سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :6

جمال

 

هيءَ ان دور جي تصوير آهي، جڏهن هن ملڪ ۾ آمريت جو وحشي دور پنهنجي هر قسم جي بربريت سان موجود هيو ۽ ان آمريت جو رکوالو جنرل ضياءُ هر ان آواز ۽ احتجاج کي بي رحميءَ سان ڪچلي رهيو هيو، جيڪو ملڪ اندر جمهوري، سياسي ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ اٿي رهيو هو.

ان دور ۾ جڏهن سياسي پارٽين/ تنظيمن جي سرگرمين تي پابندي وڌل هئي ته، عوام دوست ۽ جمهوريت پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عوام سان پنهنجي رابطي ۽ عوامي احتجاج جا نوان رستا ڳولي لڌا هئا.

انهن ڏينهن ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم (افسوس جو اهو شخص، ڪرنل قذافي، جنهن جي نالي پٺيان اهو  اسٽيڊيم قائم آهي، بيگم نصرت ڀٽو جي لاڏاڻي کان ٽي ڏينهن اڳ 20 آڪٽوبر تي ماريو ويو) ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿي رهي هئي. ”بيگم نصرت ڀٽو ۽ سندس ساٿين اهو طئي ڪيو ته، اهي ٽڪيٽون خريد ڪري ميچ ڏسڻ ويندا، سندن اهڙي عمل جو حڪومت ڪو خاص نوٽيس نه وٺندي، ۽ پوءِ اندر اسٽيڊيم ۾ پهچي هو آمريتي راڄ خلاف احتجاج ڪندا.“ ڪارڪن اندر اسٽيڊيم ۾ پهچي چڪا هئا. بعد ۾ جيئن ئي بيگم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت اتي پهتي ته، ٻاهر دروازي وٽ ئي سندس قافلي ۾ شامل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي پوليس لاٺي چارج شروع ڪري ڏني. ان دوران هن عظيم عورت اڳواڻ جي مٿي ۾ به لٺيون لڳيون ۽ سندس خون جون لڪيرون سندس چهري تان رستا ٺاهي وهڻ لڳيون، جيڪي هن تصوير ۾ به نظر اچي رهيون آهن. انهن ڌڪن کان پوءِ بيگم ڀٽو صاحبه جي مٿي ۾ ٻارهن ٽاڪا لڳا هئا.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته، ”اتي ضياءَ جي پوليس اسان تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڇوڙي ۽ لاٺي چارج ڪئي. ان ڏينهن منجهند کان پوءِ مون کي گهران گرفتار ڪيو ويو ۽ امان کي اسپتال جي بستري تان گرفتار ڪيو ويو.“

سو، هيءُ تصوير جيئن بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد کي ظاهر ڪري ٿي. اتي ضياءَ آمريت جي سفاڪيءَ تان به پردو کڻي ٿي. هاڻي جيتوڻيڪ بيگم صاحبه جي اکين جا ڇپر ڪري چڪا آهن، پر پوءِ به کيس ”مادرِ جمهوريت“ جا لقب ملي رهيا آهن.

ترجمو: سڪار جاکرو

سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي

بيگم نصرت ڀٽو جو هڪ يادگار انٽرويو

 

شهيد ڀٽو مون کي ’نصرتم‘ چوندو هو“

سوال: ڇا توهان  پنهنجي ننڍپڻ ۽ خانداني پسمنظر بابت ٻڌائيندو؟

جواب: اسان جي خاندان جو تعلق ايران سان آهي، منهنجي پڙڏاڏي جا ٽي پٽ هئا. هڪ کي هن ريشم سازي جي سکيا جي لاءِ چين اماڻي ڇڏيو هو. ٻئي کي نجف اشرف موڪليائين، ته جيئن اهو ديني علم پرائي سگهي. ٽئين پٽ کي هن پاڻ سان گڏ رکيو، ته جيئن هو زمينن جي سارسنڀال لهي ۽ پوکي راهي ڪري. جنهن پٽ کي ديني عالم بنجڻ جي لاءِ اماڻيو ويو هو، سو منهنجو ڏاڏو هو، هن جي والد ”آيت الله“ جي حيثيت ۾، منهنجي ڏاڏي جي، نجف اشرف کان واپسي تي، دين جي تبليغ لاءِ هڪ مسجد اصفهان ۾ تعمير ڪرائي هئي، پر هو اهو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو، اها مسجد ڏاڍي سهڻي آهي ۽ اڄ به قائم آهي. منهنجو والد مرزا محمد، نجف ۾ پيدا ٿيو هو، هن جي ماءُ سيد ۽ پيءُ غير سيد هو، هن جو خانداني نالو مرزا عبداللطيف اصفهاني هو، هو هڪ جديد ماڻهو هو. هن ديني عالم نه پئي بنجڻ چاهيو، هن نجف مان تعليم پرائي هئي. هڪ ڀيري هو ۽ سندس ڪي دوست موڪلون ملهائڻ جي لاءِ هندستان جي شهر بمبئي ويا. اتان واپسيءَ تي هن پنهنجي والدين کي ٻڌايو ته، ”هو هندستان ۾ صابڻ ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳائڻ چاهي ٿو، جنهن کان پوءِ منهنجو والد هندستان لڏي ويو، ۽ ممبئي ۾ ”بغداد سوپ انڊسٽري“ قائم ڪيائين، ۽ منهنجي پيدائش به اتي ئي يعني ممبئي  ۾ ئي ٿي.

