ضراب حيدر
”يارم پيارم“ ڪتاب تي تبصرو
ڏات ۽ ڏانءَ جي وستيءَ جي هڪڙي سرمست ھستي، زبيده
ميتلو به آهي،
جيڪا پنھنجي ريشمي احساسن سان پشم جھڙيون ڪھاڻيون
اُڻيندي رهي آهي. سندس لکڻين ۾ جتي ڪپاھه آھي،
اُتي آڳ به آھي. زبيده ستر واري ڏهاڪي کان لکڻ جي
شروعات ڪئي، اَسي واري ڏهاڪي ۾ سندس لکڻيون ڪيترن
مخزنن جون زينت بڻيون. هُن نظم لکيا، غزلن سان ڇال
ڏنا، مضمون جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو ۽ هڪڙو خوبصورت
ناول لکندي لکندي اڌورو ڇڏي ڏنو.
زبيده جي ڪھاڻين جي ڇا ڳالهه ڪجي، جِن ۾ عجب
حُسناڪيون آهن.
”ايگو
شيگو“
کان پري هُن جيڪي جهاتيون سماج جي منَ ۾ پاتيون
آهن، ڪھاڻين جا جيڪي پيچرا جهليا اٿائين، سي مُھين
جي دڙي کان به اڳتي
”ڍڳو
پير پيران“
ڪندا هلن ٿا. سندس نظر ۽ نِھار، پورب پار کان سنڌ
جي هِن پار
”پرِيَم
تنھنجا پار“
جيئن، ويھي پَسيا ۽ چِٽيا آهن، سي دوست وراڪو دل
سين اپار ئي آهن.
”هُو
سپنو هُيو“
جي ساڀيان جا خواب
وسائيندڙ
سيبتي ڪھاڻيڪارا
”آغوش
۾ اُجالا“
سان جنهن سڱاوتي سوڙهه جا سوال اُٿاريا ۽ جواب پيش
ڪيا آهن، سي پنھنجي پيش منظر ۽ پَسمنظر سان
ڪھاڻيءَ جي فريم کي ڏاڍو حَسين ۽
رنگين بڻائين ٿا.
”ڇُھاءُ“
جيان محسوسات جو تاءُ اهڙي ته شدت سان ڀڙڪائين ٿا،
جو پڙهندي پڙهندي احساس جي تند ڪڏهن مُرڪيو ته
ڪڏهن سُڏڪيو پوي. سندس ڪھاڻي ڪتاب کولجي ٿو ته
’ليٽ
اِٽ گو‘
تي دل ئي نه ٿي چوي پر
’فطرت
ساهُه ۽ ڪڙو‘
جيان
لفظن ۽ جملن جو ڪڙي منجهه ڪڙو،
صفحي سان صفحو ورجندو ۽ پڙهجندو وڃي.
مان جڏهن سندس ڪھاڻيون پڙهان ٿو ته منهنجي دل مان
بي ساخته نڪريو وڃي
’تنهنجي
ڪھاڻين جو مُلهه هزار‘.
ڪيترين ڪھاڻين، ناولن ۽ ناوليٽن کي پنهنجي هنج ۾
سانڍيندڙ سندس لکڻيون، سنڌي ڪھاڻيءَ جو نئون عروج،
ڪمال ۽ ڪھاڻي ڪٿا جو انوکو اِتھاس آهن. جِن ۾
ماضيءَ جا مزار ۽ مستقبل جا شاهڪار نظر اچن ٿا ۽
حال کان بي حال ٿيندي
’يارم
پيارم‘
جِھڙي پيار ۽ الميي جو نقشو چِٽي انساني ڪردار جا
مثال پيش ڪن ٿا. انساني ڪردار جنهن ۾ ڪيئي ڪردار
پِنھان هونداآهن جِن جي تشريح ڪو ڪھاڻيڪار ئي ڪري
سگهي ٿو،
ڪا زبيده ميتلو ئي ڪري سگهي.
