سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :3

هنئين سان هنڍايان

سرتي

اسلام عليڪم:

آءُ هڪڙي شاگردياڻي آهيان. هڪڙي گرلس ڪاليج ۾ بي-اي پڙهندڙ آهيان. سوشيالاجي منهنجو موضوع به آهي ته پسنديده مضمون به؛ جنهن ۾ رشتن ناتن جي ڄاڻ جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، پر منهنجا پنهنجا تجربا به زندگي جي باري ۾ آهن. جنهن کي آڏو رکندي ڪجھ صلاحيتون سرتين لاءِ پيش آهن.

دنيا ۾ ميٺ محبت سان رهڻ سان نه رڳو ماڻهو جيڪي اسان جي ويجھو آهن.انهن کي به اسان جي ڪمپني مان لطف اچي ٿو ته هونئن ته رشتن ۽ لاڳاپن کي خوشگوار بنائڻ جا گھڻائي طريقه آهن، پر هڪڙو طريقو ڪنهن کي وقت تي ياد ڪري سوکڙي ڏيڻ نهايت اهم آهي، ان سان ٻئي ماڻهو جي دل ۾ رڳو اوهان جي محبت نه وڌنديپر ان کي اهو به احساس ٿيندو ته اهو ماڻهو اوهان لاءِ ڪيترو نه اهم آهي ۽ اوهان کي سندس خوشين جو ڪيترو نه اندازو آهي.

تحفي ڏيڻ وقت ڪن ڳالهين جو خيال رکڻ نهايت ضروري آهي.

تحفو هميشه خلوص سان ڏجي، ڏيتي ليتي يا حساب ڪتاب جي سوچ سان نه ته صبحاڻي ٻيوماڻهو هن کان وڌيڪ قيمتي شي ڏي، ڇاڪاڻ ته اهو سلسلو ڪاروبار ٿي پوندو. ٻي ڳالهه ته تحفو ضروري ناهي ته قيمتي شي ڏجي، هلڪي ڦلڪي شي، ڪا فون ڪال به وقت ضرورت، اها به تحفي جو نيم البدل ثابت ٿي سگھي ٿي.

تحفو هميشه موقعي جي مناسبت سان وڌيڪ اثر ڇڏيندو آهي، سالگرهه يا پروموشن يا ٻي ڪا چڱائي، ڪارڊ هر قسم جا استعمال ڪري سگھجن ٿا.

تحفو يا سوکڙي ڏيڻ وقت، آڏو واري ماڻهو کي مدنظر رکڻ ضروري آهي ته هن جي عمر، پسند ڇا آهي؟ ان سان ڪا ويجھائي آهي، يا ڪو رسمي تعلق  سامهون وارو ٻار آهي يا عورت يا ڪو شاگرد انهن سڀني ڳالهين کي آڏو رکندي سوکڙي ڏبي ته اها محبت جو خزانو بڻجي ويندي.

۽ آخر ۾ هڪڙي صلاح، سوکڙي وٺندڙ لاءِ ته سوکڙي ڪهڙي به هجي، اها محبت ۽ خلوص جو مظهر هوندي آهي، جوابي عمل ۾ ايتري ئي خلوص ۽ جذبن جو اظهار سان تحفو ڏيندڙ کي من جون مرادون ملي وڃن ٿيون، ۽ تحفو قيمت بجاءِ جذبن ۽ محبتن جي تارازي ۾ تورجي.

اميد ته انهن ڳالهين کانپوءِ محبت ۾ مزيد مزو ايندو.

والسلام

فقط صبحان، خيرپور ميرس.

مسز صبيحه گل جاويد /صديقة النساءِ

”فن تعمير ۾ مغل جو حصو“

برِصغير پاڪ ۽ هندجي ڏاکڻين علائقن ۾ اڄ جيڪي مسجدون، مقبرا، قلعا ۽ محل نظر اچن ٿا، اهي مغل شهنشاهن جي عظمت جا يادگار آهن. اڪبر ۽ شاهجھان جي دور ۾ جيڪي عمارتون ٺهيون، اهي نه رڳو مغلن جي جمالياتي ذوق جون آئينه دار آهن بلڪه انهن جي شان ۽ شوڪت جا داستان اڄ به ورجائن ٿيون.

