مرحوم جي ياد ۾
هڪ ڏينهن مرزا صاحب ۽ مان ورانڊي ۾ گڏو گڏ ڪرسوين وجهي چپ چاپ
ويٺا هئا سين. جڏهن دوستي پراڻي ٿي وڃي ته گفتگوءَ
جي ضرورت بلڪل نه پوندي آهي. ۽ دوست هڪ ٻئي جي
خاموشيءَ مان به مزو ماڻي سگهندا آهن. ساڳي حالت
اسان جي به هئي. اسان ٻئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾
غرق هئاسين. مرزا صاحب ته خدا ڄاڻي ڇا سوچي رهيو
هو. پر مان زماني جي ناسازگاريءَ تي غور ڪري رهيو
هئس. پرروڊ تي ٿوري وقفي کان پوءِ ڪا موٽر گذري
پئي وڃي. منهنجي طبيعت ڪجهه اهڙي واقع ٿي آهي جو
جڏهن به ڪنهن جي موٽر ڪار ڏسندو آهيان ته مون کي
زماني جي ناسازگاريءَ جو خيال ضرور ستائيندو آهي ۽
مان ڪا اهڙي ترڪيب ضرور سوچڻ لڳندو آهيان جنهن سان
دنيا جي تمام دولت سڀني انسانن ۾ برابر ورهائي
سگهجي. جيڪڏهن مان روڊ تي پنڌ وڃي رهيو آهيان ۽
ڪا موٽر ڪار ان ادا سان گذري وڃي جو ڌوڙ ۽ مٽي
منهنجن ڦڦڙن منهنجي دماغ منهنجي پيٽ ۽ منهنجي جيري
تائين پهچي وڃي ته ان ڏينهن گهر اچي ڪيميسٽري جو
اهو ڪتاب ڪڍندو آهيان. جيڪو مان ٻارهين جماعت ۾
پڙهيو هو. ۽ ان غرض سان ان جو مطالعو ڪندو آهيان
ته شايد بم بنائڻ جو ڪو طريقو هٿ اچي وڃي.
مان ڪجهه دير تائين ٿڌا ساهه ڀريندو رهيس. مرزا صاحب ڪو ڌيان ئي
نه ڏنو. آخر مون پاڻ خاموشي ٽوڙيندي مرزا صاحب کي
مخاطب ٿيندي چيو:
”مرزا صاحب اسان ۾ ۽ حيوانن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”مرزا چيو، ادا ڪو ته هوندو آخر.“
”مان ٻڌايان توکي؟“
چوڻ لڳو. ”ٻڌاءِ.“
”مون چيو ڪو فرق ڪونهي ٻڌين ٿو مرزا ڪو فرق ڪونهي. اسان ۽
حيوانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ ۽ حيوان ۾ ته ڪو فرق
ڪونهي.ها، ها، مان ڄاڻان ٿو ته تون خاميون ڪڍڻ جو
ماهر آهين. چوندين حيوان پنهنجي خوراڪ پيٽ مان
ٻيهر وات ۾ آڻي چٻاڙي سگهندا آهن. تون ائين نه ٿو
ڪري سگهين. انهن کي پڇ هوندو آهي توکي ڪونهي پر
انهن ڳالهين سان ڇا ٿو ٿئي؟ ان مان ته صرف اهو
ثابت ٿئي ٿو ته اهي مون کان افضل آهن. پر هڪ ڳالهه
۾ مان ۽ اهي بلڪل برابر آهيون. اهي پنڌ ڪندا آهن
مان به پنڌ ڪندو آهيان. ان جو تون وٽ ڪهڙو جواب
آهي؟ جواب ڪونهي . ڪجهه آهي ته چئو... بس چپ ٿي
وڃ تون ڪجهه نٿو چئي سگهين. جڏهن کان مون هارايو
آهي تڏهن کان پنڌ هلان پيو.“
”پنڌ....... پنڌ جي معنيٰ نه ٿو ڄاڻين، پنڌ جي معنيٰ آهي زمين
جي ڇاتيءَ تي اهڙِي طرح حرڪت ڪرڻ جو ٻنهي پيرن مان
هڪ زمين تي ضرور رهي. يعني سڄي عمر منهنجي حرڪت
ڪرڻ جو طريقو اهو ئي رهيو آهي. جو هڪ پير زمين تي
رکندو آهيان ۽ ٻيو کڻندو آهيان. هڪ اڳيان ٻيو
پويان. خدا جو قسم اهڙي زندگيءَ جي ڪري دماغ سوچڻ
جي قابل نه ٿو رهي. حواس بيڪار ٿي ويندا آهن. خيال
مري ويندا آهن _ ماڻهو گهر کان بيگانو ٿي ويندو
آهي.