هُن اُنهن سڀني ڪردارن جي تشريح پنھنجي ڪھاڻين ۾
جيئن ڪئي آهي، تيئن
ئي هوءَ ڪھاڻين کيتر ۾ پنھنجي الڳ ۽ منفرد ڪُنڊ
وسائي بيھي رهي آهي، جيڪا ڳالهه سنڌي ادب ۽
ڪھاڻيءَ لاءِ خوش آئند آهي.
ڇھه سئو صفحن تي مبني سندس ڪھاڻي ڪتاب، ڪاڇو
پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ڪتاب جو مھاڳ
’زبيده
ميتلو جو پُنر جنم‘
جي عنوان سان سانئڻ نورالهدى شاهه لِکيو آهي، جڏهن
ته مختصر بئڪ ٽائيٽل منهنجو لکيل آهي. مان پڪ سان
چوان ٿو هيءُ ڪھاڻي ڪتاب
ڪھاڻيءَ جي عاشقن ۽ سنجيده
پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙيندو.
هونئن
ته سنڌي شاعري جي آڪاس تي ڪيترا ئي ستارا
ٽم ٽم
ڪن ٿا،
پر رخسانه پريت پنهنجي ڊڪشن، اسلوب، موضوعن، فني
صلاحيتن ۽ سڀني کان وڌيڪ مستقل مزاجي سان پنهنجو
هڪ ڌار مقام جوڙيو آهي.
ڊاڪٽر رخسانه پريت جي شاعري جو ٽيون ڪتاب
”تون
جو پاڇو چنڊ جو“
پڙھندي،
سندس دلڪش نظمن سوچن کي پنهنجي سگهاري حصار ۾ وٺي
ڇڏيو. نظم
”محبت
اوتبي آھي“،
پنهنجي عنوان جيان دل کي ڇهندڙ رومانوي
نظم آهي.
ڄڀن ۾ راز رهندا هن.
جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي
ڪري تنبيهه نيڻن کي
ڇنڀي ڇپرن کي ڪيرائي
مرڪ سا روڪبي آھي
محبت اوتبي آھي.
نظم ”عشق
ديوانگي جي حد آھي“
جون سٽون ڏسو:
ڊاڪٽري ۽ سرڪاري ملازمت سان
گڏ شاعري کيتر ۾ ھن مقام ۽ مرتبي پهچڻ لاءِ رخسانه
پريت نه رڳو چئن ڏهاڪن تائين پکڙيل ڏات جي سفر ۾
درجيوار فڪري اوسر ڪئي،
پر سگهاري نظرياتي مؤقف تي رهي پاڻ مڃايو آھ.
هو ساري شاعري ته ويو سمجهي مگر ڪٿي
سمجهيو، جو مون انهي ۾ ھو سڏڪو رکي ڇڏيو.
فني اوسر جي حوالي سان ڊاڪٽر رخسانه جا هي شعر ڏسو
جنهن ۾ تڪرار لفظي ۽ معنوي جي سونهن موجود آهي.
هلڪو ڪرڻ لئه هانو کي حلقا به کوڙ ھئا
پختو جهليو قلم هيو، جذبا به کوڙ ھئا
ڏئي لت ماڻهپي تي پئي ماڻھو لنگهي ويو
پئي ٿيون عبادتون ۽ سجدا به کوڙ ھئا.
هي سٽون پڙھي لڳي ٿو ڄڻ ته پريت پنجاب جي شھر
پتوڪي جي شادي هال ۾ پاپڙ وڪرو ڪندڙ پورهيت جي
چوري الزام هيٺ تشدد ۾ فوت ٿيڻ بعد لاش تي ڪپڙو
وجهي ڄاڃين جي ماني کائڻ واري واقعي بعد لکيو آھي.
