مون چيو ٺيڪ آهي مٿي ئي وجهي ڇڏ اهو به سٺو ٿيندو آهي.“
آخر ڪار سائيڪل تي سوار ٿيس. پهريون ئي پير هلائڻ سان سمجهيم ته
جيئن ڪو مئل ماڻهو هڏيون ٽڙڪائي پنهنجي مرضيءَ
خلاف زندهه ٿيندو هجي. گهر کان نڪرندي ئي ٿوري
چاڙهي هئي. ان تي سائيڪل پنهنجو پاڻ هلڻ لڳي. پر
ان رفتار سان جيئن تارڪول زمين تي وهندو آهي ۽ ان
سان گڏ مختلف حصن مان قسمين قسمن جا آواز اچڻ شروع
ٿيا. انهن آوازن جا مختلف خاندان هئا. چي چان چون
جي قسم جا آواز گهڻا (گدي) سيٽ جي هيٺان ۽ پوئين
ڦيٿي مان نڪرن پيا... کٽ، کڙ، کرڙ کرڙ جي قبيلي جا
آواز مڊ گارڊ مان اچن پيا. چر چر قسم جا سر وري
زنجير ۽ پيڊل مان نڪرن پيا. زنجير ڍلي هئي. جڏهن
به پيڊل تي زور وجهان پيو ته زنجير ۾ هڪ ڇڪ پيدا
ٿي پئي وڃي. جنهن سان اها ڇڪجي چرڙ ڪري ڳالهائڻ
شروع ڪري پئي ۽ ٻيهر ڍلي ٿي پئي وڃي. اڳيون ڦيٿو
گهمڻ کان علاوه جهومي به پيو، يعني هڪ ته اڳيان
هلي پيو ۽ ان کان علاوه ساڄي کان کاٻي ۽ کاٻي کان
ساڄي پاسي حرڪت به ڪري رهيو هو. ان ڪري روڊ تي
جيڪي نشان ٺهي رهيا هئا. تن کي ڏسي ائين لڳي پيو
ته ڄڻ ڪو نانگ لهرائيندو نڪري ويو آهي.
اڳيئن ڦيٿي جي ٽائر ۾ هڪ وڏو جوڙ لڳل هو. جنهن ڪري ڦيٿو هر چڪر
۾ هڪ ڀيرو مٿي اٿي وڃي پيو. ۽ منهنجو مٿو ائين
جهٽڪا کائي رهيو هو ڄڻ ڪو مسلسل کاڏيءَ جي هيٺان
مڪون هڻندو هجي. پوئين ۽ اڳئين ڦيٿي کي ملائي چون
چون ڦٽ ڦٽ چڄون، چڄون، جي صدا نڪري رهي هئي. جڏهن
هيٺان روڊ تي سائيڪل ڪجهه تيز ٿي ته فضا ۾ هڪ هلچل
مچي وئي ۽ سائيڪل جي ڪيئي پرزا جيڪي هينئر تائين
ستل هئا. ڄڻ جاڳي پيا. هيڏانهن هوڏانهن ماڻهو
پريشان ٿيا. مائرن پنهنجن ٻارن کي ڇاتي (سيني) سان
لڳايو. کرڙ کرڙ جي وچ ۾ ڦيٿن جو آواز الڳ ٻڌڻ ۾
اچي پيو. پر جيئن ته سائيڪل هينئر پهرين کان تيز
هئي. تنهن ڪري چون چون ڦٽ ڦٽ جا آواز هاڻي چڄون ڦٽ
چڄون ڦٽ واري صورتحال اختيار ڪري ورتي هئي. سڄي
سائيڪل ڪا آفريڪي ٻولي ڳالهائي رهي هئي.
ايتري قدر تيز رفتاري سائيڪل جي نازڪ طبيعت تي نا گوارا محسوس
ٿي. تنهنڪري ان ۾ هڪدم ٻه تبديليون اچي ويون هڪ ته
هئنڊل هڪ پاسي گهمي ويو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو
ته مان وڃان ته سامهو پيو، پر منهنجو سڄو بدن ساڄي
پاسي مڙي ويو. ان کان علاوه سائيڪل جي گدي (سيٽ)
اندازاً ڇهه انچ هيٺ ٿي وئي. تنهن ڪري پيڊل
گهمائڻ لاءِ جڏهن مان ڄنگهون هيٺ مٿي ڪري رهيو هيس
ته منهنجا گوڏا کاڏيءَ تائين پهچي پيا وڃن. چيلهه
ٻيڻي ٿي ٻاهر نڪري آئي هئي. ۽ اڳئين ڦيٿي جي مستين
جي ڪري مٿو مسلسل جهٽڪا کائي رهيو هو.
