سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :4

حبيب الله  صديقي پاٽائي

حياتي جي حقيقت

حياتي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: ماضي حال ۽ مستقبل. ماضي ، حال ۽ مستقبل گڏجي  انسان جي شخصيت  ٺاهين ٿا ۽ پاڻ ۾ گھرو تعلق برقرار رکن ٿا. ماضي هڪ خواب مثال آهي، جنهن جي تعبير ڪرڻ گھرجي.حال  هڪ حقيقت آهي، جنهن جو فائدو وٺڻ گھرجي. مستقبل هڪ خيال آهي، جنهن جو حقيقي  روپ  حالتن ۽ امڪانن تي منحصر آهي، ماضي جي خوابن ۽ مستقبل جي خيالن ۾ حال جي حقيقت  ۽ ضرورت کي نظرانداز ڪرڻ مناسب نه آهي.

تاهم سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ” اهو ڪيئن ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي“ اهو پهاڪو جديد دور جي.”پلاننگ“ يا رٿا بندي جي نظرين جي عڪاسي ڪري ٿو، ضروري آهي ته مستقبل جي رٿا بندي ڪرڻ وارن جي ڏاهپ تي ويچار ڪجي. حال جو گھڙيون تيزي سان گذري رهيون آهن، ۽ انهن جو فائدو وٺڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اهي گھڙيون  وري موٽي نه اينديون. هنن گھڙين ۾ اهو ڪجھ ڪرڻو آهي.اهو ڪجھ  ڪرڻو آهي جو مينهن وسندي ڪم اچي. انهي لاءِ رٿا بندي جي ضرورت  ٿي.

”سنتہ الله“  جي پيروي ڪندڙ ” قدرتي رٿابندي“ تي عمل ڪري ٿو، جيڪا نه غلط ٿي سگھي ٿي  ۽ نه ” سنتہ الله“  يعني قدرت جي قانون  ۾ ڪا  ڦيرگھير ٿي سگھي  ٿي. حياتي هڪ خودڪار نظام  ۽ قانون هيٺ هلي  ٿي، جنهن ۾ بديءَ جو انت بد ۽ نيڪي جو نتيجو خير ۽ برڪت جي صورت ۾ نڪري ٿو. هي محض هڪ  مذهبي عقيدو نه آهي، پر سائنسي حقيقت آهي: ٿڌي پاڻي ۾ هٿ وجھڻ سان ٿڌ وٺندي ۽ گرم پاڻي ۾ هٿ وجهڻ سان هٿ سڙندو.، پر تازو يا نيم گرم پاڻي راحت پهچائيندو. انهيءَ ڪري ”خير الامور اوسطها“ يعني وچون رستو (اعتدال) فائديمند آهي. تازو اسپين ۾ منعقد ڪيل هڪ سائنسي ڪانفرنس ۾ طئي ڪيو ويو ته اهو قديم نظريو صحيح آهي. جنهن مطابق انسانن جي عمل جو ماحول، ڌرتيءَ ۽ ڪل ڪائنات تي اثر ٿئي ٿو. سج جي تابڪاري کان ڌرتيءَ کي محفوظ رکڻ لاءِ جيڪو اوزون جو تهه ڏنل آهي سو سنهو ٿيندو پيو وڃي. ۽ انهي ۾ ٽُنگ ٿي پيو آهي. ماحوليات انسانن جي دُکايل دونهين ۽ پيدا ڪيل ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڪثافت سان آلوده ٿي رهي آهي. ايڪالاجي جو توازن درهم برهم ٿي رهيو آهي. هي سڀ ڪجهه اسان انسانن جي روزمره جا ڪرتوت آهن. بهتر آهي ته قدرت جي قانون تي عمل ڪجي.

قدرت جي قانون تي عمل ڪرڻ سان ازخود هڪ مضبوط رٿابندي حاصل ٿي ويندي. جيڪا ٽوٽ ۾ نه وجهندي: قرآن شريف ۾ ان جو نالو ”عرُوته الوثقيٰ“ يا مضبوط رسي آهي. جنهن ۾ ”لا انفصام“ آهي. يعني ٽٽڻ بنهه ڪو نه آهي. قدرت جو قانون اهو آهي جيڪو ازل کان جاري ساري آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪا به تبديلي رونما نه ٿي ٿئي. روشنيءَ جو هڪ ترورو چئوطرف ڦهليل تمام اونداهيءَ پي ختم ڪري سگهي ٿو. ليڪن دنيا جي تمام اونداهي گڏجي به هڪ ڏئي جي لاٽ کي اونداهو ڪري يا وسائي نه ٿي سگهي.

”هڪ ڏئي جي لاٽ مان جو گهر اندر ٿيو سوجهرو، ٻاهرين اوندهه سبب سا، گل نه ٿي ڪا روشني.“

قدرت جي اڻٽر قانون مطابق روزمره جي زندگي گذارڻ سان خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿئي ٿي.

ڪاليداس جو قول آهي ته: ڪالهه رڳو هڪ سپنو، سڀاڻو هڪ سانگ،پر اڄوڪو ڏڻ  جي سرهو آهي،ڪالهه جو سپنو سرهو،سڀاڻ آشا جو هڪ سانگ.

لئٽن زبان ۾ عام چوڻي آهي ته: ”اڄ کي سوگهو ڪر“ ۽ بائيبل شريف ۾ اچي ٿو ته: ”هيءَ ئي ڏينهن آهي، جيڪو مالڪ ٺاهيو آهي. اسين خوشيون ڪنداسين ۽ انهيءَ ۾ خوش رهنداسين.“ هڪ مغربي عالم جو چوڻ آهي ته ”زندگي جنهن جي ڄاڻ اسان کي تمام دير سان پئي ٿي سا زندهه رهڻ ۾ آهي، هر ڏينهن  هر ڪلاڪ جي ماس ۽ سنهي اُڻت ۾ سمايل آهي.“

 LIVE IN DAY TIGHT COMPATMENTS: يعني جيئن اي سي واري ڪمري کي Air tight ڪبو آهي ته ٻاهرين هوا اندر نه اچي. تيئن هر ڏينهن کي بند ڪمري ۾ گذاريو، جيئن ماضيءَ ۽ مستقبل جا خواب ۽ خيال اوهان جي موجوده حالت يا حال کي پريشان نه ڪن. مشهور انگريز مورخ ۽ اديب ٿامس ڪارلائل جو قول آهي ته: ”اسان جو خاص ڪم اهو نه آهي ته ڏسون ته ڌنڌ ۾ پريان ڇاپيو آهي، پر اٿي اهو ڪم ڪريون جيڪو پڌرو اڳيان پيو آهي.“

سر آسلر هڪ دعا ۾ جڏهن هي لفظ ٻڌا ته هن جي زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب اچي ويو، جنهن کيس آڪسفورڊ جو مشهور پروفيسر آف ميڊيسن بڻائي ڇڏيو:

“Lead kindly light

Keep thou my feet;

I do not ask to see

The distent Scene

One step enough forme.”