مرزا صاحب منهنجي هن تقرير دوران ڪجهه اهڙي بي پرواهيءَ سان
سگريٽ پيئندو رهيو. جو سندس بي ڌيانيءَ تي دل
روئڻ گهري پئي _ مان حقارت ۽ نفرت مان منهن ٻئي
طرف ڪري ڇڏيو. ۽ ائين لڳي پيو ته مرزا کي منهنجي
ڳالهين تي يقين ئي نٿو اچي. يعني مان جيڪي
پنهنجيون تڪليفون بيان ڪري رهيو هجان اهي خيالي
هجن. يعني منهنجي پنڌ هلڻ خلاف شڪايت ڪرڻ ڌيان جي
قابل ئي ناهي ۽ مان ڪنهن سواريءَ جو حقدار ئي
ناهيان. مون دل ۾ چيو: ”مرزا ائين ئي سهي ڏس ته
مان ڪيان ڇا ٿو......“
مون پنهنجا ڏند ڀيڪوڙي ڇڏيا ۽ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي جهڪي مرزا جي
ويجهو ٿي ويٺس ته مرزا صاحب مون ڏي ڏٺو. مان کليس
پر منهنجي کل ۾ زهر مليل هو. جڏهن مرزا ٻڌڻ لاءِ
بلڪل تيار ٿي ويو ته مان چٻي چٿي چوڻ لڳس.
”مرزا صاحب مان هڪ موٽر خريد ڪرڻ وارو آهيان.“
اهو چئي مان وڏي بي نيازيءَ سان ٻئي طرف ڏسڻ لڳس.
مرزا چيو.
”ڇا چيو تو؟ ڇا خريد ڪرڻ وارو آهين؟“
مون چيو: ”ٻڌو نه تو ته مان موٽر ڪار هڪ اهڙي گاڏي آهي. جنهن کي
گهڻا ماڻهو موٽر چوندا آهن. گهڻا ماڻهو ڪار، پر
جيئن ته تون ضرورت کان وڌيڪ ذهين آهين ان ڪري مان
ٻئي لفظ استعمال ڪيا آهن، ته جيئن توکي سمجهڻ ۾ ڪا
دقت نه پيش اچي.“
مرزا چيو:
”هونهه!“
هن ڀيري مان بيپرواهيءَ سان سگريٽ پيئڻ لڳس. ڀرون مٿي چاڙهي
پوءِ سگريٽ وارو هٿ منهن تائين ان انداز ۾ کڻي پيو
اچان ۽ موٽايان جو وڏا وڏا اداڪار ان تي رشڪ ڪن.
ٿوري دير کان پوءِ مرزا وري چيو ”هونهه.“
مون سوچيو اثر ٿي رهيو آهي. مرزا تي رعب پئجي رهيو آهي _ مان
چاهيان پيو ته مرزا ڪجهه چوي ته جيئن مون کي معلوم
ٿئي ته ڪيستائين مرعوب ٿيو آهي. پر مرزا ٻيهر به
چيو.
”هونهه!“
مون چيو: مرزا جيستائين مون کي ڄاڻ آهي ته تون اسڪول ڪاليج ۽
گهر ۾ ٻه ٽي زبانون سکيون آهن ان کان سواءِ توکي
ڪيئي اهڙا لفظ به ايندا آهن. جيڪي ڪنهن اسڪول،
ڪاليج يا شريف گهراڻي ۾ ڳالهايا نه ويندا آهن.
پوءِ به هن وقت تنهنجو ڪلام ”هونهه، کان اڳيان نه
ٿو وڌي. تون سڙين ٿو مرزا _ هن وقت تنهنجي جيڪا
ذهني ڪيفيت آهي تنهن کي عربي ٻوليءَ ۾ حسد چوندا
آهن.