مغلن فن تعمير ۾ جنهن دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي معمارن جي جيڪا قدرداني ڪئي، ان سان تاريخ جا صفحا ڀريل آهن. لعل قلعو ۽ ان جو ديوان خاص ۽ ديوان عام شاهجھان جي عاليشان دور جي ياد ڏيارين ٿا. فتح پور سيڪري ۽ ان جو عظيم دروازو اڪبر جي عظيم الشان دور جو يادگار آهي. آگري ۾ تاج محل هڪ غمزده مڙس جي دلگداز ڳوڙهن جو هڪ حسين نذرانو آهي، جيڪو ان وقت تائين سينن م باهه ڀڙڪائيندو رهندو جيستائين محبت جو جذبو باقي آهي.

مغل شهنشاهن ۽ سندن اميرن جيڪي عمارتون برصغير ۾ جيڪي تعمير ڪرايون اهي سندن نالي کي اڄ تائين زندهه رکيو اچن ٿيون ۽ فن تعمير جي قدرداني سبب هو پنهنجا اڻ مٽ نقش زماني جي سيني تي ڇڏي ويا آهن. ليڪن ان حقيقت کان تمام ٿورڙا ماڻهو واقف هوندا ته مغل بيگمات  ۽ شهزادين به انهي فن جي سرپرستي ڪئي ۽ قدرداني ۾ ڪنهن کان پوئتي نه هيون. هنن جيڪي عمارتون ٺهرايون انهن مان ڪي اڃان تائين پنهنجي دور جي بهترين عمارتن ۾ شمار ٿين ٿيون، ۽ ڪجھ پنهنجي سونهن ۽ دل موهيندڙ تعمير جي لحاظ کان نه صرف بيمثال آهن، پر فن جي تعمير ۾ هڪ نئين باب جي حيثيت رکن ٿيون.

شهنشاه اڪبر جي تعميري منصوبن تي ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ سورهين صدي ۾، دهلي ۾ ٻه قابل ذڪر عمارتون تعمير ٿي چڪيون هيون. هڪ مسجد ”خيرالمنزل“ ۽ ٻي  ”عرب سراءِ“ هي ٻئي عمارتون مغل بيگمات ٺهرايون. مسجد ’خيرالمنزل‘ اڪبر جي ماٽيلي ماءُ ماهم انگ تعمير ڪرائي هئي، جيڪا عورتن لاءِ مخصوص هئي، ان جي منزل، هڪ مدرسي جو ڪم ڏيندي هئي.

”عرب سراءِ“ همايون جي ملڪه حاجي بيگم پنهنجي ٽن سو عرب خادمن جي لاءِ تعمير ڪرائي هئي. هاڻي ان عمارت ۾ هڪ صنعتي تربيتي مرڪز قائم آهي. ’عرب سراءِ‘ جي ويجھو ٻي عمارت آهي جنهن فن تعمير ۾ حاجي بيگم کي لافاني مقام بخشيو سا آهي، همايون جو مقبرو. سنگ مرمر ۽ ڳاڙهي پٿر جو هي مقبرو نه صرف فن تعمير ۾ هڪ اهم موڙ جي حيثيت رکي ٿو، بلڪه ان سان تعمير ۾ اهڙي طرز جو بنياد پيو جنهن تي سالن جا سال عمارتون تعمير ٿيون ۽ معمارن جديد بناوٽ ۾ ان کي ڪمال جي درجي تي پهچايو. حاجي بيگم جيڪا جلاوطني جا ڏينهن همايون سان گڏ ايران ۾ گذاريا هئا. ايراني طرز تعمير جو اثر، هن جي دل ۽ دماع تي گھڻو پيو. همايون جي مقبري جي تعمير وقت، هن خواهش ظاهر ڪئي هئي ته ايراني ۽ هندي طرز تعمير جي امتزاج سان هڪ ڇهندڙ عمارت ٺاهي وڃي. انهي ڪري فنڪارن ايراني طرز تعمير کي هندي مزاج مطابق ٺاهي نوان اصول جوڙيا، ۽ ان فن ۾ هڪ نئين جان وڌي. هن مقبري جي اهم ڳالهه ان جو گنبذ آهي، جنهن کي تاج محل جي خوبصورت گنبذ جي ابتدا سمجھڻ گھرجي. هي مقبرو هندستان ۾ پڪي عمارت هئي، جنهن ۾، ”ٻٽن گنبذن“ جي طريقي  کي ڪاميابي سان آزمايو ويو. ان جا ٻئي گنبذ مٿان آهن ۽ سندن وچ ۾ خال آهي. اندريون گنبذ همايون جي قبر تي سنگ مرمر جي ڇت جو ڪم ڏئي ٿو، ۽ ٻيو ٻاهريون گنبذ آهي. ان مقبري جي ٻي خصوصيت سندس باغ آهي، جيڪو چئني پاسن کان لڳايو ويو آهي.

