وشال
غزل
ڇو چوين ٿي ته تو ۾ نه آ دل ڪشي؟
او مٺي! تون محبت جي آن زندگي!
تو بنا دير جو چيو وساري ڇڏيو.
هي ڪٿي ٿي مون کان پر ٿئي خودڪشي!
هي حياتي ته هونئن رات ڪا ڄڻ اماس،
ياد تنهنجي ئي آهي فقط روشني!
ڪجهه چوڻ جي ڪري ٿي وئينءَ چپ تون،
ڇو جهڪايئي اکين جي کلي آرسي؟
غم لڪايان به پر پيار ڪيئن ٿو لڪي،
اڄ سکڻ آءٌ توکان گهران ٿو سکي!
ويس جنهن رنگ جو تون ٿي پائين اهو،
رنگ سڀني رنگن کي ڪري ٿو لڄي!
ڪو به توکي ڏسي جي نه وهه وا ڪري،
پو ته چئبو مري آ وئي عاشقي!
عڪس جنهن ۾ نه تنهنجو ڏسي ٿو وشال،
سا ڀلا مان ڪيئن چوان آهي خوشي!؟!
خنساء بنت عمرو
عرب جي شاعرن مان ته گهڻائي مشهور ٿي گذريا آهن، پر زالن مان
خنساء ڌيءَ عمروءَ جي، عربي شاعريءَ ۾ جا ڪماليت
حاصل ڪئي. سا ٻئي ڪنهن کي حاصل نه ٿي. هوءَ قبيلي
”بني سليم“ جي سردار ”عمرو بن شريد“ جي ڌيءُ هئي.
حضرت محمد صلعم کان ڏهه ورهيه اڳي هوءَ ڄائي هئي.
ننڍي هوندي ئي، عربن جي رواجي دستور موجب، هوءَ
ڪڏهن ڪڏهن ٻه چار شعر چئي ويندي هئي. جوانيءَ ۾
ڏاڍي حسن واري ٿي: ”ديرد بن الصمة“ ”هوازن“ جي
قبيلي جو مشهور ٻڍو شاعر، مٿس عاشق ٿيو. انهيءَ
سندس تعريف ۾ وڏا قصيدا لکيا. شاديءَ جي لاءِ هن
کي چوايائين. پر هن جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجي قبيلي
جا خوبصورت جوان ڇڏي، تو ٻڍي سان شادي نه ڪنديس.“
تنهن تي ڪاوڙجي، هن ٻيو قصيدو لکيو: انهيءَ جي
جواب ۾ وري خنساء پنهنجو قصيدو لکيو. انهيءَ ٻن
بيتن جو مطلب هي آهي ته ”بيشڪ تون ڏاڍو فياض آهين
_ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي فياضي ٿي سگهي ٿي، جو تو
پنهنجن ڏندن جا موتي به ڏيئي ڇڏيا! جهڙيءَ مشڪلات
سان ڪو ٽوٻو سمنڊ مان ڳولي موتي لهي ٿو، تهڙيءَ
مشڪلات سان، ماڻهوءَ جي نگاهه، تنهنجي منهن تي
تنهنجو اکيون ڳولي ٿي!“ پر اها اڃا خنساء جي شعر
گوئيءَ جي شروعات هئي: پوءِ جو هن جا ڀائر قتل
ٿيا، ۽ درد غم مٿس ڪاهي آيا، تڏهن ته سندس شاعري
ڪماليت کي پهتي. انهيءَ جو مختصر قصو هيئن آهي:
انهيءَ قبيلي بني سليم جو، قبيلي بني انس سان وڙهڻ
جو اتفاق ٿيو. ان ۾ خنساء جو ڀاءُ، مڪاولي نالي،
مارجي ويو. ۽ ماٽيجو ڀاءُ ”صخر“ زخمي ٿيو، ۽
نيزي جي سيني ۾ لڳڻ ڪري ڦڦڙ ئي نڪري آيو هوس.
انهيءَ صخر سان خنساء جي ڏاڍي محبت هئي، جو هو
ڏاڍو عقلمند سخي ۽ بهادر هو. بيماريءَ ۾ هن جي
گهڻي ئي خدمت ڪيائين، پر ورهيه کن کان پوءِ هو به
مري ويو. انهيءَ ڏک ۾ هن صخر جي غم ۾ شعر لکڻ شروع
ڪيا. اهي مرثيا اهڙا درد ناڪ هئا، جو ٻڌندڙن جي دل
ڪباب ٿي ٿِي. شاعريءَ جي اها شاخ، يعني مرثيي گوئي
اصل کان خاص زالن جو ئي حق آهي. جي مرثيا مڙسن
لکيا آهن، تن ۾ به هنن رڳو زالن جي پيروي ڪئي آهي.
رسول صلعم جي ڏينهن ۾ ”بدر“ جي جنگ ۾ گهڻن ڪافرن
کي قتل ڪيو هو، ۽ جدا جدا شاعرن پنهنجن پنهنجن
سردارن لاءِ مرثيا لکيا: ليڪن جهڙا مرثيا ”فتيله“
هڪڙيءَ قريشيءَ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ چيا آهن. اهڙا
ٻئي ڪنهن جا نه آهن. اهي پنهنجا مرثيا پنهجي پيءُ
جي قتل ٿيڻ ڪري لکيا هئا. هوءَ اهو مرثيو پڙهندي
اچي لنگهي. حضرت رسول جن اصحابن سان گڏ مسجد ۾
ويٺا هئا: هن جو مرثيو ٻڌي ڏاڍو رنائون. ۽ فٽيله
کي سڏي ڏاڍادلاسا ڏنائونس، ۽ اڳتي لاءِ حڪم ڏنائون
ته جيترو ٿي سگهي اوترو قريشين کي نه ماريو.
”خوله“ جا مرثيا به مشهور آهن، جي پنهنجي ڀاءُ
”اضرار“ جي قيد ٿيڻ تي لکيائين. اهڙن مرثين، بعضي
وقت عرب ۾ دنگا فساد ۽ جنگيون مچائي ڏنيون آهن. ليڪن ”خنساء“ انهن سڀني
کان گوءِ کڻي ويئي آهي. مثال لاءِ ٻن ٽن بيتن جو
مضمون هتي ڏجي ٿو:
”اي منهنجون ٻئي اکيون! اوهين روئو ۽ بس نه ڪريو. ڇو اوهين صخر
جي لاءِ نه ٿيون روئو: انهيءَ جوان مرد سردار
لاءِ ڇو نٿيون روئو؟“
عرب ۾ دستور هوندو هو ته ٺهرايل وقت تي هر سال ميلو لڳندوهو.
جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چوندا هئا. ۽ جتي سڀ قبيلن جا
ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. قومي ڪمن لاهڻ کان پوءِ
سڀ شاعر گڏ ٿي پنهنجو شعر پڙهندا هئا، ۽ مصنف
فيصلو ڪندا هئا ته ڪنهن جو شعر سڀ کان بهتر آهي.
