تنوير
جوڻيجو
مادرجمهوريت، سفر زندگيءَ جو
دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو ايندا آهن ۽ رب پاڪ انهن کان
سندن صلاحيتن ۽ طاقت جي آڌار تي مختلف ڪم وٺندو
آهي ڪن کي ڄائي ڄم سون جا چمچا ملندا آهن ته ڪن کي
ڏکن جا انبار، ڪي زندگيءَ جي جدوجهد ۾ نانءُ
ڪمائيندا آهن ته ڪي گمنام زندگي گذاري هليا ويندا
آهن. ماڻهن جي اهڙي هجوم ۾ هوءَ به آهي/هئي. نالو
جنهن جو نصرت اصفهاني/ نصرت ڀٽو. جنم وقت سون جي
چمچي سان کير ورتائين جواني جدوجهد ۽ ڏکن ۾
گهاريائين مقصد جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪيائين. پيري
ڏکن کان جهور مرڻ کان اڳ موت جي حالت ۾ پوري
ڪيائين ۽ خالق حقيقيءَ سان ملاقات 23 آڪٽوبر 2011ع
تي ڪيائين.
نصرت ڀٽو جدوجهد ۽ جاکوڙ جي علامت جمهوريت جي آمد
۽ آمريت خلاف اڪيلي سر جنگ جوٽي اڳواڻ بنجي رڳو
حڪم نه هلايا پر پيرين اگهاڙي روڊن تي نڪتي پر
پنهنجي نوجوان بينظير ڌيءَ کي حق سچ جي واٽ ڏسي ۽
ڏکن سان مقابلو ڪرڻ جو درس ڏنو. نصرت ڀٽو جي
اوائلي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت.
زندگيءَ جي شروعاتي ڪهاڻي:
سندس خاندان جو تعلق ايران سان آهي. سندس پڙڏاڏي
کي ٽي پٽ آهن. جن مان وڏي کي ريشم سازيءَ جي صنعت
جي سکيا لاءِ چين اماڻيو وڃي ٿو ٻئي نمبر کي دين
جي تعليم جي سکيا لاءِ نجف شريف موڪليو وڃي ٿو
جڏهن ته ٽئين نمبر کي زمينن جي سارسنڀال لاءِ مقرر
ڪيو وڃي ٿو. جيڪو مائٽن سان گڏ رهي ٿو.
نصرت جو ڏاڏو عالم دين آهي. ۽ ”آيت الله“ جو لقب
(ڊگري) وٺي اصفهان اچي ٿو. جتي دين جي خدمت سان گڏ
هڪ خوبصورت مسجد جوڙائي ٿو پر زندگي وفا نه ٿي
ڪريس. نصرت اصفهاني جي والد جو جنم نجف شريف ۾ ٿئي
ٿو ۽ سندس خانداني نالو مرزا عبداللطيف اصفهاني
آهي. ۽ هن جديد تعليم پرائي آهي ۽ روشن خيال جديد
دور جو ماڻهو آهي.
هڪ ڀيري هو ۽ سندس ڪي دوست موڪلون ملهائڻ لاءِ
هندستان جي شهر بمبئي اچن ٿا. بمبئيءَ جي ڪشش کيس
پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي ۽ جلدي هو پنهنجي ڪٽنب
سوڌو ايران مان بمبئي شفٽ ڪري اچي ٿو ۽ هتي ”بغداد
سوپ“ انڊسٽري قائم ڪري ٿو صابڻ سازيءَ جي سامان
لاءِ اڪثر ڪري کيس ڪراچيءَ به وڃڻو پئي ٿو. هتي
بمبئيءَ ۾ ئي کيس 23 مارچ 1929ع تي ٽين ڌيءَ جو
اولاد ٿئي ٿو. هيءَ ڌيءَ سندس ٻن ڌين کان گهڻو
ننڍي پيريءَ جو اولاد آهي. جنهن کان پوءِ کين پٽ
جو اولاد به ٿئي ٿو. جنهن باعث هن ننڍڙي نياڻيءَ
کي ڀاڳوان تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ هن ڀاڳوان ڌيءَ جو
نالو نصرت رکيو وڃي ٿو.
