سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :2

تڏهن به هڪ سوشل عورت هئڻ جي ناتي ريٽا جي اوچتو ادب ڏي رُخ ڪرڻ واري تبديلي خارجي سببن جو نتيجو نٿي چئجي سگهجي، تخليقي فنڪار  ته هن منجهه اڳ ئي موجود هو، ان جي اثر ئي اهو رنگ لاتو، جنهن ڪري هو مڪمل طور هاڻ انهن ۾ رنگجي چڪي آهي:

 ريٽا پنهنجي تحريرن ۾ ڪٿي به ڪو پرڀار ڪندي نٿي ڏسجي، هڪ پاسي احساسن کي زبان ٿي ڏئي ته ٻئي طرف انسان جي اندروني ڀاونائن کي ظاهر ڪرڻ جو به وٽس ڏانءُ آهي،سندس ناول   B.B.B ۾ هن ماديت ۽ روحانيت جو فنڪاراڻي انداز ۾ ٽڪراءُ ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿي آهي. ناول ۾ زندگي  جي قدرن جي جدوجهد ڏيکارڻ سان گڏ هن ڪردارن جي باطن جو نفسياتي تجزيو پڻ  ڪيو آهي.ناول جا  مک ڪردار هڪ ٻئي جي ايڏو ويجهو هوندي به ذهني طرح خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسي هڪ ٻئي کان ڪيڏو دور آهن، سچ جي تمنا ۽ عيش عشرت واري زندگي جا ڳولهائو ٻئي  ڪردار سندس ناول جو ڄڻ ته روح آهن . سنڌي ادب ۾ اهڙا ناول اسان کي صرف آغا سليم ۽ سراج  وٽان ئي ملي سگهيا آهن، خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هند ۾ ريٽا به ساڳئي واٽ ورتي آهي.

رومانيت رچيل سڀاءُ واري ليکڪا ريٽا شهاڻِي، ڪهاڻيون لکيون ته اُهي به پڙهندڙن جي مختلف جذبن جون ترجمان بڻيون ۽ اندروني احساسن سان بنهه ٺهڪندڙ ، جن جا ڪيئي ڪردار انتهائي نفيس موضوع سميت دل تي گهري ڇاپ ڇڏيو وڃن ٿا،هو شدت پسندي جي باوجود هر ڳالهه ۾ توازن  جي طرفدار آهي ۽ سموريت ڏسڻ جي خواهشمند ....... مثلاً پيار کي پيار واري پد تي، گريس واري نموني ڏسڻ جي آرزومند آهي.پيار ۾ محض ”ٽهليو“ بنجڻ وارو انداز يا رويو کيس زهر ٿو لڳي......... مون کي سندس اها ڪهاڻي اڪثر ياد ايندي آهي.جنهن ۾ مرد جي ٽهلائپ ڀرئي پيار واري  رويي مان عورت کي بڇان اچڻ  واري چٽ نهايت گهري مشاهدي سان چٽيل آهي.ان ڪهاڻِي ذريعي هو پڙهندڙ  کي محبت ۾ برابري ۽ عزت نفس جي حوالي سان پنهجي خيالن سان سهمت ڪيو ڇڏي.

ريٽا جي ڪهاڻين توڙي ٻين تحريرن ۾ ڏيکاريل عورت اهڙي نفيس ۽ حساس آهي جنهن کي ڪيترن ئي مهلن تي اسپلٽ ۽ بي ڌيانيءَ وارا رويا، پوءِ چاهي اهي لاشعوري طور ئي ڇو نه هجن، اندر ئي اندر ۾ هرٽ ڪري ڀڃي ڀوريو ڇڏين ......... هوءُ ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پئي ........ دل جي گهراين مان چاهتون حاصل ڪرڻ واريون تمنائون ان پل ڄڻ آپ گهات ڪيو ڇڏين ........ بظاهر ڀرپور تحفظ هوندي به هوءَ دل ۾ ڪيترين ئي محرومين ....... حسرتن کي منهن ڏيندي هر ڀيري پنهنجي وکريل وجود کي ميڙي سميٽي، نئين سر نئين رنگ ڍنگ سان جيئڻ  جي  جستجو ۾ اُڀري سامهون ٿي اچي ۽ هڪ اڻ ڏٺي آس ۽ امنگن سهاري هڪ وار وري جيئڻ ٿي لڳي، تڏهن هن جي همت ۽ برداشت ڄڻ اهو درس ٿي ڏئي ته زندگي نالو ئي مري مري جيئڻ ۽ لاهين چاڙهين کي بهادريءَ سان منهن ڏيڻ جو آجو آهي.  

