سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :8

امر سنڌو

بيگم نُصرت ڀٽو، جنهن جي رياست مقروض آهي

اُهو مٽيءَ پنوڙو، جيڪو اصفهان جي خاڪ جي خمير مان جڙيو. گهُٽ ٻوساٽيل ديش ۾ نرم هوا جي جهونڪي جيان گهليو ۽ نيٺ ڳڙهيءَ جي هنج ۾ سدا لاءِ شهيدن سان گڏ آرامي ٿيو. ڪير ڄاڻي اصفهاني خمير جو هن ديش جي آزاد هوائن تي ڪيترو قرض رهيو. ڪير ڄاڻي ته مزاحمت جو پرچم بڻجي آمرن جي هنيانءُ ۾ کُتل هن ڪوهه هماليه کان ڀاري شخصيت جو وجود ڪيئن ڀور ڀور ٿيو ۽ سندس دل تي ڪيترا نه داغ هئا، جنهن وقت کيس لحد ۾ لاٿو پي ويو.

دنيا جي تاريخ ۾ هوءَ وزيراعظم جي زال، ٻه دفعا وزيراعظم بڻجندڙ پهرين مسلم خاتون جي ماءُ ۽ سندس ناٺي ملڪ جو چونڊيل صدر رهيا ۽ ڪير ڄاڻي ته تختِ اقتدار جو اهو سلسلو سندس ٽئين نسل تائين به هلي پر اها حقيقت به ڳڙهي قبرستان ۾ ڀُٽن جون اهي پنج قبرون، اُن ڊزائين سان جهيڙڻ جي سزا طور ياد رکيون وينديون ته هُنن هن ديش ۾ عوامي سياست واري شجر ممنوع جو ميوو چکيو... هو سڀ تڙيا ويا، تڙپايا ويا، ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماريا ويا. نصرت ڀٽو، اُن گهراڻي جي خاتون، جنهن ان شجر ممنوع ڏانهن هٿ وڌائڻ جي جرئت ڪئي ۽ اُن جي سزا خوب کاڌي. ها پر نصرت اُها خاتون جيڪا سياست جي ديوتائن سان ٽڪر کائي، اقتدار جي دائري مان تڙجڻ ۽ تخته دار جي عبرتناڪ سزا باوجود ساڳي واٽ وٺڻ جي جرئت ڪري ٿي.

اڄ هو مون کي قتل ڪري رهيا آهن، توهان ٻنهي ڏاڍيون سختيون سٺيون آهن. جيستائين آئين معطل آهي، مارشل لا آهي، جيڪڏهن توهان نئين زندگي شروع ڪرڻ چاهيو ته يورپ هليا وڃو منهنجي طرفان توهان کي اجازت آهي.“

ضياءَ جي ميڊيڪل بورڊ جڏهن والده کي ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪينسر جي علاج لاءِ موڪلڻ جي تصديق ڪئي ته 20 نومبر 1982ع تي صنم هن کي هوائي اڏي وٺي هئي. ”بيگم ڀٽو کي ڪابه تڪليف ڪانهي.“ ضياءَ ان ڳالهه تي زور ڏنو هو. جيڪڏهن هوءَ سير سفر لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهري ٿي ته هن کي اهڙي درخواست ڏيڻ گهرجي....“ (هي فوٽو پورب ڄائي“ تان ورتو ويو.)

اسان ٻاهر نه وينداسين ۽ اسان ڪڏهن به جرنيلن کي اهو تاثر نه ڏينداسين ته اُهي کٽي چُڪا آهن...“ اهو نصرت جو جواب هو.... سياسي ديوتا بڻيل جرنيلن جو اهو احساس ته ”هو کٽي چُڪا آهن.“ صرف ان احساس کي شڪست ڏيڻ لاءِ هيءَ خاتون جرئت سان سياسي واٽ تي جرنيلن جي سياسي ڊزائين جي ايسي تيسي ڪرڻ لاءِ ائين ميدان ۾ لٿي جو ٿوري ئي وقت ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ ٻن ٽن قبرن جو اضافو ٿيو. هي قبرون، ٻئي ڪنهن جون نه پر هي هن خاتون جي جگر گوشن جون هيون ۽ رڳو نصرت نه پر هن ديش جي سياسي ڪلچر جي بحالي ۾ ڪيترو ئي خون خاڪ ٿيو.

الائي ڇو، جڏهن سندس نياڻي ۽ ملڪ جي ٻه ڀيرا چونڊجندڙ وزيراعظم بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪٿا جا آخري باب لکيا هئا ته هن پنهنجي پاڻ لاءِ سياست ۾ هڪ ٻي اکر جي چونڊ ڪئي هئي، هن پنهنجو پاڻ کي مشرق جي نياڻي ڪوٺڻ بجاءِ ”تقدير جي ڌيءُ“(Daughter of Destiny) ڪري سڏيو هو. دراصل، تقدير بينظير کي جوڙيو نه هو، تقدير سندس واٽ طئي نه ڪئي هئي پر اِها سندس ماءُ هئي جنهن سندس لاءِ پڻ ان ڪنڊائين رستي جي چونڊ به ڪئي ته هُن، هِن ديش جي ماڻهوئڙن جي تقدير به لکڻ چاهي، هوءَ حراسان هن ديش جي تقدير لکڻ وارو قلم جرنيلن جي هٿ مان کسي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. هوءَ خالقِ تقدير هئي ۽ نصرت کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته هن ڌرتي تي خدا بڻجي ويٺل فوجي وردين وارا آمر ۽ تقدير جوڙڻ واري ان جرئت انسان تي سزائن جا جهنم ٻاري رڻ گرم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ هن جهنم ۾ ٻيو ڪير نه سڀ کان پهرين سندس ئي گهر جلي خاڪ ٿيو.

منهنجي ايراني ماءَ، نصرت ڀٽو جيڪا پوءِ قومي اسيمبلي جي رڪن چونڊي. مون هنن سڀني جي قدمن ۾ ويهي سکيو هو. (هي فوٽو ”پورب ڄائي“ تان ورتو ويو).

هن ديس جا جُڙتو سياستدان مڇرن جي چڪن کان به ملڪ ڇڏي ڀڄندا آهن پر هيءَ خاتون پنڊي مان موڪليل پنهنجي گهراڻي جي سربراهه جي لاش جو بار کڻڻ کان پوءِ به جڏهن جوان ڌيءُ سان تعزيتون وصول ڪري ٿي، تڏهن پنهنجي ڌيءُ کي پهريون سياسي سبق سيکاري ٿي ته ڪيئن حوصلو برقرار رکڻو آهي. هوءَ، پنهنجي ڌيءُ کي اردو جو هڪ جملو سيکاري چوي ٿي ته جيڪي به تعزيت لاءِ اچن انهن کي دلداري ڏي ۽ چوي ته ”حوصله رکهو...“، ”حوصله رکهو...“

اهو سورهين ڊسمبر 1977ع جو ڏينهن هو، ٻه عورتون... يقينن غير معمولي عورتون، باوجود ان جي ته سندن خاندان جو مرد سربراهه فوجي حراست ۾، ملڪ مارشل لا جي عذاب ۾ ”سياست“ کي عوام کان جُدا ڪرڻ جي عملي شروعات تڏهن کان ٿي چُڪي هئي. جرنيلن جا جنگي منصوبا بيشڪ ته پکي پکڻ کان آزاد انڊر گرائونڊ بئريڪن ۾ ترتيب ڏنا ويندا آهن پر سياست جا رستا عوامي هجومن مان نڪرندا عوام جي دلين تائين پنهنجو سفر طئي ڪندا آهن. اُن خلق خدا سان مخاطب ٿيڻ ئي جرم هو. سياسي جلسن جلوسن تي مارشل لائي لاڪ اپ... پر هي ٻئي عورتون عوام سان جڙيل رشتي سان ٻڌل سياست جي تجديد لاءِ قذافي اسٽيڊيم پهچن ٿيون. سندن استقبال نعرن سان ۽ تاڙين سان ٿو ٿئي. عوام ۽ اڳواڻ جي رشتي جي اها تند جيئن ئي جڙي ٿي وردي وارن ۾ ٿرٿلو مچي ٿو وڃي.

