سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

 

صفحو :1

سرتيون

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

آهه نور شاهين

 

رُسَ مَ رسڻ گهوريو (سندس شاعريءَ جي مجموعي جو نالو آهي.) جي سرجڻهار محترمه نور شاهين جي اوچتي وڇوڙي ادبي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. نورشاهين علم، ادب ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ وڏو مقام پيدا ڪيو آهي. پاڻ سماجي مصلحت ۽ روايتي بندش سان بغاوت ڪندي، شاعري پيش ڪئي اٿائين. ۽ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ سندس فن ۽ فڪر وڏي حيثيت رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ تانگهه ۽ تڙپ جو گهڻو عمل دخل آهي _ جيئن هن بيت ۾ چوي ٿي:

”پرينءَ جي پسڻ ڪاڻ، آتا منهنجا نيڻ،

نڪي چاهين ننڊ کي، آءٌ نه چاهيان کيڻ،

اچي مومل تون سيڻ، پرت جا پير ڀري!“

جيتوڻيڪ نور شاهين جي سڃاڻپ هڪ برک شاعره جي حيثيت ۾ ٿئي ٿي _ پر پاڻ افسانا ۽ مضمون به لکيا اٿائين. پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، ملتاني ۽ پنجابي ٻولين ۾ لکيو اٿائين. ان کان سواءِ کيس فارسي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي به سٺي ڄاڻ هئي.

سندس ذات جو هڪ روپ نقاد وارو به آهي. هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”حقيقت ۾ اديب ۽ شاعر اهو آهي جنهن وٽ پنهنجو فڪر آهي. باقي جن وٽ فڪر ناهي اهي لڪير جا فقير بنجي زندگي گذارين ٿا. ۽ اهي صرف گفتار جا غازي آهن _ آءٌ انهن کي پسند نٿي ڪيان.“ انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته پاڻ هڪ سڄاڻ، بردبار، بي  ڊپي، بهادر ۽ بيباڪ شخصيت هئي.

اڄ نور شاهين اسان وٽ نه آهي، پر سندس تخليقون هميشه کيس زندهه رکنديون. آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. ۽ سندس پونئرن کي صبر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين!

سندس شخصيت، فن ۽ فڪر تي تفصيلي مضمون ايندڙ شماري ۾ پڙهندا.

نور شاهين جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:

 سڄڻ دل سان دلڙي ملائڻ هليو آ.

وفائن جو وارو وڄائڻ هليو آ.

تون مطلوب منهنجو تون ئي آهين طالب،

ڪڏهن منهنجي دل تي نه ٻيو ايندو غالب،

وڪوڙيئه ونگن ۾ جگر جان قالب،

محبت کي عرشين پڄائڻ هليو آ.

ڀلا ڀال پنهنجا ڀلائڻ هليو آ.

مان سمجهان ٿي ناهين سڄڻ تنگ دل جو.

رکين ڪين ٿو غير ۽ زنگ ٻيو ڪو،

جفا جي نه چوٽين ڪڏهن جنگ تون ٿو.

تڏهن ٿي چوان دل لڀائڻ هليو آ،

اجهيل ديپ دل جو جلائڻ هليو آ.

سندم درد جو تون ئي درمان آهين،

خدائي سندم جو تون سلطان آهين،

ڪٺل کي ڪهڻ جو تون سامان آهين،

ادائن جون ڪاتيون وهائڻ هليو  آ.

غم دوجهان کان ڇڏائڻ هليو آ.

مليا ڇو وڇوڙي جا انعام تنھنجا،

اچن ياد پليل ٿا انجام تنھنجا،

ٻڌائڻ ڀڻي دل جا پيغام تنھنجا،

اهي ڀڻڪا ساڳيا ڀڻائڻ هليو آ.

مون کان  منهنجي هستي وڃائڻ هليو آ.

ڊڄي ڪين دنيا کان هي در ڇڏينديس

وفائن جون ماڙيون  اتيئي اڏيندس،

جفائن جي دنيا وفا ۾ مٽينديس.

اهو گفتو ڀل آزمائڻ هليو آ.

اچي خود به همت وڌائڻ هليو آ.

سندءِ منهن آ مصحف ۽ قرآن منهنجو،

محبت فقط دين ايمان منهنجو،

ثمر آخرت جو هي سامان منهنجو،

منهنجا پار ملاح رسائڻ  هليو آ.

مون کي سرخرو تون بنائڻ هليو آ.

اهي نرگسي نيڻ، ڪاڪل سُنهري،

هو زنجير دل جا، هي بار بحري،

ٻٽا تن ۾ ابرو به ڄڻ ٻآڻ قهري،

انهن ساڻ شاهين کي گهائڻ هليو آ.

اڃايل جي اڃڙي اڃائڻ هليو آ.