آءٌ پنهنجي والدين جي ٽئين ڌيءَ هيس. مون کان پوءِ کين هڪ پٽ پيدا ٿيو هو، جنهنڪري مون کي نيڪ بختي جي علامت سمجهيو ويو، ۽ آءٌ سڀني جي دادلي بڻجي ويس. اهي برطانوي راڄ جا آخري ڏهاڙا هئا. منهنجو والد صاحب صابڻ سازيءَ جو سامان خريد ڪرڻ اڪثر ڪراچي ويندو هو. آءٌ ممبئي جي هڪ اسڪول ۾ پڙهندي  هيس. جڏهن مون سينيئر ڪيمبرج پاس ڪئي ته، منهنجي والدين مون کي اهو چئي ته، ”هاڻي آءٌ وڏي ٿي وئي آهيان.“ برقعي اوڍڻ جي هدايت ڪئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي آءٌ حجاب کان سواءِ ڪٿي اچي وڃي نه پي سگهيس. منهنجو والد ڏاڍو سادو ۽ نرم دل انسان هو، ۽ اڪثر غريب مائٽن ۽ پاڙيسرين جي مدد ڪندو رهندو هو.

مون برقعو پائي ڪاليج وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. منهنجي هڪ ڀاڻيجي به ڪاليج ويندي هئي، جيڪا ڏاڍي حرڪتي هئي. هوءَ گهران برقعو پائي نڪرندي هئي، پر ڪار ۾ ويهڻ شرط  اهو  لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي. ۽ واپسيءَ تي گهر اچڻ وقت ٻيهر پائي وٺندي هئي. هن جا والدين سمجهندا هئا ته، سندن ڌيءَ ڏاڍي ”چئي واري“ آهي، پر مون پنهنجي والدين کي دوکو ڏيڻ نٿي چاهيو، يا ائين کڻي سمجهو ته آءٌ بيوقوف ۽ موڳي هيس. مون کي گهڻي وقت تائين پنهنجي ڀاڻيجي جي ان طريقهء ڪار جو  اندازو نه ٿي سگهيو، ۽ مون کي افسوس آهي ته مون وٽ ڪا به ڊگري نه آهي.....

اهي ته هئا منهنجي ننڍپڻ جا ڏينهنڙا!!

گهر جا سڀئي ڀاتي مون سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. منهنجون وڏيون ڀينرون عمر ۾ مون کان ڪافي وڏيون هيون. پهرين چوڏهن ورهيه ۽ ٻي تيرهن ورهيه مون کان وڏي هئي. سندن شاديون ننڍڙي عمر ۾ ئي ڪرايون ويون هيون، تنهنڪري سندن ٻارڙا به اٽڪل مون جيڏائي هئا. فخري انهن مان هڪ آهي، جيڪا منهنجي سڀ کان وڏي ڀيڻ صفيه خانم جي ڌيءُ آهي. فخري ۽ آءٌ گڏ نپنا ۽ وڏا ٿياسين.

سوال: هڪ قدامت پسند خاندان سان تعلق رکڻ جي باوجود توهان ۽ فخري بيگم ٻه آزاد خيال عورتون آهيو؟

جواب:  منهنجو والد قدامت پسند نه هو، ۽ اسان کي همٿائيندو رهندو هو، منهنجي والده پراڻن خيالن جي هئي، جيڪا مون کي برقعو پائڻ جو چوندي هئي. حقيقت ۾ هوءَ پاڻ انهن ڏينهن ۾ عام عورتن جيان برقعو پائيندي هئي.