فن تعمير جي سرپرستي ڪرڻ، خوبصورت عاليشان عمارتون ٺهرائڻ جو شوق حاجي بيگم تائين محدود نه رهيو، پر ٻين مغل بيگمات ۽ شهزادين به اهڙيون عمارتون ٺهرايون  جن سان سندس نالو اڄ تائين روشن آهي. انهن ۾ خاص طور قابل ذڪر اعتمادالدوله جو مقبرو آهي جيڪو سترهين صدي ۾، آگري ۾، جمنا ندي جي ڪناري تي تعمير ڪيو ويو. هي مقبرو جھانگير جي پياري بيگم نورجھان پنهنجي نامور پيءُ جي يادگار طور ٺهرايو هو. ان مقبري کي ڏسندي نورجھان جمالياتي ذوق کي داد ڏيڻو پوي ٿو. اگر تاج محل اڄ نه هجي ها ته اڄ اعتمادالدوله جو مقبرو پاڪ و هند جو خوبصورت ۽ مشهور ترين مقبرو هجي ها. سنگ مرمر جي هي ننڍڙي عمارت هڪ جڙيل صندوقچي جهڙي آهي ۽ طرز تعمير ۾ ٻين عمارن کان مختلف آهي، نادر شين جي سجاوٽ ۽ بي مثال ترتيب ان عمارت کي هڪ انوکو حسن عطا ڪيو آهي. ان عمارت جي هر ڪنڊ، هڪ عورت جي جمالياتي ذوق جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن هڪ عظيم عاليشان دور حڪومت جي هڪ تاريخي باب ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي.هي مڪمل سنگ مر مر جي ٺهيل پهرين عمارت هئي، جنهن ۾ آرائش لاءِ گلڪاري ڪئي وئي.

دهلي ۾ جن بيگمات ۽ شهزادين عمارتون ٺهرايون انهن ۾ شاهجھان جي ٻن زالن ۽ ڌيئرن روشن آرا ۽ جھان آرا جا نالا قابل ذڪر آهن. دهلي ۾ روشن آرا جو ٺهرايل باغ اڄ تائين ان جي نالي سان مشهور آهي. هي باغ روشن آرا ۽ شاهجھان جي زال سرهندي گڏ ٺهرايو هو. ان ۾ هڪ ننڍڙو مقبرو آهي،  جنهن ۾ روشن آرا دفن ٿيل آهي. شاهجھان جي ٻي ڌيءَ جي خواهش تي جيڪو باغ تعمير ڪرايو ويو، اهو ”بيگم باغ“ جي نالي سان سڏجي ٿو. سرهندي بيگم هڪ مسجد به ٺهرائي هئي، چاندني چوڪ جي الهندي سري تي مشهور مسجد شاهجھان جي هڪ زال فتح پوري بيگم ٺهرائي هئي.