 

 سرتيون جي باري ۾:

ماهوار ”سرتيون“ آڪٽوبر 1995ع جو شمارو اوهان  جي هٿن ۾ آهي. اميد ته هن پرچي کي پڙهي جلد کان جلد پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪندا. جهڙيءَ طرح اوهان  (پڙهندڙ) اسان سان تعاون ڪندا رهو ٿا ان لاءِ اسين بيحد ئي شڪر گذار آهيون. اميد ته اوهان جو اهو تعاون هميشه قائم رهندو. ٻيو ته اسان ”سرتيون“ شاعري نمبر ڪڍڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي. انشاءَ الله ان کي به جلدي عملي صورت ۾ آڻينداسين.

گلبدن جاويد

 

 

رشيده حجاب سان ڳالهه ٻولهه

ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه يعقوب

تعارف:

رشيده حجاب جنهن جو اصل نالو رشيده بيگم آهي. سندس جنم شڪارپور شهر ۾، 21 آڪٽوبر 1942ع تي نور احمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد هڪ نيڪ خصلت ۽ خدا ترس انسان هو ۽ سندس شخصيت جو سڌو سنئون اثر رشيده تي پيو، پاڻ پرائمري تعيلم سيد يار محمد شاهه گرلز اسڪول گاڏي کاتو حيدرآباد مان حاصل ڪئي، بي. ايس. سي 1962ع ۾ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي ڊپارٽمنٽ آف باٽني مان پاس ڪئي. پي. ايڇ. ڊي سنڌ يونيورسٽي مان 1970ع ۾ ڪئي. ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٽگرس يونيورسٽي نيو جرسي. آمريڪا مان ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ سائنسي مقالا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ريسرچ جرنلس ۾ شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ 100 افسانه، تنقيدي مضمون، سفرناما ۽ ڊائريون لکيا اٿس.

پاڻ شاگرديءَ جي زماني ۾ تمام سرگرم رهي آهي. جيئن ته سائنس سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري، ڪاليج مئگزين جي انچارج، اولڊ اسٽوڊنٽ جنرل سيڪريٽري، ادبي ثقافتي، محفلن ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي رهي آهي. ادبي ۽ علمي ميدان ۾ ڪيتريون ئي سندون حاصل ڪيون اٿائين.

پاڻ صرف 32 سالن جي عمر ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز ٿي. جيڪو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، ۽ ڪجهه وقت ڊاريڪٽر آف ڪاليجز به رهي چڪي آهي. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي جو پاڻ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن سائنس سبجيڪٽ ۾، آمريڪا مان P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي.

پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائين ته ”منهنجو يقين آهي ته دنيا جي پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي، ۽ اها عورت جنهن باهه جي کوجنا ڪئي. پاڻ ان دعوى لاءِ ثبوت ڏيندي چيائين:

”روز اول کان ئي کاڌي پيتي لاءِ پاڻ پتوڙڻ عورت جي ئي ذمي رهيو آهي. پنهنجي ڪٽنب لاءِ حيران پريشان عورت ڪنھن مرحلي تي خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، ڪا آزمائش ڪئي هوندي ائين باهه کي دريافت ڪري پهرين سائنسدان بني هوندي.“

سندس اهو خيال ڪيتري قدر صحيح آهي. بهرحال دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ نئين سوچ جي راهه کولي ڇڏي آهي. ڇا واقعي، پهرين سائنسدان هڪ عورت هئي؟

8 جون 1969ع ۾ سندس شادي انور علي راڄپر سان ٿي. پاڻ حيرت جهڙي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته مون کي پنهنجي شريڪ حيات جي نالي جي خبر شاديءَ کان صرف ٻه ڏينهن پهرين پئي هئي. مون پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار پنهنجن والدين کي ڏيئي ڇڏيو هو، ڇو ته مون کي يقين هو ته هو منهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر سوچي سگهن ٿا. شعبي جي لحاظ سان ٻئي تقريباً هڪ ئي سبجيڪٽ سان واسطو رکن ٿا. جيئن ته سندس سبجيڪٽ باٽني آهي. ۽ علي انور جو سبجيڪٽ فاريسٽ آهي يعني ٻئي گلن ۽ ٻوٽن جا راهي آهن. کين چار نياڻيون آهن، جن جا نالا هي آهن: انيتا، عينا سعديه، امبر پارس ۽ ثنا انور. چارئي ڄڻيون تمام ذهين ۽ حسن اخلاق جو مجسمو آهن.

سنڌي افساني جي پس منظر ۾ وڃڻ سان اسان کي هڪ دور اهڙو نظر ايندو جنهن ۾ سنڌي افساني تمام گهڻي ترقي ڪئي. اهو دور جيڪو 1955ع کان 1975ع تائين ڪهاڻيءَ جي عروج جو دور رهيو آهي.

