو نبين ۽ پيغمبرن
پاران ٻڌايل ان ذات پاڪ جو پيغام ۽ ڪلام آهي جيڪو
مختلف دورن ۾، مختلف وقتن تي انسان جي رهنمائي ۽
رهبريءَ لاءِ موڪليو ويو آهي.
جيئن ڪبير لکي ٿو: نوڙت وارو ماڻهو سڀني کي ڏسندو
آهي، (هر ڪنهن جو پاڻي ڪڇي وٺي ٿو) کيس ڪوبه ناهي
ڏسندو.
نوڙت ڪيتري نه سٺي شيءِ آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي
ديوتا بنائي ڇڏي ٿي. ۽ هو اکين کان اوجهل هوندي به
سڀ ڪجهه ڏسندو آهي.
نوڙت، غريبي، بندگي هنن سڀني لاءِ دل وڏي هئڻ
گهرجي. وڏو ماڻهو اهوئي آهي جنهن جي دل ۾ خدائي
سونهن وڏي هوندي آهي. هڪ سڀني ۾ سمايل آهي، سڀ هن
جي ڇڪ ۾ آهن، مان ڪبير معرفت ۾ مگن ٿي ويو آهيان ۽
مون کي ٻيو ڪوبه نظر نٿو اچي.
اهڙي نموني پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائبي ته ڪيئن
روحاني رمزون ريشم جي تهن جيان انساني سوچ تي
کلنديون ۽ نروار ٿينديون وينديون. ۽ اکين تي چڙهيل
انڌ جون پٽيون لهندي محسوس ٿينديون. زندگي جا ڏک
ڏاکڙا، لحظي ۾ لهڻ لڳندا آهن ۽ انسان معجزانه طور
زندگيءَ جي مرحلن ۾ ڪاميابيون ماڻڻ لڳندو آهي.
سرتيون: جنوري-مارچ 2022ع جو شمارو پنهنجي پورن
رنگ برنگي گلڙن ڦلڙن سان سينگاريل اوهان جي هٿن ۾
آهي. پرچو ڪيئن آهي؟ اوهان پنهنجي راءِ کان ضرور
آگاهه ڪندا. اوهان پڙهندڙن/لکندڙن جي سهڪار ۽
تعاون جو نتيجو آهي جو رسالو گذريل 33 سالن کان
باقاعدي نڪرندو رهي ٿو. اميد ته آئينده به اهڙو
سهڪار جاري ۽ ساري رکندا. اوهان جي صلاحن، تنقيدن
۽ تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي!
گلبدن جاويد
غلام علي الانا
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
(ولادت: جولاءِ 1953ع)
ڊاڪٽر نور افروز
جي لکيل انهن سڀني مضمونن ۽ مقالن جي جيڪا علمي،
ادبي، تخليقي ۽ تنقيدي حيثيت آهي اُن جي باري ۾
وقت جا نقاد ئي پنهنجا رايا ڏيندا ڇاڪاڻ ته
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز، محترم شيخ اياز، ڊاڪٽر
تنوير عباسيءَ، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، جمال ابڙي ۽
ٻين اديبن جي لکيل افسانن ۽ مضمونن ۾ اُنهن جي فن
۽ فڪر جو جيڪو جائزو پيش ڪيو آهي، يا محترم حميد
سنڌي ۽ طارق اشرف جي سنڌي صحافت ۾ ڪيل خدمتن
کانسواءِ ساڌو واسواڻيءَ، محترمه شهيد بينظير ڀٽو
توڙي ڪن ٻين شخصيتن جي باري ۾ جن لفظن ۾ پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اُن جي باري ۾ وقت جا
نقاد ۽ سنڌ جي سر زمين جا سڄاڻ ماڻهو، ضرور پنهنجو
قلم کڻندا، پر منهنجي خيال ۾، پروفيسر ڊاڪٽر نور
افروز صاحبه جو هن مجموعي ۾ شامل ۽ سندس لکيل هڪ
تحقيقي ۽ تنقيدي مقالو، جنهن جو عنوان آهي: ”ادبي
تنقيد جا معيار ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل تنقيدي ادب“
به هڪ اهڙو اعليٰ معيار وارو تحقيقي ۽ تنقيدي
مقالو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي تحقيقي، تنقيدي ۽
تخليقي ادب جي تاريخ ۾ هن وقت تائين لکيل مضمونن ۽
مقالن ۾ هڪ بهترين مقالو چئي سگهجي ٿو. منهنجي
خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب ۾ دلچسپي رکندڙ
اديبن ۽ نقادن کي هي مضمون وري وري پڙهڻ گهرجي
ڇاڪاڻ ته هن جهڙو مقالو هن کان اڳ، سنڌي ٻوليءَ جي
ڪنهن به نقاد لکيو نه آهي. پنهنجي هن مضمون کي
ڊاڪٽر صاحبه هيٺين ضمني عنوانن ۾ ورهايو آهي:
(1) علم ادب تي مشتمل مواد ۽ اُن جي ذخيري جا ڌار
ڌار قسم.
