سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :6

رات گهڻي لڙي چڪي آهي، سرد رات جي سرد بدن تي ستارا، عاشقن  جي اکين جيان اوڄاڳن ۾ آهن! وجود جون بهارون مڙني ڀرمن ۽ ادائن سان برقرار رهن اها ئي وڏي ڳالهه آهي!

ڪائنات ۾ ڪوڙ آسمان جيڏو ڊگھو ٿي ويو آهي! ڪنهن آباد گھر کي ڪنهن تيلي جو ويجھو وڃڻ انسانيت جي  توهين آهي.!

سوالن جي سلسلن  قيدي بنائي ڇڏيو آهي!

اي خدا هي سڀ ڇا آهي!

 غور ڪري ڏسو ڪائنات ۾ ڪا به شيءَ بي لباس ڪانهي، گل جو رنگ  گل جو لباس آهي! منظرن جي ساواڻ منظرن جو لباس آهي.

تنوير جوڻيجو

 

FEMINISM يا تحريڪ نسوان

(عورتن جي حقن بابت هڪ تحريڪ)

هي دنيا جا نهايت خوبصورت آهي. هيءَ  دنيا جا توهان جي آهي،هي دنيا جا منهنجي آهي، هيءَ دنيا جا گھر کان وٺي  ڌرتيءَ جي گولي تائين پکڙيل آهي ۽جنهن  جي هر ڪنڊ اسان جي پنهنجي آهي. هت  اسان  جو مقصد، ڪو الڳ  ” زنانو ڪمپارٽمينٽ‎“  قائم ڪرڻ ناهي، پر اسان جي خواهش آهي ته اسان سڀ گڏجي زندگي جو سفر .  ”عوامي ايڪسپريس“ ۾ طئي ڪيون جنهن ۾ ڪو به زنانو يا مڙدانو  دٻو نه هجي....... مسافر محض  مسافر هجن  بلڪل ايئن جيئن خدا  جي گھر ۾ سڀ  بندا گڏجي طواف ڪعبه ڪندا هجن.

انهيءَ تحريڪ انهي آدرش کي پائڻ لاءِ هڪ تحريڪ جو  نانءُ جنهن جو feminism يا تحريڪ نسوان آهي.

Feminism يا تحريڪ نسوان ڇا آهي؟

فيمنزم ، عورتن جي  حقن جي علمبردار تحريڪ، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پکڙيل آهي.اولهه کان اوڀر ، اترکان ڏکڻ. هن اصطلاح جو استعمال ، اوڻويهن صدي ڌاري شروع ٿيو  ۽ هن تحريڪ جو مقصد عورتن جي حقن جي بحالي آهي. تعليم جو حق ، نوڪريءَ جو حق، طلاق جو حق، ڄم روڪ جو حق وغيره وغيره. ان کانسواءِ  فيمنزم هر ان فرق ۽ تفاوت  خلاف آهي، جيڪو مڙد ۽ عورت ۾ روا رکيو وڃي ٿو.

جھڙوڪ عورت جي گھر ۽ ڪٽنب ۾ ماتحتي يا سماج ثقافت يا گهر ۾ گھٽ حِيثيت،ان کانسواءِ عورت، جيڪو ٻيڻو بار اقتصادي پيداوار توڙي انساني پيدائش جو به مٿان کڻي ٿي.

مطلب ته تحريڪ نسوان عورتن جي آزادي، عورتن جي جاڳرتا ۽ عورتن جي مڙدن سان برابري  جي  قائل آهي. ڇا ڪاڻ ته هر دور ۾ عورت جو استحصال ڪيو ويو، کيس ثانوي حيثيت ملي مڙد جي مقابلي ۾. ان کانسواءِ عورت هميشه مڙد جي ظلم جو نشانو بني. انهن سڀني خلاف جدوجهد ئي فيمينزم آهي.