 ريٽا شهاڻي جو لکڻين جو انداز پيارو، پرڪشش ۽ روان آهي. پوءِ به روان ۽ عام فهم ٻولي لکندي لکندي ڪن مهلن تي هو هندي جا انتهائي مشڪل لفظ لکڻي ۾ شامل ڪيو ڇڏي. مان نٿي سمجھان ته هن وٽ اهڙن لفظن جي سنڌي معنيٰ نه هوندي. يقينن اهو سڀ لاشعوري طورکانئس ٿيندو هوندو جو هو جنهن ماحول ۾ رهي ٿي ان جو اثر ته ضرور پئي ٿو، پوءِ به مان اميد ٿي ڪريان ته هو شعوري طور اها ڪوشش ضرور ڪندي ته سنڌي ادب ۾ هندي لفظ گھٽ کان گھٽ استعمال ڪري، نه ته اهي ايڏا آسان ۽ سولا هجن جيئن سنڌ جا پڙهندڙ وڌيڪ لطف
وٺي سگھن
.

تخليقي فنڪار پنهنجي عهد جو ترجمان ٿيندو آهي، هڪ سچي ۽ ڪميٽيد ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي تخليق وسيلي جيڪو ڪجهه پيش ڪري  ان پس منظر ۾ ان جو نقطه نظر، وسيع تجربو، ڳوڙهي فڪر ۽ مطالعي جي موجودگي  سان گڏ ٻولي ۽ انداز تي مڪمل گرپ به رکندڙ هجي. ريٽا جي تخليقن ۾ معاشري جي بهترين طريقي سان عڪاسي ٿيل ملندي ،انسان جا ڏک درد، ننڍيون ننڍيون خوشيون معصوم خواهشن مان  جنم ٿيون وٺن  جيڪي ڪڏهن ڪڏهن جذبن کي زخمي ڪرڻ  ۾ وڏي  بي درديءَ جو مظاهرو ڪري  وينديون آهن.درد جي ان احساس کي جي لفظ نه ملن  ته هڪ حساس انسان لاءِ جيئڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي پر ڪڏهن اهي  عذاب، ڏک مشاهده ۽ حالتون حساس قلم ڪار کي گس ڳولي ڏينديون آهن ته اچو منهنجن راهن ۾ لفظن جا موتي پکيڙيو، تڏهن اهي راهون قلمڪارن کان اڪثر دنيا به تياڳرائي  ڇڏينديون آهن ۽ هو فقط ان ئي فضا جو حصو ٿي ويندو آهي جيڪا سندس وجود تائين پکڙيل هجي ، ريٽا شهاڻي کي پڙهي لڳندو آهي ته سندس تخليق ۾ سندس وجود ڳالهائي ٿو، سندس دور، خواب ، روح ۽ هو پاڻ ڳالهائي هر هنڌ پنهنجي  هئڻ جو احساس ٿي ڏياري . آخر ۾ ريٽا کي موهن ڇاٻڙيا جي لفظن ۾ ” جنوني بائڦان ڪوٺيندي مان به چونديس ته هن جنوني بائڦان پنهنجي ادبي جنون سان نيٺ هڻي هنڌ ڪيو..................“

لڳي ٿو ان جنون ئي کيس ادب سان ” لائي  توڙ نڀائڻ “

جو عهد ڪرايو آهي.