مرزا صاحب چوڻ لڳو: ”نه اها ڳالهه ڪانهي.“ مان ته صرف خريد ڪرڻ
جي لفظ تي غور ڪري رهيو آهيان. تو چيو ته مان هڪ
موٽر خريد ڪرڻ وارو آهيان. ته ميان خريد ڪرڻ هڪ
اهڙو عمل آهي. جنهن لاءِ پئسن وغيره جي ضرورت
هوندي آهي. ”وغيره“ جو بندوبست ڪيئن ڪندين؟“
اهو نڪتو نه سوچيو هو، پر مون همت نه هاري، مون چيو:
مان پنهنجون قيمتي شيون وڪڻي سگهان ٿو.“
مرزا چيو ”مثلا“
مون چيو: ”هڪ ته مان پنمهنجي سگريٽ جو ڊٻو ( سگريٽ ڪيس) وڪڻي
ڇڏيندس.“ مرزا چوڻ لڳو. ”ٺيڪ پنجاهه رپيا ته اهي
ٿي ويا باقي سٺ ستر هزارن جو انتظام ائين ئي ٿي
ويندو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
ان کان پوءِ ضروري لڳو پئي ته گفتگو جو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ
روڪي ڇڏجي. تنهن ڪري مرزا کان بيزار ٿي خاموش
رهيس. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ماڻهو پئسو
ڪٿان آڻيندا آهن؟ ڏاڍو سوچيو ۽ آخر ان نتيجي تي
پهتس ته ماڻهو چوري ڪندا آهن _ ان سان ڪجهه
اطمينان ٿيو.
مرزا چيو:
”توکي هڪڙي ترڪيب ٻڌايان _ هڪ سائيڪل وٺي وٺ.“
مون چيو، ”هو رپين جو مسئلو ته پوءِ به اتي جو اتي رهيو.“
چوڻ لڳو ”مفت، مان حيران ٿي پڇڻ لڳس.
”مفت..... اهو ڪيئن؟“
چوڻ لڳو، مفت ئي سمجهه آخر دوست کان پئسا وٺڻ ڪٿان جي شرافت
آهي، باقي تون احسان قبول ڪرڻ پسند نه ڪندين ته
اها ٻي ڳالهه آهي.،
اهڙن موقعن تي جيڪا کل مان کلندو آهيان. ان ۾ معصوم ٻار جي کل،
جوانيءَ جي خوشي آبشارن جي موسيقي ۽ بلبلن ج نغمو
سڀ هڪ ٻئي سان گڏ مليل هوندا آهن. تنهن ڪري مان
اهاکل کليس ۽ اهڙي طرح کليس جو کليل ڳل ڪلاڪن
تائين پنهنجي جاءِ ته واپس نه موٽيا.
ان ڪري مون کي يقين ٿي ويو ته اچانڪ ڪنهن خوشخبري ٻڌڻ سان دل
جي حرڪت بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي. ان
کان محفوظ آهيان. مون دل ٻڌي پڇيو.
”آهي ڪنهن جي.....؟“
مرزا چيو، ”مون وٽ هڪ سائيڪل پئي آهي. اها تون کڻ.“
مون چيو: ”وري چئو... وري چئو.“
چوڻ لڳو. ”ادا هڪ سائيڪل مون وٽ آهي. يعني منهنجي آهي ته تنهنجي
آهي تون اها کڻ.“
يقين ڄاڻو منهنجي مٿان دريا هارجي پيو. شرم کان پگهرجي ويس،
پندرهين صديءَ ۾ اهڙي بي غرضي ۽ قرباني ڀلا ڪٿي ٿي
نظر اچي. مان ڪرسي کسڪائي مرزا وٽ ڪئي. سمجهه ۾ نه
آيو ته پنهنجي ندامت ۽ شرمساريءَ جو اظهار ڪهڙن
لفظن ۾ ڪيان.
مون چيو: ”مرزا صاحب پهرين ته مان ان گستاخيءَ بدتميزي ۽ بي
ادبي جي معافي ٿو گهران. جيڪا هينئر مون گفتگوءَ ۾
جاري رکي. ٻيو مان اڄ تنهنجي سامهون هڪ اعتراف
ڪيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪيان ته تون منهنجي صاف گوئي جو
داد ڏيندين، ۽ مون کي پنهنجي رحمدليءَ جي صدقي ۾
معاف ڪري ڇڏيندين. مان هميشه توکي ڪميڻو، خود غرض
۽ شيطان قسم جو انسان سمجهندو رهيو آهيان. ڏس
ناراض نه ٿجانءِ انسان کان غلطي ٿي ئي ويندي آهي،
پر اڄ تو پنهنجي شرافت ۽ دوست پروريءَ جو ثبوت ڏنو
آهي، ۽ مون تي ثابت ڪيو اٿئي ته مان ڪيترو قابل
نفرت تنگ خيال ۽ حقير شخص آهيان. مون کي معاف ڪري
ڇڏ.“
منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. دل چاهيو ته مان مرزا جي هٿن کي
چمان ۽ سندس هنج ۾ مٿو رکان پر ائين ڪري نه سگهيس.
