پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه
مادر جمهوريت
بيگم نصرت ڀٽو
پاڪستاني
عوام جي پسنديده شخصيت، حوصلي ۽ همت، جدوجهد ۽
جستجو جو اهڃاڻ، ڏک ۽ تڪليفون، سختيون ۽ مصيبتون
برداشت ڪندڙ، عورت بيگم نصرت جهڙي ڪا ٻي خاتون نٿي
ٿي سگهي. لطيف سائين فرمايو آهي ته:
سرجي تان سور، سامائي تان سُک ويا،
اهي ٻئي پور نماڻيءَ نصيت ٿيا.
بيگم صاحبه 23- مارچ 1929ع تي، ايران جي شهر
اصفهان جي هڪ امير خاندان ۾ پيدا ٿي. لاڏ ڪوڏ سان
پليل هن عورت پنهنجي زندگيءَ ۾ جيتريون خوشيون
ڏٺيون اوترائي ڏک ڏٺا. لطيف سائين فرمايو آهي ته:
’الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن‘، بيگم صاحبه
هڪ ذهين، ايماندار، عقلمند، بهادر ۽ روشن خيال
عورت هئي. 1973ع ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي
جي ليڊيز ونگ قائم ڪري، بيگم صاحبه کي انهيءَ جو
صدر بڻايو. هن پهريون ڀيرو ليڊيز ونگ جون چونڊون
ڪرايون ۽ پارٽي جي ان ذيلي تنظيم کي منظم ڪيو ۽
پنهنجن ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪئي. بيگم صاحبه
پي پي پي جي قيادت انتهائي مشڪل وقت ۾ سنڀالي، اهو
دور پاڪستان سميت ساڄي ڌر جي ۽ فسطائي قوتن جي
بدترين فڪري ۽ سياسي جارحيت جو دور هو. جڏهن ڀُٽي
صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ته اهڙين حالتن ۾ سموريون
ذميواريون بيگم صاحبه پنهنجن ڪُلهن تي کنيون. جنهن
تي ڪيترائي ماڻهو سندس دشمن بڻجي ويا پر هن انهن
سڀني ذميوارين کي پورو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو ۽
انهيءَ سلسلي ۾ پيش ايندڙ هر تڪليف جو مقابلو ڪرڻ،
ان کي منهن ڏيڻ پنهنجو مقصد بڻايو هو.
’تون جي پهڻ پٻ ته جا لڱ منهنجا لوهه‘
بيگم صاحبه تي هڪ طرف دنيا جي ماڻهن طرفان ظلم
ٿيندا رهيا، ٻئي طرف الله سائين طرفان سندس حوصلي
۽ صبر جي آزمائش وٺڻ لاءِ کيس صدمه پڻ رسندا رهيا.
انسان ڪيترو ئي مضبوط ڇو نه هجي. پر جڏهن مٿس
ايتريون سختيون اچن ٿيون ته اهو بي حال ٿي وڃي ٿو،
هيءَ ته هڪ عورت هئي. الله سائين انسانن تي سندس
برداشت کان وڌيڪ تڪليفون نٿو ڏئي پر هن کي ته
ايتريون تڪليفون ۽ ايترا صدما پهتا جو هوءَ برداشت
نه ڪري سگهي ۽ ڪيترو ئي عرصو زنده لاش بڻجي ويئي.