يعني اي مهربان روشني مون کي وٺي هل

منهنجي قدمن کي سوگهو جهل

مان نٿو چاهيان ته ڏسان

هڪ ڏور نظارو

هڪ قدم بس مون لاءِ موچارو

عضرت عيسيٰ عليه السلام جو قول آهي ته: ”سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪريو.“

جيڪڏهن وري به سڀاڻي جي ڪا ڳڻتي ڪرڻ جڳائي ته اها اڄ کي سجايو ڪرڻ سا دور ٿي ويندي. سنڌي ۾ اها عام چوڻي آهي ته: ”سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان يعني اڄ جا ڀاڳ اڄ ماڻڻ گهرجن. اهي ڀاڳ ڪهڙي ريت ماڻڻ گهرجن؟ اهڙي ريت نه جو سڀاڻي جڏو ٿي پئجي. حياتي ڪنهن لکي ڪا نه لڌي آهي.، ليڪن جيڪڏهن ڊگهي ٿي پوي ته به هُڏ ڪاٺ سلامت هوندو ته چڙهي پار پئبو نه ته گهڻا ڪن ڪبا. مسٽر ڊبليو اي سي بينيٽ W.A.C. Bennett فرانسيسي مفڪر جو هي بيان مون کي ڏاڍو سچو لڳو: چوي ٿو ته: ”برابر مان 67 سالن جو آهيان. ليڪن جڏهن آءُ ٻار هيس ته ايترو غريب هيس جو تماڪ نوشي ڪري نه سگهيس سو ڏهه سال ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪريو. اهڙي طرح آءُ 58 سالن جو ٿيان ٿو. ۽ جيئن ته مان شراب نوشيءَ جي عادت پاڻ ۾ وجهي نه سگهيس تنهنڪري اوهان ٻيا به ڏهه سال ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪري سگهو ٿا. سو مان 47 سالن جو آهيان يعني ڦوهه جوانيءَ ۾ آهيان. رٽائرڊ ڪريان؟ ڇا لاءِ رٽائرڊ ڪريان؟ يا رٽائر ڪري ڇا ڪريان؟

”ڇا ڪريان؟“ هڪ اهم سوال آهي. ڇا ڪاڻ ته الله تبارڪ و تعاليٰ يا قدرت جنهن کي اوهان مڃيندا هجو. انهيءَ انسان کي ”فعال“ يعني ڪم ڪار ڪندڙ ڪري پيدا ڪيو آهي. جو چپ ڪري ويهي نٿو سگهي. ضرور هن کي اُٿي ڪجهه ڪرڻو پوندو نه ته حياتي هلي نه سگهندي. اهو جو ڪجهه ڪرڻو آهي سو ”اڄ“ سان واڳيل آهي، ڪو به ماڻهو ”ڪالهه“ يا ”سڀاڻي“ جو ڪم هن هلندڙ گهڙي ۾ ڪري نٿو سگهي، اهو هينئر ۽ هن وقت يعني حال ۾ ڪري سگهجي ٿو ۽ ضرور ڪرڻ گهرجي. ”اڄ جو  ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏجي.“

انهيءَ معاملي ۾ مشهور اديب جارج برنارڊشا جو بيان ڪيل هي تجربو ويچارڻ جوڳو آهي. چوي ٿو ته ”منهنجا موقعا اڃا موجود هئا، بلڪ ڏهوڻا وڌي ويا هئا، پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا سگهه ۽ جواني گهبل هئي سان ساٿ ڇڏڻ لڳي ۽ تجربي جي چالاڪ تبديلي سان وهي هلڻ لڳي.“ ڪنهن نامعلوم ڏاهي وچ عمر کي اهو ڏاڪو قرار ڏنو آهي جتي ”“ٻن ڳالهين مان هڪ جو فيصلو ڪرڻو پوي ٿو. ۽ اهو پسند ڪجي ٿو جيڪو جلد گهر پهچائي ڇڏي.“ معنيٰ سک جو گهوريو ٿجي ٿو. پر سک ۽ ”ڏک“ ته حياتي جو ڏاج آهن. شاهه لطف سائين فرمايو آهي:

”ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،

جنين جي ورونهن سڄڻ آيو ماڳري.“

مالڪ سائين سڄڻ آهي اهو اڪثر ڏکن ۾ وڌيڪ ويجهو لڳي ٿو. جڏهن به پنهجا پراوا ٿي ويندا  آهن پوءِ جيڪڏهن اڄ ڪو ڏک ڏسي  ٿو ته  انهي کي سک جو ڪارڻ  ڪري وٺي ۽ پنهنجي مالڪ ۾ مڪمل ڀروسو رکي، سچائي ۽ صفائي جي واٽ  وِٺي هلي ته هر ڪم مشڪل ڳالهه آسان ٿي پوندي ، وقت بهترين مرهم آهي،هر  ڦٽ ڇٽي ويندو آهي جيڪڏهن  انهي کي ٽنب ٽاڻ نه ڪبي، ڏک ۾ صبر ۽ توڪل، مالڪ سائين کي ياد ڪرڻ  ۽ مٿس ڀروسو رکڻ  ڊپ ۽  ڳڻتي کان پاڻ کي بچائڻ جو بهترين طريقو آهي.

