محمد عرس اوٺو
غزل
پاڻ بچائيندي کسجي ويو آن،
پيار جي راهه ۾ لٽجي ويو آن.
وسيع دنيا هئي ڪيڏي ليڪن،
تنهن کان مان ته ڪٽجي ويو آن.
پوپٽ بڻجي واس ورتو مون،
واس انهيءَ وٺجي ويو آن.
ڪيئن جيءُ جسم کان ڌار رهندو،
روح بڻجي گڏجي ويو آن.
علي دوست عاجز
وائي
سور هجن ياپور او سانول _ ليکو ناهي!
پنهنجي ڌرتيءَ ۽ دلبر سان،
ٿيندو پاڳل _ ليکو ناهي!
توريءَ منهجا ڪٽجن ڪيئن ٿا،
هي ڪُهٽا پَل _ ليکو ناهي!
ڇا به پرايو، ڇا به وڃايو،
مون ۽ مومل _ ليکو ناهي!
ساگر سان ڪر، ليڪن ٿر سان،
ڪوئي بادل _ ليکو ناهي!
عاجز تنهنجو آهي، منهنجو
توسان پيارل _ ليکو ناهي!
قسط:1
فقير شهمير چانڊيو
جنين ڪاڻ مياس...........!
ڪڏهن ڪڏهن ويٺي ويٺي. ذهن ۾ عجيب ۽ غريب خيال گردش ڪرڻ لڳندا
آهن. جو سوچيندو آهيان، ته ڪاش! مان تعليم نه حاصل
ڪريان ها. ڇاڪاڻ ته تعليم حاصل ڪرڻ سان، منهنجي
طبيعت ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو آهي ۽ ان انقلاب
مون کي بزدل بڻائي ڇڏيو آهي. حالانڪه منهنجو جنم ۽
منهنجي پرورش، ڳوٺ جي هڪ سڃي ماحول ۾ ٿي هئي. جتي
خاص ڪري مسڪين ماڻهوءَ کي ”ڄٽ“ جي خطاب سان نوازيو
ويندو هو. جنهن کي عقل شعور جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي
هئي. پر منهنجي ”ڄٽ“ ابي کي الائي ڇا سمجهي آئي،
جو رات _ ڏينهن هڪ ڪري، منهنجي پڙهائيءَ ۾ پاڻ کي
وقف ڪري ڇڏيائين يا شايد بابي جو ٻين جوانن وانگر،
ڀوتارن جا ظلم ۽ستم سهي. ڪٿي ڌاڙيل نه
بنجي وڃان!
بهرحال پرائمري تعليم جو سلسلو، ڳوٺ کان شروع ڪيم، جيڪو پڻ
اڌورو هوندو هو. ان جو سبب اهو هو، ته ماستر ڪڏهن
ايندو هو، ته ڪڏهن نه! ان صورتحال کان بابو واقف
هو. تنهن وري ڇا ڪيو. جو پٽ سٽ ڪري، پنهنجي پَرَ ۾
شهر وڃي، هڪ هيڊ ماستر سان منهنجي باري ۾ ڳالهائي
آيو ۽ پنهنجي مسڪين حال جو واسطو وجهي، مونکي شهر
جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيائين ۽ ان سان گڏو گڏ هڪ
هوٽل واري کي ميڙ منٿون ڪري، شام جي ٽائيم تي هوٽل
تي ڪم ڪرڻ ۽ اتي رهائش جو بندوبست ڪري ڇڏيائين.
هوٽل جو مالڪ خدا ترس انسان هو، جنهن مون کي
پنهنجن ٻچن جهڙو مان ڏنو ۽ منهنجو هر طرح سان خيال
رکيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسڪول اچي، ماستر کي منهنجي
پارت به ڪري ويندو هو.
بابي جي جاکوڙ ۽ سندس خواهش جو احترام ڪندي، مون به رات ڏينهن
هڪ ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مان ڪاليجي سطح تي رستو هموار
ڪرڻ لڳس. ان دوران بابي جي سؤ ورهيه به اچي پوري
ٿي ۽ بابو ملڪ عدم جو راهي ٿي. مون کي، امڙ کي ۽
هڪ ننڍڙي ڀيڻ، (جنهن جي عمر تقريباً 13_ 14 سال
هئي) کي دنيا جي اڙانگن پيچرن تي ڌڪا کائڻ لاءِ
ڇڏي هليو ويو. اهوئي سبب هو، جو مان انٽر تائين
منزل ماڻي سگهيس ۽ اڳتي جي منزل نصيب ۾ نه سمجهي.
اوستائين پاڻ کي محدود ڪيم ۽ مقامي اخبار ۾ ڪوشش
ڪري، نائيٽ جو سب ايڊيٽر بنجي، امڙ ۽ ڀيڻ جي
پوئواري ڪرڻ لڳس، ۽ شهر ۾ مسواڙ تي هڪ جاءِ وٺي ان
۾ رهڻ لڳس.
هتي هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر ٿوسمجهان، ته منهنجو ٻالڪٻڻ شهر ۾
ئي جوانيءَ جي ڏاڪڻ تي پروان چڙهيو هو، جو مان
پنهنجن عزيزن کي به پورو ڪونه سڃاڻندو هوس _ پر
جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ويندو هوس، ته فقط هڪ رات
گهر رهي، ٻئي ڏينهن صبح جو سوير شهر هليو ايندو
هوس. ۽ وري امڙ وارا جڏهن به مون وٽ شهر ايندا
هئا، ته هفتن جا هفتا. ٽڪي پوندا هئا: جڏهن ته مون
امڙ جن کي شهر ۾ مسواڙ واري جاءِ ڏيکاري ڇڏي هئي.