انهيءَ ميلي يا قومي مجلس ۾ به ”خنساء“ جو شعر
لاجواب ۽ لاثاني ثابت ٿيو. جڏهن اهڙن ميلن ۾ هوءَ
اٺ تي چڙهي ايندي هئي. تڏهن سڀ ٻيا شاعر هن جي
چوڌاري ڦري بيهندا هئا، ۽ منتظر هوندا هئا ته هن
جو ڪو نئون شعر ٻڌون. هڪڙي ڀيري ٻي هڪڙِي مشهور
شاعر زال هند بنت عتبه به اتي آئي ۽ خنساء سان
مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجا مرثيا پڙهيائين، جو هن تي
به خنساء وانگي مصيبت پيل هيون، ۽ سندس پيءُ چاچو
۽ ڀاءُ ٽي ئي جنگ ۾ مارجي ويا هئا. مشهور مرد شاعر
نابغه سندس وچ ۾ امين ۽ منصف ٿيو، خنساء جو شعر
يعني مرثيو ۽ قصيده ٻڌي حيران ٿي ويو، ۽ فيصلو
ڪيائين ته خنساء اڄوڪي زماني ۾ سڀني شاعرن کان مٿي
آهي.
خنساء ڏاڍي شريف ۽ اعليٰ طبيعت جي هئي. ڀاڻس صخر به اهڙو ئي
وڏيءَ دل وارو هو. ننڍيون تڪليفون هو پنهنجي نفس
تي خوشيءَ سان سهي ويندا هئا: انهيءَ ڪري هنن ٻنهي
ڀاءُ _ ڀيڻ جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، جا عرب ۾ ضرب
المثل ٿي ويئي هئي. عرب ۾ دستور هو ته هڪڙي قبيلي
جو شاعر ٻئي قبيلي جي شاعر جي هجوَ يا سِٺ ڪندو
هو: پرخنساء ڪنهن جي به ڪڏهن هجو نه ڪئي. پنهنجي
ڀاءُ جي قاتل هاشم لاءِ ماڻهن گهڻو ئي چيس ته
انهيءَ جو هجو شعر ۾ ڪر پر هن ائين ڪرڻ کان انڪار
ڪيو، ۽ انهيءَ جي بدران هڪڙو مزي جهڙو قصيدو
چيائين، جنهن جو پهريون بيت هي آهي:
وقالو الا نهجو فوارس هاشم،
ومالي واهداءِ انحنا ثم ماليا.
(يعني ماڻهو چون هاشم جي سوارن جي هجو ڇونٿي ڪرين، ڀلا مون کي
اجائيءَ بڪ ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو _ ۽ پوءِ ڪهڙو
فائدو؟)
عرب هجو کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا. جو انهيءَ جي ڪري اهو قبيلو
ساري ملڪ ۾ بدنام ٿيندو هو. اهڙو هجو ڪرڻ وارو
جڏهن ڪنهن تجويز سا نقيد ٿي ويندو هو، تڏهن انهيءَ
کي گهوڙي وانگي لغام چاڙهيندا هئا: انهيءَ هوندي
به هو ڪين رهندا هئا. هڪڙي هجو ڪندڙ شاعر کي خليفي
حضرت عمر ٽي هزار درهم ڏنا هئا ته مسلمانن جي هجو
نه ڪري.
خنساء پوءِ نيٺ پنهنجي قبيلي سوڌي مسلمان ٿي، ۽ حضرت جن اڪثر
سندس شعر ٻڌندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. خنساء اڪثر
بيبي عائشه وٽ وڃي ويهندي هئي، ۽ انهيءَ کي به
پنهنجا شعر ٻڌائيندي هئي. خنساء همت واري به ڏاڍي
هئي. حضرت عمر جي زماني ۾ ”قادسيه“ جي جيڪا مشهور
جنگ ٿي، تنهن ۾ هوءَ پاڻ به حاضر هئي، ۽ سندس چار
پٽ به جنگ کان هڪڙو ڏينهن اڳي، هن اهڙن جوش وارن
لفظن ۽ شعرن ۾ پٽن کي وڙهڻ لاءِ ترغيب ڏني. جو هنن
کي جنگ جي انتظار ۾ رات گذارڻ لڳي. صبح ٿيڻ سان سڀ
کان اڳي هو وڃي وڙهيا، ۽ چارئي هڪ ٻئي پٺيان هڪ
ٻئي کي ڏسندي قتل ٿي ويا. هي حال ڏسي خنساء پنهنجي
جگر تي هٿ ڏيئي ڏاڍو روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”خدا
جو شڪرانو آهي هو شهيد ٿيا! آءٌ هنن کي انهيءَ هنڌ
ملنديس جنهن هنڌ خدا جي رهمت جو پاڇو هنن جي مٿان
هوندو.“
حضرت عمر هن جي گهڻي تعريف ڪئي. ۽ سندس چئني پٽن جو پگهار هن کي
مقرر ڪري ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ خنساء پنهنجو
سڄو وقت گوشي نشين ٿي، خدا جي عبادت ۾ گذاريو. سن
41 هجري (سن 661ع) م 84 ورهين جي عمر ۾ وفات
ڪيائين.
جين ايڊمز
مشهور فئلسوف سويڊن بورگ لکيو آهي ته ”بنا ڪنهن معاوضي جي ٻين
جي خدمت ڪرڻ ئي اصل خدمت خلق آهي.“ جين ايڊمز سچ
پچ انهيءَ تعريف جي لائق عورت آهي. هن آمريڪا جي
شهر شڪاگو ۾ مستحق ۽ نادار ماڻهن لاءِ ”هل هائوس“
نالي شهر آباد ڪيو جيڪو اڄ تمام گهڻو مشهور آهي.
جين پنهنجي سڄي زندگي دولت سک ۽ آرام غريب عوام
لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اڄ انهيءَ خدمت خلق جي ڪري جين
پنهنجي دور جي عظيم عورت ۽ آمريڪا جي مشهور خدمت
گذار عورت ليکي وڃي ٿي.
جين ايڊمز آمريڪي رياست الي نائس جي شهر سيڊرويل ۾ 1880ع ۾
ڄائي. هوءَ پنهنجن سڀني ڀيڻن ڀائرن کان ننڍي هئي.
ننڍپڻ ۾ ئي هن جي ماءُ وفات ڪري وئي. ۽ جين جي
پرورش سندس پيءَ مسٽر ايڊمز ڪئي. هو هڪ وڏو
ڪاروباري ماڻهو هو. ۽ رياست جي سينٽ جو 16 سالن
تائين ميمبر به رهيو. هن پنهنجن ٻارن کي سدائين
پاڻ سان گڏ رکيو. جين پيدائشي طور تي ڪمزور ڇوڪري
هئي هن جي پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ور هو، هوءَ سڄي عمر
انهيءَ مرض ۾ مبتلا رهي. پنهنجي صحت خراب هجڻ جي
باوجود هوءَ فطرت جي هر پهلوءَ جو مطالعو ڪندي
هئي، ۽ ڏاڍي جوش خروش سان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف
رهي.