ننڍڙي نصرت جي تعليم ۽ تربيت به بمبئيءَ ۾ ٿئي ٿي
جتي سندس وڏي ڀيڻ صفيه خانم جي ڌيءَ فخري بيگم ئي
سندس دوست ۽ ڪلاس فيلو آهي. جيڪا رشتي ۾ سندس ڀاڻج
آهي. نصرت ڀٽو شروعاتي تعليم بمبئي مان حاصل ڪرڻ
کان پوءِ سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڪانوينٽ اسڪول آف
جيسس اينڊ مئري مان پاس ڪري ٿي. پر اڳتي پڙهڻ کان
نابري واري ٿي سبب اهو جو، سندس امڙ ان دور جي
روايتن پٽاندر کيس برقعو اوڍي ڪاليج وڃڻ جو چئي
ٿي. نصرت جي پهرين ملاقات ذلفيءَ سان ان وقت ٿئي
ٿي جڏهن سندس عمر تيرنهن ورهيه هجي ٿي. ٿيو ائين
جو هي ڪٽنب اڪثر ڪري هڪ پهاڙي مڪان کنڊاوالا سير
تفريح لاءِ ويندو هئو ۽ اتان وري ويجهو لوناوالا
جو مڪان هئو، جت پڻ هي ڪٽنب تفريح لاءِ ويندو هئو،
هڪ وار لونا والا ۾ سندن ملاقات ڀٽي خاندان سان
ٿي. ذلفي ۽ سندس ڀينرون ۽ ماءُ پيءُ ۽ انهيءَ
ملاقات، اڳتي هلي دوستي ۽ پوءِ رشته داريءَ جو روپ
ورتو. ۽ هن ئي ملاقات ۾ نصرت جي دوستي ذلفيءَ جي
ڀيڻ مانا (بيگم منورالاسلام) سان ٿئي ٿي.
1947ع جو دور آهي. مسلمانن جو بمبئي ۾ گذران ڏکيو
آهي. لڏپلاڻ جو سلسلو شروع آهي. نصرت ۽ سندس مائٽ
به ڪراچي اچن ٿا. شروعاتي رهائش پيلس هوٽل اڄوڪي
شيرٽن هوٽل ۽ پوءِ ڪلفٽن واري علائقي ۾ هڪ مکيه
شاهراهه تي گهر خريد ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾
ڪارخانو قائم ڪري اتي ئي پنهنجو ڌنڌو شروع ڪن ٿا.
نصرت اصفهاني پاڪستان وومينس نيشل گارڊ ۾ ڪم ڪرڻ
شروع ڪري ٿي ”مارشل ڊرل“ ۾ هوشيار آهي جلدي ٽرڪ ۽
ايمبولنس به هلائڻ سکي وٺي ٿي ۽ هاڻي سندس رتبو
ڪيپٽن وارو آهي ۽ سندس ڪلهن تي چانديءَ جا ٻلا به
لڳل آهن.
1949ع وارو زمانو، مانا (ڀٽي صاحب جي ڀيڻ) جي شادي
آهي. شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ ڳهه ڳٺا کڻڻ لاءِ نصرت
اصفهاني بينڪ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ اتي ذلفي ۽ سندس
والده به اتفاقيه يا دانسته بينڪ اچن ٿا ۽ ذلفيءَ
جي ماءُ تعارف ڪندي ٻڌائي ٿي. ته ”هي ذلفي آهي ڀيڻ
جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا مان آيو آهي.“ ٻنهي
هڪٻئي کي ڏٺو ۽ پسند ڪيو ۽ پوءِ ذلفي، پنهنجي دوست
جي گهرواريءَ معرفت کيس ڪراچيءَ جي هوٽل ۾ مدعو
ڪيو ۽ شاديءَ جي آڇ ڏيئي ٿو پر نصرت خاموش آهي
ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته ذلفي کي پڙهائيءَ لاءِ
آمريڪا وڃڻو آهي. ۽ ذلفي ڀيڻ جي شاديءَ کان ستت
پوءِ برڪلي وڃي ٿو. 1950ع ۾ ذلفي انگلنڊ جي
آڪسفورڊ جي ڪرائيسٽ چرچ ڪاليج ۾ قانون پڙهڻ لاءِ
داخلا وٺي ٿو.
