سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :7

نازيا نيڻ

مادرِ جمهوريت

جڏهن به دنيا جي عورت سياستدان تي نظر پوي ٿي ته انهيءَ جي پهرئين پني تي ۽ سڀني کان اول ۽ مٿانهون نانءُ جيڪو آهي اهو آهي. ”مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو.“

تاريخ جي ورقن کي اٿلائي ڏسجي ته بيگم نصرت ڀٽو، جو تعلق هڪ عظيم ۽ ادب جي دنيا ۾ تمام وڏو نانءُ رکندڙ پاڪ ڌرتي سان آهي. جنهن کي اسان ايران جي نالي سان سڃاڻون ٿا. چيو وڃي ٿو ته بيگم نصرت ڀٽو جا وڏا اصل ايران جي امير گهراڻي سان وابستا هئا.

پاڪستان کي هڪ الڳ نانءُ ۽ مڃتا ملڻ کان اڳ مطلب ته ورهاڱي کان اڳ بيگم نصرت ڀٽو جا وڏا ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا جيڪو هڪ تاريخي ماڳ ۽ دنيا جي روشنين جي شهرن مان هڪ آهي. بيگم نصرت ڀٽو ننڍپڻ کان نوجواني تائين زندگي جي هر خوشي حاصل ڪئي.

شهزادي ۽ سونهن جي مالڪ بيگم نصرت ڀٽو جي شادي ايشيا جي سياستدانن ۾ وڏو نانءُ رکندڙ ۽ هڪ ليکڪ جي نالي سان دنيا ۾ سڃاتو ويندڙ ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي. جيڪو پاڪستان جو وزيراعظم به رهيو ۽ عوام دوست به رهيو.

بيگم نصرت ڀٽو کي چار ٻار هئا جن ۾ ٻه پٽ جيڪي بهادر، نيڪ ۽ فرمانبردار هئا ۽ اهي به وڏي ذهن جا مالڪ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو، ۽ ٻه حسين، بهادر، انسان ذات سان محبت ڪندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ، نياڻيون جيئن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ محترمه صنم ڀٽو. جن ملڪ جي لاءِ ۽ عوام جي حقن لاءِ وڏي جنگ جوٽي. انهيءَ جنگ ۾ قرباني ڏيندڙن  ۾ هن عظيم ماءُ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.

بيگم نصرت ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو علم سنڀاليو ۽ آمريت خلاف آواز بلند ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو 1986ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن رهي. ان کان علاوه هوءَ 90 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مخالف ڌر جون سيٽون سنڀاليون ته قومي اسيمبليءَ جي ميمبر پڻ رهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت اعظميٰ وار ي دؤر ۾ بيگم نصرت ڀٽو ”خاتون اول“ جي لقب سان پڻ مشهور رهي. بيگم نصرت ڀٽو ڏکئي دؤر ۾ پارٽي ۽ ڪارڪنن جي پرگهور لڌي ۽ پارٽيءَ کي مضبوط ۽ محفوظ رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

بيگم نصرت ڀٽو ڪيتري عرصي کان وٺي دبئي ۾ دماغي عارضي ۾ مبتلا هئي، نيٺ 23 آڪٽوبر 2011ع تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواري ”مادرِ جمهوريت“، جمهوريت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي ماءُ، جنهن پنهنجي اولاد کي پنهنجي هنج ۾ مظلوم عوام ۽ ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ جي لولي ڏيندڙ ۽ پنهنجي اولاد جي وطن ۽ مظلوم عوام لاءِ قربانيون ڏئي شهادت ماڻيندڙن جا رت سان ڀريل لاش روڊن تي ڏسندڙ بيگم نصرت ڀٽو دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.

مان هٿ کڻي پروردگار کان دعا ٿي ڪيان ته رب پاڪ اسان جي ”مادرِ جمهوريت“ کي جنت عطا فرماءِ. آمين!