جو انهن جي اوچتي اچڻ ۽ منهنجي موجود نه هجڻ تي
کين ڪا تڪليف نه ٿئي، هڪ کين الڳ چاٻي پڻ ڏيئي ڇڏي
هئي.
هڪ رات، مان جيئن پريس مان ڪم ڪار لاهي، گهر موٽيس ته امڙ وارا
اُت موجود ڏٺم، ۽ حيرت ان ڳالهه جي ٿي ته امڙ وارن
سان گڏ ٻه ٻيون به عورتون هيون، جن مان هڪ جي عمر
لهندڙ سج جيان هئي ۽ ٻي جي عمر چڙهندڙ سج جيان!
مون پهرين ڪڏهن به انهن کي نه ڏٺو هو، سو وائڙن
وانگر ڪيڏيءَ مهل امڙ ۽ ڀيڻ کي ۽ ڪيڏيءَ مهل انهن
کي ڏسي رهيو هوس، ته اوچتو امڙ پنهنجي حيراني دور
ڪندي فرمايو، ته ”با، هيءَتنهنجي مامي ۽ ماروٽ
آهن!“
امڙ جي ان انڪشاف مون اخلاقي طور تي ماميءَ کي مٿي تي هٿ رکي
کيڪاريو ۽ چڙهندڙ سج يعني ماروٽ کي شان ۽ بي
نيازيءَ سان هٿ جو اشارو ڏيئي، ڀليڪار چيو. ان
گهڙيءَ مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ان چڙهندڙ سج جو
تاب ايڏو ته تکو آهي، جو مان انکي ڏسڻ جي به سگهه
نٿو ساري سگهان ۽ فقط ٽيڏي اک سان ان کي ڏسندو ئي
رهجي ويس. منهنجي اندر ۾ ڄڻ هڪ طوفان کڙو ٿي ويو
هو، ائين پئي لڳم، ڄڻ ان مجسمي کي قدرت واند ڪائي
۾ تخليق ڪيو آهي ۽ جنهن جي سونهن جي تاب مون وٽ
اکرن جي ڪابه تسبيح ناهي، جنهن کي ويهي سوريان!
مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ اڄ زندگيءَ ۾ پهريون
ڀيرو، دل مون کان رسي، ڪنهن ٻئي جي ٿي وئي آهي.
پوءِ سوچن ئي سوچن ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيم، ته امڙ کي
ان سونهن جي ديويءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ راضي ڪندس.
امڙ کان انهن جي اچڻ جو سبب پڇيم. امڙ ٻڌايو ته ”بابا تو وارو
مامو سول اسپتال ۾ داخل آهي. ان سلسلي ۾ اهي ماءُ
_ ڌيءَ آيون آهن ۽ شايد هفتو کن هتي ترسن.“
مون آيل مهمانن جي خاطر تواضع ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي، جڏهن ته
امڙ وارا فقط دال _ ڀاڄيءَ تي گذارو ڪندا هئا.
جيسين مهمان گهر ۾ هئا. تيسين مان پريس مان سوير
ئي موڪل وٺي. ساڻن ڪچهري ڪندو هوس ۽ ان ڪچهري جهڙي
خوشگوار ماحول ۾ جيڏيءَ مهل ڪنهن ڳالهه تان اها
ماهه لقا هڪ وڏو ٽهڪ ڏيئي کلندي هئي، ته مون کي
ائين لڳندو هو، ڄڻ هڪ ئي وقت مندر ۾ ڪنهن ديو
داسيءَ گهنٽين جا چڙا وڄائي ڇڏيا هجن ۽ پوءِ
منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي _ ۽ جڏهن هوءَ
زمين ۾ نظرون مرڪوز ڪري مختصر طور ڳالهائيندي هئي،
ته مون کي ائين لڳندو هو، ڄڻ سڄي فضا ۾ عابده
پروين جهڙي سوز ڀري فنڪاره، مترنم راڳ ”سهڻي“،
پکيڙي ڇڏيو هجي.
آخراهو نڀاڳو ڏينهن به آيو، جو مامي جي صحتياب ٿيڻ تي سڀئي
موڪلائي هليا ويا ۽ انهن سان گڏ امڙ به هلي وئي.
انهن جي وڃڻ کان پوءِ منهنجين راتين جون ننڊون ۽
ڏينهن جا سک سهنج سڀ موڪلائي ويا.
ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ڏاهي چواڻي: ”ننڊ ڪنڊن تي به اچي ويندي آهي.“
مان ننڊ جي هنج ۾ هليو ويندو هوس، ته ان کان اڳ ۾
جيڪو تصور ان ماهه لقا جو ذهن ۾ هوندو هو، سوئي
سپنن ۾ ڏسندو هوس ۽ ائين ٻه _ ٽي ڏينهن موڪل وٺي
ڳوٺ پهتس ۽ امڙ سان اندر جو غبار هلڪو ڪرڻ لاءِ
ڳالهه چوريم. منهنجي ان خواهش تي امڙ باغ بهار ٿي
وئي ۽ اوڏيءَ مهل ئي ماميءَ سان اهڙو اظهار
ڪيائين. ماميءَ موٽ ۾ امڙ کي چيو، ته تون پنهنجي
سؤٽ سان ڳالهائي ڏس، باقي ايترو توکي ٻڌائي ڇڏيان،
ته هو به بدي کان سواءِ توسان مائٽي ڪونه ڪندو.
