تنوير مرشد
جنگل زده شهر جو شاعر
فرحت عباس شاهه جي ڪتاب جو مهاڳ ۽ شاعريءَ
·
”آخر منهنجو سر ڌڙ کان جدا ٿيو“
زلزلي جي ڀيانڪ آواز منهنجي شعور جي در تي دستڪ
ڏئي صدا هنئي.
·
” جاڳ الميو ٻڌايو پيو وڃي“
انهيءَ آواز کي مون اکين جي پوئين دروازي ۽ چپڙن ۾
دٻيل گهنگهور خاموشي جي اڱڻ تي ٻڌو ۽ پوءِ مان
”پاڻ پنهنجي“ طرف ٿي ويس. شڪر آهي منهنجو هٿ
منهنجي ئي هٿ ۾ هو. توڙي مان به اُکڙيل گردن وارو
آهيان ۽ منهنجا هٿ به پويان ٻڌل آهن
نه ته جيئن ڪري پيو هوس......... او خدايا.
”هاڻي هن جون جڙون منهنجي وجود ۾ لهي رهيون آهن.“
”۽ هو مون ۾ رات جيان لهي ويو.“ مون هن کي قائم
رکيو ۽ ”پنهنجو پاڻ“ کارائڻ پيارڻ شروع ڪيم. ڇو ته
وڻ پنهنجي جاءِ ناهن بدلائيندا.
·
گهري ۽ مهربان رات جو قسم
”افسردگي اشتهار ناهي جو ٽنگيل نظر اچي ۽ نه ئي
خوشي ميڪانڪي عمل آهي، جو شين جي ترتيب حاصل ٿي
وڃي ها! خوشي هجي يا غم، حالتن جي ترڪيت سان طئي
ٿيندا آهن.
·
ڪائنات جو قسم سوچ عظيم شيءِ آهي
هيءَ غلامي به آزاد هوندي آهي، هيءَ بناوٽ سان
خراب ٿي ويندي آهي، هي سچ جو پار آهي. اها مثبت
لهر آهي، جيڪا هُن پار کان هن پار ايندي آهي ۽
پناهه صرف ”الله هُو“ سان ملندي آهي.
·
دماغ جو قسم
سوچ اهو اختيار آهي جو بنا ڪنهن اختيار اختيارن
تائين آندو آهي. هڪ واسطو آهي. جيڪا هروڀرو واسطن
کي رابطا ۽ ضابطا عطا ڪري رهيو آهي. هڪ جهد آهي.
جنهن کي تمام جهد مليل هُجن. سوچ جنهن الفاظ ۾
پهريون دفعو ظاهر ٿيندي آهي، اهائي سٺي شاعري آهي.
حيف آهي انهن تي، جن سوچ کي مصلحت ۽ منافقت ۾
بدلائڻ جو عمل جاري رکيو آهي ۽ بي نامي انهن جي
لاءِ جيڪي اڄ به درٻاري ۽ وظيفه خوار آهن. جنت ۽
دوزخ جي عمل ۾ پريشاني ان جي لاءِ آهي. جنت سوچ کي
منفي رستي تي الجهيل رکيو آهي. ان جي باوجود ته
زمانو تجارت بڻجي ويو آهي. سوچ پنهنجي ارتقا جي
مثبت رجحانن جي طرف نئين
عهد ۾ داخل ٿي وئي آهي. ۽ هڪ طرف کان ٻي طرف ڏسي
ڪري خاموش ناهي ٿي.
·
اچي لڳو جنگل در ۽ ديوار سان
هڪ اظهار جيڪو نواڻ سان ٽمٽار آهي ۽ بيان ڪرڻ جا
قديم انداز ٽوڙيندي، اسرار، رمز ۽ انساني فڪر جي
پوشيده عالم ۾ داخل ٿيندو ويندو آغاز ڪندو آهي.
اسان عظم سوالن جي عظيم جوابن ڏانهن روانا ٿي چڪا
آهيون. ”فرحت شاهه“ انهن رستن جو اهوئي مسافر آهي،
جيڪو پنهنجي اچڻ وارن جي لاءِ سنگ ميل نصب ڪندو
آهي.