(2) تنقيد جا معيار.
(3) ادبي تنقيد جا معيار.
(4) ادبي تنقيد جو زندگيءَ سان واسطو.
(5) تنقيد هڪ فن آهي.
(6) تنقيد جا قسم.
(7) تنقيدي ادب بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد.
(8) سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تنقيدي ادب جو معيار.
ڊاڪٽر نور افروز جي لکيل هن مضمون تي ڀرپور تبصرو
ڪرڻ سان هي مضمون تمام گهڻو ڊگهو ٿي ويندو، انهيءَ
ڪري مون ڊاڪٽر صاحبه جي بيان ڪيل ڪن نقطن جو
پنهنجي هن تبصري ۾ جائزو پيش ڪري، سندس خيالن تي
روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور ڊاڪٽر
صاحبه، پنهنجي هن مقالي جي پهرئين حصي، ”علم ادب
تي مشتمل مواد ۽ اُن جي ذخيري جا ڌار ڌار قسم“ ۾
لکي ٿي:
”ماهر نقادن، علم ادب جي مڪمل ذخيري کي ٽن حصن ۾
تقسيم ڪيو آهي. اُنهن مان پهريون حصو آهي: ”تخليقي
ادب وارو مواد“. هن حصي ۾، شاعريءَ ۽ نثر جي سڀني
صنفن وارو مواد اچي وڃي ٿو. شاعريءَ جي صنفن ۾ لوڪ
شاعريءَ جي سڀني صنفن، جهڙوڪ: دوهو، سورٺو، بيت،
وائي، ڪافي، هنر، ڏٺ ۽ ڏهس نامي کانسواءِ عروضي ۽
مغربي شاعريءَ جون صنفون جهڙوڪ: غزل، رباعي، مسدس،
مثنوي، نظم، گيت، هائڪو، آزاد نظم ۽ سانيٽ شامل
آهن.
نثر واري حصي ۾، نثر جون سڀ صنفون، جن ۾ لوڪ ادب
جي نثري صنفن کانسواءِ جديد قسم واريون نثري
صنفون، جهڙوڪ: ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، مضمون، ڪالم،
سفرنامه، خاڪا، سوانح عمريون ۽ آپ بيتيون وغيره
اچي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح ادبي مواد جو ٻيو حصو
آهي: ”تحقيقي ادب“. هن حصي ۾ تحقيقي مقالا ۽ مضمون
اچي وڃن ٿا.