هڪ طرف سندس بهادر مڙس ذوالفقار علي ڀُٽو جيڪو
دنيا جو مڃيل سياستدان هو. ڀُٽي صاحب، جنهن
پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي اصلاحات ڪيا ۽
ڪيترن ئي بهترين ڪمن ڪرڻ جو سوچيو، هن شهنشاهه
ايران رضا شاهه پهلوي، ڪرنل قذافي، انور سادات،
صدام حسين ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي سربراهن سان گڏجي
دنيا ۾ انقلاب آڻڻ چاهيو ٿي ۽ وڏين وڏين طاقتن سان
گڏجي مقابلو ڪرڻ لاءِ اسلامي ملڪن جو پليٽ فارم
تيار ڪيو ۽ دنيا جي مسلمانن کي آزاد ۽ خوشحال
بنائڻ ٿي چاهيو. سندس انهيءَ کنيل قدم تي دشمن کيس
ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ موڪلي، مٿس هر
قسم جون سختيون ڪيون اهي سڀ سندس رفيقه حيات
برداشت ڪندي رهي ته اوچتو ئي اوچتو کيس ڦاسي ڏيئي
شهيد ڪيو ويو. اهو بيگم صاحبه جي زندگيءَ جو وڏو
سانحو هو، جنهن کي هن ڪيئن برداشت ڪيو هوندو، اهو
ته ڪا بيواهه ئي ٻُڌائي سگهي ٿي، جنهن پنهنجي
خوشحال زندگي گذارڻ کان پوءِ اهڙا ڏکيا مرحلا
گهاريا هوندا. انهيءَ کان پوءِ سندس بهادر نوجوان
پُٽن شاهنواز ڀُٽو کي زهر ڏيئي ۽ مير مرتضيٰ ڀُٽو
کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. هڪ ماءُ جي لاءِ
انهيءَ کان وڏو ڏکائيندڙ ۽ اذيتناڪ مرحلو ڪهڙو ٿي
سگهي ٿو، جنهن ۾ سندس ڀريل گود کي خالي ڪيو ويو
هجي، سندس خاندان جا والي وارث شهيد ڪري، سندس
خاندان جو نالو مِٽائڻ چاهيو. انهيءَ صدمي هن
بهادر عورت کي هڪ زنده لاش بڻائي ڇڏيو. انهيءَ کان
پوءِ بيگم صاحبه جي ۽ دنيا جي عظيم ليڊر ۽ خوبصورت
ترين، ذهين ترين ڌيءَ جنهن ڪڏهن به آمر جي اڳيان
ڪنڌ نه جهڪايو، اُن تي دشمنن ڪيترائي حملا ڪيا ۽
آخر ان کي شهيد ڪيو ويو. بيگم صاحبه بهادر، انصاف
پسند، هر تڪليف کي منهن ڏيندڙ، ذهين ۽ صابر اولاد
پيدا ڪيو ۽ کين عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ خاطر
زندگي گذارڻ جي تربيت ڏني. ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ۽
پوءِ پارٽيءَ جي چيئرپرسن هئڻ تي، 1977ع ۾ قذافي
اسٽيڊيم لاهور ۾ جلسو ڪرڻ تي مٿس وارنٽ ڪڍيا ويا،
سندس مٿي تي ڏنڊا وسائي کيس رتورت ڪيو ويو، کيس
ڌمڪيون ڏيئي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر پاڻ به ان
وقت اهو چيائين ته، ”اوهان جيڪڏهن سمجهو ٿا ته
اوهان جي هنن لٺين سان مان هن ملڪ مان هلي وينديس
ته اها اوهان جي ڀُل آهي، اوهان پنهنجي آقا کي
منهنجو نياپو وڃي ڏيو ته مان هن ڌرتي جي ڌيءَ
آهيان. مان ڀُٽي جي پارٽي جي وارث آهيان مان ڪڏهن
به جنرل ضياءُالحق کي ميدان خالي ڪري ڏيئي نه
وينديس.“ اهي لفظ جمهوريت جي ماءُ جا هئا. هن
پنهنجي ملڪ تان مال، جان، اولاد تائين،
جمهوريت جي بقا خاطر قربان ڪيا، اها عظيم ماءُ اڄ
اسان وٽ موجود ڪونهي، سندس ٻُڌايل سچ ۽ حق جي راهه
تي هلڻ جو سبق ڏيندڙ سنڌ جي ماءُ هميشه اسان سان
گڏ هوندي. هاڻ صنم ڀٽو اڪيلي نه آهي. سنڌ جي هر
عورت سندس ماءُ ۽ هر ڇوڪريءَ سندس ڀيڻ آهي، ڇاڪاڻ
ته امڙ نصرت ڀُٽو صرف سندس ماءُ نه هئي، پر سنڌ جي
هر مرد ۽ هر عورت جي مٺڙي امڙ هئي سندس سوچ، سندس
نظريو، سندس پيغام هر گهر ۾، هرهڪ ٻار، هر عورت ۽
هر مرد لاءِ مشعل راهه مثل آهي.
شگفته شاهه
خاتونِ اول کان ”مادرِ جمهوريت“ تائين جو سفر
تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جي اڻسڌي ملاقات ٽن
قسم جي ماڻهن سان ٿئي ٿي.
1. جن بابت اسين فقط پڙهندا يا ٻڌندا آهيون. اهي
ڪردار صديون پراڻا هوندا آهن. انڪري اسين فقط انهن
جا تصوراتي خاڪا پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي سگهندا آهيون.
2. جيڪي اسان جي دور کان اڳ هوندا آهن پر سندن ذڪر
۽ تصويرون تاريخي ڪتابن ۾ موجود هونديون آهن
جنهنڪري سندن شڪل شبيهون اسان جي اکين اڳيان
هونديون آهن.