تنوير جوڻيجو

موتين مُٺ

ڳالهيون سلڻ جهڙيون

 اخبارون معاشري جون عڪاس آهن ۽ خبرون، معاشرتي روين ۽ قدرن جي نشاندهي ڪن ٿيون. ڪجهه خبرون اسان سرتين لاءِ ڪٺيون  ڪيون آهن، ۽ بنا تبصري انهن کي پيش ڪيون پيا ته نتيجا اسان جون ڀينرون پاڻ اخذ ڪن. سوچ ويچار جو هڪڙو وڏو مواد آهي جنهن تي فڪر ڪري سگھجي ٿو.

*. ٽنڊي الهيار لڳ سڱاوتي تڪرار تان ڏهن سالن جي معصوم نينگري جمنا کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، جنهن وقت هوءَ پاڏي کي شاخ تان پاڻي پياري  رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته جوابدارن کي سندس مائٽن سندس سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.“ ( ڊسمبر 2_96 ع)

·       ”سکر ۾ بيوهه عورت جي گهر کي ڌاڙو.سندس ڌيءَ جو ڏاج ڦرجي ويو ، ڦر کانپوءِ ماءُ کي بيهوشي جا دورا“.(ع آ_ ڊسمبر 2-96 )

* ” مڙس هٿان زال قتل – زال  قتل ڪرڻ کانپوءِ مڙس رضاڪارانه طور سائيٽ ٿاڻي حيدرآباد  تي پيش پيو.“

* زال جو مڙس سان عشق _ قبر کوٽي لاش گھر کڻي آئي _ ڍاڪا جي هڪ ڳوٺ  جي پنجٽيهه  ساله عورت ياسمين جو چوڻ آهي ته سندس مڙس کي ڳوٺ وارن جيئرو ئي پوري ڇڏيو هو، هو جيئرو هو.“

   (ع_ آ ڊسمبر5-96 )

*” زال جي محبت ماڻڻ لاءِ ڪتن سان گڏ رهڻ جي سزا قبول_ آمريڪي خاتون ڪارلاٽيلر  جڏهن مڙس کي پاڙي وارن جي در تي سمهيل ڏٺو  ته مڙس کي  سزا  ٻُڌائي ته يارنهن جون ستانوي  تائين ڪتن سان  رهندو- ڪتن سان گڏ ماني  کائيندو- ۽اها سزا  مڙس قبولي.“ ( ع آ- ڊسمبر 96)

* ”اوڀر چين جي ٻن عورتن ڪيان لينگ ۽ لي جنفانگ  888 نانگن سان گڏ  ٻارنهن ڏينهن گذاري گنيز بڪ آف ورلڊ  رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ڇڏيو-نانگن سان وقت گذارڻ جي مقابلي ۾ انهن سان گڏ سهمڻ ۽ ترڻ جهڙيون سخت آزمائشون به ‎شامل هيون.“ (ع آ-2-96)

*” عورت پاران جنسي ڏاڍائي جو انتقام -38 مڙد قتل _ آسٽريليا پوليس 23 ساله مارسيا کي گرفتار ڪيو هو؛ جنهن جو الزام آهي ته هوءَ مڙدن کي قتل ڪندي آهي.پوليس جوچوڻ آهي ته جڏهن مارسيا 18 سالن جي هئي ته جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿي هئي.“ (ع آ-ڊسمبر 2-96 )

* ” عمران خان جي سهري گولڊ سمٿ پاران  پنهنجي ڏوهٽي جي ڄمڻ جي موقعي تي لنڊن ۾ پر تڪيف ڊنر جو اهتمام- ڊنر ولٽن جي هڪ وڏي  هوٽل ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ ليڊي ڊائنا سميت ٽيليگراف  جي مالڪ شرڪت  ڪئي .“(ع آ ڊسمبر 5-96)