مواد جو ٽيون حصو آهي: ”تنقيدي ادب“. هن حصي ۾
ادبي اصولن جي بيان ۽ علم ادب جي ڌار ڌار صنفن جي
ادبي ڇنڊ ڇاڻ، يعني اُنهن ۾ کري ۽ کوٽي جي پرک
ڪرڻ، اُن پرک جي جاچ ڪرڻ، ۽ اُن ۾ فرق بيان ڪرڻ
وغيره. هن حصي ۾، ادبي اُصولن موجب، ادب جي ڌار
ڌار صنفن ۽ ادب پارن جي خصوصيتن ۽ اوڻاين جي وچ ۾
تميز ڪرڻ. وارو پهلو به شامل هوندو آهي. ڪنهن به
ادب پاري جي خوبين ۽ اوڻاين جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي،
اُن فرق کي پرکڻ، اُن کي جاچڻ ۽ اُنهن جو قدر ۽
قيمت مقرر ڪرڻ. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته تنقيدي
ادب، ادب جو اُهو حصو آهي جنهن جي ذريعي ڪنهن به
ادبي تخليق يا ادب پاري جي پرک ڪري، اُن جي خوبين
۽ اوڻاين کي نروار ڪري، اُن ۾ جيڪي اوڻايون هجن
اُنهن لاءِ مشورا ڏجن، ۽ اُنهن ۾ جيڪي خوبيون هجن،
اُنهن کي نروار ڪجي. هن بيان مان اهو اهو واضح ٿيو
ته تنقيد جو فن، ادب جي خوبين ۽ اوڻاين جي پرک ڪرڻ
جو فن آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به ادب پاري يا
لطيف فن جي معيار، اُن جي وصف ۽ قدرو قيمت جي باري
۾ ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي آهي. هن قسم واري ادب کي
ئي تنقيدي ادب چئبو آهي. ادب جو هي حصو يعني
تنقيدي ادب، هر فن جو روح سمجهيو ويندو آهي.“
”تنقيد جا معيار“ واري عنوان هيٺ، ڊاڪٽر نور
افروز، ماهرن جي طرفان، تنقيد ۽ تنقيدي ادب جي
مقرر ڪيل معيارن جي باري ۾ لکي ٿي:
”تنقيد لفظ، اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي لفظ ’ڪرٽيڪوس‘
(Criticos)
يا
Criticism
مان نڪتل آهي جنهن جي اصل معنيٰ آهي ”فيصلو ڪرڻ“
يا ”عدل ۽ انصاف ڪرڻ“، پر اُن لفظ جي لغوي معنيٰ
آهي ’پرکڻ‘، ’جاچڻ‘، ’کري کوٽي ۾ فرق معلوم ڪرڻ،‘
يا ’اُن جون خوبيون ۽ خاميون بيان ڪرڻ.‘
عام زبان ۾، تنقيد جو مطلب ’نڪته چيني ڪرڻ‘ ۽ ’عيب
ڪڍڻ‘ کي سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ادبي اصطلاح
۾ تنقيد جي معنيٰ آهي: ’ادب جي خوبين ۽ خامين جو
اندازو لڳائڻ‘ ۽ ’اُن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ.‘ لهاذا
علم ادب جي ڪنهن به موضوع تي راءِ ڏيڻ کي ”ادبي
تنقيد“س چئبو آهي. ادبي تنقيد جي ذريعي، ڪنهن به
تخليق جي پڙهڻ کان پوءِ، اُن تي سوچي، ويچاري ۽
اُن جي خوبين سان گڏ، اُن جي خامين کي بيان ڪري،
اُن جو معيار مقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ راءِ کي
ادبي تنقيد چئبو آهي.“
پنهنجي ساڳئي مضمون ۾، ”ادبي تنقيد جا معيار“ واري
عنوان هيٺ، واري حصي ۾ ڊاڪٽر نور افروز لکي ٿي:
”جيڪڏهن ڪنهن ادب پاري تي تنقيد نه ڪئي وڃي ها ته
جيڪر ڪيترائي ادبي جواهر، گمناميءَ ۾ غرق ٿي وڃن
ها. اها تنقيد ئي آهي جيڪا ادب جي جدا جدا تصنيفن
سان، ليکڪن جي صحيح واقفيت ڪرائي ٿي. اهڙن پهلوئن
کي نقاد پهرين پاڻ سمجهي، پوءِ ٻين کي اُنهن جي
باري ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هر نقاد،
ادب جي هر صنف جو گهرو اڀياس ڪندو آهي. انهيءَ ڪري
ئي هو، ادب جي باريڪين، علامتن ۽ ٽيڪنيڪ جي
پيچيدگين ۽ نون تجربن کي سمجهي سگهي ٿو. ڊاڪٽر
جڳديش لڇاڻي، هن سلسلي ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي
ٿو: ”ادب جي ترقيءَ جو دارومدار، تنقيد تي ئي آهي.