امڙ ، ماميءَ جي ان ڳالهه تي حيران ٿي کيس تڪڻ لڳي
۽ چوڻ لڳي: ”امڙ، تون به انڌير ٿي ڪرين، ڪٿي
منهنجي جوان نياڻي ۽ ڪٿي تنهنجو گِگون ڳاڙيندڙ
نينگر! ڪڏهن چچي به واڳون ٿي آهي!“
بهرحال امڙ ٻيهر مامي سان ڳالهائڻ جو چئي، آس _ نراس جا مليل
جليل تاثرات کڻي واپس گهر آئي. امڙ جي گهر ۾ داخل
ٿيندي ئي، مون سندس چهرو پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر امڙ
جو چهرو ريکائن کان خالي نظرآيو. پر پوءِ به امڙ
مون کي پر اميد ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي: ”بابا تون
منهنجو پورهيت پٽ آهين، نياڻيءَ جي مائٽن کي ڇا
کپي. مامهن، تو واري ماميءَ کان سمجهدار ماڻهو
آهي. رب سائين سڀ سڻايون ڪندو، تون فڪر ئي نه ڪر ۽
دل ننڍي نه ڪر!“
امڙ جي دم دلاسن، مون ۾ اميد جي جوت پيدا ڪري ڇڏي ۽ چيومانس ته
”هن ڀيري مان به اوهان سان گڏ هلندس.“
ٻئي ڏينهن مان به امڙ سان گڏ، مامي وارن جي گهر ويس. ان وقت
مامو به کٽ تي ليٽيو پيو هو. اسان کي ڏسي، ان
ڪنجهندي اسان کي کيڪاريو ۽نئون سنئون ٿي اسان کي
تڪڻ لڳو. مامي کي ائين تڪيندو ڏسي، امڙ به دير
ڪانه ڪئي ۽ چوڻ لڳي: ”ادا بچل! مان ڪالهه به آئي
هيس، پر تون ويو هئين ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ. ادي مريم
گهڻو ئي ترسڻ لاءِ چيو، پر مون کيس ٻئي ڏينهن اچڻ
جو چئي. موڪلايو هو. هاڻي رڳو مون کي توسان ئي
ڳالهائڻو آهي _ ۽ مون کي ..............“
”مون کي مريم سڀ ٻڌائي ڇڏيو آهي: مان سمجهان ٿو ته مريم جو چوڻ
به صحيح آهي _ تون ڀلا ڪيڏانهن ڪندينءَ نياڻيءَ
کي؟“ اوچتو امڙ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي مامو بچل چوڻ
لڳو. اڃا اوترو ڳالهائي. مامي بس ڪئي، ته اوچتو
دروازي تي ڪنهن ٺڪ ٺڪ ڪئي. ۽ پوءِ ڪجهه لمحن بعد
مامي مريم، هڪ نؤوارد لحيم شحيم ماڻهوءَ کي ساڻ
وٺي، اندر داخل ٿي. مون ان شخص کي پهرين ڪڏهن به
ڪونه ڏٺو هو، سو جيئن مان ان کي حيرانيءَ سان ڏسڻ
لڳس. ته ماميءَ مريم يڪدم تعارف ڪرائيندي چيو:
”هيءُ ادو موسو آهي، اسان سان ڏاڍو وڙ ڪيا اٿس.
اهو نه هجي ها، ته اسان جو الائجي ڪهڙو حال ٿئي
ها!! اسان سندس ٿورو لاهي ئي نٿا سگهون.........“
اوچتو حسنا (ماهه لقا) به اندر لنگهي آئي ۽ پوتيءَ
جي پلئه ۾ هٿ لڪائي. اچي موسي کي کيڪاريائين. ان
جي موٽ ۾ موسي به مٿي تي هٿ رکي، ”بسم الله،
منهنجي ڀيڻ، سدا سکي رهين.“ چيو _ ۽ مامي مريم جي
ڳالهه اڌ ۾ ئي رهجي وئي.
امڙ ۽ مون کي ان ڌارئي ماڻهوءَ جو اچڻ ڪجهه خراب لڳو، پراسان ڇا
ٿي ڪري سگهياسين؛ مٺي به ماٺ ڪري في الحال ويهي
رهياسين، جيسين مامي وارن جو محسن موسو اٿي. آخر
موسو به ڪجهه دير مامي جي مزاج پرسي ڪري اٿيو ۽
اٿڻ مهل وري به ماميءَ کي چوڻ لڳو: ”جيجان، پئسي
پاڻيءَ جي ضرورت هجي ته بي ڌڙڪ چئي ڇڏجو، متان
حجاب ڪيو، جيسين يار بچل ٺيڪ ٿئي!“ ان جي موٽ ۾
ماميءَ فقط ”ادا، تنهنجي وڏي مهرباني، توهان اسان
کان پري ڪونه آهيو“ جملن تي اڪتفا ڪئي. ان گهڙيءَ
مون ان شخص جي سراپا تي نظر ڊوڙائي، مٿي تي شيشن
واري سنڌي ٽوپي پيل، شهپر وٽيل، بت تي ململ جو
سنهو پهرياڻ، جنهن ۾ لڳل کيسي منجهان سؤ سؤ نوٽ
نمايان نظر اچي رهيا هئا، چهرو ڪنهن جابر جيان
سوڻل. اڇي شلوار. ۽ پيرن ۾ چيچاٽي بوٽ پهريل ۽ قد
تقريباً ڇهن فوٽن کان به سوايو هوس.