هڪ سچي ۽ سڄاڻ تخليقڪار جي اها ئي خوبي کيس ممتاز
بڻائيندي آهي ته سندس تخليق ڪنهن مخصوص وقت جي قيد
۾ نه هوندي آهي.
ڏات ڌڻيءَ جو ديس ته ڪهڙو به هجي،
پر سندس تعلق جنهن علائقي سان هوندو. اتان جي
مسئلن، ٻولي، لهجي ۽ رسمن جو اثر نظر ايندو ۽ اهو
فطري عمل به آهي. هڪ عالمگير تخليقڪار جو ديس ته
سڄي دنيا آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ
انياءَ تي سندس دل ۽ ذهن ۾ مانڌاڻ مچندو. تنهن
هوندي به هو انهن مسئلن کان ڪٽجي نٿو سگهي جيڪي
سندس آسپاس ڪر کڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان جا اثر
Multiple ٿين ٿا.
ڊاڪٽر رخسانه جي شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان
Attachment جو اثر
لکڻين جو روپ وٺي نڪري ٿو. مان سمجهان ٿو ته سڄاڻ
شاعره طور رخسانه پريت عورتن جي مسئلن کي انساني
اک يا مخصوص چشمي سان نه،
پر ميگنيفائنگ گلاس سان ڏسي ٿي ۽ اهو ئي سبب آھي
جو سندس احساس رڳو پيڙا تائين محدود نٿو رهي،پر
هوءَ جبر ۽ ناانصافي خلاف ڪروڌ جو اظهار به للڪار
سان ڪري ٿي.
سڀ ڏانوڻيون ڇنان مان آزاد ٿي گذاريان
سرمست ٿي، اداس ٿي، خوش ٿي کلي گذاريان.
ڇو منهنجي هر عمل لئه ايڏي پڇا ۽ ڳاڇا
ڇا پنهنجي زندگي ڀي توکان پڇي گذاريان.
هوءَ عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين خلاف رڳو سڏڪا
نه ٿي ڀري،پر
هيسيل ۽ حراسيل ناريءَ جي ڀرجهلو ٿي کين پنهنجي
حقن لاءِ اٿي بيهڻ سان گڏ پراميد رهڻ جو دڳ به
ڏيکاري ٿي.
سوچيندي
ته سگهاري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي.“
يا وري پنهنجي عورتاڻي وجود جي اهميت مڃرائڻ لاءِ
چوي ٿي ته:
ڇو جبين پنهنجي جهڪايان، مان به آهيان.
رخسانه جي شاعري ۾ عورت کي فرشتو بڻائي نه،پر
انسان بڻائي پيش ڪيو ويو آهي.
نيٺ جوڀن آ. ڪئي چڪون ٿيون هونديون
نينهن نياري جي ساک ڪيئن کڻجي.
رخسانه پريت هڪ اهڙي فيمينسٽ آھي جيڪا جنس جي
بنياد تي مرد کان نفرت نٿي ڪري.پر
ان جي سماجي ۽ جذباتي اهميت جو وڏي واڪ اظهار به
ڪري ٿي
مند مٽي آ ساجن مون تي وار نه ڪر.
ايئن ڌار نه ڪر
شيشي جهڙا جذبا منهنجا ڏار نه ڪر.
ايئن ڌار نه ڪر.
جهڙي ريت شيخ اياز وهي گذرڻ جي ميار ڏيندي چيو هو
ته:
”وار
چاندي ڪيئه عمر ايڏي ٺڳي“
رخسانه پريت به ڪجهه اهڙن احساسن جو اظھار ڪرڻ کان
نٿي ڪيٻائي.