جڏهن منهنجي شادي ٿي ته، منهنجي مڙس (ڀٽي صاحب) جي خاندان وارن به چاهيو ته آءٌ گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻي ۾ ضرور برقعو پائي وڃان ۽ آءٌ برقعو پائي ويندي هيس. ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن منهنجو مڙس وزير بڻجي ويو ۽ منهنجو سهرو (سر شاهنواز ڀٽو) گذاري ويو ته مون برقعو پائڻ ڇڏي ڏنو، منهنجو مڙس چوندو هو ته، برقعو ڏاڍي کلڻ هاب شيءِ آهي، ۽ مون کي اهو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. هڪ ڀيري جڏهن آءٌ ساڻس جهاز ۾ لاڙڪاڻي وڃي رهي هيس ته، هن مون کي چيو ته، آئنده برقعو نه پائجانءِ“. تنهنڪري مون اهو لاهي ڦٽو ڪيو.

سوال: توهان جي مسٽر ڀٽي سان ملاقات ڪيئن ٿي؟

جواب:  اها هڪ دلچسپ ڳالهه آهي، پنهنجي ننڍپڻ  ۾ جڏهن آءٌ ممبئي ۾ هيس ته، اسان ممبئي کي ويجهو هڪ پهاڙي علائقي کنڊالا ويندا هئاسين. اتي هڪ ننڍڙو سمر هائوس هو، جتان اسان ڪڏهن لونا والا ويندا هئاسين. جيڪو کنڊالا کي ويجهو هو. مون کي ٿورڙو ٿورڙو ياد ٿو پوي ته، جڏهن آءٌ يارهن سالن جي هيس ته، اسان اتي پسار ڪري رهيا هئاسين ۽ هن (ڀٽي صاحب) جي خاندان وارا به اتي موجود هئا، ۽ اتي ئي اسان جي والدين جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي. هو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ اسان ٻارڙا هڪ پاسي وندر ۽ ورونهن وارين ڳالهين ۾ مصروف ٿي وياسين. هنن (ڀٽي صاحب وارن) سان ٽي ڇوڪريون هيون ۽ هو پاڻ (ڀٽو صاحب) به هئا.

هن (ڀٽو صاحب) اسان کي ٻڌايو ته، ”سندن واسطو سنڌ سان آهي.“ آءٌ ڪراچي بابت ته ڄاڻندي هيس، پر سنڌ بابت ڪجهه به نه ڄاڻندي هيس. اسان کانئس سنڌ بابت پڇيو ته، ”اها ڪٿي آهي؟“ ته هن اسان کي سنڌ بابت ٻڌايو، اهو هو موضوع، جنهن بابت اسان تنهن ڏينهن گفتگو ڪئي. منهنجو خيال آهي ته، اسان  ٻه ڀيرا مليا هئاسين، پر مون کي تفصيل ياد نه آهي. هن سان سندس ڀيڻ ”مانا“ (بيگم منورالاسلام) منهنجي ساهيڙي به گڏ هئي. جڏهن هن جي شادي ٿي ته، هن مون کي پنهنجي گهر دعوت ڏني. آءٌ لاڪر مان پنهنجا زيور ڪڍرائڻ بئنڪ ويس ته، کيس اتي بيٺل ڏٺم، هو هاڻي وڏو ٿي ويو هو ۽ مون کيس پهرين نظر ۾ نه سڃاتو، هن جي والده به اتي موجود هئي، ۽ ان ڄاتو ٿي ته مانا منهنجي ساهيڙي آهي.

هن چيو، ”اڙي نصرت، هي منهنجو پٽ آهي. هاڻي ئي آمريڪا مان آيو آهي، ۽ هن جو نالو ذلفي آهي.“

تڏهن مون کي ياد آيو ته، منهنجي ساهيڙي، جيڪا هاڻي مسز هدايت الله آهي. مون کي ٻڌايو ته، ”سندس هڪ ڀاءُ به آهي، جيڪو  وڻندڙ ۽ قدآور آهي.“ مون کيس ننڍپڻ ۾ ڏٺو هو ۽ مون کي بنهه ياد ڪونه هو ته، هو ڪهڙو هوندو هو، بئنڪ ۾ روشني ڪجهه جهڪي هئي يا الائي ڇا. پر هو پهرين نظر ۾ مون کي سٺو لڳو، جوان ٿيڻ کان پوءِ اها اسان جي پهرين ملاقات هئي.

