چنگ جي سريلي ساز وڄائيندڙ ۽ خوبصورت شاعره
شاهينه وهاب
ڳالهه
ٻولهه:
ڪمل اوٺو
لاڙ پٽن سان تعلق رکندڙ چنگ جي سريلي ساز وڄائيندڙ
۽ خوبصورت شاعره
شاهينه وهاب جو انٽرويو.
سوال:
اوھان پنھنجو تعارف ڪرايو؟
جواب:
منهنجو اصلي نالو شاهين وهاب آهي ۽ منهنجو تعلق
ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي سان آهي.
سوال:
توھان کي چنگ وڄائڻ جو شوق ڪيئن
ٿيو؟
جواب:
پهريون دفعو
چنگ جو آواز
ريڊيو پاڪستان تان ٻڌو.
پوءِ وڄائڻ جو شوق ٿيو.
سوال:
توھان ڪنھن کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ شروع
ڪئي؟
جواب:
ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ ھڪ لائيو مشاعرو اٽينڊ
ڪيو،
جنهن ۾ اردو ۽ سنڌي جا مختلف
شاعر شامل ھئا انهن سڀني جي شاعري
ٻڌڻ کان پوءِ
شاعري ڪرڻ جو
شوق جاڳيو.
سوال:
توھان چنگ
وڄائڻ جي ۽
شاعري
جي سکيا ڪنھن کان ورتي؟
جواب:
چنگ جي سکيا هن وقت تائين ڪنهن کان نه ورتي آ،
پنهنجي محنت ۽ مشق جي ڪري وڄائي سگھان ٿي ۽ اڃا
مان پاڻ کي سيکڙاٽ سمجھان ٿي، باقي رهي ڳالهه
شاعري جي
ته شاعري هڪ ڏات آهي، انسان جا
منفرد احساس ۽ منفرد نڪته
نظر
جيڪي هڪ انسان کي شاعر بڻائن ٿا.
باقي رهي ڳالهه
اصولن ۽ قاعدن
جي اهو انسان وقت سان گڏ سکي ويندو، مان پاڻ کي ڪا
اتم شاعره سمجھان ئي نٿي جو غلطيون نه ڪيان.
هر شيءِ
انسان ننڍڙي ٻار وانگر آهستي
آهستي
سکندو آهي.
سوال:
توھان ڪٿي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو آھي؟ موٽ ڇا
ملي؟
جواب:
مون آفيشلي چنگ جي شروعات سوشل ميڊيا تان ڪئي، فيس
بڪ جي ذريعي جتان مون کي منهنجي سوچ کان لکين ڀيرا
وڌيڪ پذيرائي ملي.
ان کان پوءِ مون
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڀٽ شاھ تي
لائيو پرفارم ڪيو آهي.
اتي به مون کي الاهي سٺي موٽ ملي.
سوال:
اوھان جي ننڍپڻ جو ڪو واقعو جيڪو اڄ به
اوھان کي وسريو نه
ھجي؟
سوال:
زندگيءَ
۾
ڪو اھڙو ڏک ڏٺو جو اڻ وسرندڙ ھجي؟
جواب:
پنهنجي ناني امان جو آخري ديدار نصيب نه ٿيو.
سوال:
اوھان
کي
ڪو ايوارڊ مليو آھي؟
جواب:
”روزنامه
ڪلياڻ“
اخبار پاران
ڪلياڻ مڃتا ايوارڊ لاءِ منتخب ڪيو
ويو هو.
جيڪو آئون پنهنجي ناني بابا جي فوتگي سبب ان سڏ
لاءِ پھچي
نه سگھيس.
سوال:
آخر
۾
پڙھندڙن
لاءِ
ڪھڙو پيغام آهي؟
جواب:
پيغام صرف اهو آهي ته امن،
محبت ۽ ٻڌي سان رهو. اسان سنڌ جا مالڪ آهيون ۽
سنڌ
ته محبت پيغام آهي.
ايمانداريءَ سان لکيل لفظن جي حرمت اڄ به برقرار
آهي
امر سنڌو
هن سماج ۾ ايمانداريءَ سان لکيل لفظن جي حرمت اڄ
به برقرار آهي.
اسان جي ملڪ ۾ سنڌ شايد اهو واحد خطو آهي. جتي
ليکڪن جو مان ۽ عزت ڪنهن
celebrity کان
گهٽ نه آهي. پهرين اهو منهنجو صرف مشاهدو هو. پر
هاڻي ڪجهه تجربي جو حصو به آهي. مان انتهائي
عاجزيءَ سان شڪرگذار آهيان حيدرآباد جي ڊاڪٽرس
برادريءَ جي جن بغير ڪنهن ذاتي سڃاڻپ، ڪنهن وڏي
حوالي يا ڪنهن به ٻئي حوالي سان مون کي محض ان
لاءِ اوليت ۽ خاص Treatment
ڏني جو اهي منهنجا
Reader
رهيا آهن. ان کان وڌيڪ عزت ۽ مان جي ٻي ڪهڙي ڳالهه
ٿي سگهي ٿي.