مغليه فن تعمير جو عظيم دور شاهجھان سان گڏ ختم ٿي ويو، ليڪن ان کان پوءِ به مغل خاندان جي حڪمرانن عمارتون تعمير ڪرايون سندس بيگمات ۽ شهزاديون جيتريقدر ٿي سگھيو، فن تعمير جي سرپرستي ڪنديون رهيون. انهن شهزادين ۾ اورنگزيب جي ادب نواز شهزادي زيب النساءِ به شامل آهي. هن دهلي ۾ هڪ عاليشان مسجد جوڙائي، اها مسجد جمنا کان گھڻو پري نه آهي، پر هاڻي درياءِ گنج جي عمارتن ۾ لڪي وئي آهي. هيءُ مسجد 1700ع ۾ ٺهي. هيءَ مسجد فتح پوري کان گھڻو شاندار آهي، ليڪن دهلي جي مسجد جو مٽ نه آهي. لعل قلعي جي ڪجھ فاصلي تي هڪ ٻي مسجد به آهي جيڪا پڻ هڪ مغل بيگم جي يادگار آهي. هي مسجد جيڪا، ”سنهري مسجد“ سڏجي ٿي، مغل بادشاهه احمد شاهه جي ماءُ ۽ محمد شاهه جي گھر واري قدسيه بيگم ٺهرائي هئي. ان مسجد جي گنبذ تي جيڪي سون جا پٿر چڙهيل هئا، اهي انگريزن جي زماني ۾ لاٿا ويا. ليڪن ان جي حسن جو تناسب خوبصورت ۽ سِڌا مينار، هڪ وڃايل عظمت جي نشاندهي ڪن ٿا. قدسيه بيگم دهليءَ ۾ هڪ باغ لڳرايو هو، جيڪو اڄ تائين ان جي نالي سان مشهور آهي.

همايون مقبري جي تعمير سان قدسيه بيگم جي جوڙايل مسجد تائين ٻن سالن جو زمانو گذريو آهي. انهن ٻن صدين ۾ مغل بيگمات ۽ شهزادين فن تعمير کي ترقي وٺرائڻ ۾ نمايان ۽ قابل قدر حصو ورتو آهي.

مغليه خاندان جي انهن عورتن جي ذوق ۽ شوق  کي ڏسندي اهو خيال ٿئي ٿو ته آگري ۾ شاهجھان پنهنجي محبوب ملڪا جي آخري قيام گاهه طور تي جيڪا عمارت ٺهرائي، اها ڪٿي ممتاز محل جي ڪنهن خواب محل جي پڄاڻي ته ناهي، جيڪو هن ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ ڏٺو هوندو. ڇا، سنگ مرمر جو هي حسين ۽ لاثاني تحفو هڪ ادس ۽ غمزده ذهن جو تخليق آهي يا ان جو نسوان حسن  ڪنهن خوبصورت شاهڪار جي تصور ۾ ئي اچي سگھي ٿو؟ ڪتاب لڙي-”انصاري“ فيض پور خورد-لاهور، ڊسمبر1996ع جي ٿورن سان [                                     

عورت جي صحت ۽ قوم جي خوشحالي

 

انسان جي صحت تي ڪيترن شين جو اثر  پوي ٿو ، تندرست هجڻ جي لاءِ پيدائشي صحت ، خاص عرصي تائين ماءُ  جو کير، طاقت واري غذا، مخصوص صحت جي باري ۾ ڄاڻ ، سستي ۽ معقول علاج تائين پهچ، هڪ صاف سٿرو، پيار ۽ محبت وارو ماحول  ضروري آهي.

هونئن ته تندرستي هر انسان جي وڌڻ ويجھڻ جي لاءِ اهم آهي، پرعورتن جي ترقي  جو  صحت سان خاص  تعلق آهي. اُهو انهي ڪري آهي جو عورتون ٻار ڄڻين ٿيون، پالين ٿيون  ۽ گھر ۾ بيمارن جي سار سنڀال به عورتن جي ذمي هوندي آهي،اڳوڻي زماني ۾ گھر جون وڏيون (نانيون ۽ ڏاڏيون) هونديون هيون، جن وٽ طبعي۽ علمي روايتي نسخن جو ذخيرو هوندو هو ۽ اُ هو علم نسل درنسل منتقل ٿيندو هو.