جيڪا شي اڄ آهي سا سڀاڻي نه هوندي ، جيئن هڪ ڏاهي جو قول آهي ته اوهان ساڳئي نهر ۾ ٻه دفعا پير ٻوڙي نه ٿا سگھو.” ڇا ڪاڻ ته پاڻي وهي رهيو آهي. ”مٽ سٽ “ حياتي جو دستور آهي،  تنهن ڪري ڪا به شي ساڳئي رهي نه ٿي سگھي ته پوءِ انهي جو غم ڪهڙو! حياتي جي اها حقيقت  پنج سو سال قبل مسيح ۾ هڪ  يوناني ڏاهي، هيرا ڪليتيس (Heraclitus) بيان ڪئي ته : . هر شي مٽجي  ٿي  سواءِ مٽ سٽ واري قانون جي!“

 ڊيل ڪارنيگي  جي ڪتاب ” ڳڻتي کي ڇڏي حياتي گذارڻ ڪيئن  شروع ڪجي  ۾ ست اصول ڄاڻايا ويا آهن:

1-     حياتي کي ڏينهن جي بند ڪمري ۾ گذاريو.

2-    ٻُوري تي ڪارائي وهائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

3-     پاڻ کي ڳولي لهو ۽ ”پاڻ“ ٿي رهو، ڌرتي تي اوهان جهڙو ٻيو ڪوبه ڪونه آهي .الله جي باع ۾ رهو.

4-       جيڪڏهن اوهان  ڪالهه پاڻ جھلي ويا، ته اوها ن اڄ به پاڻ سنڀالي  ويندا.

5-        پنهجي پورت جي وسيلن کي کليل رکو.

6-       وقت گھڻائي مسئلا حل ڪري ڇڏيٿو.هڪ وقت فقط  هڪ،  شريف انسانو!هڪ وقت فقط هڪ (مسئلو،ڪم، سوچ وغيره )

7-       جيڪڏهن اوهان ڍرا ٿي نٿا سگهو ٿا ته اوهان سلوپئازن (آهستي اثر ڪندڙ زهر) کائي  رهيا آهيو.

عمر خيام جي هيءَ رباعي ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي:

”از منزل کفر تابدين، يک نفس است

وز عالم شک تايقين يک  نفس است

اين يک نفس عزيز را خويش مدار

چُون حاصل عمر ماهمين يک نفس است“

يعني ڪفر جي ڪوٽ کان دين جي پناهه تائين هڪ گھڙِي آهي، ۽ شڪ ۽ يقين جي وچ ۾ پڻ هڪ گهڙي آهي، هن هڪ گھڙي جي پياري ساهه کي خوش  گذار ڇا ڪاڻ ته پنهنجي عمر جو ڪُل اجورو اها هڪ گھڙي آهي.

” خوشي“ ڏاڍو هڪ پيارو لفظ آهي، سچ پچ جي حاصل ٿي وڃي ٿي  ته باقي  ڇا  کپي!  پر اها حاصل ٿي نه سگھندي  جيڪڏهن ” غم“ جي پچر نه ڇڏبي. ڪنهن ڏاهي چيو ” جن ته جنيءَ (مائي جنت) کي ڇڏي پر جني (مائي) به جن کي ڇڏي! “ ڳڻتي جهڙو مرض ڪونهي، خوشي جهڙي  خوراڪ ڪانهي، جيڪڏهن ايئن  سچ  آهي ته حياتي  جو خوش  گذارڻ جو دارو مدار انهن ئي ٻن ڳالهين تي آهي هڪ بيماري  کان بچاءُ ۽ ٻيو کاڌ خوراڪ جو انتظام “ ڪمائيندا  کائين. ڪنهن به پورهئي، هٿ يا دماغ جي ڪم ڪرڻ ۾ عار ڪونهي،  فارسيءَ واري چيو  آهي ته  ” ملک خدا تنگ نست پائي گدا لنگ نسيت“  يعني خدا  جو  ملڪ کٽو  ناهي ۽ پينوءَ جو پير  ڦڏو ناهي.

جيڪو پنهنجي رب کان گھري ٿو انهي کي سڀ ڪجهه ملي ٿو،پر جيڪو پاڻ جهڙي  ڪنهن پينوءَ کان پني ٿو سو پاڻ کي  اجايو بڇڙو ڪري ٿو، ملندس اهو  جيڪو مالڪ سائين ڏيندس ۽ جيڪو پنهنجي سڄي هٿ سان وٺندو  ۽ حلال ڪري  کائيندو سو  لڳندس.” ونڊ وراهه ايمان پاءِ، نه ڪي ميڙ ۽ وراءِ.“

 انساني تجربو ٻڌائي ٿو ته جن انسانن مادي جي ٺوس وسيلن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ميڙ ميڙان ۽ ڊوڙ ڊوڙان ڪئي آهي، تن پنهنجي پياري زندگي جي انمول گھڙين کي برباد ڪيو  آهي، ۽ پاڻ کي غم ڳڻتي ۽ مونجهاري ۾ مبتلا ڪيو آهي. مسٽر ڊگلس مڪ گريگور پنهنجو مشاهدو بيان ڪندي لکي ٿو: ”انسان  هڪ گھر جائو جانور آهي. جڏهن سندس  هڪ گھرج پوري ٿئي ٿي ته هڪدم ٻي گھرج اچي ان جي جاءِ والاري ٿي  ۽ اهو سلسلو ڄم کان موت تائين جاري رهي ٿو، ” ليڪن گھرجن جا به انيڪ قسم آهن.پيدائشي يا جسماني  ضرورتون، پيدا ٿيل  يا پيدا ڪيل نفسياتي ضرورتون، پيل  عادتون ۽ ڪمزوريون، ۽ خيال يا وهمي ضرورتون، ڏاهن جو قول آهي ته اهو انسان خوش گذران آهي جنهن جون ضرورتون ٿوريون آهن. ضرورتن کي گھٽائڻ جو  آسان طريقو سادگي، عمل ۽ اظهار ۾ سادگي، اها  سادگي اجاين پهن پچائڻ ۽ وهمن ولوڙڻ کان بچايو ڇڏي .اڻٽر جسماني ضرورتون ٿوريون آهن،اهي عيش عشرت، فيشن ۽ زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ جي شوق ۾ وڌنديون رهن ٿيون، اها واڌ خطرناڪ آهي. ان کي روڪڻ گھرجي.