1951ع جي بهار واري ٽرم دوران واپس پاڪستان اچي ٿو
۽ مائٽن کي نصرت اصفهاني سان شاديءَ جي فيصلي کان
آگاهه ڪري ٿو.
نصرت، جي والده جيئن ته گذاري وئي آ. ان ڪري نصرت،
پنهنجي ڀيڻ ذريعي پنهنجي والد سان هن شادي جو
اظهار ڪري ٿي. پهرين ته اها ڳالهه سندس پيءُ کي نه
ٿي وڻي ته اسان ايراني هو سنڌي ٻنهي جي تهذيب ۽
تمدن ۾ فرق آهي پر سندس ڀيڻ جي سمجهائڻ تي هو راضي
ٿئي ٿو. انهيءَ دوران هارون فيمليءَ جا ميمبر سندن
گهر آيا ۽ ڳالهين دوران خبر پئي ٿي ته ڀٽو ته
اڳواٽ ئي پرڻيل آهي. اها ڳالهه نصرت ۽ سندس ڪٽنب
لاءِ شاڪ جو باعث آهي هو ٻڏتر جو شڪار ٿين ٿا پر
پوءِ ڀٽو جي ماءُ اچي ٻڌايو ته اهي ڪهڙيون حالتون
هيون جن پٽاندر ڀٽي شادي ڪئي هئي هوءَ ٻڌائي ٿي ته
”ان وقت ڀٽي جي عمر چوڏهن سال هئي ۽ هو ايترو ته
ناسمجهه هئو جو سندس پسنديده ڪرڪيٽ بيٽ جي لالچ
ڏئي کيس شادي لاءِ راضي ڪيو ويو هئو.“
اٺين سيپٽمبر تي نصرت ۽ ذلفي شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾
ٻڌجن ٿا. شاديءَ کان هفتو پوءِ هي جوڙو ڪراچي ڇڏي
لنڊن هليو وڃي ٿو. جتي سندن رهائش هائيڊپارڪ اڳيان
ڊارچيٽر هوٽل ۾ ٿئي ٿي، ۽ هفتي کان پوءِ اهي
آڪسفورڊ روانا ٿين ٿا.
وڌيڪ نصرت ڀٽو ٻڌائي ٿي ته ”جڏهن منهنجي شادي ٿي
ته منهنجي مڙس (ڀٽي صاحب) جي خاندان وارن به چاهيو
ته، ”آءٌ گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻي ۾ برقعو ضرور پايان.“
تنهن ڪري آءٌ جڏهن به لاڙڪاڻي ويندي هئس ته برقعو
پائي ويندي هئس ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن منهنجو
مڙس وزير ٿي ويو ۽ منهنجو سهرو (سر شاهنواز ڀٽو)
فوت ٿي ويو ته مون برقعو پائڻ ڇڏي ڏنو منهنجو مڙس
چوندو هئو ته ”برقعو ڏاڍي کلڻ هاب شي آهي ۽ مون کي
اهو نه پائڻ گهرجي.“ هڪ ڀيري جڏهن آءٌ ساڻس گڏ
جهاز ۾ لاڙڪاڻي وڃي رهي هئس ته هن مون کي چيو:
”آئينده برقعو نه پائجانءَ“ ۽ پوءِ مون برقعو لاهي
ڦٽو ڪيو.“
جدوجهد ۽ ڏکوئيندڙ جاکوڙ:
جدوجهد ۽ جاکوڙ هر انسان ڪري ٿو ۽ انهيءَ جاکوڙ جو
انعام هر ڪنهن کي جدا جدا طريقي سان ملي ٿو ۽ ڪي
انسان ته رڳو لاٿ ۾ هوندا آهن. نصرت ڀٽو زندگيءَ
جا ڪجهه سال نهايت خوشين ڀريا گذاري ٿي پر پوءِ
شايد ڪنهن جي نظر هن خوبصورت ڪٽنب کي لڳي يا وري
هي ڪٽنب پاڻمرادو پنهنجي لاءِ حسينيت واري رستي جي
چونڊ ڪري ٿو ۽ حق سچ جي راهه ۾ پنهنجا دادلا
(ذلفي، شاهنواز، مرتضيٰ ۽ بينظير) ڪهائي ٿو ويهي.