3. جيڪي اسان جي زندگيءَ ۾ موجود هوندا آهن ۽ اسان
جي حياتيءَ جي دور ۾ ئي تاريخ جو اڻ مٽ نقش بنجي
ويندا آهن. اسين سندن دور جا چشم ديد گواهه هوندا
آهيون
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو،
مير مرتضيٰ، شاهنواز ڀٽو، ۽ محترمه نصرت ڀٽو، اهي
شخصيتون هيون جن کي اسان پنهنجي شعور جي پهرين دور
کان وٺي زنده سلامت ڏٺو (ميڊيا وسيلي) ذوالفقار
علي ڀٽو جي حڪومت جي دور کان بيگم نصرت ڀٽو جي
وفات تائين جي دور جي واقعن کي اکين سان ڏٺوسين ۽
گهڻو ڪجهه ٻڌوسين.
اڄ مون کان جيڪڏهن ڪوئي پڇي ته منهنجي حياتيءَ ۾
گذريل، پاڪستان جو ڪهڙو دور مون کي وڻيو ته بنا
گهڻو سوچڻ ۽ هٻڪ جي آئون چوندس ته ”ذوالفقار علي
ڀٽو“ جو حڪومت وارو دور جيتوڻيڪ اهو منهنجو ننڍپڻ
جو دور هو پر ايترو ضرور ياد آهي ته هي واحد دور
هو جڏهن سستائي هئي، امن امان هو ۽ ملڪ ترقي جي
شاهراهن تائين رسي ويو هو. ڳوٺن ۾ بجلي اچڻ لڳي ۽
ملڪ خوشحاليءَ ڏانهن وڌڻ لڳو هو جو آمر ضياءُ الحق
جو ڪارو دور آيو ۽ ظلم جي ڪاري آنڌي ۾ ترقيءَ جون
سڀ شاهراهون لٽجي ويون ۽ خواب مري ويا. ان ڏينهن
کان اڄ تائين پاڪستان، جو ان وقت اڳتي وڌڻ جو سفر
طئي ڪري جديد ٽيڪنالاجي ۽ ترقي ڏانهن گامزن هو،
رِوَرس (Reverse)
ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مسئلن ۾ گهيرجي ويو نتيجو اهو آهي
جو اڄ امن و امان کان وٺي بجلي جي ۽ ٻين توانائي ۽
غذائي وسيلن جي بيحد کوٽ آهي. اڄ به دعا ڪندي
آهيان ته اهڙو پرسڪون ۽ شاندار دور پاڪستان ۾ ٻيهر
اچي.
ان دور ۾ اسان وٽ انگريزي اخبارون ”ڊان“،
”اسٽار“ ۽ سنڌي اخبارون ”هلال پاڪستان“ ۽ ”عبرت“
اينديون هيون. انهن اخبارن جي فرنٽ پيج تي هر روز
”وزير اعظم“ ذوالفقار علي ڀٽو جون تصويرون مختلف
مصروفيتن جي حوالن سان ڇپبيون هيون ۽ اڪثر ”خاتون
اول“ محترمه نصرت ڀٽو جون به. هوءَ اڪثر جاين تي
پنهنجي وَرَ سان گڏ بيٺل نظر ايندي هئي. هڪ گريس
فل، خوبصورت خاتون ۽ اڪثر ساڙهيءَ ۾ ملبوس هوندي
هئي.
ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو شروعاتي دور ته ياد
ڪونهي البت شعور جي البم تي جيڪي سندس پهريون
تصويرون لڳل آهن، سي آهن 1974ع ۾ ٿيل لاهور ۾
اسلامي سربراهي ڪانفرنس جون تصويرون خاص ڪري جن ۾
پاڻ سعودي عرب جي شاهه فيصل، فلسطين جي ياسر عرفات
۽ ليبيا جي ڪرنل قذافيءَ سان هٿ هٿ ۾ ڏئي يڪجهتيءَ
جي اظهار طور هڪٻئي جا هٿ پڪڙي بلند ڪري رهيا آهن.
انهن ٽنهي ملڪن جي انهن رهنمائن جي وفات تي، خاص
طور تي ليبيا جي ڪرنل قذافيءَ جي دردناڪ انجام تي
مون کي اهي تصويرون ۽ ٽي وي فوٽيجز ياد پيون.