اُن جي عدم موجودگيءَ ۾ يا ته ادب جي ترقي رڪجي
ويندي، يا ادب غلط راهه تي وڌندو رهندو،“
ڊاڪٽر نور افروز اڳتي لکي ٿي:
”اڪثر مفڪرن جو خيال آهي ته تنقيدي شعور کانسواءِ
اعليٰ تخليق جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي، تنهنڪري
هر هڪ تخليق ۾، تنقيدي شعور ڪم ڪندو نظر اچي ٿو.
انهيءَ ڪري تنقيد ۽ تخليق ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽
ملزوم آهن. تخليق پهرين وجود ۾ آئي ۽ تنقيد پوءِ،
جيئن علم ادب ۾، شعري صنفن ۾ پهرين طبع آزمائي ڪئي
وئي، يا نثر ۾ ناول پهرين لکيو ويو ۽ ناٽڪ پوءِ
آيو، پر اُنهن جي فني سٽاءَ پوءِ مقرر ڪئي وئي.
هاڻ تنقيد ترقي ڪري، هڪڙي فن جي حيثيت حاصل ڪئي
آهي.“
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز، پنهنجي ساڳئي مضمون جي
هن حصي جي پڄاڻي ڪندي اڳتي لکي ٿي:
”مطلب ته جيئن تخليقي ادب، انساني زندگيءَ جي
ترجماني ڪندو آهي، تيئن تنقيدي ادب، تخليقي ادب جي
ترجماني ڪندو آهي جنهن سان تخليق جي اهميت ۽
افاديت اُجاگر ٿئي ٿي. تنقيدي عمل وسيلي ئي
زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن آهي، ۽ فن جي هر هڪ صورت
جي ترقيءَ جو دارومدار به تنقيدي عمل تي آهي.
حقيقت ۾ تنقيد هر انسان جي طبيعت جي تقاضا آهي ڇو
ته جيڪڏهن اُن جو جائزو وٺنداسين ته تنقيد نه صرف
ادب لاءِ ضروري آهي، پر اها اسان جي روزمرهه
واريءَ زندگيءَ جو به هڪ اهم جزو آهي. جيئن اسين
روزمرهه جي زندگيءَ ۾ هر شيءِ کي ڏسي وائسي، جاچي
جوچي، پرکي ۽ پوءِ اُ جي قيمت ڪٿيندا آهيون،
اهڙيءَ ريت هڪ عالم، پنهنجيءَ تخليق کي، پنهنجي
وسيع علم ۽ ڄاڻ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، اُن جو جائزو
وٺي، بري ۽ ڀلي جو فرق ڏيکاري، اُن جو ادبي معيار
مقرر ڪندو آهي. اُن ادبي معيار کي ئي ادبي تنقيد
چئبو آهي.“
ڊاڪٽر صاحبه، پنهنجي هن ساڳئي مقالي ۾، ”ادبي
تنقيد جو زندگيءَ سان لاڳاپو“ واري عنوان هيٺ،
پنهنجو تجزيو جاري رکندي لکي ٿي ته:
”ڪنهن به ادبي شاهڪار يا عظيم هستيءَ جي فڪري پس
منظر، اُن جي دور ۽ فڪري تحريڪات کي واضح ڪرڻ به
ادبي تنقيد جو ئي ڪم آهي. جيئن علم ادب، تنقيد جو
ئي هڪ موضوع آهي، ۽ زندگي ۽ اُن جي وسعت، ادب جو
موضوع آهي، اهڙيءَ ريت تنقيد جو لاڳاپو به سنئون
سڌو زندگيءَ سان آهي. انساني حياتيءَ سان لاڳو
جيترا فڪر ۽ نظريا ٿي سگهن ٿا، تنقيد اُنهن کي
سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ادب ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو، ادب
جي ماهيت ۽ ادب ۾ جماليات جو احساس وغيره اهڙا
موضوع آهن جيڪي تنقيد جا معيار مقرر ڪري سگهن ٿا.