جين اڃا ستن سالن جي مس هئي جو هن محسوس ڪيو ته انساني زندگي
سڀني لاءِ هڪ جهڙي ڪانهي کيس ان ۾ گهڻو فرق محسوس
ٿيو، پر انهيءَ عمر ۾ غربت جو سبب ۽ نتيجو سمجهي
نه سگهندي هئي. هن کي اهو احساس هو ته اها نا
انصافي آهي جو ڪو غريب هجي ۽ ڪو امير هجي. جين جو
چوڻ هو ته ”مون اهو فرق محسوس ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾
غربت جي باوجود ماڻهو صحت مند آهن. پر ننڍي کان
ننڍي شهر ۾ به غربت سان گڏ بيماري گند ۽ غلاظت
آهي. مون کي ياد آهي ته مون پنهنجي پيءَ کان اهو
سوال پڇيو ته هي ماڻهو انهن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ هڪ
ٻئي سان گڏو گڏ ڇو ٿا رهن؟ منهنجي پيءَ مون کي ان
جو جواب ڏنو هو ۽ مون وڏي اعتماد سان اهو ارادو
ڪيو هو ته آءٌ وڏي هوندي، وڏي ۽ سٺي گهر ۾ ضرور
رهنديس. پر منهنجو گهر وڏن وڏن گهرن بدران اهڙين
بدصورت ۽ گندين جهوپڙين جي وچ ۾ هوندو هو.“
جين اڃا اٺن سالن جي هئي ته پهريون ڀيرو هن جي برابريءَ واري
خواهش جي آزمائش ٿي. هن جي پيءُ هڪڙو نيري رنگ جو
خوبصورت ڪوٽ هن کي وٺي ڏنو هو. جنهن کي جين تمام
گهڻو پسند ڪندي هئي. هڪ آرتوار (موڪل) جي ڏينهن تي
هوءَ پنهنجي پيءُ سان هڪڙو مدرسو ڏسڻ پئي وئي ۽
اهو ڪوٽ پاتائين، تنهن تي سندس نيڪ دل پيءُ چيس ته
هي نئون ڪوٽ پائي نه هل، ڇو ته اتي ٻيا اهڙا ٻار
به هوندا جن وٽ پائڻ لاءِ اهڙا سٺا ڪپڙا ڪونهن، ۽
هنن کي ڏک ٿيندو. جين لکي ٿي ته ”مون اهاڳالهه
هڪدم مڃي، پر دل سان نه. ڇو ته منهنجي دل ۾ ان وقت
ايترو جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو جيڪو قرباني ڏيڻ سان
پيدا ٿيندو آهي.“
جين جو پيءُ مسٽر ايڊمز اهڙي صلح پسند عيسائي فرقي ۾ پيدا ٿيو
هو.
جنهن کي ”ڪويڪر“ ڪري سڏيندا هئا. مسٽر ايڊمز جو خيال هو ته هن
جي خيالن ۽ ويچارن جو هن جي اولاد تي اثر هئڻ
گهرجي
هو آمريڪي صدر ابرهام لنڪن جو دوست به هو. ابرهام لنڪن مسٽر
ايڊمز کي جيڪي خط لکيا هئا. انهن به جين تي وڏو
اثر وڌو.
1877ع ۾ جين سترهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ يوناني ۽
رياضيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پر هن کي تاريخ پڙهڻ
جو ڏاڍو شوق هو. هن کي ننڍي هوندي تاريخ جو تمام
سٺو استاد مليو هو. جين لکي ٿي ته ”منهنجي پيءُ
مون کي ”ملو ٽارڪ“ جون لکيل آتم ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ
ڏنيون ۽ پڙهڻ کان پوءِ آءٌ کيس اهي ياد ٻڌائيندي
هيس ۽ هر ڀيري ٻڌائڻ کان پوءِ مون کي پنج سينٽ
انعام طور ڏيندو هو. جڏهن مون کيس جارج واشنگٽن جي
حياتيءَ جو احوال پڙهي ٻڌايو ته هر جلد ٻڌائڻ تي
مونکي پنجويهه سينٽ انعام ڏيندو هو.“
ڪاليج جي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ جين فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي
زندگي ڪنهن مقصد لاءِ وقف ڪري. هن جي مرضي هئي ته
ڊاڪٽر ٿي غريب ماڻهن جي خدمت ڪري. ڇو ته جيئن جيئن
هو وڏي ٿيندي وئي هن ۾ اهو احساس عمر سان گڏ وڌندو
ويو. جين فلاڊيلفيا رياست جي عورتن جي ميڊيڪل
ڪاليج ۾ داخلا ورتي. پر پٺيءَ جي ڪنڊي جي تڪليف
ڪري گهڻو وقت اسپتال ۾ داخل رهي ۽ پوءِ صحت جي
خرابي ڪري ٻه سال يورپ ۾ رهي. اتي هوءَ انهن ملڪن
جي پٺتي پيل پاڙن ۾ ويندي هئي. جتي هن کي وڌيڪ
پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. ۽ اميري ۽ غريبيءَ ۾
گهڻو فرق ڏسي ڏاڍي تڪليف محسوس ڪندي هئي. هن رات
جي ٽائيم تي غريب ماڻهن کي رستي تي پيل سڙيل
ڀاڄيون کائيندي ڏٺو ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ جين آرٽ
ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي هوءَ انهن مزدور عورتن کي
ڪڏهن به وساري نه سگهي جن جون آڱريون ڪم ڪري ڪري
سڄي ۽ سخت ٿي ويون هيون.
جين جو چوڻ آهي ته ”مغربي ملڪن جي سياحت دوران هارين جي خراب
حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. آءٌ هڪڙو منظر ڪڏهن
به وساري نه سگهنديس. هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي مئل جانور
کي جيڪو ڏڪار جي ڪري مري ويو هو، ۽ ٻين جانورن
انهيءَ کي کاڌو پئي پاسي ۾ هڪڙي هارياڻي ۽ سندس ٻن
ٻارن نااميديءَ وچان اهو نظارو بيٺي ڏٺو. انهن
ٻارن جا وار سخت ۽ سج جي تپش جي ڪري ڪارا ٿي ويا
هئا. هنن جا ننڍڙا ننڍڙا پير اهڙا ته ڪارا ۽ سخت
هئا ۽ اهڙا نشان هئا جو ڪنهن جانور جا پير ٿي لڳا.