سنڌيا شاهه

تاريخ پاڻ ڳالهائيندي

 

جڏهن جڏهن به جمهوري قدرن کي لتاڙي غاصبانا ۽ آمرانا نظريا مڙهيا ويا آهن تڏهن تڏهن نصرت ڀٽو جهڙيون عظيم ديومالائي ڪرشماتي ۽ سحر انگريز نظرياتي مائرون پنهنجا جوڌا جوان نسل وٺي ميدان ۾ لهي پونديون آهن ۽ تاريخ گواهه رهندي آئي آهي ته جڏهن به حق ۽ سچ جو سڏ ٿيندو آهي تڏهن تيرن، تلوارن، ڪوڙن ۽ بندوقن اڳيان سينا تاڻجي ويندا آهن.

تاريخ جي هر دؤر کي جا چيو وڃي ته هڪ جهڙو ئي الميو وري وري منهن ڪڍندو، ماتم ڪندو نظر آيو آهي ”نظريئه ضرورت“ جنهن جو مطلب هت هر يزيد، هر فرعون ۽ اهڙو ئي ڪو حوالو رکندڙ هر آمر ڪنهن نه ڪنهن حق ۽ سچ پرست کي پنهنجي نظرئي جي نيزي تي ٽنگيندو رهيو آهي ۽ تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته حق ۽ سچ جي رت سان هٿ رڱيندڙ آمر جي مٽيءَ کي ڌرتي ماءُ به قبول نه ڪندي آهي ۽ انهن جي تاريخ نامعلوم ڪنڊ جي ڪا ڍيري ئي بڻجي سگهندي آهي.

نصرت ڀٽو انهيءَ نظرياتي تسلسل جي ڪڙي آهي جنهن هيٺ ذوالفقار علي ڀٽو، ڪرنل قذافي، ياسر عرفات ۽ شيخ مجيب هڪ اسلامي ايڪو جوڙڻ چاهيو ٿي، جنهن جا مضبوط پاوا هڪ هڪ ڪري ڪيرايا ويا ۽ اسلامي سڃاڻپ ٻه واٽي تي ڪنهن امام مهدي عليه السلام جي آسري متنازعه بڻي بيٺي آهي.

ان اسلامي ايڪي، ان نظرياتي تسلسل جي ٽٽندڙ زنجير جي وکريل ڪڙين ۾ نصرت ڀٽو پنهنجي ور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ وکريل وجود هوندي به جيئن يتيم ٿي ويل پارٽي ۽ خاندان کي سهيڙيو ۽ سنڀاليو ۽ هڪ آمر جي مقابلي ۾ بهادر سورمي بڻجي نه صرف جلسا ڪيا پر قيد وبند جون تڪليفون به ڏٺيون ۽ سِر تي لٺيون به سٺيون جنهن ڪري کيس ڪينسر جي بيماري به ٿي پئي پر پوءِ به هن بهادر سورميءَ وڏي واڪ چيو: ”جيڪڏهن اوهان سمجهيو ٿا ته، اوهان جي هنن لٺين هڻڻ سان مان هن ملڪ مان هلي وينديس ته اها اوهان جي ڀل آهي. اوهان پنهنجي آمر آقائن کي منهنجو نياپو ڏيو ته، مان هن ڌرتيءَ جي ڌيءُ آهيان. مان شهيد ڀٽي جي پارٽيءَ جي وارث آهيان. مان ڪڏهن به جنرل ضياءالحق کي ميدان خالي ڪري ڏيئي نه وينديس.“

اهو هڪ آمر کي ڏنل جواب نه آهي پر هڪ تسلسل آهي جيڪو بينظير ڀٽو موت سامهون ڏسندي به ٽٽڻ نه ڏنو ۽ تاريخ شاهد آهي ته ڀٽو خاندان مرڻ قبوليو آهي پر ڪنهن آمر آڏو جهڪڻ نه قبوليو آهي.

اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو نظريو جو نصرت ڀٽو هڪ زال جي روپ ۾ هڪ ماءُ جي روپ ۾ نپايو ۽ ان عظيم ماءُ جي ڳچيءَ ۾ جنهن نظرياتي مالها جا موتي پويل هئاسي هڪ هڪ ڪري ڇنا ويا.