وقت سان گڏ روايتي طبعي علاج کي اڳ جي ڀيٽ ۾ گھٽ اهميت ڏني ٿي وڃِي ۽ ماڻهو جديد طبعي نسخن جي لاءِ اسپتالن جا چڪر ٿا لڳائين. جديد طبعي سهوليت جي ڪمي سان گڏ هن طبعي نظام جي باري ۾ ڄاڻ معلومات  ماڻهن خاص ڪري  عورتن وٽان نه هئڻ جي برابر آهي. جڏهن ته پراڻي طبعي ڄاڻ آهستي آهستي  وساري پئي وڃي ان سان عورتن جي پنهجي صحت جي ذميداري پوري ڪرڻ ۾ ڪيتريون مشڪلاتون  پيش اچن ٿيون.

اگر ٻارن جو تعداد وڌيڪ هجي ۽ پيدائش جي دوران وقفو گھٽ هجي ته ماءُ جي صحت تي سٺو اثر ڪونه پوندو. جيئن ته ماءُ جي صحت جو اثر اڳين نسلن تي پوندو آهي، ان لاءِ ڪمزور ماءُ ڪمزور ٻار کي  جنم ڏيندي آهي.

پاڪستان ۾ تقريباً 30 فيصد  گھراڻن جي غربت جي ڪري  کاڌي جون بنيادي  ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين، جنهن جو گھڻو اثر عورتن ۽ ڇوڪرين جي صحت تي پوي ٿو. انهن ۾ خون جي گھٽتائي، مردن ۽ ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي.

2. ڪمزور ڇوڪري وڏي ٿي ڪمزور عورت ٿيندي  ۽ عورت ڪمزور ٻار کي جنم ڏيندي. پاڪستان ۾ ماءُ ۽ ٻار  جي مرڻ جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڏيڪ آهي.

3- غربت جي ڪري عورتن تي ڪم جو بار ٻيڻ تي هوندو آهي. عورتون گھر ۾ ڪم ڪرڻ کانسواءِ ، آمدني جي وڌائڻ جي لاءِ به ڪم ڪن ٿيون.ٻهراڙي جي عورت تي ڪم جو بار تمام گھڻو هوندو آهي.اُتي  جي عورت گھر جو ڪم، مال چارڻ ۽ گاهه ڪرڻ کانسواءِ  پري پري تائين  پاڻِي ڀرڻ به ويندي آهي، جنهن  ڪري ان جي صحت تي تمام خراب اثر پوي ٿو.

4-پاڪستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻِي جي فراهمي نه هئڻ  جي ڪري  بيماريون ڦهلجن ٿيون ۽ عورتن جي ذميداري وڌي  وڃي ٿي.

5- جديد طبعي سهوليتون عام ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن.ٻهراڙي ءَ ۾ ته حالتون وڌيڪ خرب آهن.اڪثر ٻهراڙي جي عورتن کي تربيت يافته دايون ۽ هيلٿ ورڪرز نه ٿيون ملن، ۽ نه ئي هو اسپتالن تائين پهچن ٿيون. ان ڪري اهي تعويذ ۽  ڦيڻا ٽوڻا ڪن ٿيون،يا وري غير تربيت يافته ڊاڪٽرز جي ور چڙهي  وڃن ٿيون، اهڙي نموني انهن جي صحت وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي.

6-صحت جي باري ۾ ڄاڻ عام عورتن کي ڪونه هوندي آهي. هو پنهنجي لاعلمي جي ڪري پنهنجي يا پنهجن گھر وارن جي صحت جي  صحيح سار سنڀال نه ٿيون ڪري  سگھن.

7- گھٽ آمدني وارن گھرن ۾ مائرن جي مصروفيت  ڪري  ٻارڙين تي ننڍي عمر ۾ گھر جي ڪم  جو بار پئجي وڃي ٿو، ان ڪري انهن جي جسماني ۽ ذهني صحت متاثرٿئي ٿي.

8-غذا جي گھٽتائي جي ڪري  ڇوڪرين  جو وزن گھٽ،  قد ننڍو ۽ ڪلهن جي هڏين جي نشونما ناقص رهجي وڃِي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾  انهن کي حمل ۽ ٻار جي پيدائش دوران ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو.