”ڇا هيءَ تحريڪ اولهه کان ايندڙ ڪا foreign ideologyآهي؟

”جي نه ......... بلڪل به نه ...... . هيءَ آڊيالاجي  هتان جي آهي. سڀ کان پهرين ڇهين صدي ق م ۾ عورتن جي  اهم مسئلي ٽه آيه ”زبردستي  عورتن کي  nuns  بنايو وڃي“  تي مهاتما ۽ گوتم ٻڌ  ۽ سندس پيروڪارن جي  وچ ۾ بحث مباحثو  شروع ٿيو. ننس  (nuns) اهي عورتون، جيڪي دنيا کي تياڳي ، دين جي خدمت ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪن.

ڇهين صدي عيسوي ۾ قرآن پاڪ جي نزول ۽ اسلام جي ظهور سان به، عورتن جي مسئلي تي غور فڪر ٿيو آهي. بيوهه عورت کي ٻي شادي جوحق ، عورت کي مرضي سان ور چونڊڻ جو حق، ملڪيت جو حق، مطلب ڪيترائي حق اسلام پڻ عورت کي ڏياريا.

تيرهين صدي عيسوي ۾ دهليءَ جي بادشاهه التمش جي نياِڻي رضيه سلطانه، پيءُ جي وفات کانپوءِ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. اهڙي طرح سترهين  صدي عيسوي جي اوائل ۾، مغل  شهنشاهه جھانگير جي گھر واري، نور جهان جي  ملڪي معاملن ۾ ڪردار به ڪنهن کان ڳجھو نه آهي.

1857ع ۾ جهانسيءَ  جي راڻي لڪشمي ٻائي انگريز حمله آورن خلاف جنگ جوٽيندي، جنگ جي ميدان ۾ جان ڏني.

عورتن جي حقن جو تحفط جو آواز ۽ احساس، برطانوي سامراج خلاف جدوجهد  وقت تهائين تيز ٿي ويو. عورتن جي  تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ عورتن جي ٻين مسئلن تي به ڌيان ڏنو، جهڙوڪ هندو عورتن جي ستي ٿيڻ واري رسم خلاف نه فقط آواز بلند ڪيو ويو پر عملي طرح جدو جهد به ڪئي وئي.

رام موهن راءِ 1772- 1833 عورتن جي غلامي ۽ ستيءَ  واري رسم خلاف هندستان ۾ مظاهرا ڪيا ان کانسواءِ وديا ساگر رابندر ناٿ ٽئگور، گانڌي ۽ نهرو جا نالا به قابل ذڪر آهن،  جن عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي،  جڏهن ته پنڊتارا مڀائي 1858-1922 تائين عورتن جي حقن لاءَ آواز بلند ڪيو.ان کانسواءِايران جي قرت العين 51-1815 پڙدي خلاف مهم جو آغاز ڪيو، پڙدو لاهي عوام آڏو آئي ۽ مرڻ گھڙي تائين  انهيءَجدوجهد ۾ رهي.

انڊونيشيا ۾ ڪلر تني (1879-1904)  عورتن جي سڄاڳي  ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪيو۽قدامت پسندي کي ڌڪي ڇوڪرين جواسڪول قائم ڪيو.

چين ۾ جوجن(1875-1907)نالي هڪ ڇوڪري گھر کي ڇڏيو  ۽ عورتن جي حقن  جو آواز اٿاريو. گڏيل هندستان ۾ مسلمانن ۾ سر سيد احمد خان،  بدر الدين طيبي، سيد امام ، بي امان هئا ، جن پڙدي ۽ ٻي شادي خلاف آواز بلند ڪيو.