* پرڏيهي مڙدن سان شاديون- پاڪستاني عورتن لاءِ ڏچو- برسلز ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني عورت شادابه اسلام پندرنهن سال اڳ، اسپين  جي هڪ شخص سان شادي ڪئي.هن پنهنجي ٻارنهن ساله ڇوڪريءَ لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،پر کيس اهو حاصل نه ٿيو، ان عورت جو چوڻ ‎آهي ته اها سزا مڙدن لاءِ هئڻ کپي، جيڪي پرڏيهي عورتن سان شاديون ڪن ٿا.( ع آ ڊسمبر8-96)  

* دنيا ۾ هزارين معصوم ٻار پيدائش کان اڳ ايڊز جو شڪار ٿين ٿا، جنهن جو سبب ناجائز جنسي ميلاپ آهي.اڳ ۾ مڙد وڌيڪ متاثِر رهيا، پر هاڻي عورتون گهڻي تعداد ۾ مرض جو شڪار .“(ع آ-ڊسمبر7 -96)

*”ارسطو ۽ آئين اسٽائن کان به وڌيڪ ذهين ٽن دماغن واري عورت-شڪاگو جي ايڪيهه ساله شرلي جرمن انتهائي ذهين -ڊاڪٽر حيران .(ع آ   3-96  ڊسمبر)

* منهنجي علاج تي ايترو خرچ  ڪيو  وڃي  جيترو هڪ غريب تي ايندو آهي. ( مڌر ٽريسا) مڌر ٽريسيا، 1983ع کانپو‎ءِ مسلسل دل جي مرض ۾ مبتلا – هن دنيا جي غريبن بي  واهن ۽ معذورن لاءِ خدمت ڪندي  زندگي گذاري.دل جي رڳن سڪي وڃڻ  سبب  رت جو سرشتو  بحال ٿي نه سگهيو.“ (ع آ-ڊسمبر  3-96 )

*-”ٿلهي ڪنوار شادي جي ٻئي ڏينهن گھوٽ  کي ماري ڇڏيو 380 پائونڊ وزني آمريڪي 290 پائونڊ وزني عورت سان شادي  ڪئي، هني مون لاءِ ميڪسيڪو روانا ٿي ويا اتي هوٽل ۾ ماني کائيندي ٻنهي ۾ گوشت جي ٽڪري تان جھيڙو ٿي پيو، زال مڙس کي پيٽ ۾ ڇرو وهائي ڪڍيو.“ (ع آ- ڊسمبر 96-4  )

* ” ليڊي ڊائنا  کي پاڪستاني مڙد جي ڳولا- هوءَ اسلامي معاشري ۽ پاڪستاني ثقافت کان متاثر آهي.“ ( ع آ ڊسمبر 96)

* ”طالبان گادي واري هنڌ  ڪابل ۾ پڙدو نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻه سؤ پنجويهه  عورتن کي گرفتار ڪري  کين سزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو  آهي.” ع آ – ڊسمبر 96-7 )

* .آمريڪي  عورت ، ايني ڪلاڊس قدرت کي اهڙو عطيو ڏنو آهي جو پنهنجي دماغي طاقت  وسيلي  بيمار لاعلاج ،۽ تڪليف ۾ ورتل ماڻهن کي بنا تڪليف  جي موت  جي دنيا ۾ پڄايو ڇڏي. ايني هن وقت تائين 38 لاعلاج بيمار ماڻهن کي سندن مرضي سان ماري ڇڏيو.“ ( ع آ-  ڊسمبر 96-5 )

*-ويهن سالن کانپوءِ زالون مڙسن  تي حاوي ٿي وينديون -  مڙس تي تشدد ۾ مسلسل واڌ – ارڙهن سيڪڙو مڙسن پاران زالن هٿان مار کائڻ جو اعتراف-برطانوي ماهرن جو اعتراف.“(ع آ-ڊسمبر 96-2)

تاريخ ساز :-

محترمه فاطمه جناح

محترمه فاطمه جناح جو جنم 1893 ع  ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس ماءُ گذري ويئي ۽ 1901 ۾ سندس والد  راهه رباني  اختيار ڪئي. هاڻي فاطمه پنهنجي ڀاءُ محمد  علي  جناح جي هٿ هيٺ پلجڻ لڳي، جنهن نهايت محبت ۽  شفقت سان سندس خيال رکيو، سندس  پڙهائي ۽ تربيت  تي خاص ڌيان ڏنو.ابتدائي تعليم لاءِ فاطمه جناح کي باندره  ڪانويننٽ اسڪول ۾  داخل ڪرايو ويو.