ويهين صدي عيسوي جي مشهور فلاسافر برٽرنڊرسيل جو تجزيو  هن ريت  آهي: ” سٺي زندگي منهنجي خيال ۾ اها آهي جيڪا خوش گذري، منهنجو اهو مطلب نه آهي ته جيڪڏهن اوهان سٺا آهيو ته اوهان جي زندگي خوش گذرندي پرجيڪڏهن اوهان خوش آهيو ته اوهان سٺا آهيو.“

زندگي جي خوشي کي زهر ڪندڙ زندگي جا مسئلا آهن: برطانوي سياستدان اليگزينڊر ڊگلس هوم  جي چواڻي: ” منهنجي زندگي ۾ ٻه مسئلا رهيا آهن: سياسي مسئلا جيڪي سلجھي نه ٿا سگھن  ۽ معاشي مسئلا جيڪي سمجهي نه ٿا سگھن .“

ريني ڊبوس جو خيال آهي ته “ ماضي هڪ مرده تاريخ نه آهي پر هڪ زنده مواد آهي جنهن مان انسان پاڻ کي ٺاهي ٿو  ۽ مسقبل جي تعمير ڪري  ٿو.” رابرٽسن ڊيويز جي خيال ۾: ” دنيا اهڙن انسانن سان ڀري پئي آهي جيڪي هڪ اطمينان بخش مسقبل کي ائين ڪري ڏسن ٿا جيئن دراصل هڪ آدرشي  ماضي ڏانهن موٽي ويندا هجن.“ Marcs Aurelies مارڪس آرليئس جو چوڻ آهي:”مسقبل لاءِ ڪڏهن به پريشان نه ٿيو  جيڪڏهن اهو اچڻو آهي ته اوهان انهيءَ سان ضروو ملندا، پر عقل جي انهن ساڳين هٿيارن سان  جن سان اڄ اوهان حال جو مقابلو ڪري رهيا آهيو:“يعني هوشمندي همت ۽ ڀروسي سان.

امير بخاري

ٻولاڻا

گھوٽ ڪنوار، ور وني يا زال مڙس جون ويجھڙايون ڪجھ وقت ته ڀرپور پيار جون سرگوشيون بڻبيون آهن، پر پوءِ ٻن دلين جون هيڪڙائي ماڻيل ڌڙڪنون هن ريت ڌڙڪڻ لڳنديون آهن ته ٻن وجودن جي ميلاپ جو نتيجو نڪري ، پريت جي پورهئي جو ڦل ملي.ان خواهش تمنا ،آرزو ۽ امنگ جو ٻيو نانءُ ٻار ٻالڪ  جي پيدائش جو اوسئيڙو ٿئي ٿو  ۽ هڪ نئين سرور سان ور وني جي پريت ۾ نوان رنگ ڀري ۽ نيون سڳندون سمائي ٿو.جڏهن اڳتي هلي ٻن دلين جي هڪ جھڙي ڳڻتي پوري ٿئي ٿي  ته ڪنوار وني زال کي  هڪ ٻيو نئون نانءُ ملي ٿو.”ماءُ“

اهو نانءُ هن کي نرالي سرشاري بخشي ٿو ۽ ان جي ڪري ماءُ جي ممتا پنهنجي ڄڻئي ڄائي، ٻار کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجھڻ لڳي ٿي ۽ ان تان اول گھول ٿيڻ جون ٻوليون ٻولي ٿي. سنڌي سماج ۾، پٽ جي پيدائش جتي ٻين سڀني گھر ڀاتين، اوڙي پاڙي وارن لاءِ خوشي  جو ڪارڻ ٿئي ٿي، اتي ماءُ ته پنهنجي ڪپڙن ۾ نه ماپندي آهي. ڇو ته ان کي ”پٽ ماءُ“ جو اعزاز ملندو آهي، جيڪوڪنوار ۽ وني ٿيڻ کان پوءِ هن لا ءِ سڀ ڪجھ وڌيڪ ”مان مرتبو“ ٿيندو آهي.

”سهاڳڻ،“ ”ڀاڳڻ“  پيار ڪندڙ ”ور-وني“ سنڌي رسمن، رواجن جي ڪري، ڌيءُ/نياڻي جي ڄمڻ تي، توڙي جو ڪجھ مونجھي ٿيندي آهي،پر پوءِ به هن جي ”مامتا“ ساڳئ ريت هوندي آهي،ڇو ته ڌي/ نياڻي به سندس ئي تخليق هجي  ٿي ۽ ڏاڍي پياري تخليق .هر هڪ چڱي طرح ڄاڻيٿو ته ماءُ جي پيار  جو اظهار  هڪ ته ٻار جي  پيار ڀرئي  پالنا سان ٿيندو آهي ته ٻيو وري ان لاءِ ڪيترائي لفظ ۽ جملا آهن،لوليون آهن، مهمل قسم جون ٻاتڙيون ٻوليون آهن. جڏهن ته سنڌي ماءُ پنهنجي ٻِار کي پڏائڻ واري شاعري جي هڪ صنف ايجاد  ڪئي  آهي،جنهن کي ”ٻولاڻو“ چيو وڃي ٿو، يعني اهو جهونگارجندڙ ٻول جيڪو ٻار جي نيڪي ۾ هجي يا دعا ۾.ٻولاڻي جو واسطو، پيار ڀرئي اوچتي اظهار سان آهي ان ۾ ماءُ جي جھنگار رنگ ڀري رنگ ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري ان جي لئه ”مامتا“  جو نسورو ڦهلائڻ لڳندي آهي.ٻولاڻي ٻولڻ / جھونگارڻ مهل، پنهنجي ٻار بابت ماءُ / مامتا جون امنگون ڇا هونديون آهن؟ ان جو جواب هيءُ آهي. 

”هڪ صدقو،ٻِي صدقو، ٿين صدقو دائي.

کير جھڙا لٽا ڪندو، چادر سرمائي

پاڻ ته چڙهندو ڀلي گهوڙي ٻٽي گڏهه گاهي،

پاڻ ته لهندو انبن هيٺان، توتن هيٺ سپاهي

پاڻ کائيندو ٿالهي ڪٽوري، سڻڪن منجھ سپاهي.

ڏاڏاڻي بنهن ڪڇڻ ويندو نر گھوڙو هڻڪائي.

اڳيان ايندس ڏاڏي پوٽا بيهندو سينو ساهي.