جيتوڻيڪ بن مانس جيڪي ماڻهن وانگر هوندا آهن. سي
به خوش و خرم لڳندا آهن. پر انهن ٻارن جي منهن تي
ڪو به خوشيءَ جو نشان ڪونه هو.“
انسانن جي اهڙي حالتن ۽ منظرن کي ڏسي، جن ۾ انسان حيوان کان
بدتر زندگي پئي گهاري، جين کي ڏاڍو ڏک پهچندو هو.
هوءَ سمجهڻ لڳي ته انسان جي تهذيب کي جيڪڏهن انسان
ذات جي ڀلائي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته هو
خودغرضيءَ جو ذريعو بنجيو وڃي. جين پنهنجي ماحول
آرام ۽ سک واري زندگيءَ کان مطمئن ڪانه هئي. هن
سوچيو ته شڪاگو ۾ اهڙن ضرورتمند ماڻهن لاءِ اهڙو
گهر قائم ڪيو وڃي جتي هوءَ ٻين سان گڏجي هنن جي
خدمت ڪري سگهي. انهيءَ ڳالهه ۾ جين جي ننڍپڻ جي
ساهيڙي ايلن اسٽار به هن جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
جنوري 1889ع ۾ جين آمريڪا واپس اچي شڪاگو ۾ اهڙي گهر جي ڳولا
ڪئي. گهڻي ڳولا کان پوءِ نيٺ هنن کي هڪڙو وڏو گهر
مليو، جيڪو اڳتي هلي ”هل هائوس“ جي نالي سان مشهور
ٿيو. جين ۽ سندس ساهيڙي اسٽار 1889ع ۾ انهيءَ گهر
۾ رهڻ لڳيون.
انهيءَ گهر جي مالڪياڻيءَ کي جڏهن جين جي ارادي جي خبر پئي ته
نه فقط هن مسواڙ ڪانه ورتي پر جين جي انهيءَ
منصوبي لاءِ ٻي زمين به ڏني: جنهن تي هل هائوس جا
تيرهن ٻيا گهر به ٺهرايا ويا. هل هائوس پهريائين
شڪاگو ۾ اهڙي طرف هو. جنهن جي چوطرف اطالوين،
يونانين، روسين يهودين جا گهر هئا. ان وقت شهر جون
گهٽيون حد کان وڌيڪ گنديون ۽ غليظ هيون. اسڪول
تمام گهٽ ۽ گندا هئا. رستن جو فرش ڪچو هو. پاڻيءَ
جي نيڪال جو به ڪو بندو بست ڪونه هو. ان وقت جا
واپاري ۽ ٺيڪيدار تمام ظالم هئا. هنن دڪانن کي
ننڍن ننڍن تهه خانن ۾ بدلائي ڇڏيو هو. انهيءَ
گندگي جي ڪري مزدورن جي صحت تمام خراب هئي. جين
آهستي آهستي نئين آباد ڪاريءَ جو ڪم شروع ڪيو.
جين کي نئين آبادڪاريءَ لاءِ رضاڪار ملڻ لڳا. هڪڙي عورت صبح جو
ننڍڙن ٻارن کي پڙهائڻ ايندي هئي. هڪڙي ٻي مائيءَ
ٻارن جو ڪلب قائم ڪيو، جنهن کي ”ننڍڙن هيروئن جي
ڪليسا“ جو نالو ڏنو ويو. هوءَ ٻارن کي پراڻي زماني
جي بهادرن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. جن کي
ٻڌي ٻار به اهڙا ڪردار ٿيڻ جا خواب ڏسندا هئا. هل
هائوس ۾ پهرين ڪرسمس جي موقعي تي جين لکي ٿي ته
”جيتوڻيڪ ان وقت منهنجو هٿ تنگ هو ۽ مون کي ٻارن
لاءِ مٺائي ۽ بوٽ وٺڻا هئا. مون ان ڪري ابراهام
لنڪن جي حياتيءَ تي لکيل ڪتابن جا پنجويهه جلد
وڪڻي ڇڏيا.“
ستت ئي هل هائوس ۾ ڇوڪرين کي سلائي ڀرت ۽ رڌ پچاءُ سيکارڻ جو
ڪلاس کوليو ويو. ۽ ڇوڪريون سکي، جيڪي ڪپڙا سبنديون
هيون سي کين ڏنا ويندا هئا. جين ننڍڙن ٻارن لاءِ
نرسري کولي. هوءَ چوي ٿي ته ”اسان کي انهن ٻارن
سان ملڻ جو موقعو مليو، جن جون مائرون سڄو ڏينهن
محنت مزدوري ڪرڻ وينديون هيون. پهريائين هو پنهنجن
ٻارن کي ڪنهن پاڙي واريءَ جي حوالي ڪري وينديون
هيون. انهيءَ پاڙي مان اسان کي ٽي اهڙا ٻار مليا،
جيڪي انهيءَ سبب ڪري معذور ٿي ويا هئا. انهن مان
هڪڙو ٻار ٽئين منزل جي دريءَ تان ڪري پيو هو. ٻيو
سڙي ويو هو، ۽ ٽئين جي ٻٺيءَ جو ڪنڊو مڙي ويو هو
جو ٽن سالن تائين هن جي ماءُ هن کي رڌڻي ۾ ميز سان
ٻڌي ڪم تي ويندي هئي. ٻار کي رڳو ٻنپهرن جو ٿوري
دير لاءِ ڀاءُ ڪم تان اچي کوليندو هوس ۽ ماني
کارائي وري ٻڌي ويندو هوس. گرميءَ جي ڏينهن ۾ وري
ٻارن کي ڪمري ۾ بند ڪرڻ ممڪن نه هو ته مائون هنن
کي گهر کان ٻاهر ڪڍي گهر کي تالو هڻي وينديون
هويون. پوءِ ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن گرميءَ ۾ ٻاهر
رستي تي ڀٽڪندا وتندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هل هائوس
اچي نڪرندا هئا. اسين انهن کي ماني کارائينديون
هيون سين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻار ماني کائي مٺ ۾
ڀڪوڙيل گرم گرم پئسو ڪڍي اسان کي ڏيندو هو. جيڪو
هن جي ماءُ شيءِ وٺڻ لاءِ ڏيئي ويندي هيس. ٻارن جي
اهڙي حالت ڏسي اسان نرسري کولڻ جو انتظام ڪيو
نوروز جي ڏينهن تي اسين اپهاهج گهر مان پوڙهن
ماڻهن کي دعوت ڏيئي گهرائيندا هئاسين. اسان وٽ
اچي هو ٿوري وقت لاءِ پنهنجيون بيماريون ۽
پريشانيون وساري خوش ٿينداهئا. ”جين هر سال محتاج
خاني مان ٻن هفتن جي موڪل تي ماڻهن کي هل هائوس ۾
رهڻ لاءِ گهرائيندي هئي. جتي هنن جو خاص خيال رکيو
ويندو هو ۽ سٺي ماني کارائي ويندي هئي. واپس وڃڻ
مهل اهي ماڻهو ڏاڍو اداس هوندا هئا. ۽ واپس وڃي
انهن ٻن هفتن جي خوشگوار ڏينهن کي ياد ڪندا هئا ۽
ايندڙ سال جو انتظار ڪندا هئا.