ان کان پوءِ اسان شادين ۽ ٻين رسمن ۾ ملندا رهياسين. ۽ مون کي محسوس ٿيو ته، اسان ٻئي هڪٻئي کي پسند ڪريون ٿا. هو گهڻو مهذب هو، مختلف تقريبن ۽ تفريح جي موقعن تي منهنجي ملاقات ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ٿيندي هئي. جيڪي گهڻو ڪري بيهودگي ۽ ناشائستگي جو مظاهرو ڪندا هئا، پر ڀٽو ڏاڍو مهذب ۽ باوقار نظر ايندو هو.

سوال: تنهن وقت توهان جي عمر ڪيتري هئي؟

جواب:  آءٌ ويهن سالن جي هيس.

سوال: ان کان پوءِ ڇا ٿيو، ڇا هن شادي جي رٿ پيش ڪئي؟

جواب:  نه! هن ائين نه ڪيو، آءٌ پاڪستان گارڊس ۾ شامل ٿي وئي هيس، ۽ فوج ۾ منهنجي حيثيت هڪ ڪئپٽن واري هئي. منهنجي ساهيڙي، جيڪا هاڻي مسز هدايت الله آهي. نيوي ۾ ملازم هئي. مانا جي شادي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ اسان ان کي مبارڪباد ڏيڻ ۽ اهو ڏسڻ ويونسين ته، شادي کان پوءِ هن جي زندگي ڪيئن گذري رهي آهي. اسان ٻئي پنهنجين فوجي وردين ۾ هيونسين. اتي هو (ڀٽو) به موجود هو، ۽ اتي اسان جي ساڻس ملاقات ٿي. مون کي  ائين محسوس ٿيو ته، هن اسان کي وردي ۾ پسند نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته بعد ۾ هن پنهنجي ڀيڻ کان پڇيو ته، ”اهي ٻئي ڇوڪريون ڪهڙي شيء آهن؟ ان کان پوءِ هو تعليم جي سلسلي ۾ آمريڪا هليو ويو، ۽ پوءِ..... هاڻي آءُ راز جي هر ڳالهه ته نٿي ٻڌائي سگهان، يا ٻڌائي ڇڏيان.... چڱو ٻڌائي ٿي ڇڏيان... ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس هڪ دوست، جيڪو پاڻ به آمريڪا ۾ ئي پڙهي رهيو هو، آمريڪا مان آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته،”ذلفي منهنجي لاءِ پيار جو پيغام موڪليو آهي.“ مون کائنس پڇيو ڪهڙو ذلفي؟“ هن جي دوست واپس آمريڪا وڃي کيس ٻڌايو ته، ”هن هڪ اهڙي عورت کي محبت جو پيغام موڪليو آهي. جيڪا کيس سڃاڻي ئي ڪونه ٿي.“

ٻن سالن کان پوءِ هو پاڻ وطن واپس آيو. تنهن وقت هو آڪسفورڊ ۾ پڙهي رهيو هو. اسان جي ملاقات هڪ ساهيڙي جي سالگرهه واري تقريب ۾ ٿي. هو منهنجي ويجهو آيو ۽ مون کان پڇيائين:

”ڇا آءٌ پنهنجو تعارف ڪرايان يا توهان مون کي سڃاڻو ٿيون؟“

مون جواب ڏنس،”جي ها!“ پوءِ هو اتان هليو ويو  مون لاءِ آئسڪريم وٺي آيو، ان کان پوءِ هن پنهنجن پرڻيل دوستن پاران دعوتون ڪرائڻ شروع ڪرايون، جن ۾ مون کي به مدعو ڪيو ويندو هو.

۽ پوءِ اهڙين تقريبن ۾ اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. پر اسان اڪيلا ڪڏهن نه ملياسين. ان کان پوءِ هن شادي جي ڳالهه رکي.