پوءِ جي ڏسندو ماماڻن کي لهندو لانگ ورائي.

مٿان وسندس مينهن ٻُراول  لنگي پاند ورائي.

( ماءُ پنهنجي ٻالڪ کي ٻنهي هٿن تي کڻي ٽپا ڏياري، ترنگ ۾ اچي چئي ٿي) هڪ ڀيرو به ماءُ صدقي ته ٻيو ڀيرو ٻه ۽ ٽيئن ڀيري ان سان گڏ دائي  به قربان. هي لاڏلو جڏهن وڏو  ٿيندو. جوڌو  جوان ته کير جھڙا اڇا ڪپڙا پائيندو  ۽ سندس ڪلهي تي سرمائي چادر هوندي ۽ جڏهن جڏهن ڀلي گهوڙي  تي چڙهندو  ته ان جو دٻدٻو ڏسڻ وٽان هوندو ۽ ان جي گهوڙي جو سيس (گاهي) ٻٽي گڏهه تي چڙهيل هوندو. پاڻ پنهنجي سپاهه سوڌو  هيڏي هوڏي ويندو ته انبن هيٺان لهندو ۽ سندس سپاهي توتن هيٺان ڊاٻو ڪندا. اتي پاڻ ڀلن ٿانون ۾ طعام کائيندو ۽ ان جا سپاهي ٺڪر جي پاٽڙين ( سڻڪن ) ۾ ڀت (چانور) کائيندا، جڏهن ڏاڏاڻي بنهن (ٻني/زمين) ڪڇي/ ورهائي وٺڻ ويندو ته سگھاري هڻڪندڙ نر گھوڙي تي چڙهيل هوندو.ان موقعي تي جيڪڏهن ڏاڏي پوٽا وير، وروڌ  جي نيت سان اڳ وٺندا ته  مردن وانگر  مرد ٿي سينو ساهي بيهندو ۽ پنهنجي  حق وٺڻ لاءِ، سنبريل ڏسبو، اتي پنهنجي مدد لاءِ ماماڻن کي ڏسندو ته گھوڙي تان،لانگ ورائي لهي پوندو ۽ پنهجي پيارنجو آڌر ڀاءُ ڪندو. اتي جي مينهن ٻروال (بوند) پوڻ لڳندي ته لونگي جي پاند سان پاڻ کي ڍڪيندو.

ان ٻولاڻي مان هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ڏاڏا ڻا (چاچا ۽ سوٽ)  گھڻو ڪري ٻني ورهائڻ تي ڪروڌي ٿيندا هئا، ڇو ته ڀيڻ جي ڪري ڀيڻ جو اولاد ڀائرن کي پيارو  ٿيندو آهي. ڦڦاٽن کي به. اهو ٻولاڻو جھوني سنڌي سماج جي  ڪيترن ئي تهذيبي ڳاليهن ڏانهن اشارو ڪري ٿو،  ۽ ڪپڙي لٽي،کاڌي پيتي  ۽ ملڪيت  جي ورهاست تي ٿيندڙ تضادن جي حقيقيت ظاهر ڪري ٿو.

 

ٺري ٺري اڪا، پت ماري لونگن ڦڪا،

ڏيندڙ مول نه ٿڪا، ڏيندس ماما سڪا،

مامو جي نه ڏيندو ته چاچو پاڻ سڏيندو،

چاچي جي ڌيءُ ڪاڻي ته پٽ پرڻبو لال پٺاڻي.

پٽ جڏهن جوان ٿي، گھوٽ بنجڻ جا سپنا ڏسڻ لڳي ٿو تڏهن ماءُ ٺري ٺري اڪ جيئن، پارو ٿي پوي ٿي ۽  پٽ کي گھوٽ ٿيندو محسوس ڪري ٿي کيس خيالن ۾ لونگ کائيندو ڏسي ٿي.اها سمجھي سگھي ته للهنگ جوان لاءِ جنهن کان سڱ گھربو سو ڏيندو. اڳ ۾ ماما ڏيندس جي ڪنهن مامي نٽايو ته ڪونه ڪو چاچو کيس سڏي ڏيندو. جيڪڏهن چاچس جي ڌيءَڪوجھي ڪاڻي هوندي  ۽ نه وڻندس ته پٽ لال پٺاڻي گھراڻي سهڻِي  من موهني ڪنوار آڻيندو.

صدقڙو مان سڪان، تنهنجي جان کي لايان لکان،

تنهنجي ترج ۾ پويان موتي، تون پرڻبين ڏاڏي پوِٽي.

ڏاڏي پوٽي جو ونو، کائي چوري ۾ چنو،

چوري ۾ سوپاري ماءُ گھري ڳڌو  ويچاري.

ماءُ جيترو پيار ڪري ٿي، اوترو سندس  پيار وڌي ٿو، سڪ نٿي لهيس  ۽ وري وري صدقي  قربان ٿيڻ  جي ڳالهه ڪري ٿي. چئي ٿي ته مان تنهنجي جان جي  ڪپڙن کي  چيڙهن سان سينگاريان ٿي  ۽ تنهنجي گھوڙي جي تل/ ترج جي جھالر موتين سان ٺاهيان ٿي، جڏهن تون گھوٽ ٿيندين  ۽ تون انهيءَ تل واري گھوڙي تي چڙهندين. پڪ ڄاڻ ته تون ڏاڏي پوٽي (سوٽ) پرڻبين. اها تنهنجي وني ٿيندي  ۽ تون  ان جو ونو بڻبين ۽ بادامين جي گورن واري چوري ( ڪٽي)  کائيندين ۽ ان سان گڏ سوپاري به مطلب  ته منهنجون سڀ اميدون پوريون ٿينديون، مون جيڪو پٽ گھري  ورتو آهي سو گھڙي چڙهي گھوٽ  ٿيندو ۽ سڀ ٿڪ لهي  ويندا.

ٺرندي ٺرندي جو لوڪ، پٽ جي اله وسائي جھوڪ،

جھوڪ وسي جھڪارا، پٽ جيئي مسڙهارا،

مڻ هاري جو ڪانڌ

وڏي صبح اٺ پلاڻيندو، کڻي موهاري جو پاند .