1890ع ۾ هل هائوس ۾ مزدورن کي سماجي علم سيکارڻ لاءِ ڪلب قائم
ڪيو ويو. جتي وڏا وڏا مشهورماڻهو اچي تقريرون ڪندا
هئا. مزدور ڇوڪرين جي رهڻ لاءِ به ڪلب کوليو ويو.
جنهن جو نالو ”جين ڪلب“ رکيو ويو. جيڪو تمام گهڻو
مشهور ٿيو. هڪڙي ماڻهو ان ڪلب لاءِ ويهه هزار ڊالر
چندو موڪليو. پر جڏهن جين کي خبر پئي ته اهو ماڻهو
پنهنجي ڪارخاني جي مزدورن کي تمام گهٽ پگهار ڏيندو
آهي ته جين اهو چندو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪڙي
ٻي نيڪ دل ماڻهوءَ جين ڪلب لاءِ عمارت ٺهرائي ڏني.
1893ع ۾ هل هائوس ۾ موسيقيءَ جي تعليم لاءِ اسڪول
کوليو ويو. جين جو خواب هاڻ حقيقت بنجندو ويو. هل
هائوس جي ڪم کان سواءِ جين ٻين محاذن تي به ماڻهن
جي خدمت ۾ مصروف هئي. هن ڪارخانيدارن سان وڙهي الي
نائيس اسٽيٽ ۾ اهو قانون پاس ڪرايو جنهن ۾ مٺائيءَ
جي دڪانن جي صفائيءَ جا قاعدا مقرر ڪيا ويا. چوڏهن
سالن کان گهٽ ٻارن جي پورهئي ڪرائڻ تي بندش وڌي
ويئي. جين شهر شهر جو دورو ڪندي رهي ۽ پنهنجين
تقريرن ۾ ماڻهن کي بيداري جو سبق ڏيندي رهي. جين
جي ڪوشش سان ڪي ٻيا به اصلاح نافذ ڪيا ويا جن ۾
مزدورن ۽ سرمائيدارن جي جهڳڙن کي نبيرڻ لاءِ هڪڙو
سرڪاري بورڊ قائم ڪيو ويو، سرڪاري نگرانيءَ ۾
روزگار جي ڳولا لاءِ هڪڙو ادارو قائم ڪيو ويو ۽
مزدورن کي قانوني طور تي ڪجهه رعايتون ڏنيون ان
کانسواءِ هن ڪوڪين جي وڪري خلاف وڏي جدوجهد
ڪئي.آخرڪار 1908ع ۾ ڪوڪين فروشي کي ڏوهه قرار ڏنو
ويو. 1899ع ۾ ڏوهه ڪندڙ ٻارن جي خاص عدالت قائم
ڪئي وئي ۽ هل هائوس طرفان ٻارن جي ڏوهن ۾ گهٽتائي
ٿي. جين هميشه ٻارن جي راند، ورزش ۽ تفريح تي زور
ڏيندي هئي جيئن هنن جو ڌيان ٻين ڳالهين ڏانهن نه
وڃي.
جين شڪاگو جي تعليم واري شعبي جي ميمبر به رهي. هن 1910ع ۾ سينٽ
لوئيس رياست ۾ رفاحي اصلاحن جي قومي ڪانفرنس جي
صدارت ڪئي.
جڏهن پهرين جنگ عظيم شروع ٿي ته هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ آئينده
جنگين کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳي.
هوءَ جنگ خلاف آمريڪي عورتن جي مجلس عامله جي ميمبر ٿي.
عورتن جي تنظيم ”امن جماعت“ جي پهرين ميمبر منتخب ٿي ۽ دائمي
صلح لاءِ عورتن جي بين الاقوامي ڪميٽيءَ جي صدر
چونڊي وئي. هن 1919ع ۾ جين جي خاص عزت افزائي ٿي
جو هوءَ عورتن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي صدر
چونڊي وئي. هن 1915ع ۾ هيگ جي مجلس امن 1919ع ۾
زيورچ جي امن ڪانفرنس ۾ 1921ع ۾ ويانا جي امن
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
جين ڪافي ڪتاب به لکيا جن ۾ ”عمراني نظرئي ۽ مستقبل تي جمهوري ۽
سماجي اخلاقيات“،”امن جا نوان نصب العين“ بنا صفيا
۽ هڪ پراڻي ضر!“ ۽ هل هائوس جي باري ۾ ٻه ڪتاب
لکيا. جين عورتن جي اظهار راءِ واري تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو ورتو. ۽ هو آخري عمر تائين انسان ذات جي ڀلائي
جي ڪمن ۾ مصروف رهي.
احسان دانش
سونهن
سونهن
ڪنهن گلاب وانگر آ
جنهن ۾
رنگ
خوشبو، ۽ رعنائي
هوندي آهي
پر تون
پنهنجي سونهن تي غرور نه ڪر.
ڇو ته
سونهن به
گلاب وانگر
پنهنجو جوڀن ماڻي
مرجهائجي
ڇڻي پوندي آهي.
پر تون يقين رک
آءٌ پوءِ به
توسان پيار ڪندس
ڇو ته آءُ
ٽاري مان ڪريل
مرجهايل
گلن سان به
پيار ڪندو آهيان
شايد:
انهيءَ جي ڪري جو
اهي ڪوماڻيل گل
مونکي پنهنجي جوڀن جون
آکاڻيون ٻڌائيندا آهن.
زرينه بلوچ
سرجي تان سور
قسط: 5
مهرباني اڄ توهان نه هجو ها ته.....
پر مون کي جيئري رهڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اهڙي زندگيءَ کان
موت ڀلو آهي.“
ڇا تون مون کي پنهنجي مجبوري ٻڌائيندين؟ ٿي سگهي ٿو ته آءٌ
تنهنجي ڪم اچي سگهان.“
”آءٌ توکي ضرور ٻڌائينديس. ڇو ته تو منهنجي حياتي بچائي آهي.
مصيبت ۽ خطري وارن گهڙين ۾ جيڪو انسان ذات جي خدمت
ڪري ٿو اهو انسان عظيم ليکيو وڃي ٿو. سو هاڻي ته
آءٌ ڳوٺ به واپس موٽي وڃي نٿي سگهان. بس هتي پني
پيٽ پاليندي آهيان. ۽ مهاڻن جا ڄار ڳنڍيندي آهيان.
