پر جلد ئي صنوبر جي وڻ پڻ هن جو ساٿ ڇڏي ڏنو. جڏهن
راڳ ڏاڍو زور وٺي ويو، تڏهن وڻ به زور سان ڪر
ساهيا، ۽ پاڙن سوڌو زمين مان نڪري آيو. هن جون
ٽاريون مختلف سرن تي جهومڻ لڳيون ۽ ويچارو غريب
پادري ان ۾ چنبڙي هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳو.
دراصل ڳالهه ادا اها آهي ته ويچاري صنوبر پنهنجي
روح کي محفوظ رکڻ جي ڪا به ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ ڏاڍي
شوق سان هو به ناچ ۾ شامل ٿي ويو. اهو نظارو سچ پچ
ڏسڻ وٽان هو، ۽ غريب پادري وڻ ۾ ٻانهون وجهي لٽڪي
رهيو هو. سندس ڊگهو ڪوٽ هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو هو ۽
هو ويچارو پنهنجي روح جي ناپاڪ ٿيڻ تي رڙيون ڪري
رهيو هو. هو وڻ سان گڏ نچڻ لاءِ تيار نه هو، پر
جيئن جو هو ان سان چنبڙيو پيو هو، تنهن ڪري ان کي
ڇڏي به نه ٿي سگهيو. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ وڻ
کي به هن سان گڏجي نچڻ پسند نه هو- ڇو جو هو مختلف
قسم جا وارا ڦيرا ڪري هن کان جان ڇڏائڻ جي ڪري
رهيو هو، جيڪڏهن پادري چالاڪي کان ڪم نه وٺي ها،
ته وڻ هن کي ڇني پٽي اڇلائي ڇڏي ها يا چيڀاٽي ماري
ڇڏي ها. اها ته اوهان کي خبر هوندي ته صنوبر جو وڻ
ڪيڏو نه وزندار هوندو آهي. ليڪن غريب وڻ ڪيستائين
هن نڪمي ۽ بي همٿ انسان جو ساٿ ڏئي. وڻ هڪ زور سان
لوڏو کاڌو ۽ ٻڍي پادري جا هٿ ڇڏائجي ويا ۽ هو راڳ
جي ميدان کان پري ٽڪري تي وڃي ڪريو. ان کان پوءِ
صنوبر جي وڻ پنهنجون شاخون شاهه بلوط جي وڻ سان
ملايون ۽ ٻئي مزي سان نچڻ لڳا. هو ٻئي ايڏو ته زور
سان نچي رهيا هئا، جو پگهر ۾ شل ٿي ويا.
ويچارو پادري پٿرن مٿان ڪنجهي رهيو هو. هن جو سَنڌ
سَنڌ سور ۾ چيچلائي رهيو هو ۽ هو دانهون ڪري رهيو
هو: ”اڙي منهنجو پاڪ روح! منهنجو پاڪ روح....ناپاڪ
ٿي ويو!“ ۽ هو هيٺ واديءَ ۾ غيبي راڳ ۾ ناچ ڪندڙن
ڏانهن ئي گهوري رهيو هو، ڄڻ ته اتي پنهنجو پاڪ روح
ڳولي رهيو هو. نچندڙ سڀني ماڻهن ۽ جانورن هن جون
دانهون ٻڌي ، ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ کلي کلي کيرا ٿي
پيا ۽ اهڙو وٺي ناچ شروع ڪيائون ڄڻ ته هن جو ويل
روح تلاش ڪري رهيا هئا! هنن سڀني هڪ ننڍڙي ڪافي
ٺاهي:
پادريءَ جو پاڪ روح!
ڪنهن ڏٺو ؟ ڏس ڪو ڏئي!
- ۽ ڪافي سازن جي سُر تي شروع ٿي ويئي. ٽوني بيور
ڪافيءَ جي مصرع کڻڻ شروع ڪئي. هو ۽ منڊو ڇوڪرو
نچندا هينريءَ جي ڀرسان پهتا، جو گاهه جي ڍڳ سان
گڏجي نچي رهيو هو. راڳ جو آواز پکڙبو ويو ۽ سڀيئي
– هينري ۽ گاهه جو ڍڳ، نوريئڙن جي جماعت – هڪ ٻئي
اڳيان جهڪندا، ڪافيءَ جا ٻول اچاريندا ٿي ويا.