ان دور ۾ مردن سان گڏو گڏ، عورتن به بهترين ادب پيش ڪيو، ڪيتريون ئي عورتون ادب جي ميدان ۾ اڳتي وڌيون، پر عورتون جيڪا ”ٽه مورتي“ ان دور ۾ مستحڪم ٿي. ان ادب جي ميدان ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو، ڪيترن ماڻهن ته ائين به چيو ته ”اهي اصل مرد اَٿوَ، ڀلا ڇوڪرين ۾ ڪٿان ايتري صلاحيت آئي؟ يا ايتري آزادي ڪٿان ملي؟؟؟!

اِهي ته عام روايتن جي ماريلن جا خيال هئا. اها ”ٽه مورتي“ ثميره زرين، رشيده حجاب، ۽ ماهتاب منور عباسيءَ تي مشتمل هئي. افسانا ڪي آسماني مخلوق جون ڪهاڻيون نه هيون پر معاشري جي پيڙا ۽ ظلم جي خلاف هڪ جهاد جو آغاز هو، ان عورت جي عڪاسي هئي. جيڪا ”پرن هئڻ جي باوجود اُڏام جي قابل نه سمجهي ويندي هئي.“

رشيده حجاب ٻڌايو ته منهنجي ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري هئي. جنهن انٽر سائنس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر ڊاڪٽر انڪري نه بڻجي سگهي، جو سندس مڱيندو مڊل پاس هو. ۽ انجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو، دراصل اهڙائي واقعا منهنجي دل جي احساسن کي مجروح ڪندا هئا، ۽ مان بي اختيار ان ڀوڳنا جي اظهار لاءِ لکڻ شروع ڪيو. منهنجي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن مجبور جي گرد گهمندي آهي. شايد، اوهانکي يقين نه اچي، پر حقيقت اها آهي ته تقريباً سڀ ئي سچا ڪردار اٿوَ!

پنهنجي خاندان بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو والد (نور احمد مغل) هڪ عظيم انسان هو، سندس دل تمام حساس ۽ رحم جي جذبي سان ڀريل هئي. حساس د ل هميشه جذبن جي اظهار لاءِ قلم جو سهارو وٺندي رهندي آهي. بابا باقاعده اديب ته نه هو، پر هميشه پنهنجي ڊائريءَ ۾ اهڙا لفطن جا موتي محفوظ ڪندو هو جو ماڻهو پڙهي نئين دنيا ۾ پهچي وڃي. جتي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي ايندو هو، منهنجي ادبي شوق کي ائين هٿي ملي. مون کي چوندو هو ته ”بابا هي ڪتاب پڙهه، خاص خاص ڳالهين کي نوٽ ڪر پوءِ پاڻ ان تي بحث ڪنداسين.“

ڪتاب پڙهڻ هڪ جادو آهي. جيڪو ان جادوءَ ۾ ڦاٿو انجو ٻاهر نڪرڻ محال آهي. منهنجو اهو حال هوندو هو جو عين امتحان جي ڏينهن ۾ به ادبي ڪتاب ضرور پڙهندي هيس. شايد پڙهڻ ۽ لکڻ، لازم ملزوم آهن. پڙهڻ جي شوق، لکڻ جي جذبي کي وڌايو. 1954ع ۾ جڏهن اسين ٽنڊي آدم ۾ هئاسين، بابا اُتي S.D.M هو، اسان وٽ انهن ڏينهن  ۾ روزانيون ۽ هفتي وار سڀئي اخبارون اينديون هيون. هڪ هفتي وار اخبار ”سنڌ مسلم“ نواب شاهه مان نڪرندي هئي، ان ۾ ٻارن جو صفحو شروع ڪيو ويو، ۽ ٻارڙن کي ”ٻارن جي ٻاري“ لاءِ مواد موڪلڻ لاءِ چيو ويو هو. منهنجي اندر جي شوق مون کي آخر رستو ڏيکاريو، ۽ مون لِڪي لِڪي هڪ آکاڻي لکي. لڪي ان ڪري نه لکي هئم ته مون کي لکڻ لاءِ ڪو منع ڪري ها، پر لڪائڻ جو سبب شرمندگي هئي ته جيڪڏهن خراب هوندي يا شايع نه ٿي سگهي ته سڀ کلندا. سڄو هفتو بيقراريءَ ۽ بي چينيءَ ۾ گذاريو آخرڇنڇر آيو، ان ڏينهن صبح سان ڏهه چڪر دروازي جا ڏنم. ٽپال صبح 8 بجي تائين اچي ويندي هئي. پراُهي ”اَٺ“ ڪيڏو دير سان وڳا اُها منهنجي دل کي خبر آهي. ۽ اُها خوشي، جيڪا پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي ٿي، ناقابل بيان آهي، مون رڙ ڪري چيو ”اچي وئي اچي وئي“ بابا اما حيران ٿي ويا. ڪير آئي آهي؟ بابا سمجهيو جيجي اما (منهنجي ڏاڏي) آئي آهي يڪدم اُٿي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو، مون خوشيءَ مان ڦيرا پائيندي چيو.