ڪجھ وقت کانپوءِ، کنڊالا هاءِاسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪري  سينيئر ڪيمبرج  ڪرڻ لاءِ هڪجھڙي  ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي ويئي  ۽ پوءِ ڪلڪتي جي ڊاڪٽر احمد ڊينٽل ڪاليج  مان  بي ڊي ايس ڪرائي  کين ڏندن جي ڊاڪٽر بنايو ويو. ڪلڪتي ۾ ئي پاڻ پريڪٽس شروع ڪيائين .ڀاڄائي رتي ٻائي جي وفات  کانپوءِ سموري حياتي ڀاءُ ۽ پيءُ لاءِ وقف ڪيائين.

قائداعظم محمد  علي جناح هڪ وار فرمايو ته منهنجي سياست جو دارومدار ٻن شين تي آهي- هڪڙو – منهنجو  ٽائيپ رائيٽر ۽ ٻي آهي فاطمه.“

قائداعظم کي هي پنهنجي  ڀيڻ  تمام گھڻي عزيز هئي . سفر ۾ هر دم سا ڻس رهندي هئي، پشاور هجي يا مدراس ڪلڪتو هجي يا ڪراچي، جلسن ۽ جلوسن ۾ خطاب به ڪندي  هئي.

وطن جي آزادي لاءِ نه رڳو گھر کان ٻاهر پر گھر جي اندر به هن هر دم ڀاءُ جو ساٿ ڏنو. سندس  کاڌ  خوراڪ جو فڪر، لباس جي ڳڻتي، سندس ڪاغذ پٽ سنڀالي رکڻ  به سندس ڪم هو. ان کانپوءِ  سياسي  معاملن تي سوچ ويچار، خيالن جي ڏي وٺ ۾ به فاطمه ڀاءُ سان ڀاڱي ڀائيوار هوندي هئي.

فاطمه جناح پنهنجي ذاتي زندگي ۾ فضول خرچي کي سخت ناپسند ڪندي هئي، سليقي ۽ رک رکاءِ جي عادي هئي، اکيون ٻوٽي هر ڪنهن تي ڀروسو نه ڪندي هئي، هر شخص کي آزمائش کانپوءِ اصلي جاءِ تي رکندي هئي.

يارهين سيپٽمبر 1948ع، ڀاءُ جي وفات کان پوءِ اڪيلي ٿي پئي، پر وري همت ۽ حوصلي سان زندگي گذاريندي هئي، جڏهن ملڪ ۾ آمرانه حالتون پيدا ٿيون ته جھموريت جي لاٽ کي روشن ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ پنهنجي پيرسنيءَ جي باوجود 1964ع ۾ اليڪشن ۾ حصو ورتو، ۽ سموري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دورو ڪيو، جلسن ۽ جلوسن کي خطاب ڪيو.

نائين جولاءِ 1967ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس سچاين جي عيوض اڄ به قوم کيس ”مادر ملت“ جي نالي سان ياد ڪري ٿي.

هيرن جهڙا هٿ

هڪڙي روايتي چواڻي موجب عورت ۽ مڙد سماج جي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن. انهي چوڻي جي حوالي سان ذڪر 1927ع جو جڏهن عورت مڙد سان گڏوگڏ پورهيو ڪندي هئي. هيرن جھڙن هٿن سان ڪم سرانجام ڏيندي هئي، ۽ ناڻو ڪمائيندي هئي.