پادريءَ جو پاڪ روح!
ڪنهن ڏٺو؟ ڏس ڪو ڏئي!
نوريئڙن پنهنجي پڇن کي اڀو ڪيو، ۽ سڀيئي اها ڪافي
چوڻ لڳا.... تان جو سڀيئي وڻ ٽڻ جيت جانور سڀ اها
ڪافي وڏي آواز ۾ ڳائڻ لڳا. اهي سڀيئي ڪافي جي ڌن ۾
ايترو ته مست ٿي نچڻ لڳا، جو ڄڻ ته هنن جو دماغ ئي
ڦري ويو هو. ڳالهه آهي ته عجيب، حقيقت اها آهي
ڳائڻ ۽ نچڻ مهل سڀ کان زياده کل روح جي ناپاڪ ٿيڻ
تي ايندي آهي.
ان ساري عرصي ۾ سُرندي وارو جمي ٽڪريءَ تي چڙهيو،
انسانن ۽ حيوانن جو هي سرمدي ناچ ڏسي رهيو هو.
هڪڙي سر جي بند ٿيڻ کان پوءِ، ٻيو سر هن جي ويجهو
اچي ٿي گذريو ۽ هن کي ڪيئي سڏ ٿي ڪيائين، پر هو
اڪيلو بيٺو رهيو ۽ بيٺي سرندو وڄايائين ۽ ناچ
ڪيائين. آخر هڪڙو ننڍڙو شاندار نغمو شروع ٿيو.
اسان ايل درياءَ جي جاهل رهاڪن اهڙو پيارو سر راڳ
ڪڏهن به نه ٻڌو هو. اهو راڳ وچ وٽ نرم ۽ نازڪ هو،
مٿيان سر قرمچي ۽ هيٺيان سر ڀورا هئس. ان راڳ
بجليءَ جيان اچي اسان مٿان چمڪاٽ ڪيا - ۽ ائين پئي
معلوم ٿيو ته ڄڻ سڌو آسمان جي دروازن کان آيو آهي،
ائين ئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ساري ڪائنات جو روح ان ۾
سمايل هو. ان سر کي ايندو ڏسي. سرندي واري جمي رڙ
ڪئي: ”مان هتي آهيان!“ ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن اهڙيءَ
ته محبت ڀريءَ نظر سان ڏٺو، جو ڄڻ ته ازل کان وٺي
هڪ ٻئي جا دوست هئا، ۽ جمي ٽِپ ڏيئي رفتار ۾ ڪو به
فرق نه پيو، ۽ انهن سرندي وارن جميءَ کي پنهنجي
گود ۾ کنيو، ۽ جهومندي اڳتي وڌي ويو. باقي سڀ سر ۽
راڳ پوئتي هٽي ويا، ۽ نچڻ وارا پڻ پوئتي هٽي ويا،
۽ هنن ٻنهي جي چوڌاري انڊلٺ جيان پکڙجي ويا، بس ان
کان پوءِ..... ان کان پوءِ..... سارو کيل ختم ٿي
ويو. جيئن ئي اهو عجيب سر بس ٿيو، تيئن راڳ جا سڀ
سر پاڻ ۾ گڏجي غائب ٿي ويا، ۽ اهو غيبي راڳ جتان
آيو هو. اوڏانهن روانو ٿي ويو. ان جو سارو آواز ۽
سارو نظارو غائب ٿي ويو، ۽ اها جڳهه، جتان هو ظاهر
ٿيو هو، سا به بلڪل غائب ٿي ويئي. سڀ جانورن ۽ جيت
جهنگل ڏانهن ڀڄي ويا. صرف چند ٽڪرين جا پٿر، هڪڙو
وڻ، جو ساروئي گلن سان جهنجهيو پيو هو- جيتوڻيڪ
گلن جي موسم کي مهينو کن گذري ويو هو- گاهه جا ٻه
چار تيلا ۽ ٻڍي پادريءَ جي بيماري جسم کان سواءِ
پوئتي ڪجهه به نه بچيو. سرندي واري جميءَ کي اسان
وري ڪڏهن به نه ڏٺو، اسان کي ڪو افسوس ڪون هو، ڇو
جو جڏهن هو ان وڏي سر سان نچندو وڃي رهيو هو. تڏهن
ڏاڍو خوش ٿي نظر آيو.