”ڇا سنڌ ۾ هن قسم جي تحريڪ موجود  هئي ؟“ڱ

” جي ها........ سنڌ به ڪنهن کان پٺتي ڪونه رهي آهي، ڪن سـڄاڻ سڄڻن جا نالا جن هن ميدان ۾ ڪم ڪيو، سي هن ريت آهن. مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مخدوم حيدر هالن وارو، سردار بهادر محمد بخش، محمد صديق مسافر ، بيگم خديجه خانم دائودپوٽو، محترم شمس عباسي، محترمه دادي ليلا هرچنداڻِي، سيد غلام مصطفي شاهه،انکانسواءِ سنت ساڌو واسواڻي جنهن ”ميرا“ جي نالي سان اسڪول، ڪاليج، انڊسٽريل  هوم، اسپتال وغيره قائم ڪيا. مس لڇمي جڳو مل ، مس سرلا جڳو مل  ۽ مس سيتا جڳو مل جن پڻ عورتن جي تعليم ۽ تربيت جي ڏسڻ ۾ پاڻ چڱو موکيو.مس ٺاڪري لکاڻِي، مسز متي مير چنداڻي، ڪيول رام شاهاڻي، چيلارام سيتا داس، ديوان لڌارام، هرديوي، جمشيد نصير وانجي، جا نانءُ  پڻ ان سلسلي ۾ اسان وٺي سگھون ٿا.

” انهي تحريڪ لاءِ طريقيڪار  ڪهڙو قطب آندو وڃي ٿو؟“

عام طرح رسالا، مضمون ڪتاب وغيرهه استعمال ڪيا وڃن ٿا، ان کانسواءِ ورڪشاپ ۽ جلسا پڻ منعقد ڪيا وڃن ٿا.ان کان علا وه پوسٽر، گيت ڪارڊ وغيرهه به اڄ ڪلهه هڪڙو طريقيڪار ٿيئٽر نهايت تيزي سان مقبول ٿي رهيو آهي. ان ٿئيٽر جو نالو Theater of opperessed يعني اهو ٿيئٽر جو، ظلم خلاف احتجاج بلند ڪري، مظلوم جو آواز اٿاري ، مظلوم جي حقن لاءِ لڙي. ٿيئٽر 1960۽ 1970ع جي اوائل ڌاري، هدايتڪار Avgusto Boal  برازيل ۾ تخلeق  ڪيو . جيڪو ارجنٽينا ۾ اوسر جا مرحلا طئي ڪندي پيرو پهتو. ٿئيٽر ۾ عام طرح، ٽي ڊرامائي ٽيڪنڪس استعمال ڪيون وڃن ٿيون پهرين Forum  ٿئيٽر،ِٻي Image Orstatue ٿيئٽر ۽ ٽين Invisible  ٿيئٽر

Forum Theater  ۾ اسڪرپٽ وارا ڊراما ڏيکاريا ويندا  آهن. اسٽج تي مک ڪردار ايندو  ۽ ظلم، ناانصافي، غير برابري خلاف جنگ جوٽيندو ناٽڪ پوري ٿيڻ کانپوءِ ڏسندڙن کي هن ڳالهه لاءِ آماده ڪيو ويندو آهي ته هو مکيه ڪردار وانگر، ڏاڍ ڏاڍ ڏهڪاءُ ُخلاف جنگ جوٽي ڏيکارن. ۽ هن سلسلي ۾ سامعين ان ئي ناٽڪ منڊلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو  اٿندو  ۽ عام ماڻهو کي همٿائيندو ۽ آماده ڪندو ته اسٽيج تي اچي Acting  ڪري ڏيکارن ا۽ اهو ماڻهو جيڪو ناٽڪ منڊلي سان  تعلق رکندو ڪو مسخرو  به ٿي سگهي ٿو، چرچن ۾ سنجيده قسم جو ڪم ڪري  ويندو.

Image or statue theater  هن ناٽڪ ۾ لکيل اسڪرپٽ بجاءِ اشارا هوندا آهن يا جسماني تحرڪ هوندا آهن، ۽ مٿئين طريقي موجب هڪ ماڻهو اشارن ۽ جسماني movement ذريعي ڏاڍ خلاف جوٽيندو  ۽ پوءِ سامعين مان به ماڻهو اٿاريا ويندا  ته ائين ڪري ڏيکارڻ،  هن ناٽڪ ۾ ”ناچ“  جو استعمال ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾ (Dance Drama) ڪيا ويندا آهن.