نصرت ڀٽو سياسي پڙ ۾ 1971ع کان پير پائي ٿي 1971ع
کان 1977ع دوران سندس حيثيت هڪ طرف خاتون اول واري
آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ ٽئين طرف
هڪ ڪارڪن واري آهي. خاتون اول به اهڙي جنهن لاءِ
مثال ڏبو آهي ته هر ڪامياب مرد پويان ڪنهن ذهين
عورت جو هٿ هوندو آهي.
سچي صلاحڪار، ٻانهن ٻيلي هر دم هر وقت، ذوالفقار
علي ڀٽي جو ساٿ نڀائيندڙ. پوءِ اها ڳالهه ملڪ ۾
پهرين اسلامي ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارو معاملو هجي يا
وري ملڪ کي نيوڪليئر پاور بنائڻ وارو فيصلو هجي.
ڀٽي صاحب جي هر ڪارنامي يا ڪاميابيءَ پويان نصرت
ڀٽو جو ڀرپور ساٿ آهي.
سال آهي 1973ع عورتن جي حق جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽
عورتن جي ڪارڪردگيءَ کي فعال بنائڻ لاءِ انهيءَ
ڳالهه جي ضرورت پيش اچي ٿي ته پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي
Women Wing
قائم ڪئي وڃي.
۽ اهو ڪم نصرت ڀٽو کان وڌيڪ ڪير نيڪ نيتيءَ سان
سرانجام ڏئي سگهي ٿو؟ پاڪستان جي عورتن ۾ سياسي
شعور پيدا ڪرڻ لاءِ نصرت ڀٽو ٽرين مارچ شروع ڪندي
ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۽ ضلعي سطحن تي سفر شروع ڪري
عورتن جي تنظيم سازي ڪري ٿي. عورتن کي سياسي بصيرت
عطا ڪري ٿي. ۽ نصرت جي انهيءَ ٻجن جي ڇٽڪاري باعث
اڄ اهي سلا قداور وڻن جي روپ ۾ اسان اڳيان موجود
آهن. ڪيتريون ئي نياڻيون ايم. پي. ايز، ايم. اين.
ايز، وزير، مشير ۽ صلاحڪار آهن. ۽ خود سندس پنهنجي
نياڻي بينظير جمهورت جي قداور درخت جي پنهنجي خون
سان آبياري ڪري ٿي سندس پوٽي فاطمه ڀٽو هن عظيم
جدوجهد ۾ ڪنهن کان به پٺتي ڪانهي، ۽ هو حق سچ جي
راهه ۾ پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي.
نصرت پاڪستان جي قومي اسمبليءَ ۾ نه رڳو مارچ
1977ع ۾ ميمبر چونڊجي ٿي پر 1988ع، 1990ع، 1993ع ۽
1996ع ۾ به قومي اسمبليءَ جي سيٽن تي اچي ملڪي
سلامتي ۽ ملڪي مامرن بابت آواز بلند ڪندي رهي ٿي ۽
ملڪ ۾ سينئر وزير جي حيثيت ۾ فرائض ادا ڪري ٿي.