جيتوڻيڪ ان وقت آءٌ ٻار هيس ۽ سياسي شعور ته هو ئي
نه جو انهن شخصيتن کي سڃاڻا ها پر هڪ ته بابا ۾
سياسي شعور گهڻو هو ۽ هو ڀٽي صاحب جو تمام وڏو
پرستار هو انڪري هو اسان کي ان ڪانفرنس جي اهميت ۽
ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت بابت ٻڌائيندو هو ته
اسين سڀ ٻار ان ڪانفرنس جي سڄو سڄو ڏينهن جي لائيو
ڪوريج پي. ٽي ويءَ تان شوق سان ڏسندا هئاسين. اڄ
تائين ياد آهي ته ان ڪانفرنس ۾ مصر جو صدر انور
سادات ۽ يوگينڊا جو عيدي امين به آيو هو.
هينئر ياد نه اٿم پر اندازي سان ٻڌايان ٿي ته
1975ع کي ’عورتن جو عالمي‘ سال ڪري ملهايو پئي ويو
ته ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ راڻي باغ ۾ به سڄو هفتو
فقط عورتن لاءِ رنگا رنگ ميلو لڳو هو. سڄي شهر مان
اسڪولن ۽ ڪاليجن جون شاگردياڻيون ۽ گهرو عورتون
گهمڻ ڦرڻ اينديون هيون. اسان جي گهر کان (سنڌي
مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ کان) راڻي باغ ايترو ويجهو
آهي جو روز پنڌ ويندا هئاسين. ان ميلي جي آخري
ڏينهن واري تقريب ۾ شام جو بيگم نصرت ڀٽو اچڻي هئي
سو اسين سڀ شام ٿيندي ئي ”اوپن ايئر ٿئٽر“ ۾ وڃي
ويٺاسين جتي ان ڏينهن ايڏي پيهه هئي جو هر عورت
’خاتون اول‘ بيگم نصرت ڀٽو جي سامهون کان هڪ جهلڪ
ڏسڻ ٿي چاهي. ٿئٽر ۾ حيدرآباد جي مختلف ڪاليجن
پاران عورتن جي حقن جي حوالي سان ٽيبلو پيش ڪيا
پئي ويا. جڏهن بيگم ڀٽو اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ آئي ته
عورتن جنهن نموني جوش، خوشي ۽ تاڙين سان سندس
آجيان ڪئي ۽ اسان پري کان کيس ڏٺو، اهو ماحول ۽
منظر اهڙو هو جو اڄ تائين وسرڻ جو ڪونهي. اڄ ڪڏهن
سوچجي ٿو ته دل مان آهه ٿي نڪري ته اهو وقت، اهي
ماڻهو ۽ اهو ماحول ائين ويا هليا جو وري نه وريا.
قدرت جا ڪمال به ڏسو، ڪٿي ايران جي شهر اصفهان ۾
پيدا ٿيل محترمه نصرت ۽ ڪٿي لاڙڪاڻي جو هڪ سنڌي
جاگيردار پر رب ٻنهي کي هڪٻئي لاءِ ئي خلقيو هو جو
سندن ساٿ ايڏو ته پائيدار رهيو جو ماڻهن/ دنيا
ڏٺو. سندن شادي ٿيڻ جو احوال هن طرح بيان ٿيل آهي:
”آڪسفورڊ ۾ رهندي ذوالفقار پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ ۾
شرڪت لاءِ پنهنجي گهر آيو. ڏکڻ ايشيا ۾، وڏن
گهراڻن ۾ شادي به عام طور هڪ تمام وڏو ڪاڄ هوندو
آهي. ڪيترن ئي ڏينهن تائين دعوتون ۽ پئسي جو
ڏيکاءُ ٿيندو آهي. ڪنهن اهڙي ئي هڪ ڊنر پارٽيءَ ۾
ذوالفقار جي نظر هڪ ڊگهي سهڻي ايراني ڇوڪريءَ تي
پئي. هو آمريڪا ۽ يو. ڪي ۾ ڪيترين ئي ڇوڪرين کي
سڃاڻندو هو پر ايراني حسن اڳيان هن مات کاڌي. سندس
نالو ”نصرت اصفهاني“ هو شادي جي ان ڪاڄ ۾ هن نصرت
جي ويجهو اچڻ جو ڪوبه موقعو نه وڃايو. هن سندس
ساهيڙين کي درخواست ڪئي ته کيس ۽ نصرت کي ڊنر جي
دعوتن تي سڏين. شروع شروع ۾ ته ٻنهي جي مائٽن کي
اها ڳالهه نه وڻي خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو جي
ماءُ پيءُ ان شاديءَ جي مخالفت ان ڪري پئي ڪئي جو
نصرت سنڌياڻي نه هئي ۽ نصرت جي ماءُ پيءُ وري ان
سبب جو ذوالفقار علي ڀٽو ايراني نه هو. پر پوءِ به
ذوالفقار علي ڀٽو ثابت قدم رهيو ۽ نصرت سان شادي
ڪرڻ پئي چاهيائين. آخر سندن مائٽن 9 سيپٽمبر 1951ع
تي ڪراچيءَ ۾ سندن شادي ڪرائي. محبت مخالفتن کان
وڌيڪ طاقتور نڪتي. ذوالفقار شادي کان پوءِ پنهنجي
قانون جي امتحان ڏيڻ خاطر واپس آڪسفورڊ موٽي ويو.