”بابا منهنجي ڪهاڻي آهي. اخبار ۾ ”اُن ڏينهن کان پوءِ ڄڻ قلم ۾ مشين لڳي وئي. الائي ڪيترا مضمون ڪهاڻيون شعر، اُصول، چوڻيون، ”نواءِ سنڌ“، هلال پاڪستان، سنڌ مسلم، فردوس، وغيره ۾ ڇپيا.

مون اڳي ئي چيو آهي ته پڙهڻ جو شوق حد کان وڌيڪ هو. ان زماني ۾ مون نه صرف ٻاراڻو ادب پڙهيو پر ٻيا به خالص ادبي رسالا ۽ ناول به پڙهيم. اهوئي سبب هو جو مون 1957ع کان نئين زندگيءَ ۾ افسانه لکڻ شروع ڪيا. جن ۾ عام طرح ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو رومانوي تعلق جو به ذڪر هوندو هو، مون جيتري عمر واريءَ ڇوڪريءَ جي لاءِ شايد نامناسب هو. هڪ دفعي چاچا گرامي مرحوم اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي هٿ ۾ رسالو ڏئي چيائين، پُٽ، مبار ڪ اٿئي جو ”نئين زندگي“ تائين پهچي وئي آهين، پر تون اڃا ڪجهه سال ”گل ڦل“ لاءِ لِک پوءِ افسانا شروع ڪجانءِ.“

”پر چاچا، مان ته اڳي ئي ٻيا به افسانا لکي موڪلي چڪي آهيان؟“ مون روئڻ واري انداز ۾ چيو ته چاچا گرامي کلي پيو .

”واهه پُٽ، ڏاڍي تڪڙي آهين، تون ته ڏاڍو جلدي ٿي وڌين، چڱو ٺهيو ڀلا جي لکڻ جو شوق اٿئي ته لِک.“

پوءِ ته مان هوندي هئس ۽ منهنجو ڪمرو! ان وقت جا افسانا، ڪافي ڳالهين ۾ ڪمزور ٿا لڳن، پر ٿوري ئي وقت ۾ هڪ طرف ثميره زرين جي افسانن سان غير ارادي مقابلو شروع ٿي ويو، ته ٻئي طرف عمر ۽ شعور به وڌڻ لڳا. ۽ هينئر اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجو نالو ڏسي خوش ٿيڻ جو دور گذري چڪو هو. بلڪ آسپاس جا واقعا دل کي حساس بڻائي ڇڏيندا هئا ۽ قلم انهن جي لاءِ تلوار جي صورت ۾ اُٿڻ لڳو هو، نوڪرياڻيءَ جي ڌيءَ جي طلاق، پاڙي واري هندو ڇوڪريءَ جي شاديءَ جو مسئلو، پنجن ڌيئن جي ڄمڻ تي مڙس جو بيمار زال کي مارڻ، اڻ پڙهيل زال جي موجودگيءَ ۾ مڙس جو ماڊرن عورتن ڏانهن جُهڪڻ ۽ ان کان علاوه هزارين دل ڏکوئيندڙ واقعا منهنجي ذهن تي غم جا نقش ڪڍي ويندا هئا ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويهي، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندي هيس.

ڪهاڻين جو تعداد ٻڌائينديون؟

صحيح تعداد به ياد ڪونهي؟ پورو رڪارڊ به موجود ڪونهي، ڪيتريون ڪهاڻيون اهڙن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، جيڪي بند ٿي ويا، منهنجي خراب عادت  اها هئي (۽ آهي) ته مان ڪڏهن به فيئر نه ڪندي هُيس. هڪ دفعو ويٺس ته افسانو پورو ڪري اٿندي هيس، ان وقت ئي پوسٽ ڪرائي ڇڏيندي هيس.

ڪهاڻين نه لکڻ جو سبب ٻڌائينديون؟

”مان جيڪڏهن روايتي جواب ڏيان ته مصروفيت ته اهو به ڪنهن حد تائين صحيح آهي، منهنجون مصروفيتون ڪجهه اهڙي قسم جون آهن، جو ذهني يڪسوئي جو فقدان آهي، بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ اديب صرف اديب بڻجي زندهه رهي نه ٿو سگهي. حياتيءَ جي هر هلائڻ لاءِ هن کي ٻيو به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي. ۽ پوءِ جيڪو ”ٻيو“ ڪجهه آهي انجو هن جي سوچ ۽ احساس تي به اثر پوي ٿو.“

وضاحت ڪنديون؟

”ها، اديب فطرتاً هڪ حساس ۽ نرم دل آهي، پر جيڪڏهن پيشي طور هو وڃي پوليس ۾ شامل ٿئي ۽ ڏنڊو کڻي پيو سڄو وقت سخت الفاظ ڳالهائي ته آهسته آهسته اها سختي اُنجي احساس ۾ به شامل ٿي ويندي ۽ سندس ادبي هجڻ واري حساس دل جيڪڏهن مري نه ويندي تڏهن به ڪومائجي ضرور ويندي.