پهريائين ڳوڙها گئس جا شيل... پر ڀٽو عورتن جا قدم ٿڙن ٿا نه واپس مُڙن ٿا ۽ نيٺ اُها لٺبازي نصرت جي مٿي جو نشانو خطا ڪرڻ نٿي ڏي. رت ڦوهاري ۽ ڳاڙهي خون ۾ رنڱيل چهري سان هوءَ ڌيءُ جي هدايت کي نظرانداز ڪندي سڌي خون ۾ لال چهري سان ان وقت جي لاهور جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي گهر تائين پڳي.

جرنيل، اڄوڪو ڏينهن ياد رکجانءِ، اڄوڪي ڏينهن توهان ڍاڪا ۾ هندستاني فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا ۽ اڄ ٻيهر مون کي خون ۾رڱي توهان شرمندگي وارو ڪم ڪيو آهي، توهان جرنيل عزت لفظ سان نه ٿا ڄاڻو، توهان صرف بي عزتي جو لفظ سمجهو ٿا.“

ايراني خون ۽ خمير مان جڙيل جو اوقات ياد ڏيارڻ وارو اهو انداز مخاطب جرنيلن کي ڪو گهڻو پسند نه آيو، هُو ويتر مڇرجي پيا هئا. نصرت ته اِهي سڌيون ٻڌائڻ کانپوءِ اسپتال وڃي پنهنجي ڦاٽل مٿي تي ٻارهن ٽاڪا لڳرايا هئا...

هِن جرنيلن کي شرمندگي وارو ڏينهن ياد ڏياري، دراصل پنهنجي يادگيري جي مستقبل جو فيصلو ڪري ورتو هو ۽ پوءِ جرنيلن سندس حافظي تي ائين وار ڪيو هو، جو آخري ڏهاڙن ۾ بيگم نصرت ڀٽو وٽ ڪا به يادگيري باقي نه بچي هئي. هن رياستي ادارن جي سياست سان دشمني ۽ خلق خدا واري سياست جي شجر ممنوع واري ڏوهه جي جرم ۾ هن جنهن استقلال سان مقابلو ڪيو- دراصل پاڪستان ۾ عوامي سياست ۽ جرنيلي سياست جو سَنڌو قائم ڪرڻ جو سهرو به نصرت جي حصي ۾ آيو، جڏهن هن پنهنجي سياسي دانش سان، عقل ۽ دانائي سان سياسي ڪلاس کي جرنيلن جي صف مان ٻاهر ڪڍڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي. ايم آر ڊي اُن دانش جو نتيجو هئي ته سياست جرنيلن جي بوٽ جي نوڪ تان کڻي سياسي ڪلاس جي ميز تائين آڻڻي هئي. سندس جوان ساله ڌيءُ تڙپي پئي هئي، جڏهن هن ستر ڪلفٽن جي ڊرائينگ روم ۾ اُنهن ساڳين سياستدانن کي ڪافيءَ جي ڪوپ مان سرُڪيون ڀريندي ٿي ڏٺو، جن سندس والد کي تخته دار تائين پُڄائي دنگ ڪيو هو.

ايم آر ڊي، اقتدار تي قبضا گير قوتن لاءِ پهريون چئلينج ثابت ٿي هئي. قومي اتحاد، رڳي ڀُٽي جو نه پر جمهوريت جو به قاتل اتحاد هو پر نصرت ڀٽو بضد هئي ته پيپلزپارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ اهو بحث ٿيڻ کپي ته ’سياست ۽ فوج‘ جو سَنڌو قائم رکڻ لاءِ فوج کي سياستدانن جي حمايت کان الڳ ڪجي.

نصرت جي اها دانشمندي نه هئي پر پاڪستاني سياست ۾ جمهوريت جي سفر جو تت هو ته ”سياست ۽ فوج“ جي distance کي برقرار رکجي. جيتوڻيڪ نصرت جي اها سياسي حڪمت عملي پاڪستان ۾ عوامي سياست کي زنده رکڻ لاءِ بهترين ثابت ٿي پر ڪير ڄاڻي ته سياسي اڳواڻن جي ڪلاس ۾ ان شعور جي فقدان جي ڪري مارشل لائن جو رستو مڪمل طور تي بند نه ٿيو آهي ۽ نه وري جمهوري سفر کي پٽڙي تان لاهڻ وارين سازشن جو ڪو انت آيو پر ڪير چوندو ته اهو نصرت جو ڪُٽنب هو جنهن هن جمهوريت جي رستي جي پنهنجي خون سان آبياري نه ڪئي آهي. ڪير چوندو ته پيپلزپارٽي چوٿين اپريل کان پوءِ به جيڪڏهن قائم و دائم آهي ته اُن ۾ نصرت جي سياسي جدوجهد جو هٿ نه آهي. دراصل هيءَ پاڪستان جي واحد سياستدان شهري آهي جنهن هن رياست جي جمهوري تشخص جي سڃاڻپ ۾ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پنهنجي زندگي ۾ ئي قبرستان جو حصو ٿيندي ڏٺو. اُن صورت ۾ جي هي رياست کيس مادر جمهوريت جو لقب ڏي ٿي ته شايد اُن جو احساسِ ندامت لڪائي نٿي سگهي ته هِن خاتون کان ان رياست کسيو وڌيڪ ۽ سندس جيئري کيس دل تي داغ ۽ روح تي زخم کانسواءِ هن رياست کيس ڪجهه وڌيڪ نه ڏنو آهي ۽ جي هاڻ به هيءَ رياست کيس مادر جمهوريت چئي سرڪاري اعزاز سان دفنائي ٿي، تڏهن به دل تي هٿ رکي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ رياست اڄ به نصرت جي مقروض آهي، اڄ به هن رياست تي نصرت جو قرضا اُڌار آهي.

 

    بيگم ڀٽو جو پنهنجي نياڻي بينظير کي قيد 

مان لکيل هڪ يادگار خط

 

بيگم نصرت ڀٽو، 9 جون 1981ع تي پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي، سندس جنم ڏينهن جي حوالي سان، سينٽرل جيل ڪراچي مان هيءُ هڪ يادگار خط لکيو هو.

منهنجي پياري ڌيءَ،

هيءُ منهنجو ٻيو خط آهي. جيڪو هن عرصي دوران، توکي تنهنجي سالگرهه جي ويجهو ملي رهيو آهي. منهنجي يادگيري مون کي واپس ان ڏينهن ڏانهن وٺي ويئي آهي، جڏهن مون کي انگلينڊ ۾، جتي تنهنجي پاپا تعليم حاصل ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر خوشي وچان ٻڌايو هو ته، ”مان ٻار جي ماءُ بڻجڻ واري آهيان.“

اوهه! ڪيترا نه اسان اُتي Excited ۽ خوش ٿيا هئاسين. تون اسان جو پهريون ڄمندڙ ٻار، اسان جو پيار هئينءَ. پوءِ اسان ان خوشي واري خبر تي ڪيئن جشن ڪيو هو! ان کان پوءِ ڪراچي ۾ پنٽو جي اسپتال ۾، تنهنجي ڄمڻ کان پوءِ واري رات جو آءٌ سمهي نه سگهي هيس. ڇاڪاڻ جو مون رڳو اهوئي پئي چاهيو ته، تون منهنجين ٻانهن ۾ هجين ۽ آءٌ تنهنجن خوبصورت سونهري گهنڊيدار وارن، تنهنجي گلابي چهري ۽ تنهنجن سهڻين ڊگهين آڱرين وارن هٿن کي گهوري ڏسان. توکي هڪ نظر ڏسڻ جي لاءِ منهنجي دل ڌڙڪي رهي هئي.