هاڻي ته ائين ٿو لڳي ته منهنجو پٽ به بکن“ ۾ پاهه
ٿي مري ويندو. ڇو ته منهنجي ڇاتين ۾ ڦڙي به کير جي
ڪونهي. اسان کي اها جي خبر هجي ها ته هن حال کي
رسنداس سين ته ڳوٺ ڇڏيون ئي نه ها.“
ڪومل هڪ اونهو ٿڌو ساهه کڻي مائيءَ کي چيو. ”ٺيڪ ٿي ويندو.
تنهنجون به حالتون بدلجي سگهن ٿيون.“ ڪومل جي اکين
اڳيان هن فيشني مائيءَ جو ڪتو ۽ کير جي پليٽ ڦرڻ
لڳا. هيڏانهن هڪ ماءُ ۽ سندس ٻار بک کان
بيحال..... هن جي دل ٻڏڻ لڳي. ”انهيءَ کان ته اسين
مري وڃون ته چڱو غريب کي ته جيئڻ جو به حق ڪونهي.
هيءَ دنيا ڄڻ ٺهي اميرن ڌارين جي عيش لاءِ آهي ته
جيئن هو زندگيءَ جو هر مزو ماڻين.“ ”نه نه آءٌ
انهن مان ناهيان.“ مائيءَ جي ڳالهين سندس دل م
جهير وجهي ڇڏيا. هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي
هلندي وئي. ۽ سندس اکين آڏو تنبو، بٺيون“ سمنڊ جون
ڇوليون ڪتاب، ريشمي ڇٽيون، فيشني مايون، امريڪي
جهنڊو ۽ بورڊ تي لکيل اکر ”چينين ۽ ڪتن کي اندر
اچڻ جي جهل آهي.“ ڦرندا رهيا.
ڪومل تون گهمڻ هلي وئينءَ. آءٌ وري تنهنجي نوڪريءَ لاءِ شهر
هليو ويس. اڄ به مئجسٽريٽ ڪونه مليو. پر تون فڪر
نه ڪر توکي نوڪري ملي ويندي. مئجسٽريٽ منهنجو
ننڍپڻ جو يار آهي. آءٌ تولاءِ منٿ ڪندو سانس. تون
مونکي بلڪل پنهنجو سمجهه نوڪري توکي ملي ويندي.“
ڪومل سوچ ۾ گم ٿي وئي ته ”ڳالهه ته ڳري ٿي نه ڏوڪڙ آهن جو موٽي
وڃان نه گهر اٿم.“ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان. سؤٽ به
نه مليو نوڪري به الائجي ملي يا نه؟“
نبي بخش ڏٺو ته هوءَ ڪنهن گهري سوچ ۾ گم آهي سو وري چوڻ لڳو.
”هتي توکي ڪابه تڪليف ڪانه ٿيندي. تون دلجاءِ ڪر،
تو اڄ سڄو ڏينهن ماني ڪانه کاڌي هوندي.“
ڪومل کي نبي بخش جي پنهنجائپ تي يقين اچي ويو. ايتري ۾ نبي بخش
پهريدار کي هڪل ڪري چيو ته ”ڪومل لاءِ گهران ماني
کڻي اچ.“ پوڙهو ڊوڙندو ماني کڻي آيو. نبي بخش ٻاهر
هليو ويو. ڪومل جي اڳيان مانيون ۽ تريل بيضا رکيل
هئا. پر ڳڻتي ۽ فڪر کان سندس بک اڏامي وئي هئي.
گهران جڏهن هوءَ پنهنجي ساهيڙي مرڪ وٽ ٽي ڏينهن وڃي رهي هئي.
تڏهن هن ڪيترين ساهيڙين کي نوڪريءَ لاءِ چيو هو ۽
پنهنجي سؤٽ جي ايڊريس به ڏني هئي. پر هفتو گذري
ويو هو ڪٿان به خط جو جواب نه آيو. هيڏانهن
مئجسٽريٽ جي به ڪا خبر نه پي پئي. هاڻ کيس دل ۾ شڪ
پيدا ٿيو ته متان ساڻس ڪا ٺڳي ته نه پئي ٿئي. ڇو
ته نبي بخش هر ڀيري کيس چيو پئي ته ”سڀ ٺيڪ ٿي
ويندو. تون فڪر نه ڪر نوڪري ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي
رڳو همراهه اچي. ڀلا تون دل ۾ نه ڪرين ته توکان
هڪڙي ڳالهه پڇان: تنهنجي شادي ٿيل آهي يا رڳو مڱڻو
ٿيل آهي.“ جڏهن به نبي بخش ايندو هو ته ور ور ڏئي
کانئس اهو سوال ڪندو هو، ائين 10 ڏينهن گذري ويا،
نه مئجسٽريٽ آيو نه وري ڪو خط پٽ! هوءَ نبي بخش جي
بڪ ٻڌڻ کان لهرائڻ لڳي. نيرن ڪري سمنڊ جي ڪناري
نڪري ويندي هئي. سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي ڏسندي کيس
ائين لڳندو هو. ڄڻ سامهون سندس ماءُ شهرو بيٺي
آهي. هوءَ چپن ئي چپن ۾ چوندي هئي ”اما! اما!“
هڪڙي ڏينهن جيئن ئي هوءَ سمنڊ جي ڪناري ٽهلي پئي ته ڪنهن اوچتو
چيس ته نبي بخش مانيءَ لاءِ تنهنجو انتظار ڪندو
هوندو. ڪومل پويان نهاري ڏٺو ته هڪڙو سانورو ماڻهو
بيٺي کليو. هن کيس ڪيترائي ڀيرا سمنڊ تي ڏٺو هو،
پر ڳالهائڻ جو موقعو پهريون ڀيرو هو. هن نوجوان کي
شاگردن وارو خاڪي يونيفارم پاتل هو. وڃ وڃي ماني
کاءُ اجايو پاڻ کي بک ماري پنهنجي صحت خراب نه ڪر.
آخر ڪومل اٿي وڃڻ لڳي، ويندي ويندي هوءَ نوجوان جي
باري ۾ سوچڻ لڳي جيڪو کيس ٻهراڙيءَ جو ته بنهه نه
ٿي لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ سمنڊ تي ويهي ويهي ٿڪجي
پوندي هئي ته سمنڊ جو ڪنارو ڏئي هلڻ شروع ڪندي
هئي. هوءَ ڪيترا ڀيرا انهن ميڙن وٽ بيهندي هئي،
جيڪي اتي گهمڻ ايندا ها.هوءَ خوبصورت بنگلن وٽان
گذرندي هئي. هڪ ڏينهن هوءَ خاڪي خيمن ڏانهن وڌي
وئي ته کيس ڄار ٺاهيندڙ مائي ۽ سندس ٻار ياد اچي
ويا. مائي ته اتي هئي ڪانه پر ٻين مهاڻين ڪجهه
رڌيو پئي. هوءَ ويجهو وڃي پوڙهيءَ کان مائي ۽ ٻار
بابت پڇڻ لڳي.