گدي جو هيٺ ٿيڻ گهڻي حد تائين تڪليف ڏيندڙ ٿابت ٿيو. انڪري مون
مناسب اهو سمجهيو ته ان کي ٺيڪ ڪرائي ڇڏيان. سو
مان سائيڪل بيهاري ۽ هيٺ لٿس. سائيڪل جي بيهندي ئي
ڄڻ دنيا ۾ سڪون ڇانئجي ويو. ائين لڳو جيئن ڪنهن
ريل جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو هجان. کيسي مان
اوزار ڪڍي، هيندل ٺيڪ ڪري ٻيهر سوار ٿيس. ٻه قدم
مس هليو نه هيس ته هينڊل هڪدم هيٺ ٿي ويو. ايتري
قدر جو گدي هاڻي هينڊل کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوٽ کن
مٿي هئي. منهجو سڄو بدن اڳيان جهڪيل هو. سڄو وزن
ٻنهي هٿن تي هو جيڪي هينڊل تي رکيل هئا. ۽ جهٽڪا
کائي رهيا هئا. اوهان منهنجي حالت کي تصور ڪيو ته
اوهان کي معلوم ٿيندو ته مان پريان کان ائين لڳي
رهيوهوس جيئن ڪا مائي اٽو ڳوهيندي هجي. مون کي ان
مشاهبت جو احساس تمام تيزيءَ سان ٿيو. جنهن جي ڪري
منهنجي نرڙ تي پگهر اچي ويو. مان اکيون آڏيون ڪري
هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن کي ڏسندو پيو وڃان.
هونئن ته هر شخص ميل کن پهرين ئي مڙي مڙي ڏسي رهيو
هو. پر انهن ۾ ڪو به اهڙو نه هو، جنهن لاءِ منهنجي
اها نازڪ حالت قابل رحم هجي. هينڊل ته صفا هيٺ ٿي
ويو هو. هڪ ڇوڪري چيو. ”ڏسو اهو ماڻهو ڇا پيو
ڪري.“ ڄڻ ان جي نظر ۾ مان ڪو ڪرتب (تماشو)
ڏيکاريندو هجان. مان لهي وري هينڊل ۽ گدي کي مٿي
ڪيو.
پر ٿوريءَ ديرکان پوءِ انهن مان هڪ نه هڪ وري وري هيٺ ٿي پيو
وڃي. اهي لمحا جن دوران منهنجا هٿ ۽ جسم ٻئي برابر
هڪ ئي بلنديءَ تي اچن تمام گهٽ هئا ۽ ان دوران به
اهو سوچيندو رهيس ته هينئر گدي هيٺ لهندي يا هينڊل
تنهنڪري بهادر ٿي نه ويٺس پاڻ کي گديءَ کان ڪجهه
مٿي ئي رکان پيو. پر ان سان هينڊل تي ايترو وزن
پئي پيو جو اهو هيٺ ٿي پيو وڃي.
جڏهن ٻه ميل گذري ويا ۽ سائيڪل جي اٿ ويهه باقاعدگي اختيار ڪئي
. تڏهن فيصلو ڪيم ته ڪنهن مستريءَ کان وڃي نٽ
مظبوط ڪرائجن، سو سائيڪل هڪ دڪان تي کڻي ويس.
سائيڪل جي کرڙ کرڙ ۾ جيترا ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا. سڀ ڪنڌ کڻي
مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. پر مان به آڪڙجي چوڻ لڳس.