سوال: ڇا توهان کي صحيح وقت ياد آهي؟

جواب:  مانا جي شادي 1949ع ۾ ٿي هئي، ۽ هن شادي جي رٿ 1951ع ۾ پيش ڪئي هئي. پوءِ اسان جي شادي ٿي وئي. اها شايد ڪراچي ۾ ٿي. جنهن کان پوءِ مان ساڻس گڏ هني مون تي هلي ويس. ان زماني ۾ سندس خاندان ڪلفٽن برج جي هيٺيان ميل نيل روڊ تي واقع هڪ گهر ۾ رهندو هو، آءٌ هن سان سندس ان گهر ۾ رهيس. اتي ئي بينظير به ڄائي، پر شاديءَ کان فوراً پوءِ آءٌ ساڻس آڪسفورڊ هلي ويس. اهو سندس ڪاليج ۾  پهريون سال هو، ۽ ضابطن موجب هو هاسٽل کان ٻاهر نه پئي رهي سگهيو، تنهنڪري مون کي هوٽل ۾ رهڻو پيو. جڏهن ته هو پاڻ هاسٽل ۾ رات گذاريندو هو، اسان ٻئي ڏينهن تي، هڪٻئي سان ملندا هئاسين. هڪ رات هو هاسٽل واپس نه ويو ۽ (ٻئي ڏينهن تي) پنهنجي هاسٽل جي ڊين کي ٻڌائين ته، ”هو پنهنجي زال سان گڏ هو.“ هو تنهن وقت عمر ۾ ايڏو ته ننڍو هو، جو ڊين کي هن جي ڳالهه تي يقين نه آيو، تنهنڪري هو مون کي ڊين وٽ وٺي ويو، جنهن تي ڊين ان ڳالهه تي  افسوس جو اظهار ڪيو ته، اسان گڏجي نٿا رهي سگهون. ۽ هن کيس هڪ رات ٻاهر گهارڻ تي سزا نه ڏني.

سوال: جڏهن توهان ساڻس پهريون ڀيرو مليا هئا ته، ڇا توهان اهو تصور ڪيو هيو ته هو پنهنجي آئنده زندگي ۾ ڇا ڪندو؟

جواب:  نه تنهن وقت ته هو هڪ شاگرد هو، پر ايترو سو اندازو هيم ته، هو ضرور ڪا نمايان شخصيت آهي.

سوال:  ان کان سواءِ توهان ٻيو ڪهڙو اندازو لڳايو؟

جواب: هن ۾ هڪ عجب جهڙي جاذبيت ۽ ڪشش هئي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

سوال:  هو ڪنهن کان متاثر هو؟

جواب:  سندس تربيت چڱي نموني ٿي هئي. ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي والده کان متاثر هجي. سندس والد به سندس همت افزائي ڪندو رهندو هو، سندس چاچو احمد خان ڀٽو سياست ۾ هو، ۽ جيڪو مسٽر ڀٽو جي پهرين زال جو والد به هو، آءٌ توهان کي هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايان ٿي: جڏهن اسان جي شادي ٿي ته، سندس پهرين زال جي والد اسان کي ڪراچي ڪلب ۾ شاندار پارٽي ڏني. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻي شادي ڪرڻ ڪو عيب يا نئين ڳالهه نه هئي.

سوال: ڇا توهان کي خبر هئي ته هو اڳ ۾ پرڻيل آهي؟

جواب:  شروع ۾ مون کي ان ڳالهه جي خبر نه هئي. ٿيو ائين ته، مون پنهنجي والد سان هن سان شادي جي خواهش جو اظهار، پنهنجي وڏي ڀيڻ وسيلي ڪيو هو، پهرين ته هن منهنجي ان خواهش کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو ته، هڪ ايراني خاندان، ڪيئن هڪ سنڌي خاندان جي ڇوڪر جو سڱ قبول ڪري سگهي ٿو، جنهن کي هو سڃاڻين ئي ڪونه ٿا! تنهن وقت منهنجي والده جو انتقال ٿي چڪو هو، منهنجو والد ۽ وڏيون ڀينر موجود هيون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جيئن مون کي ياد آهي ته، هارون خاندان جا ڪي ڀاتي اسان جي گهر آيا ۽ ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه نڪتي ته، ان دوران هارون فيملي وارن انڪشاف ڪيو ته، ڀٽو اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي. منهنجي وات مان بي اختيار نڪتو، ”اف! منهنجا خدا!“ منهنجي والد مون کي ڏاڍي تنبيهه ڪئي ۽ ناراض ٿيا. هنن چيو ته، ”آءٌ هڪ اهڙي شخص سان ڪيئن ٿي شادي ڪري سگهان، جيڪو اڳ ۾ ئي پرڻيل آهي ۽ پنهنجي خاندان سان رشتو ٽوڙي رهيو آهي!“

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڀٽو پاڻ منهنجي خاندان جي ڀاتين سان ملڻ آيو، مون کيس چيو ته، ”توهان مون کي دوکو ڏنو آهي. توهان مون کي پهريان ڇو نه ٻڌايو ته توهان پرڻيل آهيو؟“ انهيءَ تي هن اهي حالتون بيان ڪيون، جن ۾ سندس شادي ٿي هئي. پوءِ هو پنهنجي ماءُ کي به وٺي آيو، جنهن اسان کي ٻڌايو ته، ”ڀٽي جي شادي تنهن وقت ٿي هئي. جڏهن هو چوڏهن ورهين جو هو ۽ ايترو ته ناسمجهه هو، جو سندس پسنديده ڪرڪيٽ بيٽ جي لالچ ڏئي. کيس نڪاح ۾ ويهاريو ويو هو.“