جيئن چيو وڃي ٿو ته: ”ادب کي حياتيءَ جي تنقيد“
چئبو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته تخليقي ادب،
زندگيءَ کي نئين طرح سان سينگارڻ جي هڪ ڪوشش آهي.
ساڳيءَ طرح تنقيد، ادب ۽ فن کي نئين طرح سينگارڻ
جو نالو آهي.“
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز اڳتي لکي ٿي:
”هڪ اديب کي پنهنجي لکيل ادب پاره ۾ صرف خوبيون ئي
نظر اينديون آهن، پر کيس اُن ۾ ڪي به خاميون نظر
نه اينديون آهن. سندس اُن ادب پاره ۾، اُنهن
(خوبين ۽ خامين) کي ڪو نقاد ئي ڇنڊي ڇاڻي ۽ ڳولي
ڦولي ظاهر ڪندو آهي، ۽ اُن (اديب) جي لکڻين جي
اهميت کي نمايان ڪندو آهي. انهيءَ ڪري چيو ويندو
آهي ته، ”هڪ تنقيد نگار جو رتبو، هڪ اديب کان گهڻو
مٿي هوندو آهي بشرطيڪ هو ايمانداريءَ سان تنقيد
ڪري“.
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز، پنهنجي ساڳئي بيان کي
اڳتي وڌائيندي لکي ٿي:
”هڪ سٺي نقاد کي هڪ سچي پارکوءَ واري نظر هئڻ
گهرجي. نقاد لاءِ ادب جي روايت ۽ زندگيءَ جي
گهراين جي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي. کيس ملڪ ۽ دنيا جي
ادب جي واقفيت هجڻ سان گڏوگڏ اهو ڄاڻڻ به ضروري
آهي ته ليکڪ جي اُن تخليق جو مقصد ڪهڙو آهي، ۽ هو
اُن مقصد کي ڪيئن ٿو بيان ڪري؛ سندس اظهار جو
طريقو ڪهڙو آهي ڇاڪاڻ ته ادبي تنقيد لاءِ به ڪي
معيار مقرر ٿيل آهن جن جو اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.“
معياري تنقيد جو ذڪر ڪندي، پروفيسر ڊاڪٽر نور
افروز لکي ٿي:
”اسان وٽ ڪيترائي اهڙا اديب آهن جيڪي تنقيد کي
پسند نه ڪندا آهن. تنقيد بابت سندن خيال مختلف
هوندا آهن. مثال طور: ڊرائيڊن خود به هڪ نقاد هو،
پر هو چوي ٿو ته: ”نقادن ۾ نفرت جو جذبو گهڻو
هوندو آهي تنهنڪري هو چڱاين کان چشم پوشي ڪندا
آهن.“ يا وري ايمرسن، نقاد اُن کي سڏي ٿو جيڪو
پنهنجيءَ زندگيءَ ۾، ادب جي ميدان ۾ ناڪامي حاصل
ٿيڻ کان پوءِ ئي نقاد بڻجي ٿو.
سندس (ايمرسن) راءِ مطابق ”نقاد اُهو شخص هوندو
آهي جنهن کي شعر گوئيءَ ۾ ناڪاميابي حاصل ٿئي ٿي.
پنهنجيءَ اُن ناڪاميابيءَ تي ڪاوڙجي هو تنقيد
نگاريءَ جو پيشو اختيار ڪري ٿو.“ يا اهو به چيو
وڃي ٿو ته: ”جيڪو ماڻهو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي،
اُهو نقاد بڻجيو وڃي. اهڙا اديب ۽ نقاد، صرف ٻين
جي تخليقن مان خاميون ۽ عيب ڪڍندا رهندا آهن“.