”ٿورو هن جي مرمت ڪري ڏيو.“
هڪ مستري اڳيان وڌيو. لوهه جي هڪ شيخ ان جي هٿ ۾ هئي جنهن سان
هن سائيڪل جي مختلف حصن کي وڄائي (هڻي) ڏٺو. لڳو
ته هن ڏاڍي تيزيءَ سان حالتن جو جائزو ورتو. پر
پوءِ به مون کان پڇڻ لڳو. ”ڪهڙي ڪهڙِي پرزي جي
مرمت ڪرائيندين!“
مون چيو: ”ڏاڍو نالائق آهين تون، ڏسين پيو ڏسين پيو ته صرف
هينڊل ۽ گديءَ کي مٿي ڪرائڻو آهي.بس ٻيو ڇا؟“
مهرباني ڪري انهن کي ٺيڪ ڪري ڏي. ۽ ٻڌاءِ ڪيترا
پئسا وٺندين.
مستري چوڻ لڳو ”مڊ گارڊ به ٺيڪ ڪري ڇڏيان؟“
مون چيو: ”ها اهو به ٺيڪ ڪري ڇڏ.“
چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن باقي شين کي به ٺيڪ ڪرائي وٺندين ته بهتر
ٿيندو.“
مون چيو ”چڱو ٺيڪ ڪري ڇڏ.“
چيائين ته ائين ڪيئن ٿي سگهندو ڏهن پندرهن ڏينهن جو ڪم آهي.
اوهان ان کي هتي ڇڏي وڃو....“
”۽ پئسا ڪيترا وٺندين؟“
چيائين ”بس ڏيڍ ٻه سؤ لڳندا.“
مون چيو. بس ٿي چڪو ڪم جيڪو ڪم توکي چيو آهي اهو ڪر باقي معاملن
۾ دخل نه ڏي.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ هينڊل ۽ گدي ٻِيهر مٿي ڪري مضبوط ڪري
ڏنائين. مان هلڻ لڳس ته مستري چيو.
”مان ٺيڪ ته ڪري ڏنا آهن پر پيچ جون چوڙيون گسي ويون آهن. هينئر
ٿوري دير ۾ ئي سڀ ڍلا ٿي ويندا.“
مون چيو. ”بدتميز ڪٿي جا، پنج رپيا مفت جا ورتا اٿئي؟“
چيائين، ”سائين، اوهان کي اها سائيڪل به ته مفت ۾ ملي هوندي.
اها اوهان جي دوست مرزا صاحب جي آهي نه؟ للو هي
اها سائيڪل آهي جيڪا گذريل سال مرزا صاحب هتي وڪڻڻ
آيو هو. سڃاتي تو ”ادا صديون گذري ويون پر ان
سائيڪل جي خطا معاف ٿيڻ ۾ ئي نٿي اچي.“
مون چيو ”مرزا صاحب جوپٽ ان تي ڪاليج ايندو ويندو هو. ان کي اڃا
ڪاليج ڇڏئي ٻه سال به پورا ڪونه ٿيا آهن.“
مستري چيو ”ها اهو ته ٺيڪ آهي پر مرزا صاحب پاڻ جڏهن ڪاليج ۾
پڙهندا هئا ته سندن وٽ به ته اها ئي سائيڪل
هوندي.“
اهو ٻڌي منهنجي طبيعت ڪجهه مردار ٿي وئي. مان سائيڪل کڻي آهستي
آهستي پنڌ هلڻ لڳس. پر پر پنڌ هلڻ به مشڪل هو. ان
سائيڪل کي هلائڻ ۾ اهڙو ته عضون تي زور پيو هو. جو
عام سائيڪل هلائڻ ۾ نه ٿيندو آهي. سو ڄنگهن، ڪلهن،
چيلهه، ۽ ٻانهن ۾ ايتري قدر تڪليف ٿي رهي هئي. جو
برداشت کان ٻاهر مرزا جو خيال رکي رکي اچي پيو. پر
مان هر ڀيري ڪوشش ڪري ان کي دل مان هٽائي پيو
ڇڏيان. نه ته مان چريو ٿي وڃان ها. ۽ جنون جي حالت
۾ پهرين حرڪت مون کان اها ٿئي ها جو مرزا جي گهر
جي سامهون. بازار ۾ هڪ جلسو ڪيان ها. جنهن ۾ مرزا
جي مڪاري بي ايماني ۽ دغابازيءَ تي هڪ وڏي تقرير
ڪيان ها. ايندڙ نسل کي مرزا جي ناپاڪ فطرت کان
واقف ڪيان ها. ۽ ان کان پوءِ باهه ٻاري ان ۾ ٽپو
ڏئي سڙي مري پوان ها.