هي سڄو جھان، ان جو ما ڻهو، ماڻهو، هن ٺرندي (ماءُ) کي ٺرندو خوش ٿيندو ڏسي، ٺري ٿو، اهڙي ريت ماءُ جي پٽ جي جھوڪ وسندي رب سائين وسائي/ آباد ڪئي آهي شال اها وسندي آباد رهي ۽ خوشيون پئي ورهائي ۽ ان ۾ رهندڙ منهنجو لال/لاڏلو چڙهندڙ جواني جوڙي ماڻي ۽  جوانڙي جو ڪانڌ بڻجي. جڏهن ساهرن وٽان پرڻجي پنهنجي گھر اسهي ته باک ڦٽيءَ کان اڳ ۾ اٺ پلاڻي، ان جي ڪجاوي ۾ وني وٺي ويهاري، موهاري  جو پاند کڻي، پنهنجي ڪنوار کي ڏسي، کيس اکين سان پيار ڪري پوءِ، سنبري هلي.

صدقڙو قربان، ماءُ ٻڍي ته پٽ جوان، صدڙو مان جاوان، منهنجو ....... لهندو لانوان،  وهندو منجھ موهاري، پنهنجي سهڻي ڪنوار سنڀاري، پوڙهي  ماءُ جوان پٽ تان قربان ٿي وڃي ٿي ۽ ان مهل اول گھول ٿيئي  جنهن ويل پٽ گھوٽ بنجي ۽ لانوان ( لائون)  لهي سهاڳ کٽ تي ويهي ۽ پنهنجي ڪنوار پنهنجي ڀاڪر ۾ رکي.

اٿيو اٿم اٿاڻ،

ڍڪ پيئي اٿس ڀاڻ.

ڍڪن مينهون وڇُين ساڻ.

منهنجو( ماءُ جو) سجاڳ، سدورو ۽ مال سان پيار ڪندڙ پٽ اٿيو آهي. ان جي نشاني هي آهي ته مينهن جو وٿاڻ ۽ وڇين جي ڍڪُن سان ٻري اٿيو آهي.

ڇم ڇم ڇير سان،

گھوڙ ٻڌنءِ پير سان،

سوٽ ٿس ڪنجڪ سان.

سندس ( پٽ جو ) گھوڙو ڇم ڇم ڪندو، پنهنجي ڪنوار کي  کنيو  اچي گھر پهتو آهي، گھوڙي تي گھوٽ ڪنوار سان گڏ آهي.سندس وني پٺي سان لڳل آهي، گھوڙي تان لهي گھوٽ  پنهنجو گھوڙو  ٻير سان ٻڌوآهي.ان کان وڌيڪ گھوٽ ماءُ لاءِ، ٻي ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه ٿي سگھي ٿي.

پٽ پٽيتي جو،

پٽ ڄاٽو ٿيندو ڇٽي جو،

مکڻ کائيندو مٽي جو،

کير پيئندو ڪاسي جو.

 پٽ واريءَ جو پٽ وڏي هوند واري ڇٽي (سگھڙ زال) جو ڄاٽو ٿيندو ۽ جهوڳڙي واري مٽي مان  مکڻ ڪڍي کائيندو  ته سندس خوش  ٿيندي  ۽ ڪاسو ڀري ( ڇهه سيرو ماڻ ) کير پيئندو ته پچائي ويندو.

اڃا ٻالڪ ننڍڙو آهي، ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿو، اوئان اوئان ڪري ٿو،ٿڃ پياڪ آهي ماءُ کيس هٿن تي  ڪڏائي ٿي  ۽ ان جي آئيندي  بابت اڳواٽ سپنا اڻي  ٿي  ۽ بود ۾ اچي اهي ظاهر ڪري ٿي ، ٻولاڻا ٻولي ٿي  ۽ ائين ڄاڻي ٿي ته سندس پٽ سڀ ڪجھ آهي. راجو راڻو به آهي ته سندس شاهه شهنشاهه به. ان جهڙو ٻيو ڪو نه آهي، اهڙو ٻيو ڪو به ٻيو ڄائو به نه ڄمندو. ٻالڪ ڪير آهي ڪنهن جو پٽ آهي، سندس ڪٽنب جي مسڪيني ڪيتري آهي‎؟ ان جي ماءُ کي ڪا به پرواهه ناهي.ڇو ته تمنائن تي ڪا بندش نه هوندي آهي. مامتا ته پنهنجي اولاد لاءِ گھڻي کان گھڻو گھرندي آهي ۽ چاهيندي آهي ته ان کان وڌيڪ ڪو به نه هجي ۽ ان جهڙو به ڪونه.

سنڌي سماج ۾ ڌيءُ نماڻو ڌڻ ٿيندي آهي.اڪ کاڌي ٿئي، گگدام شرم ٻوٽي . اهو سڀڪجهه سمجھندي  به ماءُ ان لاءِ اهڙي ئي شفيق هوندي آهي جهڙي پٽ لاءِ. پاڻ ان کان به سرس ڇو ته ان جي ڳڻتي جا گھڻا سبب ٿيندا  آهن . سندس لکيو ڪٿي ٿيندو ڪهڙوٿيندو؟  بخت گھر واري گھر ڪٽنب ۾ ويندي يا سڃي سکڻي ۾؟ ور وني  جو جوڙ جڙندو  يا ساهه ساڙيندڙ بڻبو؟ اهڙين ڳالهين سان ڪن  کي  پاسيرو رکي ، جن کي  بنياد بنائي  ماءُ پنهنجي ڌيئڙي لاءِ به ٻولاڻا ٻولي ٿي.

ڌيءُ ڌڻِيان،

پوءِ مڻِيان،

پهل پٽول

چڱو لکيو هن ڌيءُ جو

ڌر مٿي ڌورو

ماٺ نه ڪندي، ڌمر ڪندي

هي ڳهه ٿورو

هتي پائيندي ٿوڪ

ٻانهي اڳيان هونديس ٻارنهن ڪڻا

ڏسڻ ايندس اروڪ

ماءُ، پيءُ، ڀائرن ، ڀينرن، ڪٽنب قبيلي واري ڌيءُ موتين جا هار پوئي پائيندي. پٽ پٽيهر پهريندي، ان جو ڀاڳ ڀلو ٿيندو، هن جي سڄي ٻانهن ڏوري تائين چوڙين سان جھنجيل هوندي. هتي پيڪن ۾ ڳهه ملندا پوءِ به چوندي ته اهي ٿورا آهن ۽ ان جو چيو پورو ڪيو ويندو. هن جي ٻانهي  آڏو موتين جا ٻانهوٽا هوندا، اهڙي ريت سينگاريل ڪنوار کي  لوڪ ڏسڻ  ايندو.