”هو واقعي هاڻي پهرين کان بدلجي
چڪو آهي، شايد ائين
ڪڏهن نه ٿيئي ها ۽ هو وڏي آواز ۾ پنهنجي پاڻ سان
بي معنيٰ گفتگو نه ڪري ها، اگر پنهنجي دل ۾ محبتن
جو ڏک زنده رهڻ ڏي ها. ”هن چيو تنهنجي لاءِ مان ئي
بهتر هيس ته: ”مان توکي ستون ڀيرو قتل ڪري تنهنجي
قبر کي فراموشيءَ جي ڳورن پٿرن سان ڀري ڇڏيو
مگر..............“
”مگر افسوس جو هي ڳالهه صحرائن
جي سمجهه ۾ نه اچي سگهندي.“ وري اهي سڄا قاتل ۽
سڄا مقتول گڏي ڪري اُنهن کي چوندو آهي!
·
اچو اڄ هڪ ڪم ڪيون
قبرن تي بي گناهي جا ڪتبا هڻون، شڪر آهي جو ”هن
جون دعائون قبول نه ٿيون نه ته هو پاڻ کي ڪڏهن به
محسوس نه ڪري سگهي ها.“ هو ڏڪندڙ هٿن سان اکين جو
انڌيرو صاف ڪندي چوندو آهي: ”ڇا تون ان کي وساري
ويٺو آهين، جنهن توهان جي خوابن سان پنهنجون اکيون
زخمي ڪري ڇڏيون.“ زمانن تي ڦهليل هن عالم جي حادثن
۾ هو پنهنجي احساسن جا ٽڪرا ڳولي رهيو آهي ۽ ٻيهر
پائڻ جي آرزو ۾ چوندو آهي: ” تون جيڪا به غلطي ڪر
مان ان کي وساري ڇڏيندس ۽ ناداني قرار ڏيئي ڇڏيان،
مان جيڪو صدين کان پنهنجي خلاف تنهنجي پاران دليل
پيش ڪندو رهيو آهيان.“
اهو گذريل وقت آهي، جيڪو هي چاهيندو ته ڪوئي ان
کي چوي ته ”هن جو اچڻ وارو وقت آهي“ ته پاڻ کي
ڄاڻڻ جي آرزو ۾ هو پاڻ کي پنهنجي اندر دفن ڪندو
آهي، ۽ هي سمجهي ته ”هن کي مُئي هڪ سال ٿي ويو
آهي.“ پنهنجي مستقبل جو سراغ لڳائيندو آهي.
شاعري
بهادري
مون تنهنجي خلاف،
تنهنجي ياد سان سمجهوتو ڪيو آهي
۽ هاڻي،
تنهنجي بي وفائي جي اکين ۾ اکيون وجهي
دير تائين زندهه رهي سگهان ٿو.
ظالمن جي سرزمين تي احتجاج
اچو! اچ هڪ ڪم ڪيون
سڀ قيدي ۽ سمورا مقتول ملي،
پنهنجي پنهنجي معذور آرزوئن کي ڪفن پهرائي،
۽ انهن کي انهن جي اباڻي قبرستان ۾،
دفن ڪري قبرن تي،
بي گناهي جا ڪتبا هڻي ڇڏيون.
آواره مزاج ماڻهن جي لئه هڪ نظم
نت نون رستن تي قدم آزمائڻ وارؤ،
۽ هر نئون سفر شروع ڪرڻ وارؤ،
رستن کان ڊڄندا ڪيو،
جو هي ملائڻ وارا گهٽ
۽ ڏور وٺي وڃڻ وارا زياده هوندا آهن.
پُهچ
رات ۽ سمنڊ ۾،
ذات ۽ سمنڊ ۾،
ڳالهه ۽ سمنڊ ۾،
فرق ڪيترو ٿورو آهي.
گناهه
تون اگر ايئن ئي ڪڏهن رستي تي مون کي ملين،
ته حيران نه ٿجانءِ
مان واقعي، اڳي کان گهڻو بدلجي ويو آهيان
ڪڏهن مينهن وسندو آهي ته گهر کان ٻاهر ناهيان
نڪرندو
چنڊ، راتين جي ڪنهن سوال جو جواب ناهي ڏيندو
مون ڪيترين ئي سچين ۽ محبت ڪرڻ وارين
ڇوڪرين جي دلين کي ٽوڙي ڇڏيو آهي
ڪٿي ڪو گيت ٻڌڻ ۾ ايندو آهي
ته وڏي آواز ۾ پنهنجو پاڻ سدان بي معنيٰ گفتگو
شروع ڪري ڇڏيندو آهيان.