”ڪير مهاڻي؟ ڪهڙي مهاڻي؟ هتي ته ڪابه مهاڻي ڪانه رهندي آهي.“
ڪومل مهاڻي کي مائي جا مهانڊا ۽ سندس ٻار جا مهانڊا ٻڌائڻ لڳي.
تنهن تي پوڙهي کيس ڏسندي چيو ته ”هن سمنڊ ۾ ٽپو
ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيو. کيس ڪرڻ به اهو ئي گهربو
هو. ڇو ته هن تمام گهڻو ڀوڳيو هو. ننڍڙي ٻار کي به
پاڻ سان گڏ ٻوڙي ڇڏيائين. ڪنهن جي آسري تي ٻار کي
ڇڏي ها. ”ايتري ۾ ڪيترائي مهاڻا ڪومل جي چوڌاري
مڙي آيا. هنن کي عجب لڳو ته هڪ پڙهيل لکيل عورت
ڪيئن نه هڪ غريب مهاڻيءَ جو پڇي پئي. ڪومل ڏاڍي
اداس ٿي اتان موٽي سمنڊ جي آلي واريءَ تان هلندي
هلندي مهاڻيءَ لاءِ سوچيندي رهي. سندس اکين اڳيان
بک کان پاهه ٿيندڙ ٻار ۽ هڏين جو ڍانچو ڦرڻ لڳا.
کيس ان وقت پنهجي ماءُ ياد اچي وئي ته ڪيئن نه
هوءَ دانهون ڪري چئي رهي هئي. ته ”منهنجو ٻار خدا
جي واسطي مون کي واپس ڪريو.“ سندس دل ٻڏڻ لڳي هوءَ
آهستي آهستي ٿڪل بدن ۽ ذهن سان پئي وئي: هن چاهيو
ته گهر وڃي سمهي پوي.
اوچتو ڪنهن کيس سڏ ڪري چيو ”اڇي ڪبوتري بيهه!“ پوءِ هڪڙو مڪروهه
ٽهڪ ٻڌائين. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ٽي چار پٺن
اگهاڙا جوان سمنڊ جي واريءَ تي ليٽيا پيا هئا.
سندس پاسي ۾ سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ رٻڙ جا بتلا ۽ ٻيو
گهڻو ئي سامان رکيل هو. ڪئين شراب جون بوتلون خالي
ڪجهه ڀريل پيون هيون. ڪومل تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي
وڃڻ لڳي ته جيئن هنن کان تمام پري ٿي وڃان ته وري
هڪڙو آواز ٻڌائين ”او نرس اڇڙي ڪپهه جي پوڻيءَ
جهڙي نرم نازڪ نرس هيڏانهن ته اچ. اسين ڏاڍا ٿڪل
آهيون. اچي اسان جي پٺن تي مالش ته ڪر.“
وري گڏو گڏ ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هوءَ سمجهي وئي ته سڀ نشي ۾
مست آهن ڇو ته ٻي ته ڪا به کيس ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي.
هوءَ تپي ڳاڙهي ٿي وئي. آئي اڃا به تڪڙيون وکون
کڻي هلڻ لڳي ۽ پري بيهي اکيون ڪرڙيون ڪري کين
گهوري ڏسڻ لڳي، ۽ پوءِ ڏاڍي اعتماد سان آهستي
آهستي هلڻ لڳي. وري پٺيان ٽهڪن جي آوازن سان گڏ
جملا ٻڌڻ لڳي: ”اڙي ڏسو ذرو به رحم نه آيس ڪيئن نه
ڪاوڙ مان نهاري هلي ويئي.“...... ”يار ماري وئي
اڇي ڪبوتري.“ اڳيان وڃي ڪومل پنهنجين اکين ۾ آيل
لڙڪ اگهڻ لڳي. هوءَ جڏهن ڳوٺ جي ويجهو پهتي ته سج
ٽٻيءَ ۾ هو، هلڪي ميرانجهڙي اوندهه ٿي رهي هئي.
آسمان تي ڪجهه ڪڪر ڇانيل هئا. ٿڪجي ڳوٺ جي ڀرسان
وهندڙ واهه جي ڪناري تي ويهي رهي ۽ ٽڪ ٻڌي وهندڙ
پاڻيءَ جي لهرن کي ڏسڻ لڳي. پريان طوفان اچڻ جا
آثار پئي لڳا ڇو ته هوا مان مٽيءَ جي خوشبو پئي
آئي. هوءَ انهن ڇورن بابت سوچڻ لڳي ته ڪهڙا نه
بيهودا هئا ڪيئن نه گندا جملا پئي چيائون پر پوءِ
هوءَ هڪ مشهور گيت ڳائيندي واريءَ تي لکڻ لڳي.
”منهنجي اکين ۾ جبلن ۽ دريائن جو عڪس آهي. پوءِ
خبر ناهي ڇو منهنجي چولي جو دامن ڳوڙهن سان ڀنل
آهي.“
واهه واهه! هي سٽون مشهور شاعر جون آهن نه؟ ڪنهن سندس پٺيان
بيهي ڳالهايو. هن مڙي نهاريو ته هڪڙو سانورو جوان
کيس داد ڏئي مرڪي رهيو هو. ”ڇا تون شاعره آهين يا
شاعري کي پسند ڪندي آهين؟ پر ڏس ته وهندڙ پاڻيءَ
جي هر لهر به شاعري پئي ڪري ائين ٿو لڳي ڄڻ لهرن
مان هڪڙو مڪمل گيت پيو ٺهي.“ ڪومل اهي اکر ٻڌي
شرمائجي وئي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ۽ واريءَ ۾ ڀريل
ڪپڙا ڇنڊڻ لڳي وارن جون چڳون جيڪي هوا جي ڪري پاڻ
۾ ول ويڙهيءَ جيئن ويڙهجي سيڙهجي ويون هيون تن کي
منهن تان هٽائيندي چوڻ لڳي ”نه نه ...... مونکي
شاعري ڪرڻ نه ايندي آهي.“
ائين چئي هوءَ هلڻ لڳي ته نوجوان چيس ”زوردار مينهن پوڻ وارو
آهي. توکي هاڻ گهر وڃڻ گهرجي، پر تون سڄو ڏينهن
سمنڊ ڪناري پنهنجو وقت ڇو زيان ڪندي آهين؟“
مهرباني تنهنجي وڏي مهرباني ڪا ڳالهه ناهي.“ پر کيس پڻ خبر نه
پئي پئي ته ڇا چئي پئي. کيس ڇا چوڻ گهرجي پوءِ
هوءَ تڪڙيون تڪڙويون وکون کڻي وڃڻ لڳي. اڃا هوءَ
اسڪول کان ٿورو پرڀرو هئي ته وڏ ڦڙو مينهن وسڻ
لڳو. چوڌاري طوفان ۽ انڌوڪار ٿي ويو. هوءَ اڃا به
وڌيڪ تڪڙيون وکون کڻي ڊوڙڻ لڳي. مينهن به چئي ته
اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان! چوڌاري اوندهه انڌوڪار
ٿي وئي ۽ هوءَ رستو وڃائي ويٺي ۽ هڪ چوديواري ڏنل
جاءِ جي کليل وڏي گيٽ اندر هلي وئي. پريان ڪمري جي
دريءَ جي شيشن مان ايندڙ ڪجهه آواز ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ
ڀت جي اوٽ ۾ دريءَ وٽان بيهي ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳي.