بهرحال، ان شخص جي وڃڻ کان پوءِ امڙ ٻيهر پنهنجي مقصد تي موٽي
آئي ۽ مامي بچل کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي،
”ادا بچل، وقت ڏاڍو خراب اٿئي، جوان جماڻ نياڻيءَ
ڪيترو وقت ائين ويهاريندين. مان وري به تنهنجي
پنهنجي آهيان. منهنجو پٽ به ماشاالله پڙهيل ڳڙهيل
۽ عزت جي نوڪري وارو آهي، تنهنجي نياڻي ڏکي ڪانه
ٿيندي. هونءَ ته ڪيئي مائٽيون ملن ٿيون، پر پٽ جو
ضد آهي، ته شادي ڪندس، ته ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪندس.
باقي جوڻهين وارو شرط ڏاڍو ڏکيو آهي. تنهنجوپٽ اڃا
معصوم آهي ۽ منهنجي نياڻي بالغ آهي. ڪڏهن زمين
۽آسمان جو به ميلاپ ٿيو آهي. وڌيڪ تنهنجي مرضي
آهي. مان اڄ آئي آهيان، وري ڪانه ايندي سان!“
ايترو چئي امڙ، مامي جي چهري ڏانهن نهارڻ لڳي، جيڪو امڙ جي
ڳالهه ٻڌڻ سان گڏو گڏ پنهنجي زال مريم جي منهن ۾
اشارن ئي اشارن ۾ ڪجهه گهر واريءَ جا احڪامات
سمجهي رهيو هو _ امڙ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي چوڻ
لڳو،“ ڀيڻ، معاف ڪجئين، کوهه ۾ ٽپو، هڪ ڀيرو ڏبو
آهي. نياڻين جا سودا هيرن جواهرن جا ٿيندا آهن،
مون کي سوچڻ لاءِ ڪجهه مهلت ڏي، الله مڙيو ئي چڱي
ڪندو.“
مامي جي ڳالهه ٻڌي، امڙ يڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ دروازي تي پهچي، وري
مڙي مامي کي چوڻ لڳي، ”ادا بچل، تون ڏاڍي غلطي ٿو
ڪرين ۽ ڏاڍو پڇتائيندين. مون جهڙي مائٽي وري ڪانه
ملندئي!“ ائين چئي، امڙ منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي،
ٻاهر نڪري آئي.
v
تانيه ٿيٻو
سفارش
ڪيترائي سال اڳ جڏهن مان اسڪول ۾ ويهڻ جهڙو ٿيس ۽ بابا پاڙي
اوڙي جي اسڪول جي جانچ پڙتال ڪرائي ته ڪهڙو اسڪول
سندس سڪيلڌي پٽ لاءِ موزون ثابت ٿيندو، تڏهن بابا
کي خبر پئي ته سڀني اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تمام
گهڻي رش هئي. (هونئن به اسان جي ملڪ ۾ موجود
سهولتن سان انوسرل پرو پورشنل
Inversely proportional
آهي.) هونئن بابا کي پنهنجن ٻارن سان پيار تمام
گهڻو هو، پر ان پيار جو زور به بابا جي سستيءَ ۽
بي ڌيانيءَ کي ختم نه ڪري سگهيو هو. بهرحال بابا
جي ان سستيءَ جي ڪري دير ٿي وئي هئي. هيڊ ماستر
بابا کي چيو، ”اسان جو اسڪول شهر جي سٺي ۾ سٺو
اسڪول آهي. انڪري اسان وٽ رش گهڻي هوندي آهي، ۽
اوهان تمام دير ڪري اسان وٽ رش گهڻي هوندي آهي. ۽
اوهان تمام دير سان آيا آهيو. اهو جواب ٻڌي بابا
سمجهي ويوته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، پر امان اڻڄاڻائيءَ
۾ گهر مٿي تي کڻي ڏنو (بابا وانگر مان به ان ڳالهه
سان متفق آهيان ته عورتون مردن جي مقابلي ۾ بي
وقوف هونديون آهن. انهن ۾ سمجهه جي گهٽتائي هوندي
آهي.) سندس خيال هو ته هاڻي منهنجو سڪيلڌو پٽ سٺي
تعليم کان محروم رهجي ويندو. پر بابا کي خبر هئي
ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، سو بابا ان مهم تي روانو ٿي
ويو، جنهن کي ”سفارش“ چوندا آهن.
سو ائين منهنجي زندگيءَ جي پهرين اهم معاملي جي شروعات سفارش
سان ٿي، ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ته ضرورت نه آهي. مان
سمجهي نه سگهيو آهيان ته اها منهنجي نا اهلي هئي
يا منهنجن مائٽن جي لاپرواهي، يا هن سسٽم جي
خرابي! پرا ن ۾ ڪجهه چڪر قسمت جو به آهي. توهان
ڀلي نه مڃو، پر ڪجهه ماڻهن جي قسمت اڻٽيهين
اونداهي جهڙي هوندي آهي. ۽ ڪجهه ماڻهن جي قسمت
چوڏهين جي چانڊوڪيءَ جهڙي روشن: ڇو ته ڪي ماڻهو
اماس جو چنڊ ۽ ڪي چوڏهين جو چنڊ هوندا آهن. پاڻ به
جرڪندڙ ۽ ٻين..............