بيگم نصرت ڀٽو ساڻس ملڻ لاءِ ويندي هئي. هوءَ
Mitre
۽ بعد ۾ (ٺهڻ بعد)
Randolph
هوٽل ۾ رهندي هئي، جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو ڪاليج
جي هاسٽل ۾. هو هر شام پنهنجي زال سان اچي
گذاريندو هو پر رات جو يارهين تائين کيس هر حال ۾
پنهنجي هاسٽل وڃڻو هوندو هو. هڪ ڀيرو هو دير سان
اچڻ سبب پڪڙجي ويو ته هن سمورو سچ نيٺ ٻڌائي ڇڏيو.
سندس ڪائونسلر
Hugh Trevor
کيس هاسٽل ۾ زال سان گڏ رهڻ جي سهولت ڏيڻ لاءِ
راضي ٿي ويو ته جيئن هو آرام سان رهي سگهي. بيگم
ڀٽو کيس پڙهائيءَ ۾ گهڻو وقت وقف ڪرڻ ۾ تمام گهڻي
مدد ڪئي. پر جيئن چيو ويندو آهي ته خوشيءَ جا
ڏينهن تڪڙا گذري ويندا آهن، سو بيگم نصرت ڀٽو
مشرقي روايت مطابق پنهنجي ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ وطن
موٽي آئي. اهو ٻار 21 جون 1953ع تي پيدا ٿيو. اها
هڪ ٻارڙي هئي جنهنجو نالو ذوالفقار علي ڀٽي ان
نئين ڄاول ٻارڙي جي (مرحوم) پڦيءَ جي نالي تي
(يعني) ”بينظير“ رکيو جنهن سان هو تمام گهڻو پيار
ڪندو هو.“
خانداني پسمنظرن جي بنهه مختلف هئڻ جي باوجود بيگم
نصرت ڀٽو روايتي مشرقي رول ماڊل عورت جيان اڳتي
هلي هڪ سٺي جيون ساٿي، ماءُ ۽ ضرورت مهل سياسي
رهنما جو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان جي سياست ۾ ان وقت هڪ وڏي هلچل آئي جڏهن
ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزارت تان استعفيٰ ڏئي
عوامي سياست جو آغاز ڪيو. هو هڪ مقبول رهنما بنجي
پورهيت عوام کي ساڻ کڻي رستن تي نڪتو. هو پاڪستان
جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ عوام جي جلوس سان نڪتو ته بيگم
ڀٽو به پوئتي نه رهي ۽ لاهور جي هڪ جلوس جي قيادت
ٽانگي تي سوار ٿي ڪئي ته ماڻهو حيران رهجي ويا جو
هيستائين ته هنن ليڊرن کي فقط شاندار گاڏين ۾
سواري ڪندي ڏٺو هو. بعد ۾ ماڻهن کيس ”وزير اعظم“
جي گهرواري هئڻ سبب ”خاتون اول“ ٿيندي به ڏٺو.
هاڻي ائين ٿي لڳو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي
دنيا جي خوشقسمت ترين فيملي بنجي وئي ۽ هاڻي
زندگيءَ ۾ فقط سک هوندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو،
پاڪستان جو مقبول وزير اعظم ۽ مقبول ترين ليڊر،
بيگم نصرت ڀٽو، خاتون اول ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي
عظيم شخصيت
جي گهرواري ۽ بينظير، صنم، شاهنواز ۽ مرتضيٰ جهڙن
پيارن ٻارن جي ماءُ. گهر جي جنت ٿيندو آهي ته اهڙو
ئي هوندو آهي پر تقدير جي ستمگر آڱرين وقت جي ڪاغذ
تي اڳيئي هنن لاءِ هڪ دردناڪ ۽ خوني تحرير پئي
لکي.