مرزا صاحب چوڻ لڳو:
”واهه ان ۾ ڪهڙي فياضي آهي، مون وٽ هڪ سائيڪل آهي. جنهن تي مان
سوار ٿيس ائين ئي تون سوار ٿئين.“
مون چيو. ”مرزا مفت ۾ نه وٺندس. اهو هر گز نٿو ٿي سگهي.“
مرزا چوڻ لڳو ”بس ان ڳالهه کان ڏڪندو آهيان، تون ايترو حساس
آهين جو ڪنهن جو احسان کڻڻ برداشت نٿو ڪرين جڏهن
ته خدا گواهه آهي.... احسان ته ان ۾ ڪو ڪونهي.“
مون چيو، ”خير ڪجهه به سهي پر تون مون کي ان جي قيمت ٻڌاءِ.“
مرزا چيو: قيمت جو ذڪر ڪري ڄڻ تن مون کي عذاب ۾ وجهين ٿو ۽ جنهن
قيمت تي مون خريد ڪئي هئي، اها تمام گهڻي هئي ۽
هينئر ته اها ايتري جي نه رهي آهي.“
مون پڇيو، ”تو ڪيتري ۾ خريد ڪئي هئي.“
چوڻ لڳو ”مون پورن ٻارنهن سون ۾ خريد ڪئي هئي. پر ان وقت سائيڪل
جو رواج ڪجهه گهٽ هو _ ان ڪري. قيمت ڪجهه وڌيڪ
هئي.“
مون چيو ”ڇا گهڻي پراڻي آهي؟“
چيائين، ”ايتري پراڻي به ڇا هوندي منهنجو پٽ ان تي ڪاليج ايندو
ويندو هو. ۽ ان کي ڪاليج ڇڏيندي اڃا ٻه سال به نه
ٿيا آهن. پر ايترو ضرور آهي جو اڄڪلهه جي سائيڪلن
کان ڪجهه مختلف آهي. اڄڪلهه ته سائيڪلون ٽين جو
ٺهن ٿيون، جن کي ڪاليج جا مٿو ڦريل ڇوڪرا سستو
سمجهي خريد ڪندا آهن. پراڻين سائيڪلن جا ماڊل
مظبوط هوندا هئا.“
”پر مرزا ٻارنهن سؤ ته مان هر گز نه ٿو ڏئي سگهان ايترا پئسا
مون وٽ ڪٿان آيندا مان ته ان جي اڌ قيمت به نه ٿو
ڏئي سگهان.“
مرزا چوڻ لڳو .ته مان توکان قيمت وٺان ڪٿي ٿو.... پهرين ته قيمت
وٺڻ نه ٿو چاهيان ... پر....“ مون چيو ”نه مرزا
قيمت ته توکي وٺڻي ئي پوندي ۽ ائين ٿا ڪريون مان
تنهنجي کيسي ۾ ڪجهه پئسا وجهي ٿو ڇڏيان تون گهر
وڃي ڳڻي وٺجانءِ جيڪڏهن قيمت منظور پوي ته سڀاڻي
سائيڪل موڪلي ڏجانءِ نه ته پئسا موٽائي ڏجانءِ
هاڻي هتي ويهي مان توسان سودو ڪري چڪو آهيان.“
مرزا چيو ”ادا، جيئن تنهنجي مرضي ما هينئر به اهو ٿو چوان ته
قيمت کي ڇڏ پر مون کي خبر آهي تون نه مڃيندين.“
مان اٿي اندر ڪمري ۾ ويس _ مون سوچيو استعمال ٿيل شين جي قيمت
ماڻهو اڌ ڏيندا آهن _ پر جڏهن مرزا کي چيو هو ته
اڌ قيمت به نه ٿو ڏئي سگهان ته مرزا ان تي اعتراض
نه ڪيو هو. اهو ويچارو بلڪل اهو چوي پيو ته تون
مفت ئي کڻ. پر مان ڪيئن وٺان آخر سائيڪل آهي هڪ
سواري آهي، گهوڙن، موٽرن، موٽر سائيڪلن ۽ ٽانگن جي
خاندان ۾ شامل ٿيندي آهي.پيتي کولي هتان هُتان
ملائي معلوم ٿيو ڪل پوڻان ٽي سؤ روپيا آهن. پوڻان
ٽي سؤ ڪا ٺيڪ رقم ناهي. ٽي سؤ هجن ته به صحيح آهي.