خير ڳالهه پئي هلي سفارش جي جيڪا منهنجي زندگي جو هڪ اٽوٽ حصو
آهي ۽ هميشه رهندي. سفارشن جي مدد سان مان جيڪو
ڪجهه به ٿي سگهيو هئس، ان تي مون کي فخر هو، ڇو ته
هن ملڪ ۾ ڄمڻ کان مرڻ گهڙيءَ تائين هر نئين پل
نئين ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن سفارش
جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. ۽ ان محتاجيءَ جو شڪار
رڳو مان نه آهيان، پر سفارش هر فرد کي جڏڙو ۽
محتاج بڻائي ڇڏيو آهي. ٻيو ته سفارش ڪنهن ڏاڪڻ جي
پهرين ڏاڪي تي چڙهي سگهڻ جي موڪل وٺڻ وانگر پنهنجي
توانائي ۽ پنهنجي پيرن جو استعمال ڪرڻو پيوهو. خير
هينئر تائين مون جيڪي به سفارشون ڪرايون هيون انهن
جو مون کي نه گهڻو افسوس هون نه ئي اهو احساس ته
مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اهو مون کي بنا سفارش
جي حاصل ڪرڻ کپندو هو. (ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته اها
خواهش ڪرڻ بيوقوفي آهي ۽ پاڻ کي دوکو ڏيڻ ۽ پاڻ کي
هرو ڀرو اضافي عذابن ۾ مبتلا ڪرڻ جي مترادف آهي.)
ڇو ته مون ک پنهنجو پاڻ تي اعتماد به هو ته اهو
گمان به ته ڪو جوهري هجي ها ته منهنجي شخصيت کي
يقيناً پرکي وٺي هي. پر مون کي اها خبر نه هئي ته
مون کي پيار ۾ به سفارش ڪرائڻي پوندي. مون کي پيار
به سفارش سان ملندو. ڪنهن جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪنهن ٻئي کان چورائڻو پوندو ۽ منهنجي شخصيت جي سند
۽ منهنجي ذات جو سرٽيفڪيٽ هن لاءِ ڪافي نه هوندو.
جڏهن مون مهرين کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هوءَ مون کي پهرن نظر
۾ ئي پياري لڳي هئي. تڏهن مونکي اهو يقين هو ته
هوءَ به مون سان پيار ڪرڻ لڳندي. شايد ان ۾ ڏينهن
لڳن يا مهينا، پر ائين ٿيندو ضرور. بلڪل ائين جيئن
ڪٿي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏبي آهي. ۽ پوءِ ويهي
انتظار ڪبو آهي ته ڪڏهن ٿي انٽرويو جي ڪال اچي.
مان به انتظار ڪندو رهيس ان مرڪ جو جيڪا پيار جي
نوڪريءَ جي انٽرويو ڪال هوندي. ان جملي جو جيڪو
پيار جي نوڪري جي آڊر وانگر هوندو ، پر نه مان
انتظار ڪندو رهيس. شايد منهنجي شخصيت جا
ڊاڪيومينٽس ڪافي نه هئا. مان سڄي عمر سوچيندو رهيو
هئس ته خدا ۽ انسان جي سوچ ۾ ڳانڍاپي وانگر پيار
وارن کي به ڪنهن ذريعي جي ضرورت ناهي پوندي، جيڪو
گهرڻو هجي خدا وانگر پنهنجي پياري کان پاڻ گهرجي.
پوءِ ها ٿئي يا نه. ۽ اگر نه ٿي ته ان کي ڪو ٽيون
ماڻهو يا ذريعو ها ۾ بدلائي نه ٿو سگهي.
پر منهنجي انهن خيالن منهنجي لاءِ اميد جا سڀ دروازا بند ڪري
ڇڏيا. جيڪڏهن منهنجو نظريو صحيح آهي ته پوءِ ڪا
اميد رکڻ بيوقوفي ٿيندي. مون کي پنهنجي چوڌاري
اوندهه ئي اوندهه نظر آئي. هاڻي ڇا رهيو هو! مون
زندگيءَ ۾ هميشه پيار کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني
هئي. ۽ منهنجو خيال هو ته جيڪڏهن خدا مون مان خوش
هوندو ته مون کي انعام طور اها نعمت ڏيندو. جيڪڏهن
مان ڪنهن خوشيءَ جي لائق آهيان ته پوءِ مون کي ان
خوشيءَ کان محروم نه رکندو. پر مون کي پنهنجين
اميدن تي پاڻي ڦرندي پئي نظر آيو. هاڻي ڪجهه نه ٿو
ٿي سگهي. پر نه مان غلط هئس. ڪيترائي مهينا انتظار
ڪرڻ کان پوءِ مون کي خيال آيو ته اڄ تائين زندگي ۾
هر معاملي ۾ سفارش جو سهارو وٺڻو پيو آهي. (صرف
مون کي ئي نه هن سسٽم سان لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي.
پر پيار ته زندگيءَ جي هر معاملي کان مختلف آهي.)
هينئر تائين ڪهڙي شي بنا سفارش جي ملي آهي جو پيار
بنا سفارش جي ملندو. اهو خيال مون کي شروع ۾ ٿورو
عجيب لڳو. مان سوچن جي جهنگ ۾ خيالن جي خيما کوڙي
ويهي رهيس. ۽ پاڻ سان بحث ڪرڻ لڳس.
ائين ڪيئن هوندو! اگر هوءَ مون سان پيار نه ٿي ڪري ته پوءِ ڪنهن
نئين جي وچ ۾ پوڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڪنهن جي دل ڪو
سرڪاري آفيس ته نه آهي جنهن ۾ ڪو ڪامورو ويٺو هجي
۽ پيار جا بل پاس ڪرڻ يا نه پاس ڪرڻ ، نوڪرين جا
آرڊر ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ جو بنياد ڪنهن وڏي سفارش کي
بنائجي.