5- جولائي 1977ع تي مارشل لا لڳائي ذوالفقار علي
ڀٽو کي قيد ۾ رکيو ويو. ان ڏکئي وقت ۾ بيگم نصرت
ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽
ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هر سطح تي
سياسي ۽ شخصي اثر رسوخ استعمال ڪيو پر آمر ضياءُ
الحق کي خبر هئي ته هڪ ڀيرو هن ڀٽي کي آزاد ڪيو ته
هو اڳ کان به مضبوط ليڊر بنجي عوامي مقبوليت
ماڻيندو ۽ سندس خلاف مهم هلائيندو ته سندس رستو
روڪڻ هن لاءِ ممڪن نه ٿيندو ان ڪري ئي هن سازش
تيار ڪري هن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ کيس 4- اپريل
1979ع تي ڦاهي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جنرل ضياءُ الحق خلاف پهرينءَ
ئي ڏينهن کان يعني 5- جولاءِ 1977ع کان پنهنجي
جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ آئين کي معطل ڪرڻ ۽
آمريت خلاف پاڪستان جو سڀ کان ڊگهو سياسي اتحاد
قائم ڪيو ويو جنهن کي ايم. آر. ڊي سڏيو ويو ۽ ان
اتحاد کي قائم رکڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي دل
کي وڏو ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت خلاف تحريڪ
هلائيندڙ تحريڪ استقلال، پي. ڊي، اين. ڊي. پي ۽
جميعت علماء اسلام کي به شامل ڪيو. ان اتحاد جي
بنيادي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بيگم نصرت ڀٽو،
ضياءُ الحق جي خفيه ايجنسين کي ڌوکي ۾ رکي برقعو
پائي قصوري هائوس پهچي وئي ۽ جڏهن ان گهر جي
بالڪونيءَ مان خطاب ڪيائين ته سندس لهجي جي گجگوڙ
سان آمر ضياءُ لرزي ويو. هن وقت هاڻي هوءَ ليڊ رول
۾ اچي وئي هئي. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ دوران هن
بسن، ويگنن، ريل ۽ ٽيڪسين ۾ عام ماڻهن جيان سفر
ڪيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ ياد پوي ٿو ته اخبارن ۾ سينسرشپ
لاڳو هئڻ جي باوجود سندس زخمي ٿيڻ جي اها تصوير به
ڏٺيسين جڏهن هوءَ ۽ بينظير ڀٽو هڪ ڪرڪيٽ مئچ دؤران
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم پهتيون ته پوليس بيگم ڀٽو
جي مٿي تي ڏنڊا وسايا هئا جنهن سبب هوءَ زخمي ٿي
پئي هئي. اڄ اهي تصويرون تاريخ جو حصو آهن پر اسان
ان وقت ڏٺيون پئي جڏهن اهي واقعا، حادثه ۽ سانحه
ٿيا پئي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي وڇوڙيءَ کان پوءِ محترمه
بينظير ڀٽو جي سياسي تربيت جي شروعات به محترمه
نصرت ڀٽو ڪئي جنهنجا پٽ ان وقت پرديس ۾ هئا ۽ پاڻ
۽ محترمه بينظير ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيون
هيون.
بيگم نصرت ڀٽو کي ته ڪڏهن وهم ۽ گمان به نه رهيو
هوندو ته سندس سرسبز گلشن ائين ڏسندي ئي ڏسندي
اجڙي ويندو.