ڪي ليکڪ وري تنقيد جي فن کي تنقيص يعني گهٽتائي
سمجهندا آهن، جنهن سان اُنهن جي تنگدليءَ ۽ تنگ
نظريءَ جي جهلڪ نظر ايندي آهي.“
پروفيسر صاحبه، هڪ صحيح ۽ معياري ادبي تنقيد جي
باري ۾ پنهنجيءَ راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:
”ادبي تنقيد محض شخصي راءِ ظاهر ڪرڻ کان گهڻي مٿي
آهي جنهن لاءِ نقاد جو علم ۽ اُن جي نظر جي وسعت،
اُن علم جي باري ۾ سندس وسيع ڄاڻ، ۽ اُن لاءِ کيس
حقيقت شناس هئڻ گهرجي. سندس سوچ، مذاق ۽ سندس نظر
مثبت يعني
Positive
هئڻ گهرجي. سندس بيان ۾ نرمي ۽ سهڻائي هئڻ گهرجي.
سندس راءِ وزنائتي ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ٿيل هجي.
هن لاءِ لازمي آهي ته هو هڪ مصنف وانگر صحيح فيصلو
ڪري، جنهن سان ڪنهن کي به ڪا ناراضگي نه ٿئي، ۽
اُهو (اديب يا شاعر) دل برداشتا به نه ٿئي. نقاد
کي اهڙو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي جو جيئن سنڌيءَ ۾
چوندا آهن: ”نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.“
نقاد جو ڪم اهو به آهي ته هو ڪنهن به اديب جي
لکڻين مان، اُن جي خوبين ۽ عظمت جي به ڳولا ڪري،
اُن جي لڪل جواهرن کي ظاهر ڪري ۽ پنهنجن خيالن کي
به نمايان ڪري ڇاڪاڻ ته تنقيد جو ڪم ئي آهي ادبيات
جي ادب پارن جي عظمت جو صحيح اندازو لڳائڻ، ۽ اهو
نقاد ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته ڪنهن ادب پاري ۾ ڪهڙي
شيء معياري آهي ۽ ڪهڙي شيءَ غير معياري آهي.
جيڪڏهن نقاد ذهين هوندو ته هوخود غرضيءَ، تعصب ۽
جانبدارانه رويي کان بچي، پنهنجي ذهانت ۽ دانائيءَ
سان، انهيءَ تخليق جي خوبين کي آسمان جي بلندين
تائين پهچائي سگهي ٿو.“
پنهنجي ساڳئي مضمون ۾ اڳتي تنقيد جا قسم بيان
ڪندي، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز لکي ٿي:
”مون هن مقالي جي پئرا نمبر 6 (الف) هيٺ عرض ڪيو
آهي ته: عام طور تنقيد جا، ”تعريفي“ ۽ ”مذمومي“
قسم بيان ڪيا ويندا آهن. اهي ٻئي قسم، ذاتي تنقيد
واري حصي ۾ اچي وڃن ٿا، پر ڪن نقادن وري تنقيد جا
هيٺيان قسم به ڄاڻايا آهن:
نظرياتي تنقيد، اخلاقي تنقيد، مذهبي تنقيد،
نفسياتي تنقيد، جمالياتي تنقيد، سماجياتي تنقيد،
افادياتي تنقيد، عملي تنقيد، ذاتي ۽ شخصي تنقيد ۽
نئين تنقيد. ته ڪن نقادن وري تاثراتي تنقيد کي به
تنقيد، جي هڪ قسم طور ڄاڻايو آهي جنهن ۾ نقاد تي
ڪنهن به تخليق جي پڙهڻ کان پوءِ جيڪو اثر ٿئي ٿو
اُهو اثر اُن کي بيان ڪرڻو هوندو آهي.
اهڙيءَ طرح ڪن ماهرن وري تنقيد جا هيٺيان قسم
ڄاڻايا آهن:
اُصولي تنقيد، جنهن ۾ ادبي تنقيد ڪرڻ وقت، تنقيد
جي اُصولن جو خيالن رکيو وڃي ٿو، يا بياني تنقيد،
جنهن ۾ هڪ مصنف وانگر، ليکڪ جي خوبين ۽ خامين کي
نمايان ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ مصنف جي ساراهه ۽
گلا به شامل هوندي آهي؛ يا مشابهاتي تنقيد، جنهن ۾
هڪ ئي موضوع تي ٻن تصنيفن جي فن ۽ ٽيڪنڪ ۾ فرق
معلوم ڪرڻ؛ يا تاريخي تنقيد، جنهن ۾ نقاد، اُن دور
جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي حالتن جو جائزو
پيش ڪندو آهي.