پنهنجي تعيلم بابت ٻڌائيندي چيائين ته ”مون 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Botany ۾ M.S.C ڪئي ۽ ليڪچرر شپ لاءِ انٽرويو ڏنم. انٽرويو ۾ اسين ٽي ڇوڪريون هيون سين هفتي کان پوءِ ٻن ڄڻين کي تقرريءَ جا آرڊر ڏنا ويا ۽ معلوم ڪرڻ تي ٻڌايو ته تنهنجو آرڊر گهر موڪلينداسين.  هفتي گذرڻ کان پوءِ ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ کي آرڊر ڏنو ويو ھو، جيڪا انٽرويو ڏيڻ آئي ئي ڪانه هئي. ۽ ٻيو ته M.S.C به ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس هيس. انهيءَ ڳالهه مون کي ڏاڍو صدمو رسايو، ٽي ڏينهن مسلسل روئندي رهيس، گهر وارن ڏاڍو سمجهايو: توکي ٽن سَون جي نوڪريءَ جي ڇو اهڙي پرواهه آهي. وڃي کڏ ۾ پوي مونکي واقعي نوڪريءَ جي پرواهه ڪانه ھئي، پر افسوس صرف ان ڳالهه جو هو ته منهنجي ناقدري ٿي، مون سان نا انصافي ٿي (ان وقت اها خبر ڪانه هئي ته زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي ٻيا به موقعا ٿيندا). مان دل برداشته ٿي گهر ۾ ويهي رهيس. هڪ ڏينهن منهنجي استاد ۽ باٽني جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر اسلام جو فون آيو، ڊاڪٽر اسلام ڍاڪا جو هو ۽ هو هڪ قابل استاد ئي نه پر تمام سٺو ريسرچ اسڪالر به هو، هن مون کي يونيورسٽي گهرايو ۽ مون کي ريسرچ ڪرڻ لاءِ چيو، مان ايڏي دل برداشته هيس جو ڪجهه ڪرڻ تي دل ئي نه پئي  چوي، مون  صاف انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي چيو ”ڏس ڌيءُ“ تنهنجين جن ساهيڙين کي هينئر ليڪچرر شپ ملي آهي اهي ٽن سالن کان پوءِ به ليڪچرر ئي رهنديون هنن جي ڪواليفڪشين ۾ ڪو اضافو ڪونه ٿيندو، جڏهن ته تون ٽن سالن کانپوءِP.H.D  ڪري ويندينءَ مون کي خبر آهي ته تو ۾ ريسرچ ڪرڻ جي اهليت آهي. تون هڪ ڪامياب ريسرچ اسڪالر بڻجي سگهين ٿي.“ ڊاڪٽر اسلام صحيح هو يا نه، مان سٺي ثابت ٿيس يا نه بهرحال ريسرچ مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي ڇڏيو.

ريسرچ جو هڪ عجيب مزو آهي، جيڪي انسان ريسرچ ڪن  ٿا. انهن کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تحقيق جي ڪا انتها نه آهي ۽ تحقيق ڪندڙ سڄي زندگي ان انتها جي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي.

پوءِ توهان ان جاکوڙ کان پاڻ کي جدا ڇو ڪري ڇڏيو؟ مون کانئس پڇيو.

”مون جدا نه ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن انسان حالتن کان مجبور ٿي وڃي ٿو. منهنجي شادي ٿي وئي مصروفيتون وڌيون. ٻارن جي پرگهور، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ وڃڻ جي سهولت نه هجڻ سبب مون ريسرچ کي ڇڏي پڙهائڻ شروع ڪيو.

اهو تجربو ڪيئن رهيو؟

”بيحد ڪامياب! شايد منهنجو شمار دنيا جي انهن انسانن ۾ ٿئي ٿو. جيڪي وقت ۽ حالتن تحت پنهنجو پاڻ کي آسانيءَ سان Adjust ڪري سگهندا آهن. علم حاصل ڪرڻ، علم ڏيڻ ۽ علم ورهائڻ هڪ عظيم ۽ بامقصد پيشو آهي. مون جيترو وقت پڙهايو. نهايت محنت، شوق ۽ پيار سان پڙهايو.

رشيده حجاب پنهنجي ان خيال ۾ بلڪل سچي آهي. سندس شاگردياڻيون، سندس ذڪر وڏي احترام ۽ محبت سان ڪنديون آهن، مون جڏهن سندس ڪافي شاگردياڻين کان سندس باري ۾ پڇيوته سڀني هڪ ڳالهه چئي.

”جيڪو ڪجهه اسان ڊاڪٽر رشيده کان پڙهيو اسان کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه ايندي هئي، هوءَ ايترو ته سٺو پڙهائيندي هئي جو سڀ ڪجهه ذهن ۾ نشين ٿي ويندو هو.