مون کي اڄ به اهو دور ياد اچي ٿو ته ڪيڏو نه ڀيانڪ
وقت هو ملڪ ۽ قوم لاءِ. آئون ان مهل نائين ڪلاس جي
شاگردياڻي هيس ۽ حمايت السلام گرلز هاءِ اسڪول،
تلڪ چاڙهيءَ واري ۾ پڙهندي هيس. هر ٻئي ڏينهن
هنگاما ٿيندا هئا، جلوس نڪرندا هئا. اسڪول ڪاليج
مهينن تائين بند رهندا هئا ۽ ڪرفيو لڳندا هئا. ٽي-
وي ۽ اخبارن ۾ هر روز احتجاج ڪرڻ وارن ۽ ڪيترن ئي
بي ڏوهين کي ڦٽڪا لڳندي ڏيکاريو ويندو هو. اخبارون
سينسر ٿيل هونديون هيون. ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽي
جي بيوه ۽ مظلوم نياڻي بينظير لاءِ پريشان هوندا
هئا جو هو مسلسل قيد و بند ۾ رهيون. مارشل لا ۽
ظلم جي اوندهه ۽ خوف جي سانت ۾ رات جو تهه سياري ۾
فقط بي. بي. سي تان ’سيئربين‘ جي مخصوص
’سگنيچر ٽيون‘ هڪ جهٽڪي سان گونجي وري گم ٿي ويندي
هئي جو ماڻهن کي بي. بي. سي تان ”ڀٽو“ لفظ ٻڌندي
به خوف ٿيندو هو. اڄ ڏينهن تائين ’سيئربين‘ جي ان
ٽيون تي آءٌ ڇرڪي پوندي آهيان جو مون کي هڪ جهٽڪي
۾ انهن خاموش، پراسرار ۽ مايوس راتين جي ياد
ڏياريندي آهي. اسين ته روئيندا هئاسين. ذوالفقار
علي ڀٽي جي دردناڪ موت ۽ سندس خاندان وارن جي ڏکن
تي پر بابا جو سوچن ۾ گم اکين ۽ پيشانيءَ تي وڌندڙ
گهنجن جو سبب سمجهي نه سگهندي هيس. هاڻي بيگم نصرت
ڀٽو پارٽيءَ جي چيئرپرسن هئي ۽ ان مهل جيڪڏهن هوءَ
اڳتي اچي پارٽيءَ جي قيادت نه ڪري ها ته شايد ان
مهل ئي ان جو زوال اچي وڃي ها ۽ پوءِ محترمه
بينظير ڀٽو به پاڪستان جي سياست ۾ ايڏو اهم ڪردار
ادا نه ڪري سگهي ها.
شهيد راڻي، بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتن جي دور ۾
جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون، ان مهل به محترمه نصرت
ڀٽو قدم قدم تي سندس حوصلو وڌائيندي رهي. محترمه
بينظير ڀٽو جا لفظ آهن ته:
”مون کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس آهي ته منهنجو
ڪيريئر (Career)
وڌيڪ چئلنجن وارو رهيو آهي. ڇو ته آءٌ هڪ عورت
آهيان. اسين کڻي ڪٿي به رهون، عورت لاءِ جديد سماج
۾ به ڪٿي آساني ڪونهي. اسان کي مردن سان گڏ هلڻ
لاءِ وڌيڪ پنڌ ڪرڻو پوندو آهي. اسان کي وڌيڪ ڪم
ڪرڻو پوندو آهي ۽ وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون
آهن. اسان کي انهن غليظ حملن کان به جذباتي طور
پنهنجي حفاظت ڪرڻي پوندي آهي، جيڪي اسان جي مردن
پاران اسان تي ڪيا ويندا آهن...
ان جي باوجود اسان کي سماج جي ان ٻٽن روين تي
شڪايت نه ڪرڻي آهي بلڪه انهن روين تي قابو پائڻو
آهي. اسان کي ان ڳالهه لاءِ تيار رهڻو آهي ته اسان
کي مردن کان ٻيڻو ڪم ڪرڻو آهي. آءٌ پنهنجي ماءُ جي
ٿورائتي آهيان. جنهن مون کي سيکاريو ته اميدواري
Pregnancy
هڪ قدرتي حياتياتي حالت هوندي آهي جنهن ۾ اسان جي
نارمل زندگي متاثر نه ٿيڻ گهرجي. سندس مشورن تي
عمل ڪندي ۽ اميدن تي پورو لهندي، مون هر قسم جي
جسماني ۽ جذباتي مجبوريءَ کي نظرانداز ڪري
ڇڏيو....
وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي منهنجي ماءُ مون کي
چيو: ”جلدي سان ٻيو ٻار به ڄڻي وٺ“. سندس خيال ۾
ٻين ذميوارين جي چئلنجن کان اڳ ئي ماءُ کي جلدي
ٻار پيدا ڪرڻ گهرجن. مون سندس مشوري تي عمل ڪيو“.
بيگم نصرت ڀٽو هڪ عظيم مشرقي عورت هئي، هن پنهنجي
ور جو ته هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ سندس دردناڪ
وڇوڙو سٺو پر ماءُ جي حيثيت ۾ ته هن ڏاڍا ڏک سَٺا
جوان پٽن جا لاش ڏٺا ۽ ڌيئرن کي بي وطن ۽ تڪليفن ۾
ڏٺو. هڪ ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ ڇپر ڇانوَ هوندي
آهي خاص ڪري ڌيئرن لاءِ. شاديءَ بعد ته ڌيئرون
ماءُ سان ئي پنهنجو ڏک اورينديون آهن. ان ماءُ
شهيد راڻيءَ کي قدم قدم تي حوصلو ڏنو پر مير
شاهنواز جي جوانيءَ واري وڇوڙي بعد جيڪو پرديس ۾
بي وطن هو، ته مير مرتضيٰ کي پنهنجي ئي وطن ۾ گهر
ڀرسان پنهنجي خون ۾ وهنتل ڏسي اها ماءُ پنهنجا هوش
وڃائي ويٺي. هاڻي قدرت کيس هر ياد ۽ ڏک کان بيگانو
ڪري ڇڏيو هو. شهيد راڻي هن لاءِ لکيو آهي:
”اي پروردگار!