سوال: هو ايوب خان جي ڪابينه ۾ ڪيئن شامل ٿيو؟

جواب:  منهنجو خيال آهي ته ان جا والدين ۽ اسڪندر مرزا جي وچ دوستاڻا لاڳاپا هئا ۽ اهي اڪثر هڪٻئي ڏانهن ايندا ويندا هئا. هڪ ڏينهن اسڪندر مرزا هن (ڀٽي صاحب جي) والدين سان مليو ۽ چيائين ته، ”هو  سندن پٽ وزير بنائڻ ٿو چاهي.“ ان کان اڳ هن هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو هو، ”فيڊرل بايونيٽري گورنمينٽ“ ۽ حڪومت ان کان ان ڳالهه تي گهڻي ناراض  هئي، پوءِ کيس هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي عيوضي جي حيثيت ۾ موڪليو ويو، پوءِ هو واپار جو وزير بنجي ويو، پوءِ جڏهن اسڪندر مرزا جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته، ان وقت اسان لاڙڪاڻي ۾ هئاسين. ۽ ڪراچي وڃڻ جو ڪوبه ارادو نه هو، جيڪا تنهن وقت پاڪستان جي گادي وارو شهر هئي، پر کيس هر هر ايوب خان جو فون اچي رهيو هو ته، ”هو کيس وزير ٺاهڻ چاهي ٿو“. اسان سڀ انهي مسئلي تي ويچاري رهيا هئاسين ته، اها آڇ منظور ڪرڻ گهرجي يا نه؟ ان وقت ڀٽي صاحب جي والد جو انتقال ٿي چڪو هو، سندس والده ۽ مون کيس مشورو ڏنو ته، هو اها آڇ قبول ڪري. ۽ هن ائين ئي ڪيو.

سوال: توهان جو ساٿ هن دور جي عظيم انسان سان رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ هڪ سٺي انسان ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن

جواب:  همدردي، سچائي، ۽ صاف گوئي هڪ سٺي ماڻهو جا گڻ هئڻ گهرجن. ۽ اهائي تعليم هن پنهنجي اولاد کي ڏني.

سوال: هو پنهنجي اولاد مان سڀني کان وڌيڪ پيار ڪنهن کي ڪندو هو؟

جواب:  هو صنم کي گهڻو پيار ڪندو هو، هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي، پر ٻين ٻارن جيان قدآور نه، بلڪه ننڍڙي قد جي هئي. ۽ ننڍپڻ کان ئي سندس نظر ڪمزور هئي. تنهنڪري هن ڏانهن سندس لاڙو مڙيو ئي گهڻو هو ۽ هوءَ به هن جي ڏاڍي ويجهي هئي.

سوال: هر زال کي پنهنجي مڙس کان شڪايتون هونديون آهن، ڇا توهان کي به هيون؟

جواب:  هاڻي ته ائين نه آهي. ها، پهرين ڪڏهن ائين هو، جڏهن هر وقت ڪم ۾ رُڌل رهندو هو يا ڇوڪريون سندس ڪڍ لڳل هونديون هيون. ڇاڪاڻ جو هو هڪ پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو، اسان 1951ع کان  1977ع تائين هڪ ڊگهو عرصو گڏجي گهاريو. اسان پنهنجي شاديءَ جي 25 هين سالگرهه سندس گرفتاري کان ڪجهه وقت اڳ ملهائي هئي. ان موقعي تي هن مون کي هڪ سهڻي هيري جي منڊي تحفي طور ڏني هئي. پوءِ کيس شهيد ڪيو ويو.

سوال: آخري ملاقات ۾ ڀٽي صاحب توهان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون؟

جواب: هن چيو ته، ”هن پنهنجي ليکي بهترين ڪم ڪيا ۽ کيس ان ڏس ۾ ڪوبه پڇتاءُ يا شرمندگي نه آهي. هو هڪ صاف ضمير سان پنهنجي رب ڏانهن وڃي رهيو آهي.“

سوال:  ڀٽو صاحب توهان کي ڇا چئي سڏ ڪندو هو؟

جواب:  هو مون کي ”نصرتم“ چئي سڏيندو هو، فارسي ۾ ان جو مطلب آهي ”منهنجي نصرت“.