جڏهن تنهنجو پاپا انگلينڊ مان واپس آيو ته، ان وقت تون ٽن مهينن جي هئينءَ هو (توکي کڻڻ لاءِ) پنهنجي والدين اڳيان لڄ ڪري رهيو هو، پر جڏهن اسين اڪيلا ٿياسين ته، هو توکي چتائي ڏسندو رهيو. ڏسندو رهيو. ۽ ان کان پوءِ هن تنهنجي چهري ۽ هٿڙن کي ڇهيو ۽ حيرت مان تون جهڙي پياري ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ وار ع معجزي تي توکي ڏسندو رهيو. هو اهو ڄاڻڻ چاهي پيو ته، هو توکي ڪيئن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ۽ پوءِ مون تو مان هٿ ڪڍندي، توکي، هن کي ڏيندي کيس چيو هو ته، ”هڪ هٿ هن جي مٿي جي هيٺيان ۽ ٻيو هٿ هن جي جسم جي چوڌاري ڏيو.“ هن چيو هو، ”هي ته صفا تو جهڙي ٿي لڳي.“ هو ڪيترو نه پرجوش ۽ جذباتي هو ۽ پوءِ هن توکي کڻي. ڪمري ۾ لال ڦيريون پاتيون هيون. مان انهن تفصيلن ۾ وڌيڪ نه ٿي وڃڻ چاهيان. ڇاڪاڻ جو انهن گذري ويل حسين ترين ڏينهن تي منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون آهن.

مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي. جڏهن تون رڳو ڏهن مهينن جي هئينءَ ته تو پنهنجي پهرين وک کنئين هئي. مون کي اهو ياد آهي. جڏهن تو پنهنجي پهرين سالگرهه واري ڏينهن، ڪوئٽا ۾ وڏي ذهانت سان ڳالهايو هو ۽ اهو ڏينهن به ياد آهي. جڏهن تون ساڍن ٽن سالن جي هئينءَ ۽ مان توکي نرسري اسڪول وٺي ويئي هيس. مان تنهنجي لاءِ پاڻ ننڍڙا سهڻا ڪپڙا سبندي هيس ۽ انهن تي پيار ۽ چاهت سان ڀرت ڀرائيندي هيس ۽ مان پنهنجين روزاني وارين پنجن نمازن ۾ تنهنجي مستقبل جي خوشي، صحت ۽ ڊگهي ڄمار جي لاءِ دعائون پڻ  گهرندي هيس.

هاڻي 21 جون اچي رهيو آهي ۽ مان تنهنجي جنم ڏينهن تي تنهنجي خوشين جي تمنا ڪيان ٿي. ان اميد سان ته تنهنجا تمام گهڻا جنم ڏينهن ايندا. مان توکي ننڍڙي به گفٽ نه ٿي ڏيئي سگهان ۽ نه ئي توکي مٺي ڏئي ٿي سگهان. ڇاڪاڻ جو اسين هڪٻئي کان تمام گهڻو پري، وڌيڪ 90 ڏينهن جي لاءِ قيدي بڻايا ويا آهيون.

منهنجي پياري، مون کي اميد آهي ته تون صحيح کاڌو کائيندي ۽ تمام گهڻو پاڻي پيئندي هوندين ۽ فروٽ ۽ سبزيون کائڻ نه وسارجانءِ. مان هن خط جي پڄاڻي تنهنجي سٺي مستقبل جي تمنائن تي ڪيان ٿي.

توسان هميشه پيار ڪندڙ تنهنجي امڙ

(شهيد بينظير ڀٽو جي ڪتاب: ڊاٽر آف دي ايسٽ“ جي صفحي نمبر 99-198 تان ورتل)

ترجمو: انور

شهيد راڻي بينظير ڀٽو

مراد علي مرزا

المرتضيٰ مان ويچار

 

جمهوريت لاءِ منهنجي پهرين آزمائش

 

جيئن ته شهيد بينظير ڀٽو جي لکيل آٽو بايو گرافي (آتم ڪٿا) ”سرتيون“ جي ماهوار پرچن ۾، قسطوار هلي رهي آهي ۽ هيءَ ان جي چوٿين قسط آهي. ٻي اهم ڳالهه ته ”پورب ڄائي“ ۾، بيگم نصرت جو ڪردار هڪ پاسي گهاٽي وڻ جي ڇانو وانگر ته ٻئي پاسي ڪنهن ٿڌڙي بادل (ڪڪر) وانگر بينظير ڀٽو سان گڏ گڏ هلي ٿو. حقيقت ۾ هيءُ شهيد راڻي جي جيون ڪٿا آهي. پر ٻن عظيم عورتن، ٻن عظيم ماءُ ڌيئرن ۽ ٻن عظيم ليڊرياڻين جي گڏيل ڏک درد، جاکوڙ غم و خوشي، ذهانت ۽ بصيرت جي پڻ عڪاسي آهي، انڪري پڙهندڙن جي معلومات ۽ دلچسپي لاءِ ”مادرِ جمهوريت خاص نمبر ۾“ هي باب شامل ڪجي ٿو. (ايڊيٽر)

المرتضيٰ ۾ نظربند  رهندي امان کي ۽ مون کي جيئن ئي ٻيو مهينو شروع ٿئي ٿو ته اسان جي باغ کي ڄڻ خزان وڪوڙي ٿي وڃي. بابا جي قيد واري زماني ۾ ۽ سندس وفات کان پوءِ، انهيءَ باغ جي سنڀال ۽ زمين جي صفائيءَ لاءِ اسان وٽ ڏهن ماڻهن جي ضرورت هوندي هئي. پر جڏهن کان المرتضيٰ کي امان ۽ منهنجي لاءِ جيل جو درجو ڏنو ويو آهي، ضياءَ جي فوجي حڪومت رڳو ٽن باغائين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني آهي. باغ کي سلامت رکڻ لاءِ آئون به هنن سان گڏجي ڪوشش ڪريان ٿي.

گلن جو ڪومائجڻ مون کان اصل ڪونه ڏٺو ٿئي، خاص ڪري اهي گل جيڪي بابا جا هئا. هو جڏهن به ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جي سفر تان واپس ايندو هو  تڏهن پاڻ سان پنهنجي باغ لاءِ اتي جا ٻوٽا کڻي ايندو هو. واڱڻائي رنگ جا گلاب، ڳاڙهاڻ مائل نارنگي رنگ جا گلاب، گلاب جا گل جيڪي ڏسڻ ۾ گلاب جا گل نه ٿي لڳا، پر اهي ايترا ته پوريءَ طرح تراشيل ٿي ڏٺا جو لڳو ٿي ته اهي چيڪي مٽيءَ مان ٺاهيا ويا آهن. هن جي پسند جو گلاب بلو رنگ جو هوندو هو، جنهن کي ”امن جو گل“ چوندا هئا. گلن جي سنڀال نه لهڻ جي ڪري هاڻي انهن جي ٻوٽن ڪومائجڻ شروع ڪيو هو ۽ انهن جا پن پيلا ٿي ويا هئا.

آرهڙ جي چيچلائيندڙ گرميءَ ۾ آئون هر روز صبح جو ستين بجي باغ ۾ وڃان ٿي ۽ ولايتي ٽاٽ جا ڳرا نڙا ڇڪي هڪڙي ٻاري کان ٻئي ٻاري تائين پاڻي ڏيڻ لاءِ باغائين جي مدد ڪريان ٿي. گهر جي ڪنڊن وٽان فرنٽيئر فورس جا سپاهي مون کي ڏسن ٿا. باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽي ڏينهن لڳي ويندا هئا، پر اسين اهو ڪم اٺن ڏينهن ۾ ڪريون ٿا. آئون انهن گلن کي سڪڻ کان بچائڻ گهران ٿي، ڇو جو مناسب پاڻي ۽ سنڀال نه هجڻ سبب انهن جيئڻ جي جيڪا ڪوشش ٿي ڪئي ان ۾ مون کي آزادي ڦرجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي جياپي جي جدوجهد ٿي نظر آئي.