1977ع وارو سال آهي مارشل لا کان پوءِ پ پ پ
مشڪلاتن جو شڪار آهي ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خلاف
هڪ سازشي ڪيس (محمد احمد خان جي قتل وارو ڪيس) کي
منهن ڏئي رهيو آهي. ۽ ان وقت اهو سوال پيدا ٿئي
ٿو ڀٽي جي غير موجودگيءَ ۾ پارٽي ڪير سنڀاليندو؟
ته ان لاءِ ڀٽي صاحب پارٽي پاليسي واضح ڪندي چيو
ته ”اهڙي صورتحال ۾ پارٽي جي قيادت پارٽي جي وائيس
چيئرمن شيخ محمد رشيد حوالي ڪئي ويندي.“ هيءُ دور
جيئن ته ضيائي مارشل لا اڳيان مهاڏو اٽڪائڻ وارو
آهي. پارٽي ۾ شامل پارٽيءَ جا ميمبر ۽ ڀٽي جا ساٿي
آهستي آهستي پارٽيءَ مان نڪرندا وڃن ٿا ۽ ڀٽي کان
منهن موڙيندا وڃن ٿا. ۽ جڏهن ڀٽو لکپت جيل ۾ هو ته
شيخ محمد رشيد، ڀٽي سان ملي پارٽيءَ جي قيادت ڪرڻ
کان معذرت ڪري ٿو ۽ ڀٽي کي صلاح ڏئي ٿو ته ”اهو
بار نصرت ڀٽو جي ڪلهن تي وڌو وڃي. جيڪا انهيءَ
بحران واري صورتحال مان پارٽيءَ کي ڪڍي سگهي ٿي.“
شيخ محمد رشيد جي بي حد اسرار تي بيگم ڀٽو کي
پارٽيءَ جو چيئرپرسن چونڊيو وڃي ٿو جيڪا نه رڳو
ڀٽو ڪيس جي پيروي ڪري ٿي پر پارٽيءَ کي متحد ڪرڻ ۾
برسر پيڪار هجي ٿي.
5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن جنرل ضياءِ الحق،
ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو
ڪري ٿو ته نصرت ڀٽو انهيءَ مارشل لا کي چئلنج ڪري
ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مسٽر جسٽس يعقوب خان
اها درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ٿو ۽ جنرل ضيا
کي اها ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي هو هڪدم چيف جسٽس
يعقوب خان کي هٽائي ان جي جاءِ تي انوار الحق کي
چيف جسٽس مقرر ڪري ٿو. ۽ رياستي وڪيل اي. ڪي بروهي
”نظريه ضرورت“ جي بنياد تي مارشلا کي پاڪستان ۾
جائز قرار ڏياري ٿو. ۽ ”بيگم نصرت ڀٽو ڪيس“ ۾
عدالت جو فيصلو پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ ۽ عوام
خلاف زيادتي ۽ ناانصافي طور ياد رکيو وڃي ٿو.
سيپٽمبر 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو
وڃي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ۾ سموري ذميواري نصرت جي
ڪلهن ٿي پئي ٿي هڪ طرف مڙس جي بچاءَ لاءِ مزاحمتي
تحريڪ هلائڻ ٻئي طرف پارٽيءَ کي رياستي جبر ۽ ساڄي
ڌر جي سازشن کان بچائڻ. ٽئين طرف جمهوريت جي
بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
نصرت ڀٽو کي جڏهن ڄاڻ پئي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ڀٽو
کي ڦاسي ڏيڻ جو ارادو ڪيو آهي هوءَ ڪراچيءَ ۾ مزار
قائد ڀرسان پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي صورتحال
کان آگاهه ڪري ٿي ۽ ڪارڪنن کي ڏوراپو ڏئي ٿي ته
”ڇا اوهان ان وقت ٻاهر نڪرندو جڏهن هو اوهان جي
چيئرمن کي ڦاسي تي لٽڪائيندا“ نصرت جي هدايت تي
مولانا احترام الحق ٿانوي ميمڻ مسجد ڪراچيءَ کان
ريلي ڪڍرائڻ جي ڪال ڏئي ٿو. ميمڻ مسجد جو گهيراءُ
هڪ طرف پوليس ۽ رياستي ادارا ڪن ٿا. ٻئي طرف مذهبي
پارٽين جا ڪارڪن ۽ جيئن پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن
ٻپهري جي نماز کان پوءِ مسجد مان ٻاهر اچن ٿا
پوليس ۽ مذهبي پارٽين جا ڪارڪن انهن تي حملو ڪن ٿا
۽ مولانا احترام الحق ٿانوي ۽ پ پ پ ڪارڪنن تي سخت
تشدد ڪن ٿا. ۽ نصرت بيان ڏئي ٿي ته ”اڄ جي واقعي
سان مارشلائي حڪمرانن ۽ مذهبي پارٽين جو اسلامي
جذبو بي نقاب ٿي ويو آهي.