اسان مان هر هڪ پاڻ کي آزاد ۽ خوش و خرم محسوس ڪري
رهيو هو. بدمزاجي ۽ گاريون بلڪل ختم ٿي چڪيون
هيون. اسان ماڪ جي بوند ڏٺي هئي، ۽ غيبي راڳ سان
گڏ ناچ ڪيو هوسين، ۽ اسين سڀ ٻين ماڻهن کان پاڻ کي
بلند ۽ بهتر محسوس ڪري رهيا هئاسون.
ان کان سواءِ ٻي هڪ شيءَ ظاهر ٿي. جيئن ئي اسين سڀ
دم پٽي رهيا هئاسون ۽ هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ محبت جو
جذبو محسوس ڪري رهيا هئاسون، ته اوچتو منڊڙو ڇوڪر
رڙيون ڪندو آيو: ”ٽوني، مونکي ڏس، مون کي ڏس!“
جڏهن اسان سڀني ان طرف ڏٺو، تڏهن عجب جي ڪا حد ئي
نه رهي سون- ڇو جو اهو منڊڙو ڇوڪرو ڊوڙون پائيندو
اچي رهيو هو. هن ڪڏهن ٽپا پئي ڏنا، ڪڏهن قلابازيون
ٿي کاڌائين. ڳالهه اها هئي ته غيبي راڳ هن جي منڊي
پير کي ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو، ۽ هن جا ٻئي پير ٺيڪ نظر
اچي رهيا هئا.
”ڏس، ٽوني، مون کي ڏس!“ هو رڙيون ڪندو رهيو، ۽ ٽپا
ڏيندو رهيو.
بس غيبي راڳ جي هيءَ عجيب ڪرامت ڏسي، اسان سڀني
نعرا هنيا، ۽ ٽونيءَ ڇوڪري کي ڪلهن تي چاڙهيو، ۽
هڪ دفعو وڌيڪ هو عجيب نموني نچڻ لڳو هن ڇوڪري کي
ڪلهن تان لاهي، ٻانهن ۾ کنيو، ۽ ڇوڪرو هڪڙي عجيب
ڪافي ڳائڻ لڳو:”مان ته گهمي سگهان ٿو، مان نچي
سگهان ٿو، ٽوني مان به تو وانگر گهمي ڦري سگهان
ٿو.“
’ٽوني‘، خوش ٿي، مان تو جئن، گهمي ٿو سگهان!
نچي ٿو سگهان، مان ٽپي ٿو سگهان.
او........نچي ٿو سگهان!.........
او.......ٽپي ٿو سگهان!............
ڳالهه اصل ۾ اها هئي ته اهو منڊو ڇوڪرو غيبي راڳ
سان گڏ نچيو هو، نه هو ٿڪجي ويٺو هو، نه ته ڪا بي
تڪي ڳالهه ئي وچ ۾ ڪئي هئائين، ۽ وڏيءُ خوشيءَ سان
غيبي راڳ جو آڌر ڀاءُ ڪيو هئائين.
توهان به ان ڳالهه جو خيال رکو، ۽ ائين ڪيو،
جيڪڏهن غيبي راڳ اچي وڃي، ته يڪدم نچڻ شروع ڪيو، ۽
جيڪڏهن ناچ ڪرڻ کان نابري واريندؤ ته توهان جو حال
ڏاڍا برا حال ٿيا. ڪوٽ سندس ٽڪرا ٽڪر ٿي ويو، ۽
سندس مٿي جا وار ڇڻي ويا، ۽ ان ڏينهن کان وٺي اڄ
تائين هن جي مٿي تي وري ڪو وار نه اڀريو.