منهنجي زندگيءَ جو تمام سٺو وقت المرتضيٰ جي گلاب جي گلن ۽ ميويدار وڻن جي ٿڌي ڇانو ۾ گذريو آهي. ڏينهن جي وقت سڄي گهر ۾ ”ڏينهن جو راجا“ جي گلن جي هٻڪار پکڙيل هوندي هئي. اهي سهڻا ۽ اڇا گل ڪيترين ئي ٻين پاڪستاني عورتن جيان امان به پنهنجن وارن ۾ هڻندي هئي. سج لهندي ئي سموري هوا رات جي راڻيءَ جي گل جي خوشبوءِ سان واسجي ويندي  هئي، ۽ اسين انهن خوشبودار شامن ۾ گڏجي گهر جي ٿلهن تي ويهندا هئاسين.

نڙا وڌيڪ آندا ويا. پاڻي وڌيڪ ڏنو ويو. آئون باغ ۽ گهر جي وچ واري حصي مان وڻن جا ڪک پن ٻهاريان ٿي ۽ ڏانداريءَ سان لان صاف ڪريان ٿي تان جو منهنجيون ٻانهون سور ۾ وٺجي وڃن ٿيون. هٿن جون تريون سخت ٿين ٿيون ۽ انهن تي ڦلوڻا ٿي پون ٿا، ”تون اهو ڪم پاڻ ڇو ٿي ڪرين؟“ آئون ٻپهري ڌاري جڏهن ڏاڍو ٿڪجي اوچتو ئي اوچتو ڪري پوان ٿي ته امان ڳڻتيءَ وچان مون کان پڇي ٿي. ڪجهه ڪرڻو ته آهي نه، آئون هن کي چوان ٿي. پر اهو ڪجهه ٿورو وڌيڪ آهي. جيڪڏهن مون ايتري گهڻي محنت ڪئي جو منهنجي بدن جو هر حصو ٿڪجي پيو ته پوءِ ٿورو به سوچڻ تي آئون سخت ٿڪجي پونديس. ۽آئون فوجي راڄ ۾ پنهنجي زندگيءَ کي ضائع ڪرڻ بابت سوچڻ نه ٿي گهران.

آئون گلن جا ڪي نوان ٻارا پاڻ ٺاهيان ٿي ۽ گلاب جي گلن جا قلم هڻان ٿي، پر اهي لڳن ڪونه ٿا. امان ڀينڊين، مرچن ۽ ڦودني جي ٻوٽن تي جيڪا محنت ڪئي ان ۾ کيس ڪاميابي ٿئي ٿي. هر شام جو آئون سيٽي وڄائي پاليل ٻگهه پکيءَ جي جوڙي کي سڏيان ٿي ۽ جڏهن اهي پرڙا ڦڙڪائيندا روٽيءَ جا ٽڪر وٺڻ لاءِ مون ڏانهن ڊوڙي ٿا اچن ته مون کي خوشي ٿئي ٿي. ڪنهن جانور کي سڏڻ تي ان جو اچڻ، ڪنهن شيءِ جي پوکڻ کان پوءِ ان جو ڦٽڻ، اهي ڳالهيون ضروري ٿي پيون آهن. انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون موجود آهيان.

آئون جڏهن باغ ۾ ڪم نه ٿي ڪريان تڏهن رڳو وقت کي گذارڻو پوي ٿو. آئون پنهنجي ڏاڏي جي ڪتابن مان ارل اسٽينلي گارڊنر جا ڪتاب وَر وَر ڏئي پڙهان ٿي، جيتوڻيڪ اڪثر ڪري بجلي هلي وڃي ٿي ۽ اَمان ۽ آئون ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون اوندهه ۾ گذاريون ٿيون. اسان وٽ ٽيليويزن به آهي پر جڏهن بجلي اچي ٿي ته ان تي به ڏسڻ لاءِ ڪجهه نه ٿو ملي. بابا جي وقت ۾ ٽيليويزن تي ڊراما ڏسبا هئا، فلمون هلنديون هيون ۽ سلسليوار ناٽڪ ٿيندا هئا. انهن سان گڏ ماڻهن کي پڙهڻ سيکارڻ لاءِ تقريرون ۽ ٻيا ادبي پروگرام هلندا هئا. هاڻي جڏهن آئون ٽيليويزن کوليان ٿي ته ان ۾ ڪي به نظر نه ٿو اچي، رڳو ضياءَ ٿو ڏسجي: ضياءَ ٻي تقرير پيو ڪري، ضياءَ جي تقريرن تي مذاڪره پيا ٿين، خبرن جا سينسر ٿيل پروگرام جن ۾ ٻڌائن ٿا ته ضياءَ ڪنهن ڪنهن سان مليو آهي.

رات جو 8:15 تي اَمان ۽ آئون هر روز بي بي سي ريڊيو تان اردو خبرون وغيره ٻڌنديون آهيون. نومبر ۾ رڳو بي بي سي جي ذريعي ئي اسان کي خبر پوي ٿي ته ڪاوڙيل ماڻهن اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخانو سڄو ساڙي رک ڪري ڇڏيو ڇو جو هنن سمجهيو هو ته مڪي شريف ۾ خانه ڪعبه تي قبضي ڪرڻ جي پٺيان آمريڪا جو هٿ هو. سموري خبر ٻڌڻ کان پوءِ امان ۽ مون کي حيرت لڳي ٿي ته اسلام آباد ۾ بچاءَ جي سخت انتظام ۽ فوجي قانون جي هوندي به بسن ۽ لارين کي اجازت ڏني وئي ته بنياد پرست شاگردن کي کڻي آمريڪي سفارتخاني تائين پهچايو جيڪو پوءِ هنن ساڙي ڇڏيو. اهو سفارتخانو  اختياريءَ وارن جي اکين اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ پي سڙيو، جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي احتجاجي جلوسن تي هميشه اک ڇنڀ ۾ اچي ڪڙڪندا هئا. آمريڪي سفارتخانو سڙي ويو ۽ ان ۾ هڪ ماڻهو به مري ويو. پشيمان ضياءَ هڪدم ٽيليويزن تي اچي آمريڪن کان کليل معافي گهري ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر هو ڪهڙي راند ۾ رڌل هو؟ اهو اڄ ڏينهن تائين هڪڙو راز آهي.

هڪ مهينو پوءِ بي بي سي جيڪي خبرون ٻڌايون اُهي وڌيڪ ڀڙڪائيندڙ آهن.

27 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوجون افغانستان ۾ ڪاهي اچن ٿيون. بي بي سي تي جڏهن اَمان ۽ آئون اها خبر ٻڌون ٿيون تڏهن اهو ڄاڻندي ته ان جي ڪري تمام گهڻا سياسي مونجهارا ٿيندا. اسين هڪٻئي ڏانهن چتائي ڏسون ٿيون. وڏين طاقتن جي جنگ هاڻي بنهه پاڪستان جي در تائين اچي پهتي آهي. جيڪڏهن آمريڪا گهري ٿو ته روس جي موجودگيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ملڪ اندروني طرح مضبوط هجي ته پوءِ هنن کي هڪدم پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن هو انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا ۽ ڏسڻ گهرن ٿا ته افغانستان ۾ ڇا ٿو ٿئي ته پوءِ ضياءَ جي آمريت کي پختي هٿي ملي ويندي.

آمريڪا. مون کي آمريڪا ئي ۾ جمهوريت جو پهريون تجربو ٿيو هو ۽ جتي مون پنهنجي زندگيءَ جا بيحد خوشيءَ ڀريا چار سال گذاريا هئا. آئون هينئر به اکيون پوري هارورڊ- ريڊ ڪلف ڪئمپس جي تصوير ذهن ۾ برف جو نرم تهه، بهار ۾ ساون سلن جي ڦٽڻ ڪري اسان سڀني ۾ جيڪو تحرڪ جاڳي اٿندو هو. ريڊ ڪلف ۾ ئي شاگرد جي حيثيت ۾ مون کي وڏين طاقتن جي خود غرضي ۽ ٽين دنيا جي بيوسيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي.

”پاڪستان؟ ڪٿي آهي پاڪستان؟“  آئون جڏهن پهرين ريڊ ڪلف ۾ پهتيس ته منهنجي ڪلاس جي ساٿين مون کان پڇيو. ان وقت جواب ڏاڍو سولو هو.

”پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي،“ مون وراڻيو. ”پاڪستان جا ٻه حصا آهن، جن جي وچ ۾ ڀارت آهي.“

”هون، ڀارت“ اطمينان ڀريو جواب مليو. ”اوهان جو ملڪ ڀارت جي ڀرسان آهي.“ ڀارت جو جڏهن به حوالو ايندو هو ته مون کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي جو هنن سان اسان جون ٻه سخت جنگيون ٿيون هيون. پاڪستان آمريڪا جو مضبوط ساٿي سمجهيو ويندو هو جيڪو ڀارت ۽ ٻين سرحد لڳ ملڪن ڪميونسٽ چين، افغانستان ۽ ايران ۾ روس جو اثر رسوخ کي روڪڻ لاءِ هڪ فاصل ملڪ هو. آمريڪا پنهنجي يو-2 جاسوسي اڏامن لاءِ اتر پاڪستان ۾ اسان جا هوائي اڏا استعمال ڪيا هئا، جڏهن 1960ع ۾ گئري پاورس جو جهاز ڪيرايو ويو هو. 1971ع ۾ هينري ڪيسنجر جي اسلام آباد کان چين تائين ڳجهي اڏام وڌيڪ ڪامياب ٿي هئي، جنهن جي ڪري ٻئي سال صدر نڪسن چين جو تاريخي سفر ڪيو هو. ان هوندي به ائين ٿي لڳو ته آمريڪا کي منهنجي ملڪ جي بلڪل ڄاڻ ڪين هئي.

اهي ڀٽو خاندان کان پڻ اڻواقف هئا. ۽ ان اڻڄاڻائيءَ جي ڪري مون کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو لطف حاصل ٿيو هو. پاڪستان ۾ ڀٽو جو نالو هميشه سڃاڻپ ڪرائيندو هو ۽ ان سان گڏ مون کي هڪ حجاب جو احساس ڏياريندو هو. مون کي اها خبر ئي ڪين هوندي هئي ته ماڻهو مون سان منهنجيءَ لياقت جي ڪري ملندا هئا يا منهنجي خانداني نالي جي ڪري هارورڊ ۾ آئون پهريون ڀيرو اڪيلي هيس.

اتي پهريان ٻه ٽي هفتا امان مون سان گڏ رهي هئي. هن ايليٽ هال ۾ منهنجي رهڻ لاءِ ڪمري کي ٺاهيو ۽ حساب ڪري مون کي ڪعبي جو طرف ٻڌايو ته جيئن آئون ان طرف رخ ڪري نماز پڙهان. هوءَ جڏهن هلي وئي ته منهنجي لاءِ اوني شلوار ۽ قميض ڇڏي وئي. هن اهي ڪپڙا منهنجي لاءِ ڏاڍي محنت سان تيار ڪرايا هئا. جن جي پاسن کان ريشم لڳل هو ته جيئن جسم تي اوني ڪپڙي جي رهڙ نه لڳي.

هن مون کي عبادت ڪرڻ لاءِ جيڪي هدايتون ڏنيون هيون، انهن جي مون ڏاڍي پابندي ڪئي هئي، پر سندس ڏنل ڪپڙن ڏانهن بنهه ڌيان ڪونه ڏنم جيڪي اتي جي مينهن ۽ برفباريءَ ۾ پائڻ جهڙا ڪونه هئا. ٻيو ته انهن ڪپڙن ۾ آئون ٻين شاگردن ۾ اوپري اوپري ٿي لڳيس. مون جلد ئي شلوار قميض پائڻ ڇڏي وري هارورڊ مان ورتل جينز ۽ سوويٽ شرٽ پائڻ شروع ڪيا. مون پنهنجن وارن کي به ڇڏي ڏنو ته ڀلي وڏا ٿين. ايليٽ هال ۾ منهنجين ساٿين چاپلوسي ڪندي مون کي ٻڌايو ته آئون جون بيز جهڙي لڳان ٿي. اتي مون ڪيترائي گيلن صوف جو پس پيتو هو، برگهام جي آئسڪريم دڪان تي بيشمار ڪون وٺي کاڌا هئا، بوسٽن ۾ موسيقيءَ جي محفلن ۾ وئي هيس ۽ پڻ پروفيسر بيگم گئلبرائٿ جي دعوتن ۾ شريڪ ٿي هئس، جيڪي اتي منهنجي والدين جي برابر هوندا هئا. آمريڪا جي نواڻ سان مون کي پيار هو.

ان وقت جنگ مخالف تحريڪ اوج تي هوندي هئي ۽ آئون عارضي بندش واري ڏينهن تي بوسٽن ڪامن ۾ هزارن شاگردن سان گڏ وک وک ۾ ملائي هلي هيس ۽ واشنگٽن ڊي سي جي تمام وڏن جلوسن ۾ حصو ورتو هيم، جتي مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته مون پهريون ڀيرو ڳوڙها آڻيندڙ گيس محسوس ڪيو هو. آئون ان وقت ڏڪڻ لڳيس جڏهن مون پاڻ تي پهريون ڀيرو ”هاڻي ڇوڪرن کي واپس گهر آڻيو“ جو نشان هنيون هو. جيڪڏهن آئون ڪنهن سياسي جلوس ۾ بهرو وٺندي جهلجي پوان ها ته هڪ غير ملڪي هجڻ جي ڪري مون کي ملڪ نيڪالي ملي ها. پر مون پنهنجي ملڪ ۾ ويٽنام جي جنگ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ آمريڪا ۾ ان جنگ مخالف سرگرميءَ ۾ وڌيڪ جوشيلي ٿي پئي هيس. جلوس ۾ مون سان گڏ هلڻ وارن جا ۽ منهنجا ارادا ساڳيا ئي هئا. ايشيائي گهرو جنگ ۾ آمريڪين کي شامل ٿيڻ نه گهرجي.

 

پاڪستان ۾ چئن اسڪولن جي ڇهن شاخن مان ٿي اچڻ کانپوءِ هارورڊ ۾ ۾ چئن ورهين جو اهو عرصو مون کي ڏاڍو وڻيو هو. اتي ڏاڍي مشغوليت هوندي هئي. ان وقت عورت جي تحريڪ زور پي ورتو ۽ هارورڊ جي ڪتاب گهر ۾ عورتن بابت ڪتابن ۽ مخزنن جا ڍير لڳا پيا هئا، جن ۾ ڪيمپس بائيبل، ڪيٽ مليٽ جو سيڪسيوئل پاليٽڪس ۽ Ms مخزن جا پهريان پرچا به هئا. هر رات جو منهنجيون سهيليون ۽ آئون گڏجي مستقبل لاءِ پنهنجي انهن خواهشن تي بحث ڪنديون هيون سين ته جيڪڏهن آخرڪار اسان شاديون ڪرڻ تي راضي ٿي ويون سين ته جن ماڻهن سان اسان جون شاديون ٿينديون، انهن سان اسانجن لاڳاپن تي ڪهڙا نوان قاعدا اثر انداز ٿيندا. پاڪستان ۾ منهنجو تعلق ان ٿورائيءَ سان هو جيڪي شادي ۽ خاندان کي پنهنجو بنيادي مقصد ڪري ڪونه سمجهن. هارورڊ ۾ آئون انهن عورتن جي سمنڊ جي وچ ۾ هيس جن جي راهه ۾ پنهنجي جنس حائل ڪونه هوندي هئي ۽ مون به اهوئي ٿي محسوس ڪيو. تنهنڪري منهنجو اعتماد وڌي ويو ۽ مون پنهنجي اوائلي سالن واري حجاب تي قبضو ڪري ورتو.