ڪٿي ڪو ٻار ٿاٻڙجي ڪري ٿو ته ان کي سهارو
ناهيان ڏيندو.
ڪنهن انڌي يا پوڙهي جهور کي سڙڪ جي ڪناري
محتاجيءَ جي عالم ۾ بيٺل ڏسي بي پرواهيءَ
سان، گذري ويندو آهيان.
ڏس! ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون
اچي ويون آهن مون ۾!
ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان
ته شايد ائين ڪڏهن نه ٿئي ها
اگر مان پنهنجي دل ۾ تنهنجي محبت جو،
ڏک زندهه رهڻ ڏيان ها.
ترجمو: مشتاق گبول
ادبي خط
پياري مٺڙي ڌيءَ ماهتاب!
تنهنجو خط 18 جولاءِ جو ۽ تنهنجو سون ورنو ناول
”خواب خوشبوءَ ڇوڪري“ پڻ
مليو. ڪلهه 15 تاريخ هت موڪل هئي ۽ سڄو ڏينهن ويهي
يڪ ساهي اهو ناول پڙهي پورو ڪيم. منهنجي ته دل
دهلجي وئي، پهريائين تو اهڙو بي باڪ ناول ذري پرزي
وچور وار خوبصورت ڇوڪري جو جوان ٿيڻ ۽ سندس
محبتون، تڙ تڪڙ
۾ شادي، مڙس هوندي وري محبت ۽ پاڻ کان وڏي عمر واري مڙس مان
بيزاري، جسماني خوشي جي ڳولها ۾ سندس محبت جو
داستان، مڙس جي دوست سان وري محبت، آخر طلاق، ۽
پوءِ واري سنهري سونهن کي ڪمائتو بنائڻ جو داستان،
ان جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي غلط رستن تي ستم جو پير ۽ آخر ۾ پرايل موتما بيماري. اهو سڀ اهڙي ٻوليءَ
۾ لکيو ويو آهي، جو
فقط تون ئي لکي سگهين ٿي. ڇا تمثيلون آهن، ”اصل
پاتال ۾ هيٺ ڪري پيا.“
تنهنجي بي ڌڙڪ بيان سنڌ جي گهڻن ليکڪن کي ڏڪايو
هوندو. واقعي علي بابا جيڪو لکيو آهي ته تون
انساني شعور جو ڌرو تارو آهين. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه
آهي. مان ته چاهيان ٿو ته جيڪر اهو ناول انگريزي ۾
پڻ ترجمو
ٿئي. هت هڪ مشهور ليکڪا آهي شوڀادي اها اهڙائي
روچڪ ۽ ڀيانڪ ناول لکندي آهي، سندس ڪتابن جون پنج
پنج هزار ڪاپيون شايع ٿينديون آهن، هوءَ لکين رپيا
اجورو وٺندي آهي. پبلشر هن جي پٺيان گهمندا آهن.
هوءَ ٽائيمس ۾ آرٽيڪل پڻ لکندي آهي. اسان وٽ پڻ
سماجڪ حالتون ساڳيون آهن. پئسن وارا پنهنجين سندر
زالن کي ڇڏي بازار ۾ پيا ڌوڙ پائين، شراب ۽ شوق جو
دور چالو آهي. سرڪاري آفيسر جيڪي سڄو وقت رشوت
کائيندي رات جو عيش جي گپ ۾ ڪريا پيا آهن. مطلب ته
هند هجي يا پاڪ ٻنهي هنڌ سماجڪ حالتون ساڳيون آهن. تو اهڙو ناول لکي نه فقط پڙهندڙن کي
سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. بلڪ کين آئينده جي خطرن
کان آگاهه پڻ ڪيو آهي.
مان نه ٿو ڀانيان ته سنڌ يا هند ۾ ٻي ڪنهن اهڙو بي
باڪ ناول لکيو هجي سو به سنڌيءَ ۾، اصل نه. ها
باقي انگريزي ۽ هندي ۾ اهڙا خوبصورت ناول شايع ٿين
پيا. تنهنجي ٻهڳڻي ٻوليءَ تان ٻلهارجي وڃان!