”اڙي يار تو هن ڇوريءَ کي ڇا لاءِ پاڻ وٽ ترسايو آهي. توکي
پنهنجي زال کان ڊپ نه ٿو لڳي؟ جي کيس خبر پئجي وئي
ته تنهنجو ڪهڙو حشر ڪندي.“
”يار ڇڏ انهن ڳالهين کي ڇو ٿو اسان جو موڊ خراب ڪرين قسمت سان
اهڙيون سهڻيون ڇوڪريون هسٿ چڙهنديون آهن.“ نبي بخش
جي ايتري چوڻ تي سڀئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا. ڪومل جي تن
بدن ۾ ڄڻ باهه لڳي ويئي. هوءَ لڪي ليئو پائي ماڻهن
کي ڏسڻ لڳي. ٽن بدمعاشن سان نبي بخش شطرنج راند
پئي ڪئي ته ڪچهري به پئي ڪئي. هڪڙو ٿلهو بد معاش
چوڻ لڳو ”يار نبي بخش اها ڇوري تون مون کي ڏي ته
ان جي عيوض منهنجو شهر وارو دوڪان تنهنجو ٿيو.
هونءَ ته مون وٽ ٻه سريتيون اڳيئي آهن، پر هيءَ
لکيل پڙهيل آهي.“ ڪومل ساهه گهٽي سڄي ڳالهه ٻڌڻ
لڳي.“ نبي بخش چوڻ لڳو ”يار اها ڳالهه ڪانهي
منهنجي ڇوڪري لاءِ اهڙي ڪانيت بد ڪانهي پر پاڻ ته
سڀ دوست ڀائرن وانگر آهيون. توهان کان ڪهڙي لڪ
ڪجهه ڏينهن اڳ هو جيڪو الهه ڏنو جج آهي. تنهن مون
تي ڪم رکيو هو ته مون لاءِ ڪا پڙهيل لکيل ڇوڪري
ڳول . ڇو ته سندس زال منهن مهانڊي جي ڪوجهي آهي
سندس منهن تي نٿي پوي. جڏهن منهنجي نظر ڪومل تي
پئي ته مون کي الهه ڏني جي يادگيري پئجي وئي سو
کڻي ڇوڪريءَ تي رحم کائي ڪجهه وقت لاءِ اسڪول
وهاريو اٿم.“ سڀني دوستن جي هٿن ۾ جهليل شطرنج جا
مهرا رڪجي ويا هو هڪ ڪنا ٿي ڪومل جي باري ۾ ٻڌڻ
لڳا. نبي بخش ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو ته
”بدنصيب اهڙي جو الهه ڏنو جج ڪنهن ڪانفرنس ۾ شرڪت
ڪرڻ لاءِ وڏي شهر هليو آهي ۽ هي ڇوڪري مونکي
گهڙيءَ گهڙيءَ نوڪري لاءِ پئي چوي. توهان پاڻ
سوچيو ته ڪنهن ڇوڪريءَ لاءِ نوڪري ڳولڻ ڪيڏي نه
ڏکي آهي. پر سهڻي ڇوڪري لاءِ نوڪري ڳولڻ ڪو مسئلو
ڪونهي.“
”ٺيڪ آهي يار اها ڇوري جج کي نه وڻي ته پوءِ مون کي ڏي. ڏس ته
اسان جي زندگي ڪيتري نه مختصر آهي. آءُ اهڙي سهڻي
ڇوڪري وڃائڻ نٿو چاهيان هن لاءِ آءُ پنهنجي سڄي
دولت قربان ڪري ڇڏيندس.“
اهي ڳالهيون ٻڌي ڪومل جي پيرن هيٺان زمين کسڪندي وئي هوءَ باهه
ٿي وئي ۽ جيئن تيئن ڪري پنهنجي ڪمري تائين وڃي
پهتي. سندس ڪپڙا مينهن ۾ ڀڄي ويا هئا. هوءَ
اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏئي وڃي هنڌ تي ڪري. صدمي
کان سندس بدن ڄڻ رڦيو پئي. ذهن بلڪل ڪم نٿي ڪيس ته
ڇا ڪري. آخر هوءَ آهستي آهستي موٽي پنهنجي حال ۾
آئي ۽ سوچڻ لڳي ته زندگي مٿس ايڏا ظلم ڇو ٿي ڪري،
۽ هوءَ هڪ اهڙي گهر مان ڀڄي نڪتي هئي جتي کيس
طوائف ڪري وڪيو ٿي ويو. هوءَ گهر کان جڏهن ٻي دنيا
۾ آئي ته اها دنيا گهر کان به وڌيڪ گند جو ڍير
نڪتي. هيءَ وڃي ته هاڻي ڪيڏانهن وڃي. هيڏي وڏيءَ
دنيا ۾ ڪير به سندس پنهنجو ڪونه هو جو کڻي کيس
پنهنجي اجهي ۾ رهائي. گهڻي رات گذرڻ کان پوءِ جڏهن
خيال جي دنيا مان هوءَ موٽي تڏهن اٿي لالٽين
ٻاريائين ڏٺائين ته ٽي خط ميز تي رکيا هئا. هن
ڏڪندڙ هٿن سان انهن کي کنيو پهرين هڪڙو خط
کوليائين، جيڪو سندس ساهيڙيءَ جو هو جنهن ۾ لکيو
هوس ته ”تو يونيورسٽيءَ ۾ پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
انهيءَ سان گڏ ڏک واري خبراٿئي ته تنهنجي ماٽيجي
ماءُ ڪنهن وڏيري جي قرض ۾ ڪاري ٿي چڪي هئي. سا قرض
جي ڪري لڪي ڀڄي وئي آهي. تنهنڪري، آءُ توکي نصيحت
ٿي ڪريان ته تون هتي موٽي نه اچج.“
”هوءَ ٺيڪ ٿي چوي ته موٽي نه اچج.“ ٻيو خط کوليائين ته ٻي
ساهيڙيءَ لکيو هوس ته ”نوڪري ڳولڻ ايتري آسان ناهي
جيتري مون ٿي سمجهي تنهنجي نوڪري لاءِ تمام گهڻو
پاڻ پتوڙيو، پر سڀئي مون تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر
دل نه هاري اٿم. تون اچ ته ٻئي گڏجي همت ڪنديوسين.
خدا ڪندو نوڪري ملي ويندي!“ |