ڊسمبر 1977ع ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ مئچ آهي ۽
اهو پلان جوڙيو وڃي ٿو ته پ پ پ جا ڪارڪن ٽڪيٽون
وٺي اتي گڏ ٿين ۽ پوءِ اتي نصرت ۽ بينظير به پهچي
آمريتي راڄ خلاف آواز اٿارن. ڪارڪن قذافي اسٽيڊيم
لاهور ۾ گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن نصرت ۽ بينظير اتي پهچن
ٿيون ته رياستي ڏاڍ واريون قوتون قافلي تي ڳوڙها
آڻيندڙ گيس آڻي ڪارڪنن ۽ نصرت ۽ بينظير تي لاٺي
چارج ڪن ٿيون. هن لاٺي چارج ۾ نصرت سخت زخمي ٿئي
ٿي سندس مٿي تي ٻارنهن ٽاڪا لڳن ٿا. ۽ چيو وڃي ٿو
ته نصرت ڀٽو جي آخري عمر واري الزئمر واري
بيماريءَ جو سبب به اهي ڪاپاري ڌڪ هئا. نه رڳو
ايترو پر انهيءَ واقعي کان پوءِ نصرت ۽ بينظير کي
جيل نيو وڃي ٿو.
4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني
وڃي ٿي نصرت ۽ بينظير کي راولپنڊي جيل ۾ قيد ڪيو
وڃي ٿو. ۽ انهيءَ کان پوءِ به سندن ٺڪاڻو جيل آهن
ڪڏهن ڪراچي جيل ڪڏهن سکر جيل، ۽ ذوالفقار ڀٽو جي
ڦاسيءَ کان پوءِ نصرت لاءِ وڏو سانحو سندس جلاوطن
پٽ شاهنواز ڀٽو جو بي وقتو قتل آهي جنهن کي به هي
ساڳيون قوتون زهر ڏئي مارائن ٿيون.
ضياالحق پيپلز پارٽيءَ کي ختم ڪرائڻ لاءِ هرچال
هلي ٿو پي پي پي جي ڪارڪنن کي قيد، بند، ڦٽڪا
اڳواڻن کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس ۽ بهتان
اسٽيبلشمينٽ مرڻ گهڙيءَ تائين نصرت خلاف سمن جاري
ڪري گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ٿي.
ضيا الحق جي مارشلائي حڪومت خلاف جمهوريت جو سج
روشن ڪرڻ لاءِ نصرت وڏي مزاحمتي تحريڪ ايم.آر. ڊي
جي نالي سان شروع ڪرائي اڳواڻي ڪري ٿي. هيءَ تحريڪ
هن خطي جي وڏي مزاحمتي تحريڪ هئي جنهن ۾ سنڌ
ڌرتيءَ جي ڪيترن سورهين پنهنجي جان جا نذرانا ڏنا.
9 جون 1981ع نصرت ڀٽو سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد
آهي ۽ بينظير جي سالگرهه اچڻ واري آهي ۽ هوءَ ڌيءَ
کي خط لکي ٿي ۽ انهيءَ خط مان اقتباس!
”هيءَ منهنجو ٻيو خط آهي جيڪو تنهنجي سالگرهه جي
موقعي تي توکي ملي رهيو آهي. ۽ مون کي، منهنجي
يادگيري ماضيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.
مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن تنهنجو پاپا انگلنڊ
مان واپس آيو هئو ۽ ان وقت تون ٽن مهينن جي
هئينءَ. هو توکي پنهنجن مائٽن اڳيان کڻڻ کان لڄ
ڪري رهيو هئو. پر اسان جڏهن اڪيلا ٿياسين ته توکي
حيرت ۽ پيار مان ڏسي رهيو هئو ۽ پوءِ هن تنهنجي
چهري ۽ هٿڙن کي ڇهيو ۽ حيرت مان تو جهڙي پياري
ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ واري معجزي تي توکي ڏسندو رهيو.
مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن تون رڳو ڏهن
مهينن جي هئينءَ ته تو پنهنجي پهرين وک کنئي هئي،
مون کي اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن تو پنهنجي پهرين
سالگرهه واري ڏينهن ڪوئيٽا ۾ وڏي ذهانت سان
ڳالهايو هئو. اهو ڏينهن به ياد آهي جڏهن تون ساڍن
ٽن سالن جي هئينءَ مان توکي نرسري اسڪول وٺي وئي
هيس. مان تنهنجي لاءِ پاڻ ننڍڙا سهڻا ڪپڙا سبندي
هيس ۽ انهن تي پيار ۽ چاهت سان ڀرت ڀرائيندي هيس.
مان روزانو پنهنجين نمازن ۾ تنهنجي مستقبل جي
خوشي، صحت ۽ ڊگهي ڄمار بابت دعائون گهرندي هيس.
هاڻي 21 جون جو ڏينهن اچي رهيو آهي مان تنهنجي جنم
ڏينهن تي تنهن جي خوشين لاءِ دعاگو آهيان.
انهيءَ اميد سان ته تنهنجي زندگيءَ ۾ تنهنجا کوڙ
سارا جنم ڏينهن اچن مان هن موقعي تي به توکي ڪا
ننڍڙي سوکڙي نه ڏئي سگهي آهيان نه ور ي پيار واري
ڪامٺي ڇاڪاڻ جو اسين هڪٻئي کان گهڻو پري آهيون ۽
وڌيڪ نوي ڏينهن لاءِ اسان کي قيدي بڻايو ويو آهي“.
1993ع واري سال اليڪشن آهي. نصرت جو جلاوطن پٽ مير
مرتضيٰ چونڊن ۾ بيٺو آهي نصرت ماءُ آهي جنهن جي
جگر جو هڪ ٽڪرو شاهنواز اڳ ۾ ئي شهيد ٿي چڪو آهي.
مير مرتضيٰ ڀٽي خاندان جو وارث سندس امڙ گهر گهر
در در پٽ لاءِ ووٽ پني رهي آهي ڪيڏي نه ڏک ۽ تڪليف
جي ڳالهه جو مير مرتضيٰ پاڪستان اچڻ چاهي ٿو. پر
اسٽيبلشمينٽ اهو نه ٿي چاهي، بينظير، وزيراعظم
هوندي به لاچار ۽ مجبور آهي. ڀاءُ ڀيڻ ۾ ويڇو آهي
۽ اها ڳالهه هڪ ماءُ لاءِ ڪيڏي نه تڪليف ده ۽
ڏکوئيندڙ آهي.
20 سيپٽمبر 1996ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي سندس اباڻي
گهر 70 ڪلفٽن ويجهو پوليس گوليون هلائي شهيد ڪري
ٿي نصرت ڀٽو کي لنڊن ۾ انهيءَ واقعي جي خبر پئي ٿي
پيرين اگهاڙي پنهنجي گهران نڪري پئي ٿي،
21 سيپٽمبر تي ستر ڪلفٽن جي تاريخي گهر جي اندرين
دروازي واري پورچ تي هڪ ايمبولنس بيهي ٿي. جنهن ۾
شهيد جو خاموش جسم رکيو وڃي ٿو ته ان ۾ غنويٰ ڀٽو،
ننڍڙي فاطمه ۽ ننڍڙو ذوالفقار سان هڪ ٻڍڙي ماءُ به
هجي ٿي. ۽ اها جنهن جي اکين ۾ رڃ آهي اها جيڪا ان
ڏينهن سڪتي ۾ اچي ٿي ۽ سندس سڪتو ۽ خاموشي 23
آڪٽوبر 2011ع تائين قائم رهي ٿي ۽ هاڻي اها خاموشي
ڪڏهن به نه ٽٽندي. ۽ مادر جمهوريت جدوجهد ۽ جاکوڙ
کان آجي ۽ آرامي آهي! |