هوءَ مون سان پيار ڪندي ته بنا ڪنهن سفارش جي ڪندي، ۽ جي نه ته
پوءِ هن جي نه کي ها ۾ بدلائڻ لاءِ ڪنهن سفارش جو
سهارو وٺڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. ڇو ته مسئلو
ڪنهن کي شاديءَ لاءِ راضي ڪرڻ جو هجي ته پوءِ اتي
واقعي سفارش ڪم ڏئي ويندي آهي. پر جڏهن توهان
چاهيو ته ڪوئي توهان سان پيار ڪري ته پوءِ ان جي
لاءِ سفارش ڪرائڻ ..... ان ڳالهه کي منهنجو دماغ
قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
پر جڏهن ڪيترائي مهينا انتظار ڪرڻ کان پوءِ به مون کي هن جي دل
۾ پيار جي چڻنگ ٻرندي نظر نه آئي تڏهن مون پنهنجو
پاڻ کي چيو هينئر تائين ته زندگيءَ جي جنهن به موڙ
تي ڪا اٽڪ اڳيان آئي آهي ان کي ڪنهن صحيح ۽ موزون
وقتائتي سفارش ختم ڪري ڇڏيو آهي. متان پيار ۾ به
ائين ٿيندو هجي؟
جڏهن مان پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪري ويس. تڏهن مون ڪنهن
موزون ماڻهوءَ جي ڳولا بلڪل ائين شروع ڪئي. جيئن
ڪنهن نوڪري وٺڻ لاءِ ڪنهن موزون ماڻهوءَ جي سفارش
ڳولهبي آهي. ۽ منهنجي پهرين ۽ آخري نظر پنهنجي سوٽ
سليم تي پئي. ها، سليم ان ڪم لاءِ بلڪل موزون هو.
توهان کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته مهرين به ڌاري نه
بلڪه اسان جي پري جي مائٽياڻي هئي. پر سليم جي
هوءَ ڪجهه ويجهي مائٽياڻي هئي ۽ سليم جو هنن جي
گهر اچڻ وڃڻ به گهڻو هو. سو مون فيصلو ڪيو ته
سليم کي پنهنجو رازدار بنايان مون شروع ۾ ئي
پنهنجا شڪ شبها هن جي اڳيان رکيا
ڄڻ چوندو هجان ”اميد ته ڪانهي پر تون ڪجهه ڪري
ڏس!“ ”سليم ڇا پيار به سفارش سان حاصل ٿي سگهي
ٿو.“ مان اهو پڇڻ کان رهي نه سگهيس.
”ماڻهو سفارش ذريعي پنهنجا بل آفيسن مان پاس ڪرائي سگهي ٿو. پر
ڪنهن ڇوڪريءَ جو پيار به حاصل ڪري گهي ٿو! مون کي
اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿا اچي.“
”جڏهن تنهنجو ڪم ٿي ويندو نه تڏهن توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي
ويندي. ”سليم جواب ڏنو.
”ايڏي ڪاروباري ٻولي استعمال نه ڪر.“ مون کي سندس ڳالهه ڪرڻ جو
اهو انداز نه وڻيو.
”هن دنيا ۾ هر ڳالهه ڪارو باري بڻجي وئي آهي. هر ڳالهه ۾ ماڻهن
پيسي جو فائدو وٺڻ شروع ڪيو آهي. ۽ جنهن ڳالهه ۾
هنن کي اهو فائدو نظر نه ٿو اچي. اها ڳالهه کيس بي
معنيٰ ٿي نظر اچي. اڄڪلهه ماڻهو پهرين واري پيار ۾
ڪو يقين نه ٿا رکن . ٻئي جي سماجي حيثيت ڏسي پوءِ
پيار ۾ مبتلا ٿا ٿين. By the way
تون مهرين تي ڪائين نظر ۾ عاشق ٿيو هئين؟“
”پهري ن نظر ۾ “ مون هڪدم جواب ڏنو.
”نه اهو ته ڪوڙ آهي. پهرين نظر ۾ تنهنجي نظر پئي هوندي چاچا جي
سماجي رتبي تي، پوءِ ان ڳالهه تي ته مهرين جي حصي
۾ ڇاڇا ايندو. ها باقي ٽين نظر ۾ تو مهرين کي غور
سان ڏٺو هوندو ۽ پوءِ توکي لڳو هوندو ته مهرين تي
عاشق ٿيڻ کپي. يعني تون مهرين تي ٽين نظر ۾ عاشق
ٿيو هوندين.
”چڱو ڇڏ انهن بيڪار ڳالهين کي. اهو ٻڌاءِ ته تون ان سلسلي ۾ ڇا
ٿو ڪري سگهين.“ مون هن کان پڇيو.
”اهو توکي مان مهيني کان پوءِ ٻڌائيندس.“ هن ڪيلينڊر تي هڪ نظر
وڌي.
”مهيني کان پوءِ؟“ مون رڙ ڪندي چيو.
”صبر ڪر!“ سليم وراڻيو.
”صبر ئي ته نه ٿو ٿئي.“ مون چيو.
”هڪڙو ته ڪم ڪرائين سفارشن تي ٻيو صبر نه ڪندين.“ سليم مذاق ۾
جواب ڏنو.
”چڱو ڪندس بابا ڪندس پر......؟!“ مون ايترو مس چيو ته امان ماني
لاءِ سڏ ڪيو. ۽ اسان ٻئي اٿي ڊائنگ روم ڏانهن ماني
کائڻ ويا سين.
مهيني تائين سليم مون سان ڪو به ڪانٽيڪٽ نه ڪيو. هڪ ڏينهن اوچتو
ئي اوچتو سليم منهن ڪڍيو ”يار ڪيڏاهن گم ٿي ويو
هئين. نه ڪا خبر نه چار.“ مون رڙ ڪندي چيو.
”تنهنجي ڪم سان لڳو پيو هوس.“
”ڇڏ هاڻي اهي ڪوڙ.“ مون پنهنجي خوشي دل ۾ لڪائيندي چيو.