ٺٽو ان وقت لونگين،سوسين ۽ ڪيمخاب جي سليپرن کان مشهور هوندو هو، ۽ اهو ڪم گھرن ۾ ٿيندو هو، جتي مڙد ۽ عورت هي ڪم سرانجام ڏيندا هئا. انيڪ قسمن جا نمونا ڪڍيا ويا ۽ ڪن نمونن ۾ سچو ڪلاباد به اڻيو ويندو هو.ان دور جا ڪي نمونا هن ريت آهن: نانگ ول، کٽڻهار لهردار، سمائن، پلرو، مداخل، هي نمونا ته هلندا هئا ته لونگين ۾ ۽ سوسي ۾ ڪارسري، اڇسري ۽ موٺڙو وغيره دلپسند نمونا هوندا هئا.

بوبڪ، ان دور ۾ غاليچن سببان مشهور هوندي هئي. رنگبرنگي غاليچا سُٽ جا به ٺهندا هئا ته ان جا به هن ڪم ۾ عورتون تاڃي وٽينديون هيون، ان سٽينديون هيون، رنگ چاڙهڻ ۽ ڍيرا ويڙهڻ کانسواءِ آڏاڻن تي به ويهنديون هيون، غاليچن ۾ جيڪي نمونا مقبول هئا، سي هزاروي گل، تيرهن گلي سوسن، چوگلي، دائودي وغيره هوندا هئا.

ٿر ۾ ڪمبل ۽ کٿا ٺهندا هئا، جيڪي ملڪان ملڪ مشهور هوندا هئا. ان کان سواءِ ڏاس منجھان رسا، خرزينون، فراسيون، مهارون، مهرا ۽ سياري جا ساداڪپڙا به ٺهندا هئا ۽ عورتون ائٽن تي سٽ ڪتينديون هيون.

نصرپور جا کيس به پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا ۽ ان ڪم ۾ عورتون به مڙدن سان گڏوگڏ ڀاڱي ڀائيوار هونديون هيون. کيسن جي پيٽي ٻيڻو ٽيڻو ۽ چوڻو ڌاڳو ڪتب ايندو هو. جيڪو اوبرن تي ٻيڻو ڪري عورتن جي ذمي هوندو هو، ان کانسواءِ تاڃيون ڪڍڻ جو ڪم به عورتن جي حوالي هوندو هو. کيس جا نمونا جيڪي مشهور هوندا هئا، سي هئا ٽڪي گل، آرسيان، بلبل چشم، چورنگو ۽ پنج گلان وغيره.

مٺي نه رڳو اڄ پر ان دور کان هنرن سببان مشهور آهي. عورتون جيڪي شيون ٺاهنديون هيون سي هن ريت هونديون هيون: ”چاڪلا“. هي رومال هوندا هئا، جيڪي ڀتين تي لٽڪائبا هئا، ”تورڻ“ در مٿان ٽنگڻ جي شي هئي. ”گبچي“ نالي ننڍڙا ٻٽون، به زالون ٺاهينديون هيون. ان کان سواءِ چنيون، ريشم جو ڪپڙو به عورتون بنائينديون هيون، مايون اهڙيون جو هر ڪاري جو ڪک، مس ۾ ٻوڙي ليڪا، ليڪي وينديون هيون، پوءِ ڀلي ڪاري رات ڇو نه هجي. وهانو واري چني”ابيڇڻي“ ته ڏسڻ وٽان هوندي هئي. جنهن تي پٽ سان ڀرت ڪيو ويندو هو. جھار، پنک ۽ پوپٽيون عجيب جھرمر لائيندا هئا، ان کانسواءِ گھوٽ لاءِ دوپٽا، ڪنوار لاءِ ڪنجريون به ڏسڻ جوڳيون هيون. وهانو واري سوڙ به خاص تيار ٿيندي هئي. جنهن جي وچ ۾ چنڊ، پاسي کان پٽا ٻاهران ٻانگا، پوپٽيون ۽ پنک عجب بهار جو منظر پيش ڪندا هئا، (سنڌ جا هنر، نارائڻ داس ملڪاڻي1927ع).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com