هن هميشه اسان جي صحيح رهنمائي ڪئي ۽ پڙهائيءَ سان گڏو گڏ اسان جي عام زندگيءَ جي بهتريءَ لاءِ به هميشه مفيد مشورا ۽ نيڪ صلاحون ڏيندي رهي. سندس هڪ شاگردياڻي جيڪا هينئر ڊاڪٽر آهي اها چوڻ لڳي، مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار هيس، هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان آئي هيس، ڪلاس ۾ ڪڏهن به سوال جو جواب ڏئي نه سگهندي هيس. هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا هئا. جيڪو ايندو هو، سو به وسري ويندو هو. امتحان ۾ به اهو حال ٿيندو هو. نتيجو اهو ٿيندو هو جو 17_ 18 ڪلاڪ پڙهڻ جي باوجود مان ٽيسٽن ۽ امتحان ۾ فيل ٿيندي هيس. مئڊم رشيده مون کي ڪلاس ۾ جواب ڏيڻ تي همٿائيندي هئي. منهنجي هٻڪڻ تي ڇوڪريون کلنديون هيون ته انهن کي سمجهائيندي هئي. مون کي پنهنجي آفيس ۾ سڏي. سمجهائيندي هئي. مطلب ته هُن هڪ ماهر نفسيات جي طرح منهنجو علاج ڪيو ۽ مون کي مقابلو ڪرڻ سيکاريو. اڄ مان هڪ ڪامياب ڊاڪٽر آهيان. مئڊم رشيده جا احسان مڃيندي رهان ٿي.

رشيده حجاب کان ڊاڪٽر رشيده تائين هڪ طويل سفر آهي. خوبصورت گلن کي ڏسندي ڏسندي. هڪ ڏينهن ماهر سرجن وانگر انهن خوبصورت گلن وانگر انهن خوبصورت گلن جو جگر چاڪ ڪري، پنهنجي تحقيق جو آغاز ڪيائين. پهرين ته سندس هٿ ڏڪي ويا. پر پوءِ سوچيائين، انساني زندگيءَ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتيءَ شيءِ ته هن دنيا جي سيني تي آهي ئي ڪانه. ته پوءِ جڏهن ان خوبصورت انسان جي بقا ۽ بهتريءَ لاءِ خود ان قيمتي جان ۾ ڀالو ٽنبي سگهجي ٿو ته پوءِ هي گل ڪهڙي شي آهن، هنن جي خوبصورتي ته محض انساني نظر جي توجه جي محتاج آهي.

اهڙيءَ طرح مون ”گلن“ تي ريسرچ شروع ڪئي، مون ريسرچ لاءِ Jute (سڻيءَ) جو انتخاب ڪيو. سِڻي مشرقي پاڪستان ۾ ڪمرشل اسڪيل تي لڳائي ويندي هئي. هن مان ملڪ کي ڪافي فارين ايڪسچينج ملندو هو، انڪري سڻيءَ پاڪستان جو (نمبر ون ڪيش ڪراپ) Number One cash crop چيو ويندو هو، سائنسدانن جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته سندن تحقيق ڪنهن نه ڪنهن طرح مُلڪي معيشت ۾ مددگار ٿئي، سِڻيءَ جا به هزارين لکين ٻوٽا هر سال مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا هئا.

پاڻ وڌيڪ چيائين ته:

”سڻي يعني Jute جي ٻوٽي لاءِ بهترين خاصيت اها آهي ته انجو ريشو Fibre گهڻي کان گهڻو ڊگهو هجي ۽ ريشي ۾ صحيح چمڪ هجي. سڻيءَ جو هڪ قسم سونهري Golden هوندو آهي. ۽ هڪ اڇو يعني Silver هوندو آهي. انهن ٻنهي کي (Cultivated Species) چئبو آهي. جڏهن ته ان کان علاوه سڻيءَ جا سؤ کان وڌيڪ قسم آهن. پر انهن مان اسان کي Fibre ڪونه ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ”ڪوتاهه قد“ هوندا آهن. پر الله تعالى دنيا ۾ بي مقصد ڪجهه به پيدا نه ڪيو آهي.

سڻي يا Jute جا اهي (Wild Species) قسم ٻيءَ طرح ڪارآمد ٿين ٿا. انهن مان ڪجهه قسمن کي Fibre yielding (ريشو پيدا ڪرڻ واري قسم) سان Cross ڪري اهڙا قسم پيدا ڪري سگهجن ٿا. جن سان هڪ طرف ريشو وڌيڪ ڊگهو ٿئي ٿو. ته ٻئي طرف عام بيماريون ختم ٿي سگهن ٿيون.

اوهان هن ۾ ڪيتري قدر ڪامياب رهيون؟

”تمام ڪامياب منهنجي پوري  Thesis ان موضوع تي آهي، ان ريسچ جي دوران خوش قسمتيءَ سان هڪ نئون قسم به سائنسي طريقي سان وجود ۾ آيو ان قسم کي پوري دنيا جي Genetictes  (جينيٽڪس جي ماهرن) ڏاڍو ساراهيو. اهو ريسرچ پيپر آمريڪا جي رسالي ”سائنس“ ۾ شايع ٿيو.