مان نالا ڳڻايان ته ڪيترائي نالا ايندا. پر ڊاڪٽر
بيکارام سابق وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي، ڊاڪٽر منير جوڻيجو سونولاجسٽ، ڊاڪٽر
عنبرين منير سرجن، ڊاڪٽر خالد ٽالپر آئي اسپيشلسٽ،
ڊاڪٽر ايوب لغاري آرٿوپيڊڪ سرجن، ڊاڪٽر شفيق
الرحمان ميمڻ سرجن ۽ ڪڊني اسپيشلسٽ، ڊاڪٽر
چنديرام، ڊاڪٽر انيلا شيبا ريڊيولاجسٽ جيڪي هتي جي
ڊاڪٽرس ڪميونٽي جا وڏا نالا آهن. انهن سڀني ڊاڪٽرن
خصوصي توجهه ڏيڻ جي باوجود مون کان ڪڏهن به فيس جو
هڪ رپيو ناهي ورتو.
ڪجهه ڏينهن پهرين امان کي حيدرآباد جي مشهور
پلمونالاجسٽ ڊاڪٽر مبين ميمڻ کان چيڪ اپ ڪرائڻو
هو. مون کي جلدي اپائنٽمينٽ گهرجي پئي. ان جو
حوالو اهو هو ته ذڪيه جي سهيلي جو ڀيڻيوو هو...
ذڪيه کي ڪال ڪيم. پر ڳالهه نه ٿي سگهي.
مشڪل سان چيسٽ ڪيئر ڪلينڪ کان ان جي اپائنٽمينٽ
ملي. ڊيسڪ تي موجود ڊاڪٽرن امان جي بيماريءَ بابت
هسٽري ورتي ۽ فائيل تيار ڪري ڏنو.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪال آئي.
امان کان پڇڻ کان پهرين ڊاڪٽر مون کي ٻه ٽي ڀيرا
غور سان ڏٺو. نيٺ چيائين: ”مون کي لڳي ٿو ته مون
توهان کي پهرين ڪٿي ڏٺو آهي؟“
”مان امر سنڌو آهيان...“
ڊاڪٽر پوءِ سڃاتو ۽ تازو ٿيل اياز ميلي جو حوالو
به ڏنو... پوءِ امان جي بيماري ۽ علاج جي باري ۾
تفصيل سان ٻارن وانگر سمجهايو.
ڊاڪٽر مبين ميمڻ جي مهرباني جن وڃڻ وقت پنهنجو
ذاتي فون نمبر ڏيندي چيو ته ڪنهن به وقت ڪا تڪليف
ٿئي ته فون تي يا وڊيو ڪال تي مون کان پڇي سگهو
ٿا.
امان ڊاڪٽر مبين ميمڻ جي
care ۽
Treatment کان
ايترو ته متاثر ٿي جو دوا جي ڊوز وٺڻ کان پهرين ئي
اڌ ٺيڪ ٿي وئي.
واپسي وقت ڪائونٽر واري فيس جا پيسا واپس ڪيا ۽
منهنجي زور ڀرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر جهليو آهي ته
توهان کان فيس نه ورتي وڃي.
منهنجو نه ته ان شعبي سان ڪو تعلق آهي. نه ئي مان
ڪا آفيسر آهيان نه ئي ڪنهن وڏي پوزيشن تي آهيان.
جو منهنجو خيال ڪرڻ سان انهن کي ڪو فائدو ملي. پر
منهنجو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ سنڌي زبان جو ليکڪا
هئڻ جيڪڏهن ايتري عزت ۽ مان جو سبب ٿئي ته ڇا مون
کي ان تي فخر نه ٿيڻ گهرجي....
هيءَ اها سڃاڻپ آهي جنهن کي اون ڪرڻ تي مون ۾
هينئر به هڪ جهجهڪ ضرور موجود آهي. پر هاڻي عمر ۽
وقت گذرڻ سان گڏ هي احساس به پختو ٿي ويو آهي ته
هيءَ دراصل منهنجي نه، پر منهنجي ذميداري ۽
ايمانداريءَ سان تخليق ڪيل لفظن جي عزت آهي. جنهن
جي حرمت اڄ به منهنجي سنڌي سماج ۾ برقرار آهي.
نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جھان ۾
ٻري جن ٻاري، آئون
نه
جيئندي ان ري
شاهه |