ڌيءَ ته منهنجي تون

توتان صدقي مون

تنهنجي جا دڙي ۾ جونءَ؟

ماما تنهنجا ملهه ڪلهيرا،

صاحبزادي تون.

تون ڏاڍي پياري ڌيءُ آهين،  مان تو تان صدقي گھوري پر هي ڇا، تنهنجي وارن ۾ جونءَ پئي چري؟ ڪا ڳالهه نه آهي اها، هاڻي جوهاِڻي ڪڍي ماريان ٿي.ٻڌ بي پرواهه هج تنهنجا ماما ڪلهيرا ملهه آهن، وڏا پهلوان انهن جي تون ڀاڻيجي آهين تنهن ڪري صاحبزادي.

بيبڙي مت سان

 جنهن جي پلي لڳي ڇت سان

جنهن جو دٻلو کڙڪيو کٽ سان

پنهنجي ٻانهي کي مارين لت سان

بيبڙي/ نياڻِي ڏاڍي سمجھو آهي، سياڻِي سيبتي.اها ڀرئي ڀاڳ گهر جي ڌياڻي / مالڪياڻي آهي سندس گھر ۾ ان جي پلي آهي سا ڇت سان گسي ٿي.ان وٽ جيڪي ڳهه ڳٺا آهن، سي رات جو لاهي دٻلي ۾ وجھي ويهاڻي هيٺان رکي ٿي.اهو دٻلو ٻانهي چورائڻ گھريو ته تڪڙ ۾ کٽ سان لڳي کڙڪيو ته بيبيڙي جاڳي پيئي ۽ ان چور ٻانهي کي لتن سان مار ڏني. منهنجي نياڻي جي ڀاڳت بخت جي اها ڳالهه آهي.

بيبڙي مَرُ بکي،

ٽيهئي روزا رکي،

نماز پڙهندي مڪي

 اها نياڻي (منهنجي ڌيءُ) ڇو نه چمڪي جو ان ٽِيهئي روزا رکيا آهن ۽ صبح جي تيارين ۾ آهي پڪ سان مڪي وڃي حج ڪندي ۽ حاجياڻي ٿي موٽندي.

ٻارڙن ۽ ٻارڙين لاءِ ماءُ جا ٺاهيل ۽ جھونگاريل ٻولاڻا، سنڌي سماج ۾ اڄ به ٻهراڙين جون مائرون پنهنجي ٻچڙن ۽ ٻچڙين کي جھولي ۾ ٿڃ پياريندي  پينگھڙن ۾ لوڏيندي هٿن ۾ ڪڏائيندي جھونگارينديون رهنديون آهن ۽ ان مهل سندن چهرا ٻهڪڻ لڳندا آهن، پر اڄ ڪلهه جي مائرن جي لولين ۽ ٻولاڻن کي وسارڻ جي گھِڻي  ڪسائي ڏيکاري آهي، تنهن ڪري هڪ ته اڳيان ٻولاڻا وڃائبا  پيا وڃن ۽ ٻيو نوان تخليق نه ٿا ٿين،ان جو مطلب هي آهي ته مامتا جي تخليق ٻولاڻن  جي شاعري نيٺ صفا ختم ٿي ويندي.ان کان اڳ ڇا هي ضروري  ناهي ته سنڌ جي مختلف ڀاڱن جا ليکڪ پنهنجي علائقن جي ٻولاڻا محفوظ ڪن؟

ياسمين کوکر

هنڌ وڇايان وار

سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽  شاهوڪار ٻولي آهي. سنڌي ۾ لوڪ ادب (نثري توڙي  شعري) جو ذخيرو به تمام گھڻو آهي، سنڌي ٻولي چوڻين، پهاڪن ۽ اصلاحن سان مالامال آهي،انهن چوڻين اصلاحن ۽ پهاڪن جو عام ڳالهه ٻولهه توڙي لکڻين ۾ موقعي مهل جي لحاظ کان استعمال به ٿيندو رهي ٿو پر ان جو رواج هوريان هوريان گھٽبو ٿو وِڃي ان جو بنيادي ڪارڻ ڌاريو اثر آهي، جنهنڪري اسان جي عام ڳالهه ٻولهه  توڙي لکڻين مان اهو رس ختم ٿيندو پيو وڃي.جيڪو سنڌي ٻولي جو مکيه گڻ آهي اهو رس چس جيڪڏهن عام ڳالهه ٻولهه ۽رواج ۾ آهي به ته ان ۾ اسان جي وڏڙين، مائرن، ڀينرن، سگھڙ، ۽ سياڻن جو ذڪر جوڳو حصو آهي.انهن چوڻين،پهاڪن ۽ اصلاحن کي گڏ ڪري ڇپرائڻ  جي اشد ضرورت آهي.

چوڻيون پهاڪا ۽ اصلاح جيڪڏهن موضوع  وارکڻجن ته هڪ اهڙو علم جو ڀنڊار هٿ ايندو  جنهن جو اسين تصور به نه ٿا ڪري  سگھون . جيڪڏهن اسان جي سراپا  سان لاڳاپيل اصلاح ئي رڳو کڻجن ته انهن جو انگ ڏسي ڏندين آنڱريون اچي وينديون! هتي صرف ۽صرف – وارن بابت اصلاح ڏجن ٿا:

وار انساني جسم کي نه رڳو گرميءَ ۽ سردي کان محفوظ ڪن ٿا، بلڪ،” وار“ انساني سونهن ۽ سوڀيا جو سمبل پڻ آهن. شايد اکين کانپوءِ شاعرن پنهنجي شاعري ۾ گھڻي ۾ گھڻو ذڪر به وارن جوئي  ڪيو آهي.

وار اڀا ٿيڻ: ڊپ يا سي ۾ وار ڪانڊارجڻ

وار اڇا ٿيڻ: پوڙهو ٿيڻ، بزرگ ٿيڻ، وڏو ٿيڻ، تجربو پرائڻ .