مون چڱو اهو سمجهيو ته جنهن طرح به ٿئي هاڻي ان سائيڪل کي گهٽ
وڌ وڪڻي جيڪو وصول ٿئي ان تي صبر ۽ شڪر ڪندس. ڀلي
پنجاهه سٺ روپين جو نقصان ٿئي. اڍائي سؤ جا اڍائي
سؤ ته ضايع نه ٿيندا. رستي ۾ هڪ سائيڪلن جو دڪان
ڏسي اتي بيهي رهيس.
دڪاندار وڌي مون وٽ آيو. پر منهنجي زبان کي ڄڻ تالو لڳي ويو
هجي. سڄي حياتي ڪنهن شِيءِ کي وڪڻڻ جي نوبت نه آئي
هئي. مون کي اها به ڄاڻ نه هئي ته اهڙن موقعن تي
ڇا چئبو آهي. آخر ڏاڍي سوچ ويچار کان پوءِ وات مان
صرف ايترو نڪتو ته ”اها سائيڪل آهي.“
دوڪاندار چيو ”پوءِ؟“
مون چيو ”وٺندين؟“
چوڻ لڳو ”ڇا مطلب؟“
مون چيو ”وڪڻان ٿو مان.“
دڪاندار مون کي اهڙين نظرن سان ڏٺو جو مون کي لڳو جيئن منهنجي
مٿان چوري جو شڪ ڪري رهيو هجي. پوءِ سائيڪل کي
ڏٺئين..... ٻيهر مون کي ڏٺائين. ائين لڳي پيو ته
فيصلو نٿو ڪري سگهي. ماڻهو ڪهڙو آهي ۽ سائيڪل ڪهڙي
آهي. آخر چيائين.
”ڇا ڪندا توهان ان کي وڪڻي....؟“
اهڙن سوالن جو جواب خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو آهي. مون چيو ”تون اهو
پڇڻ چاهين ٿو ته جيڪي پئسا مون کي وصول ٿيندا.
انهن جو ڇا ڪندس؟“
چوڻ لڳو. ”اهو ته ٺيڪ آهي پر ڪو ان کي وٺي ڇا ڪندو؟“
مون چيو ”ان تي چڙهندو ٻيو ڇا ڪندو.“
چوڻ لڳو. ”چڱو چڙهي ويو پوءِ ....؟“
مون چيو. هلائيندو ٻيو ڇا؟“
دڪاندار چيو ”چڱو هونهه..... خدا بخش ٿورو هيڏانهن اچ اها
سائيڪل وڪڻجڻ آئي آهي.“
جنهن حضرت جو نالو خدا بخش هو. ان پري کان ئي ڏٺو بو سونگهيندو
هجي.
ان کان پوءِ ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي. آخر ۾ جنهن جو نالو خدابخش
هو. مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو. اوهان هن کي واقعي وڪڻي
رهيا آهيو؟“
مون چيو ”ته ٻيو ڇا. محض اوهان سان ڳالهائڻ جو شرف حاصل ڪرڻ
لاءِ مان گهران اهو بهانو بنائي آيو هيس ڇا؟“
چوڻ لڳو: ”ته وٺندا ڇا اوهان.“
مون چيو ”تون ئي ٻڌاءِ؟“
چوڻ لڳو، ”سچ سچ ٻڌايان؟“
من چيو. ”ها“
ٻيهر چوڻ لڳو. ”سچ سچ ٻڌايان؟“
مون چيو. ”هاڻي ٻڌائيندين به يا ائين ئي ترسائيندين؟“
چوڻ :ڳو. ”پنجاهه رپيا ڏيندس، ان جا.“
منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو ۽ هٿ پير چپ ڪاوڙ جي ڪري ڏڪڻ لڳا. مون
چيو.:
”اي صنعت ۽ حرفت سان پيٽ پالڻ وارا خصيص انسان! مون کي پنهنجي
توهين جي پرواهه ڪانهي پر تو پنهنجي هلڪڙائپ سان
ان بي زبان شيءِ کي جيڪو صدمو پهچايو آهي. ان لاءِ
مان توکي قيامت تائين معاف نه ٿو ڪري سگهان. ”اهو
چئي مان سائيڪل تي ويهي تيز تيز پير هلائڻ لڳس.