پاڪستان ۾ منهنجي ڀيڻ، ڀائر ۽ آئون دوستن ۽ مائٽن جي هڪ ننڍڙي حلقي ۾ رهندا هئاسين. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آئون جن ماڻهن کي ڪونه سڃاڻندي هيس انهن جي اڳيان ڏاڍي پريشان ٿيندي هيس. هارورڊ ۾ آئون پيٽر گئلبريٿ کان سواءِ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻندي هيس، جنهن سان ڪاليج جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ سندس والدين جي گهر ۾ سڃاڻپ ٿي هئي. منهنجي حجاب واري ۽ دقيانوسي نظر ۾ هو ڏاڍو خوفناڪ ٿي ڏٺو. هن جا وار ڊگها هئا، هن کي پراڻا ۽ ميرا ڪپڙا پيل هئا ۽ هن پنهنجي پيءُ ماءُ جي اڳيان سگريٽ پي پيتا. هڪ اعليٰ سفارتڪار ۽ معزز پروفيسر جو پٽ هجڻ جي بدران هو هڪ لفنگو پي نظر آيو جنهن کي ڀارت ۾ اڳوڻو سفير پاڻ سان پنهنجي گهر وٺي آيو هو. ان وقت مون کي اها خبر ڪين هئي ته پندرهن سال پوءِ پاڪستان ۾ منهنجي نظربنديءَ مان مون کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پيٽر ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو.

پر پيٽر ته هارورڊ ۾ هزارن شاگردن مان هڪ هو. اتي مون کي اڻڄاڻ ماڻهن وٽ وڃي لائبرريءَ جو، ليڪچر هال جو ۽ ڊمانسٽريشن هال جو رستو پڇڻو ٿي پيو. آئون مُنهن ٻڌي ويهي نه ٿي سگهيس. آئون هڪ عجيب ۽ اوپري کڏ جي بنهه تري ۾ اڇلائي وئي هيس. مون کي مٿاڇري تائين اچڻ لاءِ پاڻ ڪوشش ڪرڻي هئي.

آئون جلد ئي آرام سان رهڻ لڳيس ۽ پنهنجي پهرئين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل سيڪريٽري ٿيس ۽ پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“ جي لاءِ مقابلو ڪيم ۽ ڪرمسن ڪي سوسائٽي جي طرفان نون شاگردن کي يونيورسٽيءَ جا سير ڪرايم. ” هن عمارت جو سرڪاري نالو سينٽر آف انٽرنيشنل افيئرس آهي. پر اسان سڀني کي خبر آهي ته سي آءِ اي جو مطلب ڪهُڙو آهي،“ آئون نون شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سازشي انداز ۾ چوندي هيس. ان موقعي تي مون کي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجا اوائلي ڏينهن ياد ايندا هئا جڏهن اتي جو پهريون ڀيرو سير ڪندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هارورڊ جي وزيوئل آرٽس جي تڪراري عمارت جنهن جو نقشو فرانسيسي معمار لي ڪوربوزيئر ٺاهيو هو، اهو سٺو ڪونه هو. ان جي لاءِ هيءُ چرچو مشهور هوندو هو ته ”جڏهن رازن عمارت جوڙي ٿي تڏهن سندن اڳيان اهو نقشو ابتو رکيل هو.“

البت ڪي ثقافتي تڪرار ٿي پوندا هئا جن کان پاڻ بچائڻ مشڪل هوندو هو. پهرئين سال جڏهن ايليٽ هال ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گڏيل تعليم ٿي تڏهن نوجوان ڇوڪرن جي بلڪل ويجهو رهڻ مون کان بنهه سٺو نه ٿيو هو. جيڪڏهن ڌوٻيخاني ۾ ڪو شاگرد ڏسندي هيس ته آئون ڪپڙا ڌوئڻ ملتوي ڪري ڇڏيندي هيس. اهو مسئلو ان وقت حل ٿيو هو جڏهن هارورڊ ڪئمپس جي ايليٽ هائوس ۾ وڃي رهيس، جتي منهنجي ڪمري جي ٻي شاگردياڻي يولنڊا ڪوڊرزيڪي هئي ۽ منهنجا پنهنجا ڪمرا ۽ غسل خانو هو ۽ جتي ڌوٻيخانو خاصو وڏو هو.

مون سوچيو هو ته آئون علم نفسياتي پڙهنديس. پر جڏهن مون کي خبر پئي ته ان جي سبقن ۾ حڪمت پڙهڻ ۽ جانورن جي وڍ ڪٽ ڪرڻ ضروري هئي ته مون کي ڏڪڻي ۽ ڪراهت وٺي وئي ۽ مون ان جي بدران تقابلي حڪومت پڙهڻ قبول ڪيو. بابا ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن ريڊ ڪلف جي صدر ميري بنٽنگ کي هڪ خفيه خط ۾ لکيو هو ته هوءَ ڪوشش ڪري مون کي علم سياست ڏانهن مائل ڪري. ان جي بدران مسز بنٽنگ مهرباني ڪندي مون کان پڇيو هو ته آئون زندگيءَ ۾ ڇا ٿي ڪرڻ گهران. هن مون کي اهو ڪڏهن به ڪين ٻڌايو ته کيس بابا وٽان خط مليو آهي. تقابلي حڪومت پڙهڻ عقلمنديءَ جو فيصلو ثابت ٿيو.

هارورڊ ۾ حڪومت جو مطالعو ڪرڻ جي ڪري مون پاڪستان کي وڌيڪ سمجهڻ شروع ڪيو. ”جڏهن ڪو پوليس وارو رستي تي هٿ مٿي کڻي چوي ٿو ته ”ترسو“، ته هر ڪو بيهي رهي ٿو. پر جڏهن اوهين يا آئون هٿ مٿي کڻي چئون ٿا ته ترسو، ته ڪوبه نه ٿو بيهي. ڇو؟“ فريشمين سيمينار ۾ ”انقلاب“ جي موضوع تي پڙهائيندي پروفيسر جان ووميڪ اسان جي ننڍي گروهه کان پڇيو. ”ڇاڪاڻ ته پوليس واري کي آئين ۽ قانون اختيار ڏنو آهي ته قانون تي عمل ڪرائي.. هن وٽ ترسو، چوڻ جو اختيار آهي، حق آهي جيڪو اوهان وٽ ۽ مون وٽ ڪونهي.“

آئون پنهنجي پڙهائيءَ جي ٻئي سال جي اڌ ۾ هيس ته پاڪستان ۾ جائز حڪومت جي قائم ٿيڻ جا آثار نظر آيا. 7 ڊسمبر 1970ع تي يحيٰ خان آخرڪار چونڊون ڪرايون جيڪي تيرهن سالن ۾ پهريون  ڀيرو ٿيون. دنيا جي ٻئي طرف ڪئمبرج ۾ آئون ٽيليفون جي ڀرسان سڄي رات پڙهندي رهيس. جڏهن امان فون تي مون کي ٻڌايو ته منهنجي والد ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ اولهه پاڪستان ۾ اتفاق سان چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي 138 نشستن مان 82 نشستون کٽي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمٰن بنا مقابلي بيٺو هو ۽ هن وڏي اڪثريت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ٻئي ڏينهن ”نيو يارڪ ٽائمز“ اخبار ۾ بابا جي ڪاميابيءَ جي خبر پڙهي انهن ماڻهن جن سان اڳ آئون ڪڏهن به نه ملي هيس، مون کي مبارڪون ڏنيون هيون.

پر منهنجي اها خوشي عارض هئي. مجيب منهنجي والد ۽ اولهه پاڪستان جي نمائندن سان ملي هڪ نئون آئين ٺاهڻ جي بدران جيڪو پاڪستان جي ٻنهي حصن کي قبول هجي ها، آزاديءَ جي تحريڪ ڀڙڪائي ته جيئن اوڀر پاڪستان يا اوڀر بنگال کي اولهه وفاق کان ڇني ڌار ڪري. پاڪستان کي متحد رکڻ لاءِ“ هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ۽ يحيٰ جي فوجي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ منهنجي والد ڪيترائي ڀيرا شيخ مجيب کي منٿون ڪيون. پر نرمي ڏيکارڻ ۽ سياسي ضرورت کي قبول ڪرڻ جي بدران مجيب اهڙو ضد ڏيکاريو جنهن جي منطق اڄ ڏينهن تائين منهنجي سمجهه کان مٿي آهي. اوڀر بنگال جي باغين هوائي اڏن تي قبصو ڪري هن جي آزاديءَ جي سڏ جو جواب ڏنو. بنگالي شهرين پنهنجن ٽئڪسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حڪومت جي بنگالي ملازمن هڙتال ڪئي. مارچ تائين گهرو جنگ مٿان اچي ڪڙڪي.