جيڪڏهن پڙهڻ وارن کي مون تي ڪو اعتبار ڪونهي، ته
بس اوهان لاءِ اهو ڪافي ٿيندو. جو اوهان خود ايل
درياءَ تي وڃو، ۽ اتي اوهان کي هرڪو ٽڪريءَ جي
چوٽيءَ تي اها جڳهه ڏيکاريندو، جتان غيبي راڳ آيو
هو. اوهان کي پوءِ يقين ايندو ته ڳالهه ائين ئي
آهي، جيئن مون اوهان کي ڪري ٻڌائي.
حميرانور
موجوده سماج ۾ عورت جي حيثيت جو سوال
لاڙڪاڻي جي هڪ ڇوڪري شادي جي پندرهين ڏينهن بعد
پنهنجن مائٽن ۾ گهمڻ آئي. انهيءَ ڏينهن هن ساهرن ۽
مڙس طرفان مليل زيور هٿ ٻانهن ۽ گلي مان لاهي ۽
پرس مان ڪڍي ڏيکاريا پئي ته اتان هڪ منڊي غائب ٿي
وئي، گهر ۾ موجود سڀئي ڀاتي پاڻ ۾ وڙهي پيا ته تو
کنئي آهي، هن کنئي آهي وغيره سڄي گهر ۾ ڪروڌ پئجي
ويو ۽ ڇوڪريءَ جون دانهون ۽ لڙڪ مسلسل وهي رهيا
هئا ته مون کي مڙس ۽ سس گهٽ وڏ ڳالهائيندا ته
تنهنجي مائٽن منڊي چوري ڪئي آهي، سڀئي گهر وارا
ڪمري ۾ بيڊ ۽ بيڊ ڀرسان منڊي ڳوليندا رهيا پر پوءِ
به منڊي نه ملڻي هئي سان نه ملي ۽ سڌو الزام وڃي
گهر جي ننهن تي لڳو، ننهن به دانهون ڪرڻ لڳي ۽
قرآن تي قسم کنيائين ته مون منڊي چوري ناهي ڪئي.
هاڻ ڇوڪري جي مائٽن، ساهرن ۽ نهن جي مائٽن ۾ ڪروڌ
شروع ٿي ويو ۽ هڪ ٻئي تي الزام تراشيون شروع ٿي
ويون. ان دوران ننهن کي مائٽ وٺي ويا ۽ ساهرن
ڇوڪري کي ساڳي منڊي واپس نه ملڻ تائين مائٽن ۾
ويهاري ڇڏيو. اهڙي طرح ٽن چئن مهينن تائين جهيڙو
هليو ۽ شدت اختيار ڪري ويو نيٺ معاملو وڃي طلاق
تائين پهتو. ڇوڪريءَ منڊي وڃائن جي ۽ ننهن کي منڊي
کڻڻ جي سزا طلاق جي صورت ۾ ملي. ڇوٿين پنجين مهيني
کان پوءِ عيدالفطر تي سڄي گهر جي سيٽنگ بدلائي وئي
ته ان وقت ڪمري ۾ موجود بيڊ ڀرسان پيل شوڪيس هيٺان
منڊي ملي وئي. جنهن متعلق چيو پئي ويو ته اها زيور
ڏيکارڻ مهل ڪري پئي هوندي! ۽ مندي ملڻ تي سڀئي
ڀاتي خوش ٿي رهيا هئا. جڏهن ته ٻن عورتن جي زندگين
تي لڳل داغن تي ڪنهن کي به افسوس ڪونه ٿي رهيو هو.
22 سال اڳ هڪ مئٽرڪ پاس ڇوڪري پنهنجن مائٽن سان
شڪارپور ۾ هڪ شاديءَ تي وئي، اتي پري جي هڪ مائٽ
ڇوڪرو ”جيڪو ميڊيڪل جو شاگرد هو) ان کي ڏٺو ۽ ڏاڍو
پسند ڪيو ۽ والدين کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سنڱ وٺڻ
لاءِ سکر روانو ڪيو. هن جا پيءُ ماءُ سکر آيا،
رشتو گهريائون ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن بغير سوچڻ سمجهڻ
۽ ڏسڻ جي رشتي لاءِ ان بنياد تي ها ڪري ڇڏي ته
اڄڪلهه سٺا رشتا ملن ڪونه ٿا. هي پنهنجي ذات
برادريءَ جو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ڇوڪرو ڊاڪٽري پڙهي
پيو ۽ سڀاڻي ڊاڪٽر به ٿي ويندو.