جيڪڏهن پوڻان ٽي سؤ ڏيڻا آهن ته اڍائي سؤ ڇو نه
ڏنا وڃن. جن رقمن جي آخر ۾ ٻڙي هوندي آهي بس اڍائي
سؤ ڏيندس.“
خدا ڪري مرزا قبول ڪري:
ٻاهر آيس، اڍائي سؤ هٿ ۾ دٻائي مرزا جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا ۽ چيو
”مرزا هن کي قيمت نه سمجهجانءِ پر هڪ دوست جي حقير
رقم منظور ڪجانءِ توکي پنهنجي توهين محسوس نه ٿئي
ته سائيڪل موڪلي ڏجانءِ.
مرزا وڃڻ لڳو ته مان ٻيهر چيو. ”مرزا سڀاڻي صبح جو ئي موڪلي
ڏجانءِ موڪلائڻ کان پهرين هڪ ڀيرو ٻيهر چيو.
”سڀاڻي صبح جو اٺين وڳي تائين پهچي وڃي... .. دير نه ڪجانءِ ...
خدا حافظ وڏي مهرباني.. مان تنهنجو شڪر گذار آهيان
۽ منهنجي غلطي کي معاف به ڪجانءِ ڏس نه ڪڏهن ڪڏهن
ائين ئي بي تڪلفي ۾..... سڀاڻي صبح اٺين وڳي
تائين...... ضرور .... خداحافظ..“
مرزا چوڻ لڳو ”ٿورو ان کي ڌوئي پوئي صاف ڪجانءِ ۽ تيل وغيره به
وجهرائجانئس. منهنجي نوڪر کي فرصت هوندي ته ان کي
چوندس نه ته مان پاڻ ئي وجهرائي ڇڏيندس نه ته تون
پاڻ وجهرائجانءِ.“
مون چيو: ”ها اهو سڀ ڪجهه ٿي ويندو. تون سڀاڻي ضرور موڪلي
ڏجانءِ ياد سان اٺين وڳي يا ساڍي اٺين وڳي تائين
پهچي وڃي.... چڱو خداحافظ.“
رات جو هنڌ تي ليٽي سائيڪل تي گهمڻ جا مختلف پروگرام تيار ڪرڻ
لڳس. اهو ارادو پڪو ڪري ڇڏيم ته ٻه _ ٽي ڏينهن
ڀرپاسي وارين مشهور تاريخي جاين ۽ دڙن کي نئين سر
ڏسندس. ان کان پوءِ ايندڙ گرمي (اونهاري) جي موسم
۾ ٿي سگهيو ته سائيڪ تي سڄي حيدرآباد گهمندس. صبح
صبح هوا کائڻ لاءِ هر روز المنظر تائين ويندس. ۽
شام جو المنظر تي جتي ٻياماڻهو گهمڻ ويندا مان به
ويندس. مان روڊ جي صاف سٿري سطح تي هلڪي هلڪي
خاموشي سان ٽينس جي بال وانگر گذري ويندس. غروب
ٿيندڙ سج جي روشني سائيڪل جي چمڪندڙ حصن تي پوندي
ته سائيڪل جرڪي پوندي. ۽ ائين لڳندو جيئن ڪو
آسماني پکي زمين سان گڏ اڏامندو هجي. اها کل جنهن
جوذڪر مان اڳ ڪري چڪو آهيان. اڃا تائين منهنجي چپن
تي کيڏي رهي هئي. ڪيئي ڀيرا دل چاهيو ته ڊڪي وڃان
۽ مرزا کي ڀاڪر پايان. رات جو خواب ۾ دعائون
گهرندو رهيس ته خدا ڪري سائيڪل ڏيڻ تي راضي ٿي
پوي. صبح جو جاڳيس ته اٿندي ئي نوڪر اها خوشخبري
ٻڌائي ”سائين سائيڪل اچي وئي.“
مون چيو: ”ايترو سوير؟“
نوڪر چيو .اها ته رات جو ئي اچي وئي هئي. توهان سمهي پيا هئا.