اهڙيءَ طرح نفسياتي تنقيد، جنهن ۾ نقاد، ليکڪ جي
خواهشن ۽ تمنائن جو جائزو پيش ڪندو آهي، ۽ اُن کان
پوءِ پروگريسو يا نئين تنقيد ۽ مارڪسي تنقيد، پر
منهنجي خيال ۾ اهي سڀ عنوان، تنقيدي ادب جا ئي
موضوع آهن.“
پنهنجي هن مقالي جي صفحي 8 تي، پروفيسر ڊاڪٽر نور
افروز، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل تنقيدي ادب جو معيار“
جي عنوان سان جائزو پڻ پيش ڪيو آهي. اُن جائزي ۾
هوءَ لکي ٿي:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ صحيح ۽ غيرجانبدارانه تنقيدي ادب
جي هميشه کوٽ رهي آهي، جيتوڻيڪ تنقيد جي فن ۽ اُن
جي اُصولن جي باري ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب
لکيا ويا آهن، پر اُنهن ۾ بيان ڪيل تنقيدي اصولن
تي خير ڪو عمل ڪيو ويو آهي. ڪٿي ادبي تخليقن مان
صرف عيب ڪڍيا ويا آهن ته ڪٿي وري ليکڪ جي صرف
خوشامد ۽ اُن جي قصيده گوئي ئي ڪئي ويندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل اهڙا ڪيترائي ڪتاب يا تنقيدي
مضمون ملن ٿا جن تي نقاد يا ته پنهنجيءَ دوستيءَ
ياريءَ، يا مٽي مائٽيءَ جي نباهڻ خاطر، ليکڪ جي
خوشامد ڪري، اُن جي لکيل تخليقن تي ادبي ۽ تنقيدي
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بدران، اُن جي تعريف ئي ڪئي آهي.“
هن سلسلي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور نقاد، محترم
طارق اشرف جي ڪيل تنقيد جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر نور
افروز لکي ٿي:
”اسان وٽ تنقيد لاءِ معيار جو هئڻ، ۽ اُصولن تي
پابند رهڻ ضروري نه رهيو آهي. اسان وٽ تنقيد لاءِ
دراصل ماپا ٺهيل آهن؛ جنهن شيءِ تي تنقيد ڪبي آهي
اُنهيءَ کي اُنهن ماپن سان توربو آهي. جيڪڏهن دوست
آهي ته سندس لکڻي، گهڻو وزن ڪندي، پر جيڪڏهن لکندڙ
مخالف ڌُر جو آهي ته وزن گهٽ ٿيندو، يا ماڳهين تور
جي لائق ئي نه سمجهو.“
پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز، پنهنجي هن مقالي جي حصي
اٺين جي پئرا ”ج“ هيٺ لکي ٿي:
”رجعت پسند تحريڪ وارن اديبن ۽ شاعرن، شيخ اياز جي
ڪن ڪتابن تي سخت الزام هنيا، ۽ پنهنجن اُنهن
الزامن ۾ چيائون ته شيخ اياز جا لکيل اهي ڪتاب،
اسلام جي خلاف لکيل آهن، انهن ڪتابن ۾ پاڪستان
دشمنيءَ جو مواد شامل آهي، ۽ اُن کانسواءِ اِنهن
ڪتابن ۾ فحاشي ۽ عريانيءَ وارو مواد به شامل آهي.