هي رشتو به ائين ٿي ويو جيئن عام طرح چيو ويندو
آهي ته ”جهٽ مڱڻي پٽ وهانءُ“. شادي لاءِ ڇوڪريءَ
جي پيءُ ۽ ڀائرن وسان ڪون گهٽايو ۽ پنهنجي ذات
برادريءَ جي رواج کان ڪافي گهڻو ڪجهه ڏنو، جنهن ۾
سون کان وٺي سُئي تائين هر شيءِ شامل هئي. ان کان
سواءِ گهوٽ لاءِ سامان ۽ ان جي والدين ۽ ڀاءُ ڀيڻن
لاءِ به سڀ ڪجهه ڏنو ويو. ان سڄي سامان ۾ گهوٽ جي
ماءُ جي ڪپڙن ۾ ڪنوار جي ماءُ کان جوراب وجهڻ وسري
ويا، جنهن تي گهوٽ جي ماءُ سامان وٺڻ مهل سخت
احتجاج ڪيو ته تو منهنجي بي عزتي ڪئي آهي هاڻي
شڪارپور وارا مون کي ٽوڪيندا ته اتي تنهنجي ڪهڙي
عزت ڪئي وئي. تون ته جورابن جي به لائق ڪونه هئين
جو توکي ڪپڙن ۾ وجهي ڏين.
خير هن بيهوده جهيڙو کان پوءِ گهوٽ جي ماءُ اجايو
ڳالهائيندي ۽ پنهنجي هر ڳالهه مڃائيندي ڄڃ وٺي
رواني ٿي وئي، پر ڇوڪري، لاءِ عذاب کڻي پوءِ
شڪارپور پهتي. پهرئين ڏينهن ئي ڇوڪريءَ کي ايذايو
ويو، هر کڄندڙ قدم هن لاءِ مسئلو پيدا ڪري رهيو هو
۽ شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي هن کي گهر جي بورچي خاني
۾ ڪجهه ذميواريون ڏئي چيو ويو ته هي ڪم ڪرڻا اٿئي
۽ ٻيا ڪم توکي پوءِ ٻڌائينداسين. ان کان سواءِ هن
کي حڪم ڪيو ويو ته رات جو سمهڻ کان پهرين روزانو
سس ۽ مڙس کي زور ڏيندي ۽ مٿي کي مالش ڪندي ۽ پوءِ
جڏهن هو چون تڏهن پاڻ وڃي سمهندي.