جون 1973ع ۾ مون کي آمريڪا جي اسڪالرشپ Fullbright جي وسيلي وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران مون jute تي وڌيڪ ريسرچ ڪئي، منهنجي پروفيسر مون کي آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر مان پنهنجين ننڍڙين ڌيئن جي خاطر واپس موٽي آيس. پاڻ وڌيڪ چيائين، ”جڏهن مان I.I.E International institute of education to defparture Certificate وٺڻ ويس ته اتي جي سيڪريٽري ڏاڍي تعجب سان چيو، منهنجي 33 سالن جي دور ملازمت ۾ اوهين پهرين Asian scholar آهيو. جيڪا وقت پوري ٿيڻ تي واپس وڃڻ ٿي چاهي، نه ته هر ڪو اسڪالرشپ Extend ڪرائڻ لاءِ ايندو آهي.تنهنجو ته Superviser  به توکي روڪڻ ٿو چاهي پوءِ به تون آمريڪا ڇڏڻ ٿي چاهين، ڇو؟

”جيڪو ڪجهه آمريڪا ۾ آهي. اهو شايد مون کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي وڃي پر جيڪي ڪجهه منهنجي ملڪ ۾ آهي، اهو مون کي آمريڪا ۾ ڪڏهن به نه ملندو.“

ڇا اوهان جي ريسرچ جاري آهي؟

نه بدقسمتيءَ سان منهنجو ريسرچ سان ناتو تقريباً ٽٽي چڪو آهي، اسانجي ملڪ ۾ ڪاليجن ۾ ريسرچ لاءِ سهولتون بلڪل ڪونه آهن. يونيورسٽيءَ ۾ به ڪو اهڙو انتظام نه هوندو آهي جتي ڪاليج جا استاد پنهنجو ريسرچ جو شوق پورو ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو ايترو اهم ڪم اڌورو رهجي ويو. جيڪڏهن منهنجي Jute تي ريسرچ جاري رهي ها ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن وڏي پئماني تي ان ڪم کي اڳتي وڌائي اسان ملڪ ۾ Jute جي پيداوار ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪري سگهون ها.

مان حڪومت کي مشورو ڏينديس ته ان اهم پيداوار جي باري ۾ ڪو اعليٰ ريسرچ مرڪز ضرور قائم ڪري (هڪ ٻه سينٽر موجود آهن) مان پنهنجيون خدمتون هر طرح سان پيش ڪري خوشي محسوس ڪنديس.

اوهان جي شخصيت ٽن روپن ۾ ورهايل آهي توهان پنهنجيءَ شخصيت جي ڪهڙي روپ کان مطمئن آهيو.

”مان به سوچيندي آهيان فطري طور مان هڪ ليکڪ (Writer) آهيان، جيڪڏهن پيشه ورانه طرح به منهنجو تعلق ڪنهن اهڙيءَ شعبي سان هجي هان، ته شايد وڌيڪ خوش ۽ مطمئن هجان ها، يا وري پنهنجي پيشه ورانه شوق يعني ريسرچ سان وابسته هجان ها، بدقسمتيءَ سان مان ٻنهي کان پري هلي وئي آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجو پاڻ کي اڪثر مضطرب ڀڳل ٽٽل ۽ نا مڪمل محسوس ڪرڻ لڳندي آهيان“

 

لطيف اياز پنھور

......... ڳولي ڇا نادان !!

”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“

”ڪير؟“

”ڪوي! آئون دوست آهيان..“

”دوست!؟ هونئن ! ... ... زندگي جي هن آننت رڃ ۾ گهڙي پل جي ڇانورن کي دوست ٿو سڏين.

ڳهيلا! منهنجو دوست مون ساڻ ئي آهي:

: مهاڪوي شيخ اياز جي اسپتال منجهان

صحتياب ٿي موٽي اچڻ تي لکيل تاثر

جيڪو منهنجو ”سڀاڻي“ به آهي _ مون به پاڻ پتوڙي لڌو اٿمانس، تون به جنهن جي ڳولا ۾ آيو آهين، نِرت سان نهار ته سچ ته ڳولهي لهنديس. هت اجايو آيو آهين، تون جيڪي ڀائين پيو، سو هاڻ رهيو ئي ناهي، مون کي ڪنهن جو به انتظار ناهي: ڇو ته منهنجي ولوڙ جو ڪاٿو مان پاڻ لڳائڻ جي حق ۾ ناهيان.... گهڻو ڪجهه مليو ۽ پروڙي پڻ ورتم .... در در جا ڌڪا کائي منهنجو ۽ پنهنجو وقت برباد نه ڪر: وقت جي هن وٿيءَ منجهان مون کي پنهنجي سڀاڻي جو ملهه وٺڻ ڏي_ هاڻ مان تنهنجي هن هيڏي هشام ۽ گوڙ گمسان ۾ گم ٿيڻ لاءِ قطعي طور آماده ناهيان: منهنجو وقت نه وڃاءِ، مهربان! موٽي وڃ!“