ھڪ هنڌ تي انساني جذبن جي اظهار ۽ محسوسات کي هن
خوبصورتي سان بيان ٿي ڪري ته:
يادگيرين جيترا پاسا مٽيا ها
مون رليءَ تي ايترا پاسا مٽيا ها
ڪو به سچو تخليقڪار خوابن کانسواءِ اڻپورو آهي. ان
کي ئي خبر آهي ته خوابن جي ٽٽڻ جي اذيت ڇا ٿيندي
آهي. پريت
چوي ٿي ته:
وار ايڏا هو اوچتا نه ڪري
خواب منهنجا ڳڀا ڳڀا نه ڪري
منهنجو جياپو انهن آ نيڻن ۾
نيڻ مون لئه سي اوپرا نه ڪري.
اياز چيو هو ته:
”ٻه
لڙڪ آلا تڏهن به هوندا.
متان چوين آجيان نه ٿيندي.“
پريت چوي ٿي ته:
دل ڇيد ڇيد ڏسندين، دامن ۾ چاڪ ڏسندين.
پوءِ ڀي کليل تون دل جا، آجيان لئه تاڪ ڏسندين
رخسانه پريت جي ڪتاب ۾ شاندار نظمن ۽ دلفريب غزلن
سان گڏ دل ۾ لهي ويندڙ وايون به شامل آهن جن جي
سندرتا تي ڌار مضمون لکي سگهجي ٿو.
پر هن ليک جي پڄاڻي تي رڳو هڪ نمونو پيش ڪريان ٿو.
رات آ سامان سهيڙيو
پرهه ڏس پئي ٿي سنبرجي
هاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي
پيار جي جيڏي به ورکا
روح پر ڪاٿي ٿو ڀرجي
هاڻ تون مون کي وڃڻ ڏي.
غزل
نگاھن جا سجدا
زندگيء
۾ آ
ڪمي رھجي وئي
ھر خوشيء ۾ آ ڪمي رھجي وئي
عڪس اندر جو نه آ چٽجي سگھيو
آرسيءَ
۾ آ
ڪمي رھجي
وئي.
بي وفا ناھي،
ڪٿي سوچڻ ته ڏي
دوستيءَ ۾ آ ڪمي رھجي وئي
اڄ نه اڏري ٿي چڪوري چنڊ ڏي
چاندنيءَ ۾ آ ڪمي رھجي وئي
ھِن عقيدن جا کلي پيا راز
، يا
بندگيءَ ۾ آ ڪمي رھجي وئي
دل کي دل سان راھ آ ،شايد ڪري
عاشقيءَ ۾ آ ڪمي رھجي وئي.
وڄ وانگر ورندڙ وينگسون:
اعجاز منگي
”اي
وطن! جيڪڏهن تنهنجي حفاظت لاءِ
تنهنجا پٽ اڳيان نه آيا
تنهنجيون ڌيئون ميدان ملهائينديون!“
ان پشتو ٽپي مٿان عمل ڪري رهيون آهن، سنڌ جون اهي
نياڻيون، جيڪي پنهنجي نازڪيءَ کي پنهنجي طاقت
بڻائي ميدان ۾ لٿيون آهن. هو جيڪي واچوڙن وانگر
وڌن ٿيون. هو جيڪي وڄن وانگر ورن ٿيون. هو جيڪي
ڪڪرن وانگر وسن ٿيون. هو جيڪي هوائن کي پنهنجي رخ
۾ هلائن ٿيون. هو جيڪي تدبيرن سان تقديرن کي تبديل
ڪن ٿيون. هو جيڪي پوتين کي جدوجهد جي پرچم وانگر
لهرائن ٿيون. هو جيڪي نعرن وارا نغما ڳائن ٿيون.