”نه سچي. روز باقائدگيءَ سان مهرين وارن جي گهر ويندو هوس.“
”ڇو؟.“
”تنهنجي ڪم سان.“
”منهنجي ڪم سان پوءِ ڪا پروگيس ٿي؟“ ڏاڍي اٻهري انداز ۾ چيم.
”ها جڏهن به ويندو هئس تنهنجو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ذڪر ڪندو
هوس.“
”سٺو يا خراب؟“ مون احمقانه سوال پڇيو.
تنهنجون ڪوڙيون تعريفون ڪري ڪر ي منهنجي ڄاڙي سور ٿي ڪري.“
”ڪوڙي تعريف ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. مون ۾ توکي ڪا
خوبي نه ٿي نظر اچي.“ مون جواب ۾ چيو.
”خوبيون ته تو ۾ لک هونديون. پر مون کي انهن جي خبر ڪانهي. ۽ جن
جي مون کي خبر هئي اهي ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجو
ڪرڻ لاءِ ڪارگر ثابت ڪونه ٿين ها سو. مون کي
مجبوراً اهڙيون خوبيون بيان ڪرڻيون پيون. جيڪي تو
۾ ناهن.“
”ڀلا انهن جو ڪجهه اثر ٿيو؟“
”نه شروع ۾ ڪو خاص اثر ڪونه ٿيو. باقي گهر جا سڀ ڀاتي ٿورا الرٽ
ٿي ويا ته سليم . مظهر جو وڪيل آهي ڇا؟“
”۽ مهرين تي ان جو ڇا اثر ٿيو؟“
”اڃا ان جي ڪا خبر ناهي پئي.“ سليم بي پرواهيءَ سان چيو.
”ڇا مطلب؟ اڃا خبر ناهي پئي. مون هلڪي ڪاوڙ مان پڇيو. جيڪا مون
کي مهرين تي هئي.
مون تنهنجو فائل مهرين جي دل جي آفيس ۾ پهچايو آهي. هاڻي هوءَ
ڪڏهن ٿي ان کي کولي پڙهي. ڪڏهن ٿي ان تي پنهنجا
ريمارڪس لکي. ۽ ڪڏهن ٿي ان کي فارورڊ ڪري: ان سڄي
پروسيس
Process
۾ ٽائيم ته لڳندو نه. “
”ڪيترو؟“ مون اٻهرائيءَ مان پڇيو.
”گهڻو ٽائيم ڪونه لڳندو. پر تون ڏاڍي بي صبري پيو ڏيکارين ائين
ڪم ڪونه ٿيندو هڪڙو ته سفارش.....“
”وري اهو لفظ پنهنجي زبان تي نه آڻجانءِ مون کيس ڪاوڙ مان چيو.
مون کي سفارش لفظ کان نفرت ٿي پئي هئي.
تون ان لفظ کان هاڻي ئي ايڏو چڙين ٿو ان اصل ڪردار ته اڃا شروع
ئي ناهي ٿيو.“ سليم کلي چيو.
”اهو وري ڪڏهن شروع ٿيندو؟“
”جڏهن مان مهرين سان ڊائريڪٽ تنهنجي باري ۾ ڳالهائيندس.“
”پر ڪڏهن؟“
”تمام جلد، پر تون رڳو صبر کان ڪم وٺ.“
”مون کي ته هي ڪو چڪر ٿو لڳي جيئن چوندا آهن نه ته جيڪڏهن زڪام
جو علاج ڪبو ته اهو ستن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿيندو، نه ڪبو
ته هفتو لڳندو. معنيٰ ته جي سليم کي وچ ۾ آڻبو ته
به صبر ڪر ڻو پوندو ۽ جي نه آڻبو ته به صبر ڪرڻو
پوندو. پوءِ باقي ٻنهي ڳالهين ۾ فرق ڪهڙو ٿيو؟“
مون پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
”جي سليم کي وچ ۾ آڻبو ته ڪجهه عرصي لاءِ صبر ڪرڻو پوندو. جي نه
آڻبو ته پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين صبر ڪرڻو پوندو.
اهو اٿيئي فرق.“
”توکي پنهنجي صلاحيتن تي يقين آهي.“ مون کي ان ڳالهه تي ساڙ به
ٿيو پئي ۽ ٿوري خوشي به ڇو ته سليم جي صلاحيتن ۾
يقين رکڻ جو مطلب هو ته ڪم پڪ ٿيندو. پر مهيني
گذرڻ کان پوءِ به جڏهن حالتن ۾ ڪا بهتري نه آئي ته
مان هڪ دفعو ٻيهر نا اميديءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳس.
ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته مهرين به پهرين نظر ۾ ئي
مون تي ائين عاشق ٿي پوي ها. جيئن مان مٿس ٿيو
هوس. پوءِ هن سليم جي سفارش ....... مون کي ان لفظ
کان سخت چڙ ٿي پئي هئي.
منهنجيون خوشيون ان لفظ جون محتاج هيون. پر اڃا تائين مون کي
اهاڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته سليم ڪيئن مهرين جي دل
۾ منهنجي لاءِ پيار پيدا ڪندو. مون کي اها ڳالهه
ٿوري عجيب ۽ چريائپ واري پئي لڳي. سليم وٽ ڪو
علاءُالدين جو چراغ ته ڪونهي. ڪٿي مهرين منهنجي
بدران سليم سان ته سيريس نه ٿي ويندي....... مان
انهن سوچن ۾ غرق ٿي ويس. مون کي اها ڳالهه هميشه
کان وٺي ٻه ۽ ٻه چار وانگر لڳي هئي. ته مان جنهن
سان پيار ڪندس: جنهن کي پسند ڪندس اها ضرور مون
سان پيار ڪندي.