مون جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو. ۽ ها، مرزا جو ماڻهو
پيچ (نٽ) کي مضبوط ڪرڻ جو اوزار به ڏيئي ويو آهي.“
مان حيران ٿيس ته مرزا صاحب سائيڪل موڪلڻ ۾ ايتري جلدي ڇو ڪئي.
پر ان نتيجي تي پهتس ته ماڻهو انتهائي شريف ۽
ديانتدار آهي. پئسا ورتا اٿس ته سائيڪل ڇو روڪي
ها.
نوڪر کي چيم ”اهو اوزار هتي ئي رک ۽ سائيڪل کي ڪنهن ڪپڙي سان
چڱي طرح ڇنڊ، ۽ ڦاٽڪ تي جيڪو سائيڪل وارو آهي ان
کان وڃي سائيڪل ۾ وجهڻ جو تيل وٺي اچ اڙِي ڳاٽي
ڀڳا ڪيڏانهن ٿو وڃي مان توکي چوان پيو سائيڪل واري
کان تيل جي دٻي وٺي اچ ۽ جتي جتي تيل ڏيڻ جي ضرورت
هجي، اتي تيل ڏجانءِ. سائيڪل واري کي چئجانءِ ڪو
بيڪار قسم جو تيل نه ڏئي جنهن سان خراب ٿي پون.
سائيڪل جا پرزا تمام نازڪ ٿيندا آهن. ۽ سائيڪل
ٻاهر ڪڍي رک مان هينئر ڪپڙا بدلائي اچان ٿو.“
تڪڙو تڪڙو غسل خاني ۾ وڃي ڏاڍي جوش خروش ”دانه په دانه“ ڳائڻ
لڳس. ان کان پوءِ ڪپڙا بدلائي اوزار کيسي ۾ رکي
ڪمري کان ٻاهر نڪتس. ورانڊي ۾ آيس ته هڪ عجيب غريب
مشِن پئي آهي. ٺيڪ طرح سڃاڻي نه سگهيس ته ڇا شيءِ
آهي. نوڪر کان پڇيم ”اڙي ڇورا اها ڇا شيءِ آهي؟“
نوڪر ٻڌايو ”سائين اها سائيڪل آهي.“
مون چيو. ”سائيڪل؟ ڪنهن جي سائيڪل؟“
چوڻ لڳو ”مرزا صاحب اها اوهان لاءِ موڪلي آهي.“
”۽ اها سائيڪل جيڪا رات جو ان موڪلي هئي اها ڪيڏانهن وئي؟“
”اها ئي ته آهي سائين.“
”ڪهڙِي بڪواس پيو ڪرين مرزا صاحب جيڪا سائيڪل ڪلهه رات موڪلي
هئي اها اها آهي؟“
چوڻ لڳو ”جي ها.“
”ته پوءِ ان کي صاف ڇو نه ڪيو اٿئي؟“ ۽ مان ان کي تڪڻ لڳس.
”سائين ٻه ٽي ڀيرا صاف ڪئي آهي.“
”ته پوءِ ميري ڇو آهي؟“
نوڪر ان جو جواب ڏيڻ شايد چڱو نه سمجهيو.
”تيل وٺي آئين؟“
”ها سائين وٺي آيو آهيان.“
”ڏنئي؟“
”سائين جيڪي تيل ڏيڻ جا سوراخ هوندا آهن. اهي نٿا ملن.“
”ڇا جي ڪري؟“
”سائين سڄيءَ سائيڪل تي زنگ ڄميل آهي. سو اهي سوراخ بند ٿي ويا
آهن.“
آهستي آهستي مان ان شيءِ جي ويجهو آيس. جنهن کي منهنجو نوڪر
سائيڪل چئي رهيو هو. ان جي مختلف پرزن تي غور ڪيم
ته پڪ ٿي ته اها سائيڪل ئي آهي.پر عجيب نموني مان
اهو صاف ظاهر هو ته ڪيريئر گراريون ۽ باڊي اڄ ڪلهه
جي جديد ايجادن کان مختلف آهن. پوءِ ڦيٿي کي
گهمائي گهمائي سوراخ ڪيم جتي ڪنهن زماني ۾ تيل ڏنو
ويندو هو. پر هينئر سوراخ ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو بند
هو تنهن ڪري نوڪر چيو.
”سائين اهو تيل ته هيڏانهن هوڏانهن وهي وڃي ٿو. وچ ۾ وڃي ئي نه
ٿو. |