هنن روين ۽ حڪمن کي بجا آڻڻ کان پوءِ جڏهن هيءَ
ٿڪجي ٿورو آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمري جو رخ ڪندي
هئي ته يڪدم هن جي سس ڪاوڙجي پوندي هئي ۽ ننهن
لاءِ هٿ ۾ پادر پڻ کڻندي هئي ۽ هر قسم جي گار ڏيڻ
کان پوءِ به منجهند جو هن جي مڙس کي شڪايت ڪئي
ويندي هئي ته تنهنجي زال ڪم نه ٿي ڪري ۽ سامهون
جواب ڏئي ٿي، انڪري رن تي موچڙو کڻ ته ڪا سڌري، نه
ته سڄو ڏينهن پئي وات هڻندي رهندي. هن جو مڙس جيڪو
اڳي ئي پرمتڙيو هوندو هو، سو ٻڌڻ شرط ئي مائي تي
موچڙو کڻندي دير ئي نه ڪندو هو ۽ جنهن ڏينهن هن کي
جلدي هوندي هئي. تنهن ڏينهن هي پنهنجا اختيار وڏي
ڀاءُ کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ هو پنهنجي زال ۽ ٻارن جا
خار به ڀاڄائيءَ مان ڪڍندو هو ۽ ائين ئي موچڙا
کائيندي هيءَ پهرئين ٻار جي ماءُ بڻجي وئي ۽ پهرين
ڊليوري تي مڙس ڊاڪٽر هئڻ جي باوجود به زال کي نه
اسپتال وٺي ويو ۽ نه وري ڪنهن ليڊي ڊاڪٽر کي گهر
وٺي آيو. هن جي ڊليوري به عام ڳوٺاڻي عورت وانگر
هڪ اڻ پڙهيل دائيءَ کان ڪرائي وئي. اهڙي طرح هيءَ
جانورن وانگر ڪم ڪندي رهي، مار کائيندي رهي ۽ ٻار
ڄڻيدي رهي ۽ هاڻ هيءَ جانورن وانگر ڪم ڪندي رهي ۽
هاڻ هيءَ اٺن ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي آهي ۽ اڳي کان
به وڌيڪ مار کائي پئي، ڇو جو سندس وڏو پٽ جيڪو
ميڊيڪل جي پهرئين سال ۾ پڙهي ٿو. اهو به هن کي
ماريندو آهي ۽ ٻيا ننڍا ٻار به گار گند ڪندا رهن
ٿا ۽ سامهون جواب ڏيڻ تي پٽ چوندو اٿس ته چپ ڪر نه
ته بابا کان طلاق ڏياري ڇڏيندوسانءِ! ۽ اهو ئي
جملو اڳي سس چوندي هيس!
اڄ به شاديءَ کي 20-22 سال گذرڻ باوجود روزانو رات
جو سس، مڙس ۽ پٽ کي مالش ڪندي آهي ۽ پوءِ جڏهن هو
چون تڏهن وڃي سمهندي آهي!
هي ڪجهه حقيقت ڀريون ڪهاڻيون اوهان جي سامهون
آنديون آهن. هنن سچاين کي ڏسون ٿا ته واقعي به
اسان جو سماج سڌرڻ بجاءِ پوئتي ڌڪجي رهيو آهي.
جنهن ۾ عورت جو استحصال ازل کان جاري آهي ۽ لڳي ٿو
ته جاري رهندو.
بيشڪ عورت صابرين آهي ۽ جهيڙاڪ به آهي، هوءَ نسل
پيدا ڪندڙ آهي ته تباهه ڪندڙ به آهي. پر ان جو
مطلب اهو ڪونهي ته عورت ۽ مرد ڌار ڌار آهن ۽ انهن
اصولن اندر وري ڪجهه وڏا ته ڪجهه ننڍا دائرا ٺهيل
آهن، جيڪي صرف ۽ صرف عورت جي اوسي پاسي گهمن ٿا.
جنهن جو فائدو وري به مرد کي ٿئي ٿو، پوءِ وقت به
وقت انهن فائدن جون استعمال عورت جي خلاف ئي ڪيو
وڃي ٿو.
هن ڪالم ۾ موجود ٻن عورتن جي انهن ڪهاڻين تي ٿوري
نظرثاني ڪريون ته حالتون، ڪردار، برداشت ۽
دقيانوسي رسمون واضح نموني نظر اچن ٿيون. اسلام
عورت کي ٻين حقن سان گڏ پسند جي شاديءَ جو حق ڏنو
آهي ۽ مرد توڙي عورت کي طلاق جي بڇڙي عمل کان بچڻ
جي تلقين پڻ ڪئي آهي پر هنن واقعن ۾ عورت جي پسند
۽ مرضي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. پوءِ طلاق واري
ڪارائتي ڌمڪي عورت مٿان تلوار وانگر هروقت بيهاري
وئي آهي، جنهن ۾ صرف عورت جي تڪرار ڪرڻ، اعتراض
ڏيکارڻ، جهيڙو ڪرڻ، ناراض ٿيڻ، سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ،
مڙس کان ڪاوڙجي وڃڻ، گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ سچ چوڻ جي
دير هوندي آهي ۽ جنهن ڏينهن عورت ان قسم جو ڪوبه
عمل ڪندي يا اظهار ڪندي آهي ته هڪدم طلاق جو لفظ
ڌمڪي ۽ بليڪ ميلنگ وارو جهان هڪدم روشن ٿي ويندو
آهي ۽ پوءِ پورو خاندان ان عورت جي خلاف ٿي ويندو
آهي، جنهن کي صرف سچ ۽ حق جي سزا ملي رهي هوندي
آهي.
وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڇوڪري جا پنهنجا
والدين ۽ خاندان وارا به ان ڇوڪريءَ کي ئي برو ڀلو
چوندا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته عورت
/
ڇوڪري ساهرن، مڙس ، مائٽن،
خاندان، برادري، دوستي ۽ پاڙي وارن سميت پوري سماج
۾ هڪ اهڙو ته ڍير بنجي ويندي آهي، جنهن تي هر
ايندڙ ويندڙ ۽ ٻڌندڙ ڪو نه ڪو گند اڇلائڻ سواءِ
ڪابه چڱي ڳالهه ناهي ڪندو ۽ اهو ئي عورت جو الميو
آهي ته هن جي ڪٿان به ڪڏهن به ڪوبه فرياد نه ٿو
ٻڌي ۽ هيءَ رشتن هوندي به بي يارو مددگار آهي
رڙندي ۽ روئندي رهي ٿي. فرق صرف ايترو آهي ته هر
عورت جو قصو ٻئَ عورت جي قصي کان ٿورو مختلف آهي
پر ويڌن ساڳي آهي، جيڪا ازل کان جاري آهي ۽ افعالن
۽ ڪردارن کي سامهون رکندي نظر ٿا ڪريون ته جاري
رهندي.
روپوش محبت
مان گم ٿي ويل
محبت جي ڳولا ۾
ڪيڏو نه ڏور نڪري آيو آهيان
سنڌو منهنجي دل جيڏي ڪشادي آهي
پهاڙن تان ڪرندڙ آبشار
منهنجي لڙڪن جون لارون
۽ تنهنجي ڏنل زخمن جي تازگي
منهنجي بي چيني جو سبب آهي
آءٌ پنهنجي جياپي جي مورچي تي
مسلسل جاڳي رهيو آهيان
ننڊ سان وڙهي رهيو آهيان
تون ڪٿي آهين؟
او! منهنجي روپوش محبت
آئون آد جگاد کان تنهنجو ڳولائو
خواب، خواب ۾ تنهنجو ڳولائو
نه ڄاڻان ڪٿي ڀٽڪي رهيو آهيان
هر ڏس ۾ تو کي ئي تڪي رهيو آهيان
پاڻي،
پهاڙ،
ڍنڍون
سمنڊ ۽ سِيگل
محبت جي ماٿري
او! منهنجي دل،
تون ڪٿي آهين؟
ڪتاب،
ڪهاڻيون،
شاعري ۽
رنگ پوپٽ
منهنجي خوابن کي اورانگهيندڙ
او! منهنجي محبت
تنهنجي حاصلات
منهنجي زندگيءَ جو مقصد آهي
پنهنجي مڪمتا تائين
آءٌ ته جيئرو رهندس
توکي ماڻڻ تائين
آءٌ ته جيئندو رهندس.