v

”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“

”ڪير؟“

”گهڙيءَ کن جو وقت کپي!“

ڇو!؟“

”ڇو ته آئون ئي ته تنهنجي سڃاڻ جو ذريعو رهيو آهيان. ياد ڪر ڪوي! مون ڪيترا ڀيرا تنهنجي جٽاءَ لاءِ قلم کنيو آهي! تنهنجا ويچار تنهنجا خيال، مون ڪيترا ڀيرا عام آڏو آندا آهن، آئون قلمڪار آهيان، ڪوي! منهنجو اگهه پنهنجو قد ڏسي سڃاڻ.“

”قلمڪار! تنهنجون حجتون يا هَلائون سڀ مون آڏو آهن..... تنهنجو اگهه يا تنهنجي نگاهه  وسعت پَرکي ئي ته منهنجي ڪَلا، جَلا  کاڌي آهي، تنهنجا سڀ روپ ساڃاهيا اٿم: توتي اَرهو به رهيس ته سَرهو به .......... پر هاڻ مون وٽ انهي اجائي ارهائپ يا سَرهائپ تي ويچار جو وقت نه رهيو آهي. منهنجي قد جي ڀيٽا سان پاڻ پرڀاءِ ”پاڻ“ کي کلڻ _ هاب نه ڪر_ ياد رک! منهنجي ڪلا ئي منهنجو قد اٿئي! جيڪو ”سڀاڻ“ تنهنجي به جياپي جو سبب بڻبو.  هوش ڪر قلمڪار! ”منهنجي“ نه ته ”پنهنجي“ ئي جياپي لاءِ کڻي مون کي هيکلو ڇڏ ته جيئن ”سڀاڻي“ تون به جيءُ سگهين: ڪنهن اهڃاڻ جي آڌار تي!... بهرحال مون کي پنهنجي ”جيوت“ سان نباهه ڪرڻو آهي، خدارا هليو وڃ!“

v

”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“

”اوخدايا! وري ڪير!؟“

”ڪير!؟“

”ڪامريڊ آئون....“

”ڪامريڊ!... آها، ها، ها، .....! اڃا ليڪا ڪڍيو يا آجو ٿي  آيو آهين؟“

”تنهنجي خيال موجب ڇا حدون مقرر ڪرڻ نه کپن! ڪيڏو نه مٽجي ويو آهين!!“

”هن هيڏي لاحد ۾ خود ساخته حدون طئي ڪري ڇڏڻ ڀلو ٿو ڀانئين! آئون انسانيت ۽ سچ کان انڪاري ناهيان ته پوءِ هن ”اننت اڀياس“ جي منڊ جي مام جو ڳالائو، ڀل پنهنجي ئي پر، مگر ڇو نه ٿيان!؟ ڇا آئون ٻاٽ ۽ باک جي وچ ۾ ڳاڍاپي کان انڪاري ٿيان!؟!نه...

مان کانئس انڪاري نه ٿيندس منهنجي اهائي تمنا اٿئي ته شل انسان ٿيون! هينئر مون کي پنهنجي مام ۾ ڇڏ ته ڪجهه ڪڻا ٻيا به ميڙي وٺان، مهرباني!

موٽي وڃ!“

*

”ٺڪ ٺڪ! ٺڪ ٺڪ!!“

”وري ڪير!؟“

”ڪڙو لاهه ڪوي! اڄ مون سان اسهڻو ئي پوندءِ. ڇو ته آئون انت آهيان! “

”اي انت ڪيترائي ڀيرا مون توکي مات ڏني آهي. ڄاڻان ٿو ته تون برحق آهين: پر ڪلهه جيان اڄ به منهنجي ڪلا توتي ڀاري پوندي! هن صدين جي سوداءُ جڳن جي جنون ۽ سرجڻهار جي سڪ ۽ ساءُ سان سهيڙيل هن شاهڪار کي ڇا تون کن پل ۾ ميساري سگهندين!؟ ناممڪن تنهنڪري موٽي وڃ! ڇو جو آئون امرتا آهيان، مون پاڻ ۾ ڪلهه ۽ اڄ سڀ کي سمايو آهي. انت تون امرت آڏو پاڻ کي پڏائي نه ٿو سگهين.  تون منهنجي جند جهوري ڀوري ته سگهين ٿو پرامرتا مارڻ تو وس ۾ ناهي....... مان نه ٿو چاهيان ته تون امرتا آڏو اچي سر جڻهار جي سڄي سرشتي کي لڄائي وجهين! تنهنڪري ڀلائي اٿئي ته اڳ جيان هيل به موٽي وڃ..... ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ موٽ ته کائڻي ئي اٿئي ۽ ياد رک ته مان به کن پل ۾ اکين کان الوپ ٿيڻ وارن مان ناهيان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com