Invisible Theater هيءُ ناٽڪ اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ ٻهروپين وانگر  ٿئي، اوچتو ئي اوچتو  عوامي مرڪزن  ۾ هن قسم جا ناٽڪ ٿيند آهن، ۽ هن ڏسندڙ ان کي حقيقت سمجهي ان تي سوچ ويچار شروع  ڪندا آهن . مثال طور ڪا هوٽل آهي، ان هوٽل ۾ ناٽڪ منڊلي سان تعلق رکندڙ ڇوڪري اچي اڪيلي ويهندي  ۽ ٻيو ايڪٽر اچي ان سان ڇيڙ خواني ڪندو آهي ۽ ڏسندڙ  سمجھندا ته اها حقيقت آهي ۽ اها ڳالهه ممڪن آهي  ته سندس ذهن کي ڌوڏي.

مطلب ته هن ٿئِيٽر جو مقصد انساني جسم ، جذبن ۽ سوچ  کي جھنجھوڙڻ ۽ جاڳائڻ هوندو آهي.ٿيئٽر کانسواءِ  گيت وغيره پڻ استعمال ڪبا آهن. ته جيئن مظلوم سوچڻ تي مجبور ٿئي .

ڪملا ڀسين،Feminism جي تحريڪ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ عورت آهي.سندس ٻالڪ جي گيتن جو  مجموعو  ڌمڪ ڌم جي نالي سان ڪافي مشهور  ٿيو  آهي . سندس گيت اصل ۾ هندي آهن ، پر انهن جو انگريزي ،اُڙدو ،پنجابي، ۽ سنڌي ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي.

ڪملاڀسين لکي ٿي ” سماج بدلجي رهيو آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن  جو ڪردار  بدلجي رهيوِ آهي.اڄ عورتون،گھر کان ٻاهر ڪم ڪار لاءِ وڃن ٿيون، ۽ ڪيترن ڪٽنبن ۾ مرد به گھرو ڪمن به  هٿ ونڊائي رهيا آهن،انهن تبديلن جي عڪاسي ۽ فروغ جي ضرروت آهي ته جيئن ڇوڪرا  ۽ ڇوڪريون بدلجندڙ سماج تحت بدلجي سگھن. ٻارن بابت ادب، سماج کي نئون رستو ڏيکاري سگهي ٿو.“

ڪملا ڀسين جا ڪي  گيت:

آلو ننڍڙو

آلو آ ڀئي آلو آ

ننڍڙو پنهنجو آلو آ

گند ۾ آهي لوٽم پوٽ

بابا مٽيس نئون لنگوٽ

منهنجي ٻڌ تون ڇوٽو جان

ڇڏي پوتڙا ٿيءُ جوان

وڏو ٿيءُ، تون، هاڻي ويهه

پنهنجي پيرن تي تون بيهه

پوتڙو آلو هاڻ نه ڪر

ڀئي پوتڙو آلو هاڻ نه ڪر.

کيڏاڙي امڙ 

اسان جي امڙ آهي کيڏاڙي

ٻين جيان ناهي اناڙي

رانديون کيس گھڻيون ئي اچن

هاڪي ڪرڪيٽ  کيس  ٿا وڻن

پٺو هجي يا ڏڪر ڏڪي

گوءِ کڻي نه کائنس ڪو ئي

پنگ پونگ کيڏي، بيڊ منٽن کيڏي

ڏکيا ڪيچ ،مزي سان جھپي

مان وڏو ٿي رانديگر بڻيس

پنهنجو گرو امڙ کي مڃيندس .

آچر

آيو آچر آيو آچر

اسان سڀن جو پيارو آچر

ناهي اسڪول، آفيس  جو ڀو

امڙ  به گھر، بابل به گھر

بابل ٺاهي چانهن سوادي.

 امڙ پڙهي اخباري خبر،

آيو آچر آيو آچر

اسان سڀن جو آيو آچر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com