(ڪتاب ”يادين بهڻو ڪي“ تان ورتل- سهيڙيندڙ خورشيد جوڻيجو):

ابن سنڌ

 

ڀٽو خاندان هميشه جي لاءِ ورهائجي ويو؟

 

1988ع ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جا سياسي رستا هڪٻئي کان الڳ الڳ ٿي ويا هئا. بعد ۾ مير مرتضيٰ  ڀٽو،جڏهن 1993ع ۾ واپس پاڪستان آيو ته، هن پنهنجي نئين ٺاهيل پارٽي- پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي نالي سان  سياسي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. مير مرتضيٰ ڀٽو جي، 16 سالن جي جلاوطني کان پوءِ واپس ڏيهه ورڻ کان اڳ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو به پنهنجي غير موجودگيءَ ۾ حصو ورتو هيو ۽ کيس سندس عظيم امڙ، بيگم نصرت ڀٽو، کيس لاڙڪاڻي شهر واري صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ تان کٽرايو هيو، باوجود ان جي. جو هوءَ پاڻ ڏوڪري- لاڙڪاڻي  واري تڪ تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو واري پارٽي- پيپلز پارٽي جي اميدوار هئي. پ پ ۾ مير مرتضيٰ جي وچ ۾ اها سياسي خليج وڌي، مير مرتضيٰ ۽ شهيد بي بي جي خاندانن جي ذاتي لاڳاپن جي خاتمي تي ختم ٿي. جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ته، ان وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم هئي. پر قاتلن انهن گولين سان رڳو مير کي شهيد نه ڪيو، پر انهن شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت جو به خاتمو آڻايو، ان کان پوءِ شهيد بي بي  ۽ مير جي گهر ڀاتين جي وچ ۾ مڪمل طور تي هڪ وڏو فاصلو اچي ويو، ان کان پوءِ شهيد بي بي جو 70 ڪلفٽن ۽ المرتضيٰ هائوس تي وڃڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ ڪراچي شهر ۾ پنهنجي نئين ٺاهيل ”بلاول هائوس“ ۽ نئون ديرو ۾ ”نئون ديرو هائوس“ تي رهڻ لڳي. اهڙيءَ طرح شهيد مرتضيٰ جي وني، غنويٰ ڀٽو ۽ مير جو اولاد، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي (جونيئر) ۽ شاهنواز ڀٽو جي اڪيلي نياڻي سسئيءَ به بلاول هائوس ۽ نئون ديرو هائوس تي وڃڻ واري سوچ ختم ڪري ڇڏي.

پر جڏهن 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته، غنويٰ ڀٽو، فاطمه ڀٽو ۽ ذوالفقار (جونيئر) پهريون ڀيرو نئون ديرو هائوس تي ويا ۽ وڃي شهيد راڻي جي تڏي تي ويٺا. ان کان اڳ ۾ انهن اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته، ”شهيد بي بي جي مڙهه کي المرتضيٰ هائوس، لاڙڪاڻي آندو وڃي.“ پر ائين نه ڪيو ويو ۽ هنن به ان تي زور نه ڏنو، نئون ديرو هائوس تي ذوالفقار جونيئر عام ماڻهن سان گڏ ويٺو رهيو ۽ تعزيتون وصول ڪندو رهيو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته، ذوالفقار جونيئر کي بلاول ڀٽو جي ڀرسان ويهاريو وڃي ها، پر ائين نه ٿيو.

هاڻي جڏهن بيگم نصرت ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويئي ته، غنويٰ ڀٽو پهرين شڪايت اها ڪئي ته ”کين بيگم صاحبه جي وفات جو اطلاع نه ڏنو ويو ۽ هنن ٽي وي چينل ذريعي اها خبر ٻڌي.“ بيگم صاحبه جي لاڏاڻي واري ڏينهن (23 آڪٽوبر تي) لاڙڪاڻي روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ غنويٰ ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”بيگم صاحبه جو مڙهه، المرتضيٰ هائوس وٽ اچڻ گهرجي، ۽ اتان ئي تدفين جي لاءِ نڪرڻ گهرجي.“ هنن دليل ڏنو ته، ”المرتضيٰ هائوس، بيگم صاحبه جو پنهنجو، سندس وَر شهيد ڀٽي ۽ وڏي پٽ جو گهر آهي، جڏهن ته نئون ديرو هائوس سندس ڌيءُ جو گهر آهي ۽ روايت مطابق هن جو مڙهه پنهنجي گهر مان ئي نڪرڻ گهرجي.“