هو جيڪي تاريخ جي تمنا واري تند کي تڙپائن
ٿيون. هو جيڪي ٽي صديون اڳ ڏٺل سپني جي ساڀيان
بڻجي آيون آهن. لطيف اهڙين ئي سسئين، اهڙين ئي
سهڻين ۽ اهڙين ئي سورٺن جا سپنا سرجيا هئا. هي
ڇوڪريون جيڪي پنهنجا ڇتا ڇوڙي ميدان ۾ لٿيون آهن،
هي سنڌ جي اتهاس جي نئين سوکڙي آهن. اسان جي ثقافت
۽ اسان جي رسمن رواجن ۾ اهڙيون نينگريون ڪيئن ماپي
سگهن ٿيون؟ هي ڇوڪريون ته پاڻ سان نئين ثقافت ۽
نوان قدر کڻي نڪتيون آهن. هي حقيقي سسيون آهن. هي
ظلم ۽ ستم سان سمجهوتو ڪري ۽ پنهنجي حقيقي روپ کي
ميڪ
اپ
سان لڪائي چالاڪيون ڪرڻ واريون ناريون ناهن. هي ته
باهه جون ڄڀيون آهن. هي ته گهنگهور آسمان جي هيٺان
گجندڙ سمنڊ جون سرڪش ڇوليون آهن. هي ته باغي پکين
جون ٻوليون آهن. هي ته انهن وطن دوست ڪونجن جون
ٽوليون آهن، جيڪي پنهنجي مارن کانسواءِ
مري وينديون آهن. هي وطن سان وفا ۽ ڌرتيءَ جي غيرت
جو نئون واعدو آهن. هي نئون قاعدو آهن. هي پنهنجن
پيرن هيٺان پراڻا قانون ۽ پراڻا قدر لتاڙي هلن
ٿيون. هي جيڪي وقت
سان ائين وڙهن ٿيون، جيئن اياز لکيو هو:
”مون
ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان“.
هي تنوير آريجو ناهي. هي سورٺ لوهار ناهي. هي ته
تلوارن سان وڙهندڙ تندون آهن. هي ته ڪوڙ جي ڪوٽ
مٿان ڪرندڙ
وڄ وانگر پوري ماحول ۾ گهمسان مچائيندڙ اهي ڪردار
آهن، جن جي نازڪ پير پوڻ سان صدين جي غلاميءَ ۾
دٻيل ڌرتي ٿڌا ساهه کڻي ٿي.
هي ڇوڪريون
ته ڏاڍ جي سج سان اکيون ملائڻ
آيون آهن. هي ته ظلم جي زنجيرن کي ڇڪي ڇنڻ آيون
آهن.
هي ته نئون
جهان
وجود ۾ آڻڻ لاءِ وک وڌائين ٿيون. هي نوان لوڪ گيت
ڳائين ٿيون.
اهڙا لوڪ گيت جن ۾
عورت غلام ناهي. جن ۾ عورت مجبور ناهي. جن ۾ عورت
محڪوم ناهي. انهن جون
ٻوليون سمنڊ جو سرڪش ڇوليون آهن. اهي نوان ساحلن
جا پتا ڏيندڙ پکين جون ٽوليون آهن. اهي محلن ۾ قيد
گوليون ناهن. اهي رائفل جي ناليءَ مان نڪرندڙ
گوليون آهن. اهي پروليون ناهن. اهي سرخ رنگ جون
هوليون آهن. اهي هڪ نئين موسم جون هوائون آهن. اهي
نئين ڌرتيءَ جون ادائون آهن. اهي نئين آسمان جون
فضائون آهن. انهن جي اچڻ سان سنڌ جي سياسي سرءُ ۾
نئين رت رچي وئي آهي.
سنڌ آلين پر مرڪندڙ اکين سان پنهنجي انهن ڌيرن
طرف تڪي رهي آهي، جيڪي روايتي شرم ۽ حيا جا پردا
ڦاڙي انهن مان بغاوتن جا پرچم جوڙي، گهر مان نڪري
گهٽيءَ ۾ ۽ گهٽيءَ مان نڪري ميدان تي بيٺيون آهن.
سنڌ کي پنهنجي ڌيئرن تي صرف اعتبار ناهي. پر سنڌ
کي پنهنجي ڌيئرن تي ناز به آهي. |