هڪ پٽ کي زهر ڏئي ماريو ويو، ٻيو پٽ گوليون هڻي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ شهيد ڪري هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا ويا.

تاريخ جي دور جي آمر جو ڊڄ آخري کيرپياڪ علي اصغرؓ  تائين هلندو آهي ۽ اهو ڊڄ، جو سڄو نسل کٽائي به ختم ناهي ٿيندو.

نصرت ڀٽو، جنهن ورکي ڦاهي چڙهندي ڏٺو ٻن جوان پٽن کي مارجندي ڏٺو ته هن حوصلو رکندڙ بهادر عورت خاموش تاريخ جيان سڪتي ۾ اچي نهارڻ شروع ڪيو. جڏهن خاموش تاريخ ۽ خاموش ماءُ جي دل مان نڪرندڙ آهه عرش پڄي موٽ کائيندي آهي ته ڌرتيءَ تي ڌڙڪندڙ هر دل تي نقش ٿي ويندي آهي ۽ اها دلين ۾ نقش ٿيل آهه تاريخ جي نرڙ تي ڪڏهن به نه ڊهي سگهندڙ گهاءَ جو نشان بڻجي پوندي آهي. جن به ماڻهن تي محبتن جا نه کُٽندڙ گلاب ورکا ٿيندا آهن سي المين سان رتورت ضرور ٿيندا آهن، ۽ ڀٽو خاندان گهور ٿيندڙ سرن ۽ گلابن تي گهورجڻ جو تسلسل جهڙيءَ طرح نڀايو، اڳتي وڌايو آهن ان کان ڪير انڪار ڪري سگهندو! جيڪو زخم تاريخ جي نرڙ تي نقش ٿي وڃي سو مادرِ جمهوريت (جمهوريت جي ماءُ) نصرت ڀٽو جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو ته، جنهن خاندان جو هر فرد نظرياتي جنگ وڙهندي ماريو ويو تنهن خاندان جي لاءِ تاريخ پاڻ ڳالهائيندي.

اڄ ڀلي ڪير به نه ڳالهائي

تاريخ پاڻ ڳالهائيندي

سڏڪن کي دٻائي ڇڏيو پر

لڙڪن جي لاءِ ڳالهائيندي

اڀ ڏانهن نهاري ٿي پئي

ماءُ جي آهه ڳالهائيندي

تو رت وهايو جنهن تي سا

ڌرتي پاڻ ڳالهائيندي

ماٺار سڄي آماتر ۾

رڙڪائي ته ڳالهائيندي.

 

 

حسين مسرت شاهه

بيگم نصرت  

هم سفر، هم قدم هم نفس، هم زبان، هم راز، هوءَ ڇا ڇا نه هئي، پنهنجي وَر لاءِ، هر پنڌ ۾ گڏ، وک سان وک کڻڻ واري، هر مسئلي کي سلجهائڻ واري ڀٽو جي تقريرن کي ڳوٺ ڳوٺ تائين پهچائڻ واري نصرت ڀٽو، ڀٽي لاءِ ته فتح جي علامت ۽ فتح جو باعث بڻي پر پاڻ پنهنجي زندگي، جنگ هارايل سپاهي جيان ڪاٽيندي رهي، 23 مارچ 1929ع کان 23 آڪٽوبر 2011ع تائين 82 سالن جي ڄمار ۾ پاڻ صرف 25 سال ڀٽو سان گڏ گهاري سگهي. زندگيءَ جا 14 سال هن زندگي ۽ موت جي سرحدن تي گذاريا. هن جي سڄي زندگي غمن جي طوفانن ۽ دردن جي دريائن ۾ لڙهندي گذري.