شل بيوطنيءَ ۾
ماءُ جي بيماري وڌي نه وڃي
هن کي ته هاڻي
ڪجهه به ياد ڪونهي!
سندس دل روئي ٿي انهن لاءِ
جيڪي ماريا ويا
اي ربَّ!
شل! منهنجي جيجل
پنهنجو ديس
اڳي جيان ڏسي“.
پر ديس واسين پنهنجي هن عظيم ماءُ ۽ ”مادرِ
جمهوريت“ جو مڙهه 23 آڪٽوبر تي سندس وفات بعد،
مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. اڄ هوءَ ذوالفقار علي ڀٽي،
مير شاهنواز ڀٽي، مير مرتضيٰ ڀٽي ۽ بينظير ڀٽي سان
گڏ آهي. قادر جي قلم پهريان ته محترمه نصرت ۽
ذوالفقار ڀٽو کي ملايو، کين بينظير، مرتضيٰ،
شاهنواز ۽ صنم عطا ڪيا. وري کين قسمت جي درد جي
درياهه ۾ لوڙهي ونيءَ کان ور ۽ پوءِ ماءُ کان جوان
پٽ ۽ ڌيءَ شهادت وسيلي دور ڪيا پر اڄ وري هڪ ڇت
هيٺان هو سڀ ٻيهر اچي گڏيا آهن. پر ان وچ ۾ تاريخ
مٽجي چڪي آهي.
۽ هوءَ ان تاريخ جو اڻ مٽ نقش آهي ”صدين کان مشرق
۾ رول ماڊل خاتون ان کي چيو ويندو آهي جيڪا
قربانين جو مثال هجي، خود ڪجهه وٺڻ بدران ٻين کي
ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. شان ۽ شوڪت ۽ اقتدار پسندي
کان دور رهي. بيگم نصرت ڀٽو صحيح طور تي عورت جي
ان مشرقي رول ماڊل جي عملي تصوير هئي هن سڄي عمر
قربانيون ڏنيون. ذوالفقار علي ڀٽو زنده هو ته سندس
شريڪ حيات طور سندس پويان بيٺي هئي. ڀٽو، ايوب خان
خلاف تحريڪ جي دوران جيل ويو ته هوءَ ليڊ رول ۾
سامهون اچي وئي. ضياء جي آمريت جي شروعات کان وٺي
بينظير ڀٽو جي اقتدار تائين هوءَ ڀرپور ليڊ رول
ادا ڪندي رهي ۽ اها ڳالهه تمام عجيب ۽ دلچسپ لڳندي
آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد هن عبوري
طرح پيپلزپارٽيءَ کي سنڀاليو پر جيئن ئي وقت آيو
ته پارٽيءَ کي پنهنجي ڌيءَ بينظير ڀٽو حوالي ڪري
ڇڏيو ۽ وري پس منظر ۾ هلي وئي. وزيراعظم بنجڻ جو
وقت آيو ته وري ڌيءَ کي اڳيان ڪري ڇڏيو. اهڙيون
قربانيون فقط ديو مالائي ڪردارن يا مشرق جي لوڪ
ڪهاڻين ۾ ئي نظر اينديون آهن.“
حوالا
1. Khanzada, Aftab Ahmed, "Bhutto is Alive,"
(2005)
Published by A.Rizvi, Defence Karachi.
(page:50,51)
2.Bhutto, Benazir, "Daughter of
East,"
Simon & Schuster UK Itd. (2007), (page:
xii,xiii)
3. Khanzada, Aftab Ahmed, "The Queen of people.
Benazir Bhutto, Published by A.Rizvi, Defence
Karachi. (page:199)
4.
وڙائچ، سهيل. ”مشرقي رول ماڊل.... بيگم نصرت ڀٽو.“
روزنامه ”جنگ“ ڪراچي، سومر 24- آڪٽوبر 2011ع
(صفحو: 5). |