انهن اديبن ۽ نقادن، شيخ اياز کي ملحد، دهريو،
ڪافر ۽ شان خداونديءَ ۾ گستاخي ڪندڙ جهڙا الزام
هنيا، جنهن ڪري سال 1965ع ۾، انهن ڪتابن تي حڪومت
طرفان بندش وڌي وئي.“
پروفيسر صاحبه، پنهنجي ساڳئي مضمون ۾، پئرا ’ح‘
هيٺ اڳتي لکي ٿي:
”اُن کان پوءِ سنڌ جي هڪ وڏي قوم پرست محقق ۽
نقاد، مولانا غلام محمد گراميءَ، ٽماهي رسالي،
مهراڻ ۾، ترقي پسند ادب جي حوالي سان هڪ طويل
مضمون لکيو. سندس اُن مضمون جو عنوان هو: ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحان“. پنهنجي هن مقالي ۾،
گرامي صاحب، شيخ اياز تي لڳايل الزامن جا جواب پيش
ڪيا. اُن کان پوءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ ۽
قربان علي بگٽيءَ، گرامي صاحب جي لکيل مذڪوره
مقالي تي سخت تنقيد ڪئي.“
گرامي صاحب جي مذڪوره مقالي جو، پروفيسر ڊاڪٽر
غلام علي الانا جي طرفان ورتل جائزي جو حوالو
ڏيندي، پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز لکي ٿي:
”گرامي صاحب جو هي مقالو ۽ اُن جو هرهڪ لفظ، وري
وري پڙهڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري اُنهن اديبن،
شاعرن ۽ صاحب علم دوستن کي جيڪي شاعريءَ جي هر
پهلوءَ ۽ هر شاعر جي ڏنل پيغام، اُن جي تخيل ۽
فلسفي کي سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا؛ جيڪي هڪ طرف
واري فيصلي ڪرڻ جا قائل نه آهن، جن ۾ مطالعي ڪرڻ ۽
هر لفظ کي هنئين سان هنڊائڻ جي همت آهي، ڇاڪاڻ ته
گرامي صاحب، پنهنجي هن مقالي ۾، مذهب، شاعريءَ،
شاعرانه سوچ، شاعريءَ جي فن ۽ ادبي رجحانن جو گهرو
تجزيو ڪيو آهي.“
هوڏانهن محترم رشيد ڀٽيءَ، رجعت پسند انهن اديبن ۽
نقادن تي، شيخ اياز تي الزامن هڻڻ جي ڪري، ڪاوڙ ۾
اچي، اُنهن اديبن ۽ نقادن تي چريا، کريا، خالي
کوپرين وارا، نام نهاد اديب، کوهه جا ڏيڏر، گهاڻي
جا ڏاند، اڻڄاڻ ۽ جاهل جهڙا الزام لڳايا؛ ته وري
ابن حيات پنهور، جنهن محترم رسول بخش پليجي جي
ڪتاب، ”انڌا اونڌا ويڄ“ جو مهاڳ لکيو هو. پنهنجي
لکيل اُن مهاڳ ۾ هن (ابن حيات پهنور)، پليجي صاحب
جي هن ڪتاب کي ”ادب ۽ سنڌي ادبي تنقيد جي تاريخ جو
هڪ اهم، بنيادي ۽ بهترين ڪتاب“ سڏيو آهي. پنهنجي
لکيل هن مهاڳ ۾، پنهور صاحب، ترقي پسند نقطه نظر
کان، تنقيد جي اصولن کي بنياد بڻائي، رجعت پسند
اديبن جي ڪيل تنقيد تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. رسول بخش
پليجي صاحب جو اهو ڪتاب، ڪيتروئي عرصو، تنقيد لاءِ
”هڪ رهنما وارو ڪردار“ ادا ڪندو رهيو.
منهنجي نظر ۾ ڊاڪٽر نور افروز جو لکيل هي مقالو،
سندس لکيل سڀني مقالن جي مقابلي ۾ اعليٰ مقام ۽
منزل وارو آهي. هن مقالي جي مطالعي کان پوءِ هر
آزاد طبيعت رکندڙ اديب ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر نور
افروز کي سنڌي ادب جي وڏن ۽ بهترين نقادن ۽ محققن
۾ شامل ڪرڻ واريءَ راءِ سان مون سان اتفاق ڪندو. |