وار ٺاهڻ: حجامت ٺاهڻ، چوٽي ٺاهڻ

وار پٽڻ: ڄنڊا پٽڻ، جھيڙو ڪرڻ،ڪنهن کي سيکت ڏيڻ، ڏک ڪرڻ افسوس ڪرڻ

وار پوڻ: سير پوڻ، ڦوٽ پوڻ( شيشي ۾ )

وار چڪڙ ٿيڻ: تيل ۽ مر سان وار چڪڙ ٿيڻ.

وار ڄمڻ: نوان وار ڄمڻ،وار سيٽ ٿيڻ.

وار چونڊڻ: نچڪڻي سان اڇا بوکڙا وار ڪڍڻ، وار ڇڊا ڪرڻ.

وار ڇڏائڻ : منجھيل وار ڇڏائڻ، سلجهائڻ، قبصي مان نڪرڻ.

وار رکڻ: ڇڏڻ،وڏا وار ڪرڻ.

وار سنوارڻ: وارن کي ڦڻي ڪرڻ.

وار ڪارا ڪرڻ: خضاب ڪرڻ،وارن کي ڪارو رنگ ڪرڻ.

وار ڪانڊارجڻ: سيءَ کان يا ڊپ کان وار اڀا  ٿيڻ.

وار ڪرڻ يا/ ڇنڻ: وار کسڻ گنجو ٿيڻ.

وار ڳنڌڻ: سڳيون وجھڻ، وارن ۾ گل هڻڻ، چوٽيون ڪرڻ.

وار ويڇو نه هئڻ: ٿوري به جدائي نه هئڻ ، ذرڙي به وٿي نه هئڻ ، پل به پري نه هئڻ .

وار ويڙهڻ: سڳيون ڪرڻ، چوٽيون ڪرڻ.

وار وڇائڻ: ڇوڪري جو سنڱ ڏيڻ، سڱ ڳنڍڻ، ڇوڪري پرڻائي ڏيڻ ، دل سان آجيان ڪرڻ، انتهائي سڪ سان آڌرڀاءُ ڪرڻ.

 اچين جي هيڪار، مون ساريندين سپرين،

پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،

 ساڄن سڀ ڄمار، هوند گولي ٿي گذاريان.

(شاهه)

امرتا پريتم / مشتاق گبول

پنهنجا  پنهنجا زخم

 

ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي، خدا ۽ ڊاڪٽر راؤ جي سواءِ ته  شينا پنهنجي سيني ۾ هڪ زخم  لڪائي رکيو آهي. جنهن ڏينهن ڊاڪٽر راؤ، دريندر جو ايڪسري سامهون رکي سندس زال کي عليحدگي ۾ گھرائي چيو: ”مان نه ٿي چئي سگھان ته دريندر جي زندگي جا ڪيترا ڏينهن باقي بچيل آهن، ٿي سگهي ٿو ڪجھ مهينا گذري وڃن ، ليڪن هي به ممڪن آهي ته ٻه چار ڏينهن. دل جي چئني طرفن کان جيڪي  ڪنيڪٽنگ والوز هوندا  آهن، انهن مان هڪ والو ۾ زخم آهي. جيڪو ڪجھ هفتا پهرين ايڪسري ۾ بييقيني  ۾ وجھڻ وارو هڪ زخم  آهي، هن دفعي واري ايڪسري ۾ يقنن ساڳيو هجي ها ڊاڪٽر راؤ ڪاروباري لهجي ۾ چيو: اگر هي زخم انهيِءَ نموني ننڍو رهي ها، ته ٿي سگھي ها  هو ڪجھ سال زندهه رهي ها-ليڪن ......“

ڊاڪٽر راؤ‍ کي ” ليڪن“ جي اڳيان  ڪجھ چوڻ جي ضرورت  نه هئي، شينا ڄاڻي ويئي زخم وڌي رهيو آهي ۽ انهي زخم وڌڻ سان دريندر جي ساهه  ۾ تنگي اچي رهي هئي.هن جڏهن ڊاڪٽر کي چيو: اگر تقدير کي حمله آور ٿيڻو ئي آهي ته هڪ ٻيو ڪم ڪيو، توهان خاموش رهو، جيئن ڪيترن مهينن کان آهيو، توهان دريندر کي ڪجھ نه چئو،توڙي جو هاڻِ باقي ڪجھ سال باقي آهن يا نه.... مان دريندر جي آخري ساهه تائين ساڻس گڏ زنده رهڻ چاهيان ٿي، ڄڻ اسان کي قيامت تائين زندهه  رهڻو آهي. اهو ٻڌي ڊاڪٽر سمجھي ويو . شينا پنهنجي سيني ۾ هڪ اهڙو زخم لڪائي ڇڏيو آهي، جنهن کي دنيا جي ايڪسري ۾ ڏسي نه ٿو سگھجي.

شينا ڄاڻي ويئي هئي ته موت هن جي گهر جو پتو پڇي رهيو آهي ليڪن سوچيائين  جيستائين موت کي گھر نه ٿو ملي، تيستائين هن کي پنهنجي گهر ۽ دريندر سان ائين جيئڻ گھرجي ، جيئن هڪ مرد ۽ عورت دنيا جو پهريون گھر وسايو هو.

دريندرکي هي معلوم نه هو ته موت هن جي  بنهه ويجھو آهي، هن جي دل ۾ الائي ڇا هو ، جوهن پنهنجي لاءِ هي گھر خريد ڪيوهو. شينا سوچيندي رهي صرف پنجن سالن جي  نوڪري مان بچيل  پئسا هئا، ۽ ڪجھ والدين ۽ دوستن جي مدد سان  هن ننڍڙو گھر خريد ڪيو هو.شينا کي معمولي ڳالهين ۾ ياد آيو دريندرکي ڪريم ڪلر جا پردا پسند هئا، ليڪن انهن لاءِ پئسا ڪونه هئا، گهر توڙي جو ٻن ڪمرن جوهو،ليڪن ان ۾ ويهه ٽيهه جو لان هو ، ان ۾ ڪلڪتي جو گاهه ۽ ٻيون شيون  شامل هيون.گھر جي هڪ  پهلو ۾ رات جي راڻِي  ۽ هڪ  پهلو ۾ سورج مکي ۽ چنبيلي جا گل هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com