بابا مصالحمت لاءِ مجيب سان ڳالهيون ڪندو رهيو، ان اميد تي ته پاڪستان متحد رهندو، ان اميد تي ته اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ تي هڪ فوجي حڪومت کي ان جو بدلو وٺڻ سولو ٿي پوندو. 27 مارچ 1971ع تي هو اوڀر پاڪستان جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ مجيب سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ موجود هو ته کيس جنهن ڳالهه جو خوف هو اها ئي ٿي. يحيٰ خان فوج کي حڪم جاري ڪيو هو ته بلوي کي ختم ڪيو وڃي. منهنجو والد هوٽل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو هو جڏهن هن ڍاڪا کي باهه جي الن ۾ ٻرندي ڏٺو. جنرلن طاقت جو جيڪو اڻٽر حل ڳولي لڌو هو، ان تي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ڇهه هزار ميل پري ڪئمبرج ۾ مون کي هڪ ڏکيو سبق سکڻو پيو هو.

ڦرلٽ، بيحرمتي، زوريءَ ڀڄائڻ، قتل، آئون جڏهن هارورڊ آئي هيس تڏهن پاڪستان جي باري م ڪنهن کي به پرواهه ڪين هئي، پر هاڻي ته هر ڪنهن جي زبان تي اهو نالو هو. سڄي دنيا ۾ منهنجي ملڪ تي ملامت پي ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ جنهن کي باغين هاڻي بنگلاديش پي سڏيو، اسان جي فوج جيڪي ظلم ۽ ڏاڍايون پي ڪيون،  تن جا تفصيل هت اخبارن ۾ پڙهي پهرين ته مون کي انهن تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. منهنجا والدين هر هفتي پاڪستان مان سرڪاري اثر هيٺ نڪرندڙ اخبارون موڪليندا هئا، جن مطابق ان ننڍڙي بغاوت کي ٻنجو ڏنو ويو. هو. ته پوءِ اهي ڪهڙا الزام هئا ته ڍاڪا کي ساڙي رک ڪيو ويو آهي ۽ فوجي جٿن کي يونيورسٽيءَ ۾ موڪلي اتي شاگردن، استادن، شاعرن، ناول نويسن، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي؟ مون بي اعتباريءَ وچان پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. اهي به خبرون هيون ته هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن ملڪ مان ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي کي پاڪستاني جهازن ويجهڙائي تان گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو، جن جا لاش رستا روڪ لاءِ رکيا ويا هئا.

اهي ڳالهيون ايتريون ته ڀوائتيون هيون جو آئون ڪي به سوچي نه ٿي سگهيس. ريڊ ڪلف ۾ پهرئين سال عورتن جي بيحرمتيءَ تي اسان کي جيڪو ليڪچر ڏنو ويو هو ان تي پهرين ته اعتبار ڪونه آيو هو. آمريڪا اچڻ کان پهرين مون ڪڏهن به عورتن جي بيحرمتيءَ جي باري ۾ ڪي به نه ٻڌو هو ۽ ان جي امڪاني خوف جي ڪري ايندڙ چئن سالن ۾ آئون ڪڏهن به رات جو اڪيلي ٻاهر نه نڪتيس. ليڪچر کان پوءِ منهنجي لاءِ هارورڊ ۾ بيحرمتيءَ جو امڪان حقيقي ٿي پيو هو. اوڀر بنگال ۾ بيحرمتيءَ جو امڪان حقيقي ڪونه هو.  مون کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري بيان ۾ عافيت نظر آئي ته مغربي ملڪن جي اخبارن ۾ جيڪي خبرون ڇپجن ٿيون انهن ۾ ”وڌاءُ“ آهي ۽ هڪ اسلامي رياست جي خلاف اها ”يهودين جي سازش“ آهي.

هارورڊ ۾ هم ڪلاسين کي مڃائڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ”اوهان جي فوج وحشي آهي،“ الزام لڳندا هئا. ”اوهين بنگالين جو ڪوس پيا ڪريو.“ ”اوهين بنگالين کي قتل پيا ڪريو.“ آئون ان جو جواب ڏيندي ڪاوڙ ۾ بيوس ٿي پوندي هيس. ”اوهين اخبارن ۾ جيڪي پڙهو ٿا ان تي اوهان کي اعتبار اچي ٿو؟“ هر ڪو اولهه پاڪستانين جي خلاف هو. انهن ۾ اهي ماڻهو به هئا جن سان ان سال جي شروعات ۾ در در وڃي اسان اوڀر پاڪستان جي ٻوڏ جي ستايلن لاءِ چندو گڏ ڪيو هو. الزام ڏينهون ڏينهن وڌندا ويا. ”اوهين ماڻهو فاشي آمر آهيو.“ مون کان ڳالهائڻ جي ڪوشش به نه ٿي هئي، جڏهن مون خاص ڪري اهو پڙهيو هو ته ڀارت هزارن پناهگير بنگالين کي گوريلا جنگ جي تربيت ڏئي سرحد ٽپائي واپس ملڪ ۾ پيو موڪلي. ”اسين اهڙي بغاوت جي خلاف پيا وڙهون جنهن ۾ ڀارت جو هٿ آهي،“ آئون سختي سان چوندي هيس. ”اسين پنهنجي ملڪ کي متحد رکڻ گهرون ٿا، جيئن اوهان پنهنجيءَ گهرو جنگ ۾ ڪيو هو.“

پر ملامت کان بچڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هو پوءِ کڻي اها بي بنياد هئي. ”پاڪستان بنگلاديش جي عوام کي سندن راءِ جي حق کان محروم رکيو آهي،“ منهنجي پهرئين سال جي سرءُ م پروفيسر والزر ”جنگ ۽ علم اخلاقيات“ جي موضوع تي عام ليڪچر ۾ گجگوڙ ڪندي چيو. اهو ٻڌي آئون اٿي بيٺيس ۽ ليڪچر هال ۾ 200 شاگردن  جي اڳيان مون پنهنجي پهرين سياسي تقرير ڪئي. ”اهو سمورو بيان غلط آهي پروفيسر،“ مون هن جي اصلاح ڪندي چيو. منهنجو آواز پي ڏڪيو.“ بنگال جي عوام پنهنجي راءِ جو حق 1947ع ۾ استعمال ڪيو، جڏهن هنن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.“ سڄي هال ۾ ماٺ ٿي وئي. پر تاريخي طرح منهنجي ڳالهه صحيح هئي. پر وڌيڪ ڏکائتو سچ اوڀر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ جي مايوسي هئي جنهن کان مون پاڻ نٽايو هو.

ان وقت کان مون ڪيترا نه ڀيرا الله تعاليٰ کان پنهنجي ان اڻڄاڻائيءَ لاءِ معافيءَ جي دعا گهري آهي؟ ان وقت منهنجو ان طرف ڌيان ڪونه ويو هو ته پاڪستان ۾ جمهوري حقن جي سخت انحرافي ٿي هئي .بنيادي طرح اولهه پاڪستان جي اقليتي صوبي، اوڀر پاڪستان جي اڪثريتي صوبي کي پنهنجي ڪالوني ڪري پي سمجهيو هو. اوڀر پاڪستان جي برآمدات جي ايڪٽيهن بلين روپين کي به وڌيڪ محصولن مان، اولهه پاڪستان جي اقليت پنهنجا رستا، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ٺهرايون هيون، پر اوڀر پاڪستان ۾ اهڙا ترقياتي ڪم تمام ٿورا ٿيا هئا. اسان جي بيحد غريب ملڪ جي نوڪريون ڏيندڙ وڏي ۾ وڏي اداري فوج، پنهنجا 90 سيڪڙو ملازم اولهه پاڪستان جا هئا. مرڪزي حڪومت ته مرڳو اردو کي اسان جي قومي زبان جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ٻوليءَ کي اوڀر پاڪستان ۾ تمام ٿورا ماڻهو سمجهندا هئا. انهيءَ ڪري سرڪاري ۽ تعليمي نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ بنگالين کي مقابلي ڪرڻ ۾ وڌيڪ رنڊڪون پيدا ٿيون هيون. اهو ئي سبب آهي جو هنن پاڻ کي جدا ۽ مظلوم پي سمجهيو.  