تنهنجي سڪ ڀري سوکڙي ته اصل نهال ڪري ڇڏيو. ناول
پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪيتري دير ته سوچيندو رهيس. اصل
تعجب واري
نشي ۾ هوس شام جو ڇهين بجي اندرا ايندي آهي، شام جو ماني ٺاهڻ لاءِ ان جي اچڻ سا اهو سرور ٽٽو. صبح جو 9
بجي کان شام جو ڇهين تائين ناول جي نشي ۾ هوس.
منهنجي خواهش آهي ته ”خواب، خوشبو، ڇوڪري،“ هت پڻ
”سپون“ رسالي ۾ قسطن ۾ هلائجي جي تون اجازت ڏين؟
جيئن امر جليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ پيو
ڇپجي سپون ۾. اميد ته توکي ”سپون“ ملندو هوندو. ان
۾ اهو ناول پڻ قسطوار پڙهيو هوندئي، اهو سياست تي
لکيل آهي. تنهنجو سماج تي لکيل آهي، پر تنهنجي
ٻولي لک لهي. پڙهندڙ ڪڏهن کلي ٿو وهي ڪڏهن افسوس
سوچڻ ٿو لڳي. ڇا ايئن به ٿيندو آهي.
مطلب ته مان ”خواب خوشبو ڇوڪري“ جو ناول جي پوري
طرح ساراهه ڪرڻ جي قابل ناهيان، جو اکر نه ٿا ملن
ته اهڙو ڪجهه لکا جهڙو منهنجي دل تي اثر ٿيو آهي،
خاص ڪري تنهنجي ٻوليءَ هڻي هنڌ ڪيو آهي. اهڙن
واقعن کي تمام سهڻي ۽ ڇپيندڙ پيرا
۾
ئي بيان ڪيو اٿئي، جو پڙهندڙ جا هوش سلامت
رهڻ مشڪل ٿيو پوي، اهڙي ناول لکڻ لاءِ لک مبارڪون
مبارڪون ۽ مبارڪون.
اڳيئن خط ۾ سنجئه جي شادي جو ذڪر ڪندي عرض ڪيو هو
ته ضرور اچو ۽ ان لاءِ اڳواٽ ويزا
جو بندوبست ڪريو. اميد ته اهو ڌيان ۾ هوندو ۽ 26
آڪٽوبر 96 تي شادي آهي. هفتو اڳ ۾ ٽي پارٽيون
ٿينديون، توهان جي رهڻ جو بندوبست پنهنجي فليٽ
ڀرسان ٻي پوري فليٽ ۾ ڪيو ويندو جو پڻ سمنڊ ڪناري
تي آهي. ساڳي جاءِ ۾، احوال لکج ته ان بابت قدم
کنيو اٿو يا نه؟
وجئه جي گهر ٻاهران گل موهر گلن جو وڻ آهي جو سندس
بالڪونيءَ مان اندر پڻ ايندو آهي. ان ۾ گل ئي جون ۾ ايندا آهن، انهن
گلن جي بئڪ گرائونڊ ۾ نڪتل ڪجهه ڦوٽا موڪليان ٿو.
تنهنجي وڏي مهرباني جو منهنجو ليک ”ٻيو جنم“ سوال
اخبار ۾ شايع ڪرايو اٿئي. ان اخبار جي ڪاپي پڙهي
ڏاڍي خوشي ٿي.
”خواب خوشبو ڇوڪري،“ ناول ۾ ڪيترائي اکر استعمال
ڪيا آهن، جي اسان وٽ به اڃا گفتگو ۾ ڪم آندا ويندا
آهن. جيئن ڇوڪري شاديءَ کان اڳ ۾ ونواهه ۾ ويٺي.
اسان وٽ ڇوڪري يا ڇوڪرو شادي کان اڳ ونواهه ۾
ويهندا آهن.
تنهنجي خط بابت دانجيئا کي فون ڪيم پوپٽيءَ کي فون
ڪيم، هريءَ کي فون ڪيم ۽ شاد کي پڻ، هنن سڀني تولاءِ
سلام ۽ ناول لکڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڊاڪٽر ڪنيا
ته سڀاڻي ڇنڇر تي ڪتاب کڻي ويندو، پڙهي سومر ڏينهن
واپس ڪندو. هريءَ ڪتاب گهريو آهي. پوپٽي کي فون
ڪيم، هوءَ ڪمزور دماغي حالت ۾ آهي، پر ته به
چيائين ته توڏانهن خط لکندي. سڀني طرفان گهڻا سلام
۽ پيار قبول ڪج.