ٻئي ڏينهن تي جڏهن بيگم صاحبه جو مڙهه دبئي کان سکر ايئرپورٽ تي آندو ويو ته، ٽي وي چينلز تي اهي خبرون اچڻ لڳيون ته، ”پ پ شهيد ڀٽو جا ڪارڪن سکر ايئرپورٽ وٽ پهچي ويا آهن“ ان خبر کان پوءِ اسان کي خدشو ٿيو ته، ڪا گڙٻڙ نه ٿئي، پر پوليس انهن کي اتان هٽائي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري به سکر ايئرپورٽ تي پهتل هو، جتي هن پنهنجن ويجهن ساٿين سان صلاح مشورو ڪيو ۽ ان کان پوءِ ”مادر جمهوريت“ جو آخري سفر نئون ديرو جي لاءِ روانو ٿيو، ان دوران لاڙڪاڻي جي ڊي سي او، ايس پي ۽ انتظاميه جي ٻين اهلڪارن کي غنويٰ ڀٽو ڏانهن ان پيغام سان موڪليو ويو ته: ”هو نئون ديرو اچي، بيگم صاحبه جو آخري ديدار ڪن.“ هنن نئون ديرو وڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته، ”جيڪڏهن بيگم صاحبه جو مڙهه المرتضيٰ هائوس نٿو آندو وڃي ته، هو المرتضيٰ هائوس ۾ بيگم صاحبه جي غائبانه جنازي نماز پڙهندا.“ ۽ ٿيو به ائين.

نئون ديرو ۾ بيگم صاحبه جي جنازي جي نماز ٿي. جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، شهيد ڀٽي جي نياڻي صنم ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. جڏهن ته بيگم صاحبه جي پوٽاڻ، فاطمه ڀٽو، ذوالفقار جونيئر ۽ سندس ننهن غنويٰ ڀٽو، المرتضيٰ هائوس ۾ غائباڻي جنازي نماز جو انتظام ڪيو، هڪ خاندان جي ٻن گهرن وچ ۾، شايد ئي نه ڀرجڻ جهڙي وڏي لڪير اچي ويئي. انساني همدردي جي ناتي سان ئي جيڪڏهن سوچجي ته، پنهنجي ڏاڏيءَ جو آخري منهن نه ڏسڻ تي ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو تي ڇا گذري هوندي؟ جيڪي پنهنجي ڏاڏي جا عاشق هئا. اها ڪيڏي نه تڪليف جي ڳالهه آهي جو سندن ڏاڏي جو لاش چند ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هڪ ٻي جاءِ تي پيو آهي ۽ هو ان جو منهن به نٿا ڏسي سگهن.“ اهي بيگم صاحبه جي لاڏاڻي سان مڪمل طور تي يتيم ٿي ويا.

پيپلز پارٽي جي قيادت جي اها تمام وڏي وڏائي ليکجي ها، جيڪڏهن اهي ضلعي انتظاميه جي اهلڪارن کي موڪلڻ بدران، پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي فاطمه، ذوالفقار جونيئر ۽ غنويٰ ڀٽو ڏانهن موڪلي، انهن کي آٿت ڏيئي، کين بيگم صاحبه جو آخري ديدار ڪرائڻ جي لاءِ نئون ديرو وٺي اچن ها، هيءَ ڪو  انتظامي مسئلو نه هيو، جو ڊي سي او يا ايس پي کي انهن گهر ڀاتين ڏانهن موڪليو ويو، جن جي گهر جي وڏي جو لاڏاڻو ٿيو آهي، پر هيءُ ته رشتن ناتن جو ذاتي ۽ نازڪ معاملو هو، هن ۾ ته خود بلاول ڀٽو، يا بختاور يا آصفه کي به المرتضيٰ هائوس وڃڻو پوي ها، ته انهن کي موڪليو وڃي ها. اها شهيد بينظير جي خاندان ۽ پ پ جي قيادت جي تمام وڏي بردباري ۽ انساني همدردي ليکجي ها، پر افسوس جو ائين نه ٿيو ۽ هڪ ئي خاندان جا ورهايل ڀاتي هڪٻئي کان هميشه هميشه جي لاءِ پري ٿي ويا.

هيءُ ايڏو وڏو ڏک آهي، جيڪو خاص ڪري فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر کان ڪڏهن به نه وسري سگهندو. ٻئي طرف سنڌ جا ماڻهو پڻ ڀٽو خاندان جي تقسيم، ڪنهن به صورت ۾ ڏسڻ پسند نٿا ڪن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com