هارورڊ ۾ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آءٌ تمام ننڍي ۽ ٻالي ڀولي هيس ته پاڪستاني فوج به ٻي ڪنهن فوج وانگر شهري آبادين ۾ ظلم زبردستي ڪري سگهندي. اها نفسيات اهڙي ئي موتمار ٿي سگهي ٿي جهڙي 1968ع ۾ هئي. جڏهن آمريڪي فوجن مائيلاءِ جي معصوم شهرين کي قتل ڪيو هو. ڪيترائي سال پوءِ منهنجي گهر واري صوبي سنڌ ۾ به ضياءِ اهڙو ئي ظلم ڪيو هو. هٿياربند فوجن جا سپاهي آپي مان نڪري شهرين ۾ تباهي پکيڙي سگهن ٿا. اهي شهرين کي ”دشمن“ سمجهي هنن کي گولي هڻي مارين ٿا، يالٽين ڦرين ٿا يا هنن جي بيحرمتي ڪن ٿا. ان هوندي به 1971ع جي ان ڏڪائيندڙ بهار جي مند ۾ منهنجي ذهن ۾ پاڪستاني سپاهين جي ان بهادري جو ٻاراڻو خيال ويٺل هو جن 1965ع واري جنگ ۾ ڀارت جو ڏاڍي دليريءَ سان مقابلو ڪيو هو. اهو هڪ اهڙو خيال هو جيڪو ڏاڍو آهستي ۽ ڏکائتي نموني سان ختم ٿي رهيو هو.

”پاڪستاني جي لاءِ هن وقت سخت آزمائش آهي،“ منهنجي والد مون کي هڪ ڊگهي خط ۾ لکيو جيڪو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ”عظيم الميو“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ”پاڪستانين جو پاڪستانين کي قتل ڪرڻ وارو خوفناڪ خواب اڃان ختم نه ٿيو آهي. خون اڃان به وهايو پيو وڃي. ڀارت جي اڳرائي جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي افراتفريءَ مان جان آزاد ڪرائي ته پاڪستان بامقصد سلامت رهندو. ٻي صورت ۾ اهي فتني فساد وارا ٿرٿلا پوري تباهيءَ ڏانهن گهلي ويندا.“

فنتي فساد جا اهي ٿرٿلا نيٺ 3 ڊسمبر 1971ع تي ٿيا. ”نه!“ ايليٽ هال ۾ مون اخبار هيٺ اڇلائيندي رڙ ڪئي. امن امان کي قائم ڪرڻ لاءِ  ۽ پناهگيرن کي ڀارت مان واپس گهرائڻ لاءِ جيڪا ڀارتي فوج آئي هئي، ان اوڀر پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو هو ۽ پڻ اولهه پاڪستان تي به بم وسايا هئا. ڪراچي بندر جي لنگر گاهه تي اسان جن سامونڊي جنگي جهازن تي روس جي ٺاهيل جديد ميزائيلن سان حملا ڪيا ويا. ڀارتي جهازن شهر جي اهم تنصيبات تي هيٺائين تان گولا پي وسايا. اسان جا هٿيار ايترا ته مدي خارج هئا، جو اسين جوابي جنگ به نه وڙهي سگهياسين. هاڻي ته مرڳو منهنجي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو هو.

”تون ڀاڳن واري آهين جو هتي نه آهين.“ ڪراچيءَ مان سميه مون ڏانهن لکيو. ”هر روز رات جو هوائي حملا ٿين ٿا ۽ روشنيءَ کي لڪائڻ لاءِ اسان درين تي ڪارا ڪاغذ هڻي ڇڏيا آهن. اسڪول ۽ يونيورسٽي بند آهن، جنهنڪري سڄو ڏينهن ڳڻتي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي. هميشه جيان اخبارن ۾ اسان کي ڪي به ٻڌايو نه ٿو وڃي. اسان کي ته اوڀر پاڪستان تي ڀارت جي حملي ڪرڻ جي خبر به ڪين هئي. اها خبر ان وقت پئي جڏهن ڪنهن ماڻهو اسان جو دروازو کڙڪائي رڙ ڪئي ته ”جنگ شروع ٿي وئي آهي! جنگ شروع ٿي وئي آهي!“ هاڻي 7:00 بجي وارين خبرن ۾ هو ته اسان جي فتح پئي ٿي. پر بي بي سي نشريات ۾ چيو ويو ته اسان کي چيڀاٽيو پيو وڃي. بي بي سي ته انهن ڏڪائيندڙ ڏوهن جون پڻ خبرون نشر ڪيون آهن. جيڪي فو ج اوڀر پاڪستان ۾ ڪيا آهن. انهن جي باري ۾ توڪو ٻڌو؟

”ڪراچي ۾ تنهنجو تيرهن سالن جو ڀاءُ شاهنواز ڏاڍو جوش ۾ آهي. هن شهري دفاع جي تنظيم ۾ حصو ورتو آهي ۽ هر رات جو موٽر سائيڪل تي چڙهي پاڙي ۾ وڃي سڀني کي چوي ٿو ته بتيون وسائي ڇڏيو. باقي اسين سڀئي ڏاڍا ڊنل آهيون. هڪڙي حملي جي وقت آءٌ تنهنجي گهر ۾ صنم وٽ هيس. جتي تنهنجي ماءُ اسان کي هيٺ کاڌي واري ڪمري ۾ وٺي وئي جنهن ۾ دريون ڪونهن. گهر ۾ آءٌ پنهنجي ماءٌ سان گڏ سمهان ٿي. اسين ٻئي ڏاڍو پريشان آهيون. اسان جي گهر ۾ پريان جيڪا گهٽي آهي اتي ٽي بم ڪريا آهن، پر خوشقسمتي سان اهي ڪونه ڦاٽا. اسان جي باغ ۾ هر طرف شيشن جا ٽڪرا پکڙيا پيا آهن.

”ڀارت جا جهاز ايترا ته هيٺ اڏامن ٿا جو درين مان انهن جا پائليٽ به ڏسي سگهجن ٿا! پر اسان جي هوائي فوج جو ڪوبه جهاز انهن تي حملو نه ٿو ڪري. ٽي راتيون اڳ ٺڪاءَ ايڏا ته زودار ٿيا هئا جو مون سمجهيو ته هنن اسان جي پاڙيسريءَ جي گهر تي بم هنيون آهي. آءٌ گهر جي ڇت تي چڙهي ويس ۽ ڏٺم ته سڄو آسمان ڳاڙهو ٿيو پيو آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو خبر پئي ته ڪراچي بندر ۾ تيل جي ٽانڪين کي ميزائيل هنيان ويا هئا. اتي اڃان تائين باهه لڳي پئي آهي. اسين انتظار ۾ آهيون ته ڪڏهن ٿا آمريڪي مدد ڪن.“

آمريڪا مان فوجي امداد ڪڏهن به ڪين پهتي. جيتوڻيڪ پاڪستان جو آمريڪا سان دفاعي ٺاهه ٿيل هو. پر ڪنهن غلطي جي ڪري اهڙو انتظام ٿي نه سگهيو. آمريڪي اسان کي سندن دشمن، سوويٽ يونين جي حملي کان بچائڻ لاءِ تيار هئا. پر پاڪستان جو حقيقي خطرو ته هميشه کان ڀارت رهيو هو. هاڻي به روسين جي خلاف افغان باغين کي جيڪا امداد ڏني وڃي ٿي ان جو هڪ وڏو حصو پاڪستاني فوج جي اسلحي خاني ۾ وڃي ٿو ته جيئن ڀارت جو سخت مقابلو ڪري سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com