منهنجي طرفان پڻ، محبوب صاحب، زمر ۽ مرشد کي گهڻا
سلام ۽ سڀني لاءِ اڻ ميو پيار خدا توهان سڀني کي
خوش رکي.
ارم، حسن ۽ روحل پڻ هر طرح خوش مزي ۾ هوندا، کين
پڻ سلام ۽ پيار.
تنهنجو دادا، گوبند
شهيد احمد خان آصف مصراِڻي
مون ڪيو ڪهڙو گناهه
جي ڪري پيدا ها قدرت ڪين عورت مرد ٻڌ!
ڪينڪي حاصل ٿئي ها توکي راحت مرد ٻڌ!
ڪير مون وانگر ڪري تنهنجي ها خدمت
مرد
ٻڌ!
زهر جان توکي لڳي ها عيش عشرت مرد ٻڌ!
ٿي پوي توکي حياتي ها مصيبت مرد ٻڌ!
سچ ته عورت تنهنجو آهي زيب زينت مرد ٻڌ!
”جھڙو تو کي ساهه آهي تهڙو مون کي آه ساهه“
”تون پڙهين ٿو علم باقي مون ڪيو ڪهڙو گناهه“
علم مون کي ناهه تڏهين آه ٿيو خانو خراب
ٿي ڏسان ڏک سور سو آيم سهڻ
سر تي عذاب
ڪين ٿي ڄاڻان پڙهي يا ڪو لکي ليکو حساب
ڪا زماني جي خبر مون کي نه آهي اي جناب
ٿي سهيلين ۾ ٿيان بي علم جاهل مهڻي هاب
ڇو پڙهائڻ
کان مون کي ايڏو ڪرين ٿو حجاب
علم حاصل ڪرڻ جو آهيم دل ۾ ڏاڍو چاهه
”تون پڙهين ٿو علم باقي مون کي ڪيو ڪهڙو گناهه“
گھر ۽ ور مان ڪيئن هلايان سا خبر مون کي نه آهه
ٻارڙن کي ڪيئن نپايان سا خبر مون کي نه آهه
قرض کان ڪيئن ڪنڌ ڪڍايان سا خبر مونکي
نه
آهه
ڪيئن ٽڪو پيسو ڪمايان سا خبر مون کي نه آهه
يا ڪمائي ڪيئن کپايان سا خبر مون کي نه آهه
اڳتي لئه ڪيئن ڪجھ بچايان سا خبر مون کي نه آهه
آهيان بي علم تڏهن آهه ٿي حالت تباهه
.”تون پڙهين ٿو علم باقي .مون ڪيو ڪهڙو گناهه “!
ڪير آ منهنجو نبي ۽ ڪنهن ڪيو پيدا اٿم
ڇو هتي آئي مان آهيان ڪرڻو هت ڇا ڇا اٿم
ڪهڙا ڪم ڪرڻا نه آهن ڪهڙا ڪم ڪرڻا اٿم
ڪهڙا حق پاڙيسرين جا ڪهڙا حق تنهنجا اٿم
ڪهڙا حق مادر پدر جا ڪرڻا هت پورا اٿم
ڏڏ مان آهيان پنهنجي فرض جي نه سڌ ڪل ڪا اٿم
”علم ري انسان جي انسانيت ۾ اشتباهه “
تون پڙهين ٿو علم باقي مون ڪيو ڪهڙو گناهه
”آصف“سچ مون چيو منهنجي چوڻي دل سان هنڊاءِ
التجا منهنجي نماڻي التماس آزي اگھاءَ
منهنجي واڌاري سڌاري لاءِ ڪو حيلو هلاءِ
هن جھاليت جي مرض کان تون مون کي جلدي ڇڏاءِ
عار ڪر مون کي پڙهائڻ کان نه پر مون کي پڙهاءِ
مان وزير آهيان سندءِ تون منهنجو بيشڪ آهين شاهه
تون پڙهين ٿو علم باقي مون ڪيو ڪهڙو گناهه.
|