مشڪل سان ويهه قدم به نه ويو هوندس ته خبر پئي ته مان زمين تي.
ڄڻ زمين جي اندران گذري ويو هجان ۽ هيڏانهن هڏانهن
جي عمارتن هڪٻئي سان پنهنجي جاءِ تبديل ڪئي هجي.
جڏهن هوش آيو ڏٺم ته مان زمين تي اهڙي بي تڪلفيءَ
سان ويٺو آهيان، ڄڻ گهڻي مدت کان پوءِ جنهن شيءِ
جو شوق هو. اڄ پورو ٿيو هجي. آمهون سامهون اهو
دڪان هيو هينئر مان پنهنجي ناڪام ڳالهه ٻولهه جو
سلسلو ختم ڪيو هو. مون غور ڪيو _ خبر پئي منهنجي
سائيڪل جون اڳيون ڦيٿو بلڪل الڳ ٿي روڊ جي ٻئي
پاسي پهچي چڪو هو ۽ باقي سائيڪل مون وٽ پئي هئي.
مون هڪدم پاڻ کي سنڀاليو. جيڪو ڦيٿو الگ ٿي ويو هو
ان کي هٿ ۾ کنيم ۽ ٻئي هٿ ۾ بچيل سائيڪل پڪڙي هلڻ
شروع ڪيم. اها محض هڪ غير فطري حرڪت هئي، نه ته
اها سائيڪل مون کي هر گز ايتري پياري نه هئي. جو
ان کي اهڙي حالت ۾ کڻي ڦران ها.
جڏهن مان اهي سڀ کڻي هلڻ لڳس ته مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو . ”اهو
تون ڇا ڪري رهيو آهين.ڪيڏانهن پيو وڃين؟ تنهنجو
ارادو ڇا آهي؟ اهي ٻه ڦيٿا ڇو کڻي پيو وڃين؟“
سڀني سوالن جو جواب اهيو مليو ته ڏٺو ويندو. في الحال تون هتان
هل، اهي سڀ ماڻهو توکي ڏسي رهيا آهن. ڪنڌ مٿي رک ۽
هلندو رهه ۽ جيڪي کلي رهيا آهن. انهن کي کلڻ ڏي.
اهڙي قسم جا بيهوده ماڻهو هر قوم ۽ هر ملڪ ۾ هوندا
آهن. آخر ڇا ٿيو؟ محض هڪ حادثو. بس هيڏانهن
هوڏانهن نه ڏس. هلندو رهه.
ماڻهن جا طنزيا جملا به ٻڌڻ ۾ اچن پيا. هڪ آواز آيو: حضرت ڪاوڙ
ٿا ڪيو، ٻئي چيو. ”بي حيا سائيڪل گهر پهچي توکي
مزو چکائيندس.“ هڪ بزرگ پنهنجي پٽ جي آڱر جهلي وڃي
رهيو هو، مون ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳو: ”ڏس پٽ
اهيا سرڪس جي سائيڪل آهي ان جا ٻئي ڦيٿا الڳ
ٿيندا آهن.
پر مان هلندو رهيس. ٿوري دير کان پوءِ آباديءَ کان ٻاهر نڪري
آيس. هاڻي منهنجي رفتار ۾ گهٽتائي اچي چڪي هئي.
منهنجي دل جيڪا ڪافي دير کان ڪشمڪش ۾ گهيريل هئي.
هاڻي گهڻي هلڪي ٿي چڪي هئي. مان مسلسل هلندو رهيس.
ايتري قدر درياءَ تي وڃي پل جي مٿان بيهي ٻنهي
ڦيٿن کي هڪ هڪ ڪري اهڙي بي پرواهيءَ سان درياءَ ۾
ڦٽو ڪيو، ڄڻ جيئن ڪو ليٽر بڪس ۾ خط وجهندو آهي.
پوءِ واپس شهر روانو ٿيس. سڀ کان پهرين مرزا جي
گهر ويس.