الطاف شيخ
جپانين کي ايتري عياشي ته جڳائي
جپانين جي گهرن جو ڊرائنگ روم، ٽي وي لائونج يا
بيڊروم اسان وانگر نه ٿئي، جتي ڊرائنگ روم ۾ تابوت
جيڏا وڏا صوفا سيٽ رکيل ٿين جن تي ريڙهڻ تي چيلهه
ڀڄي ۽ جن تي ويهه ته چيلهه چٻي ٿئي ۽ نه اوترائي
خطرناڪ ٿلهي فوم جا پلنگ جاپاني استعمال ڪن جيڪي
اسان وٽ عام ٿين. ٿلها پڙدا ۽ ٿلهي
Fur
وارا غاليچا جن لاءِ هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن
سان گندا هٿ اگهڻ سان يا کاڌي پيتي جا ذرا ڪرڻ سان
نه فقط جراثيم پر جوئن جهڙا (پر سائيز ۾ انهن کان
به تمام ننڍڙا ۽ خطرناڪ جيوڙا ٿين ٿا. جن سان
ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون. خاص ڪري ڦڦڙن ۽
ساهه جي نليءَ جون- اهي هي سڌريل جپاني ته استعمال
نه ٿا ڪن پر پاڙي جي ملڪ ڪوريا جا ماڻهو به پري
ڀڄن ٿا جيڪي جپانين جي نظرن ۾ اڃا تائين جاهل ۽ ڄٽ
سمجهيا وڃن ٿا. جپاني گهرن جا سڀ ڪمرا فرنيچر ٿلهن
پڙدن (جيڪي مغل شهنشاهن جي فلمن ۾ ڏيکاريا ويندا
آهن ۽ اسان وٽ هر غريب غربو اهڙا ڇٽن ۽ جهالرن
وارا پڙدا لڳرائڻ کي پنهنجي سوشل معيار جي بلندي
ٿو سمجهي) ۽ ٿلهن غاليچن (جيڪي اڄ کان ٽيهارو سال
اڳ تيل جو پئسو اچڻ ڪري عربن شروع ڪيا ۽ هاڻ انهن
غاليچن مان پئدا ٿيندڙ بيمارين جو معلوم ڪري پاڻ
ئي شرماين ٿا) بوٽن ٻهارن ۽ ٿڪن کانگهارن کي خالي
ٿين. جپاني گهر جي ڊرائنگ روم ۾ فقط ڪوتاتسو
(ننڍڙي ٽنگن واري ٽيبل) ٿئي جنهن جي چوڌاري ويهي
ڪا راند کيڏن، ماني کائن يا لکن پڙهڻ ويهڻ لاءِ
ٽيڪ واريون بنا ٽنگن جي ڪرسيون ٿين جن کي جپاني
زبان ۾
Zaisu
سڏين يا وري بنا ٽيڪ واريون گديون
(Zabution)
ٿين . ٻنهي تي پٿل ماري وهن يا ٽنگون پويان ڪري
جيئن نماز ۾ التحيات پڙهڻ مهل وهبو آهي. رات جو ڪو
چاهي ته بيڊ روم کان علاوه ڊرائنگ روم ۾ به سمهي
سگهي ٿو. رات جو سمهڻ مهل سلائيڊنگ واري وڏي ڪٻٽ
مان فوتان (هلڪوگاديلو) ۽ ماڪورا (وهاڻو) ڪڍي پٽ
تي وڇايل تونئريءَ تي سمهي سگهي ٿو.
جپانين جا گهر، بلڪ گهرن جا ڪمرا سالن کان (اڃا
صدين کان) اهي ئي هلندا اچن. البت گهر جي رڌڻي ۽
ٽائليٽToilet
۾ وڏو فرق آيو آهي.
رڌپچاءُ لاءِ ڪاٺيون ڪري اچڻ بدران هاڻ رڌڻي ۾ گئس
جو چلهو ۽ اليڪٽرڪ تي ڪم ڪندڙRice
cooker
ٽوسٽر،Microwave
oven
ريفريجريٽر آهي جنهن هتي جي پورهيت عورت يا بقول
اسان جي هڪ جهازي ڪئپٽن رشيد ابڙو جي ”صدين کان
مزدوري ڪندڙ ۽ موچڙا کائيندڙ جپاني عورت“ جي زندگي
۾ ماني پچائڻ جي معاملي ۾ سک پئدا ڪيو آهي. اها ٻي
ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جون ڪيتريون زالون اهڙيون
آهن خاص ڪري اهي جيڪي نوڪري ڪري مڙسن کان به وڌيڪ
پئسو ڪمائين ٿيون، جيڪي سک جي باوجود رڌ پچاءُ کان
جواب ڏيو ويٺيون آهن. هنن جو سڄو زور هوٽلن تي
کائڻ يا هوٽل تان ماني گهرائي اها گهر ۾ يا آفيس ۾
کائڻ تي آهي. |