سخت جدوجهد ۽ سخت آزمائشن مان هو گذرندي رهي ۽ ثابت قدمي سان هر مشڪل جو مقابلو ڪندي رهي. اها محترمه نصرت ڀٽو هئي جنهن خاتون اول هوندي به بنا ڪنهن سرڪاري پروٽوڪول جي سڄي ملڪ ۾ ٽرين جي ذريعي سفر ڪيو ۽ پاڪستان جي هر ڳوٺ ۾ وڃي عورتن جا مسئلا ٻڌا، انهن جا ڏک ونڊيا ۽ 1975ع ۾ يو.اين پاران منعقد ڪيل پهرين بين الاقوامي عورت ڪانفرنس ۾ اهي سڀ مسئلا دنيا اڳيان پيش ڪيا. عورتن ۾ پنهنجن حقن جي سجاڳي آڻڻ ۾، محترمه نصرت ڀٽو جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محترمه نصرت ڀٽو جي بدولت دنيا پاڪستان جي عورتن جي مسئلن کان آگاهه ٿي. ايران سان تعلق رکندڙ نصرت اصفهاني جو. خاندان جڏهن پاڪستان منتقل ٿيو ته هن ”پاڪستان وومن نيشنل گارڊ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. فوجي پريڊ جي مهارت هن کي ڪيپٽن جي عهدي تائين رسايو. ڀٽو سان ملاقات هن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي. هوءَ ڀٽو جي همسفر ٿي ته زندگيءَ جي هر موڙ تي هن سان گڏ رهي تعليمي عمل کان وٺي سياسي ميدان ۾ ڀٽو لاءِ هوءَ فتح ۽ ڪامرانيءَ جي علامت هئي. آمريت جي ڪاري رات زندگي ۾ آئي ته به بينظير سان هر جبر ۽ تشدد کي منهن ڏيندي رهي. پنهنجي سياسي شعور کي هوءَ عورتن ۾ منتقل ڪندي رهي. قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ لاٺي چارج هن کي زخمي ڪيو، هوءَ بيباڪ ۽ بهادر ليڊر هئي، ضياءَ جي آمرانه دؤر ۾، هن جي ڏاڍ کي للڪاريندي رهي، پنهنجن زخمن ۽ ڏکن کي هن پنهنجي ڪمزوري نه پر جدوجهد جي علامت بنايو. ڀٽو صاحب جي ڦاسي هن لاءِ وڏي ۾ وڏو صدمو هو دل ۽ دماغ کي وڏو ڌڪ لڳو هو، پر هوءَ بينظير ۽ عوام ڪارڻ برداشت ڪري ويئي هن کي حوصلو ڏيڻ لڳي. شديد بيمار ٿي ته، هن هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ”آمريت جي حڪومت مون کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نٿي ڏي هوءَ چاهي ٿي ته آءٌ وڌيڪ بيمار ٿيان ۽ هڪ لاش جي صورت ۾ واپس اچان.“ هوءَ باشعور ۽ سجاڳ ذهن رکندڙ ليڊر هئي جيڪا هر قسم جي صورتحال کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندي هئي. بينظير جو وزيراعظم جي عهدي تي پهچڻ هن لاءِ عظيم ڏينهن هو. حلف برداريءَ واري ڏينهن جي ڪيفيت بيان ڪندي هوءَ هڪ وزيراعظم جي زال ۽ هڪ وزيراعظم جي ماءُ جي خوشي ۽ غم جي گڏيل جذبن کي ظاهر ڪندي لکي ٿي، ”شهيد ڀٽو جي عدم موجودگي جو ڏک به هو ۽ پنهنجي ڌيءَ جي وزيراعظم ٿيڻ جي خوشي به. مون کي هوءَ اٺن مهينن جي ننڍڙيءَ ٻارڙي ياد آئي. ان جو معصوم چهرو ياد آيو. مون کي ائين لڳو ته هوءَ منهنجي ٻانهن ۾ آهي. منهنجي هنج ۾ آهي. منهنجي دل خوشي سان لبريز ٿي ويئي.“ نصرت، بينظير کي معجزو چوندي هئي پهريون ٻار عورت لاءِ معجزو ئي هوندو آهي. هن کي پنهنجي پهرين ڌيءَ سان بي پناهه پيار هو.