9-علاج ۾ ٻارڙين تي گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. ڏٺو ويو آهي ته گورنمينٽ اسپتالن  ۽ پرائيويٽ ڊاڪٽرز وٽ گهڻو ڪري ڇوڪرن جو علاج ڪرايو ٿو وڃي.

10-ڪيترن ئي  علائقن ۾ ڇوڪرين جي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي ويندي آهي، عام طور تي ڇوڪريون جلدي مائر ٿي وڃن ٿيون. ان عمر ۾ ڇوڪرين جو جسم اڃا ماءُ بنجڻ جو بار نٿو سنڀالي سگھي، ان ڪري ان جي صحت  تي خراب اثر پوي ٿو.

11-پاڪستان ۾ اڪثر ڪري  عورتون تقريباً 6 ڀيرا اميد سان  ٿين ٿيون.،گھڻا ڀيرا اميد سان ٿِيڻ جي صورت ۾ انهن جي جسم ۾ رت جي گھٽتائي ٿي پوندي آهي، جنهن سان چيلهه ۽ ٽنگن ۾ گھڻو ڪري سور رهي ٿو.

12- ٻار جي ماءُ جو کير تمام گھڻو اهم آهي، پر گھڻن ٻارن کي  مسلسل کير پيارڻ سان ماءُ جي صحت متاثر ٿئي ٿي.  خاص ڪري جڏهن غذائي  ضرورتون پوريون نه واپرائيندي هجي.

13-عورتن جي زندگي جو بنيادي مقصد ٻار پيدا ڪرڻ سمجھيو ويندو آهي، پر عورتن کي نه ته اميد واري هئڻ  جي صورت ۾  طبعي سهوليت مهيا ڪئي ٿي وڃِي  نه ٻار جي پيدا  ٿيڻ کانپو ءِ ڪا سهوليت ڏني ٿي وڃي. عورت کي ته پنهنجن ٻارن جي تعداد جي باري ۾ به فيصلي ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي.

 

اسين چاهيون ٿيون

1-   بنيادي صحت جي سارسنڀال ۽ آبادي جي پروگرامن جي لاءِ بجٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي.

2-   صحت ۽ آبادي جي شعبي ۾ پاليسي سازي، فيصله سازي ۽ انتظامي سطح تي عورتن جي نمائندگي وڌائي وڃي.

3-   ذرائع ابلاغ  جي ذريعي  عورتن جي  صحت  جي باري ۾ معلومات فراهم ڪئي وڃي .

4-   روايتي علم کي فروع ڏنو وڃي، ۽ ذراع ابلاغ  جي ذريعي عام ڪيو  وِ‎ڃي.

5-   صاف پاڻي جي فراهمي گھرن تائين مڪمل بنائي وڃي.

6-   صحت جي عملي ۾ عورتن جو تعداد وڌايو  وڃي، خاص ڪري ٻهراڙي جي علائقن ۾ ليڊيز ڊاڪٽر جي مقرري  يقيني بنائي وڃي، انهن لاءِ  خاص سهوليتون ڏنيون وڃن.

7-   ٻهراڙي جي عورتن جي بنيادي سهوليت لاءِ ليڊي هيلٿ وارو پروگرام  جاري رکيو وڃي.

8-   ڳوٺ وارن جون تنظيمون، خاص ڪري عورتن جون تنظيمون  صحت  جي مرڪز جي نگراني ۾ شامل ڪيون وڃن.

9-   خانداني منصوبابندي جي پروگرام کي  شرح پيدائش ۾ ڪمي جي مختلف طريقا فراهم ڪرڻ  ۽ عورتن کي صحيح رهنمائي، مشوري فراهمي  جي لاءِ  استعمال ڪيو وڃي.

10-         ڪم ڪرڻ وارين عورتن جي ٻارن جي لاءِ ويجھو نرسري  سينٽر قائم ڪيو وڃي، جتي هو انهن کي  پنهنجو کير پياري سگھن ۽ انهن جي صحِيح سار سنڀال لهي سگھن.

11-         گھٽ آمدني وارن گھرن جي لاءِ  هڪ قومي صحت بيما  پاليسي ٺاهي  وڃِي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com