مون پنهنجي دل کي هميشه جگسا پزل
Jigsaw juzzel
جو هڪ ٽڪرو سمجهيو هو. جيڪو
دل جي خاني ۾ فٽ اچڻو هو. اها جنهن دل جي خاني ۾
اهو ٽڪرو فٽ اچڻو هو اها دل مهرين وٽ هئي. مون کي
حيرت ان ڳالهه جي هئي ته هن جون اکيون اهو ڇو نه
ٿيون ڏسن ته منهنجي دل جو ٽڪر، هن جي دل جي جگسا
پزل جي هڪ خاني لاءِ بلڪل فٽ سوٽيبل هو. هوءَ ان
حقيقت کان ڇو اڻ ڄاڻ هئي.
گرمين جي هڪ شام جو جڏهن مهرين جي باري ۾ ئي سوچي رهيو هئس ته
اوچتو سليم الائي ڪٿان اچي نڪتو. ڇو ته مون ٻڌو
هو ته هو اسلام آباد ويل هو: پر هن جي پيرن کي هڪ
جڳهه تي ٽڪڻ ڪڏهن آيو ئي ڪونه هو. سليم آئسنٽائن
جي انسرٽينٽي
Unsertainity urinceple
جي جيئري جاڳندي تصوير هو.
”پڇيو مانس ڪٿان پيو اچين؟“
دادوءَ مان فرج مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍندي جواب ڏانائين.
سليم انهن ماڻهن منجهان هو. جيڪي هوندا آهن. ان ماحول ان سچويشن
جو حصو لڳندا آهن. ۽ مان انهن ماڻهن منجهان هئس
جيڪي پنهنجي گهر تر ۾ به اڌارا لڳندا آهن.
”مهرين جي سوٽ جي شادي هئي. سو مون کي چيائون ته تون به هل مون
چيو ٺيڪ آهي. ان بهاني شايد مهرين جي طبيعت کي
وڌيڪ سمجهڻ جو موقعو ملي وڃي.“ ۽ پنهنجي اصل موضوع
تان هٽي چيائين. ”يار ڏاڍي ڪامپليڪسڊ نيچر واري
ڇوڪري آهي.....“
اهو جملو يقيناً مون کي چيڙائڻ لاءِ هو ڇو ته پهرين ڪڏهن به
سليم مهرين جي باري ۾ اهو ريمارڪ نه ڏنو هو.
”تون دادوءَ ۾ ڪيترا ڏينهن رهئين؟“ مون پڇيو.
”دادوءَ ۾ هفتو رهيس.“
”هفتو“ وڻي نه وڻي وچان گرهه کڻي.“ مون ٽوڪيندي چيو.
توکي خبر ناهي ته مان مهرين وارن جي گهر جي ڀاتين وانگر آهيان.
”جڏهن کان منهنجي سفارش واري مشن تي لڳو آهين؟“ مون طنز ڪئي. پر
تير نشاني تي لڳو.
”ها ائين ئي سمجهه.“ کلي چيائين.ڇو ته سليم مون وانگر نه ئي انا
جو ماريل هو نه ئي ڪنهن احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا.
هن جو نارمل ريئيڪشن ڏسي مان نارمل ٿي ويس. ۽ نارمل لهجي ۾ چيم
”هاڻي گهڻو وقت ٿي ويو آهي. سو ان ڊرامي جو ڊراپ
سين ٿيڻ گهرجي. بس ڳالهه هڪ پاسي ٿيڻ کپي.“
جيڪڏهن تڪڙ ڪندين ته پوءِ ڳالهه هڪ پاسي ضرور ٿيندي. پر ان پاسي
ڪانه ٿيندي جنهن پاسي تون ٿو چاهين.“
”منهنجي ڪنڌ تي ڄڻ ڪا تلوار لٽڪيل آهي مان چاهيان ٿو ته اها هٽي
يا.......“
”چڱو هاڻي ڊرامي بازي نه ڪر“ سليم منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو.“
ٻئي دفعي توکي ٻڌائيندس ته اينڊ ٽريجڪ ٿيڻي آهي يا
ڪامڪ.“
بهر حال اهو آخري دفعو اچي ويو، جنهن جو سليم ذڪر ڪيو هو.
منهنجي انديشن جي ابتڙ منهنجي هڪ طرفي پيار جي
ڊرامي جو ڊراپ سين ڪامڪ ٿيو. سال جي اندر اسان
ٻنهي جون دليون، ۽ گهر هڪ ٿي ويا. ۽ ان کان پوءِ
منهنجو سفارش جي طاقت ۾ اعتماد ۽ اعتبار وڌي ويو.
۽ پنهنجي باري ۾ جنهن احساس ڪمتريءَ جي شروعات ان
سفارش ڪرائڻ جي ڪري ٿي هئي اها به آهستي آهستي گهٽ
ٿيندي وئي.
سچ چوندا آهن ته وقت وڏو مرهم آهي.
پر مون کي ان ڳالهه جو افسوس هميشه رهندو ته مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن
به بنا سفارش جي ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيس. اسڪول ۾
داخلا کان وٺي پيار تائين هر دروازو سفارش جي
چاٻيءَ سان ئي کليو.سفارش کان سواءِ ڪجهه نه مليو:
نه نوڪري نه ڇوڪري نه پيار....... لسٽ تمام وڏي
آهي. پر مون کي خبر آهي ته مون وانگر توهان جو وقت
به تمام گهڻو قيمتي آهي.
v |