ٻئي انٽرويو ۾ چيو هئائين ته، ”اسان ٻنهي کي احساس هو ته هوءَ ضرور ڪجهه نه ڪجهه ڪندي ڪو وڏو ڪم جنهن سان هن جو وڏو نالو ٿيندو پر خبر نه هئي ته هوءَ ڇا ٿيندي..... جڏهن وزير اعظم ٿي ۽ جنهن ڏينهن حلف کڻي رهي هئي. ته آءٌ جذباتي ٿي ويس منهنجين اکين ۾ ڳوڙها هئا. ان لاءِ مون سوچيو ته ڪاش اڄ ڀٽو زنده هجي ها.“

ڀٽو کان پوءِ جوان پٽ شاهنواز جي قتل هن کي صدمو رسايو. آخر ڪيستائين......! صبر ۽  برداشت جي به ڪا حد ضرور ايندي آهي. هوءَ تمام مضبوط هئي پر زلزلا ته جبلن کي به ڏاريو وجهن مرتضيٰ جي شهادت هن جبل جهڙي وجود کي ٽوڙي وڌو. پنهنجي ڌيءَ جي حڪومت ۾، سندس پٽ جي سرعام شهادت هن کي ٽوڙي ڇڏيو هوءَ ظاهري دنيا جي ٻنڌڻن کان ڌار ٿي ويئي نه سمجهه ۾ ايندڙ بيانن هن کي هوش جي دنيا کان پري ڪري ڇڏيو. هن ماڻهن کي سڃاڻڻ ڇڏي ڏنو، ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. بي خبري جي دنيا وسائي ويٺي. موت ته ظالم آهي ئي آهي پر زندگي ان کان وڌيڪ ظالم آهي. ظالم موت جو وار هڪ دفعو ٿيندو آهي پر زندگي جا ظلم جيئري مُردن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. ذهني ۽ جسماني بيماريءَ جي دوران ئي محترمه بينظير جي شهادت جي خبر به هن جو مقدر بڻي. محترمه نصرت ڀٽو، ڀٽي صاحب جي سياسي سرگرمين ۾ عملي طرح ساڻس گڏ رهندي هئي. بين الاقوامي دورا هجن يا ملڪي دورا هوءَ ڀٽي سان هم قدم رهندي هئي. هن جو وجود خاموش نه هو، هو پنهنجي تقريرن ۾ جمهوريت جي پرچار ڪندي هئي زال ۽ ماءُ جي مثالي ڪردار سان گڏوگڏ هڪ سڄاڻ عورت جو ڪردار محترمه نصرت ڀٽو جي سڃاڻپ آهي. پاڪستان جي عورتن ۾ سياسي شعور محترمه نصرت ڀٽو جي ملڪي دورن سان پيدا ٿيو. گهرن ۾ بند پيل عورت به جمهوريت جي نالي کان واقف ٿي ۽ محترمه جي شخصيت جي ڪشش جي ڪري عورتن جلسن ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ سياسي سرگرمين ۾ عملي حصو وٺڻ لاءِ اڳتي آيون. جاگرتا مهم محترمه نصرت ڀٽو شروع ڪئي، ٻهراڙي جي عورتن ۾ حقن جي سجاڳي به سندس ئي عملي ڪوشش جو نتيجو آهي. اڄ سندس وجود هر ڏاڍ جبر ۽ حوصله ٽوڙيندڙ قوتن لاءِ مثال آهي. محترمه بينظير ڀٽو، جيڪي قدم عورتن جي ڀلائي ۽ بهبودي لاءِ کنيا انهن جو بنياد وجهندڙ بيگم محترمه نصرت ڀٽو ئي هئي.

اقوام متحده تائين پاڪستاني ٻهراڙيءَ جي عورت جي آواز کي پهچائي، اتان حقن جي مڃتا حاصل ڪرڻ سندس ڪارنامو هو. هو صرف نالي جي نصرت نه، پر سڄي قوم لاءِ نصرت هئي. مادر جمهوريت جو لقب هن جي سڄي شخصيت جي وضاحت ڪندڙ نه آهي. نصرت جي نصرت پاڪستاني عورتن جي ڪاميابي ۽ سچائيءَ ۾ آهي. عورتن جي معاشي طرح سان پاڻ ڀرو ٿيڻ ۽ سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ هن جي فتح آهي. اهو ئي سندس ايوارڊ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com