دروازو کوليو، مرزا چيو ”اندر اچ.“
مون چيو. ”اوهان ٿورو ٻاهر اچو. اوهان جهڙن خدائي بزرگن جي گهر
۾ وضو ڪرڻ کان بغير ڪيئن داخل ٿي سگهان ٿو.“
مرزا صاحب ٻاهر آيو ته مون اهو اوزار ان جي خدمت ۾ پيش ڪيو،
جيڪو هن سائيڪل سان مفت ۾ مون کي عنايت ڪيو هو. ۽
چيو ”مرزا صاحب اوهان ئي ان اوزار سان شوق فرمايو.
مان هينئر ان کان بي نياز ٿي چڪو آهيان.“
گهر پهچي مون ٻيهر ڪيميسٽريءَ جي ڪتاب جو مطالعو شروع ڪيو. جيڪو
مون ٻارهين جماعت ۾ پڙهيو هو.
رڌ پچاءُ
زبيده پنهور
آچار گوشت
گهربل شيون: گوشت اڌ ڪلو ڌؤنرو اڌ ڪلو سونف، ڪلونجي ٻه چانهه جا
چمچا، بصر ٻه عدد ڳاڙها مرچ ڇهه سڄا لوڻ ذائقي
مطابق، گيهه اڌ پيالي، ساوا مرچ ٻه ڪٽيل، سڄا ڌاڻا
ٻه چانهه جا چمچا،
ترڪيب: گيهه ۾ بصر وجهي برائون ڪجي ۽ گوشت وجهجي سٺي نموني
ڀڃجي ساوا مرچ ڳاڙها مرچ سڄا ڌاڻا پيهي ڌؤنري ۾
وجهجن ۽ گوشت ۾ گڏائجن، جڏهن گوشت اڌ ڳري وڃي ته
سونف ۽ ڪلونجي وجهجي پوري طرح ڳارجي. جڏهن گوشت
ڳري وڃي ته ان کي چڱيءَ طرح ڀڃجي. جڏهن گيهه ڇڏي ۽
خوشبو اچي ته پوءِ لاهي وٺجي.
بيضن جا ميسو:
گهربل شيون: بيضا ڇهه عدد بادام هڪ ڇٽانگ، ساوا ڦوٽا پنج عدد،
گيهه اڌ پاءُ عرق گلاب هڪ چمچو. کنڊ هڪ پاءُ.
ترڪيب: بادام ڇلي سنهڙا پيهو. ڦوٽن جا داڻا به پيهو. هڪ ديڳڙي ۾
بيضا (ٽوڙي) کنڊ ۽ گيهه ۾ وجهي هلڪي باهه تي ايتري
دير پچايو جو گيهه بيضن ۾ حل ٿي وڃي. چمچو لاڳيتو
هلائيندا رهو. پوءِ تسري ۾ ٿورو گيهه لڳائي بيضي
کي ان ۾ ڦهلائي ڇڏيو ۽ بادام، ڦوٽا ۽ سونف مٿان
ڇٽيو. ٿورو ٿڌو ٿئي ته پوءِ پنهنجي پسند سان چوڪور
يا ڊگها ٽڪرا ڪٽيو. ميسو تيار آهي.
مٺا سموسا:
گهربل شيون: ميدو هڪ ڪلو، ڪشمش هڪ ڇٽانگ، بادام هڪ ڇٽانگ،
ڇنهارا هڪ ڇٽانگ، ناريل هڪ ڇٽانگ گيهه ضرورت موجب.
ترڪيب: ڪشمش، بادام، پستا، ڇهارا ۽ ناريل سنهڙا ڪترا ڪجن کند جي
چاش تيار ڪجي، هاڻي ميدي ۾ هڪ ڇٽانگ گيهه مٺي سوڍا
۽ ڪٽيل شيون ملائي سٺي طرح ڳوهجي ميدو سخت هئڻ
گهرجي يعني وڌيڪ نرم نه هاڻي ميدي کي ٻه حصا ڪجي ۽
هر حصي ۾ ڳوهيل ميدو وجهي ٽڪنڊا سموسا ٺاهي، ترجن
هلڪا برائون ٿيڻ تي لاهي رکجن. |