”خير وري ڪهڙو آ امان. هي ڏس، ڌڪن جا نشان، هي
منهنجا وکريل وار ۽ هي منهنجي ڪرائيءَ تي ڏنل
سگريٽ جي ڏنڀ جو نشان، مئي ايڏو بيدرديءَ سان
ماريو آهي جو ڪير جانور کي به ائين نه مري.! ڍڪ
چنبا ڌار، لتون ۽ مڪون الڳ، وارن ۾ هٿ وجهي سڄي
گهر ۾ گهلي گهلي ماريو اٿائين مروان، امڙي! مون کي
اهڙي مردود سان پرڻائڻ کان ماري ڇڏين ها ته سٺو
هو. روز روز جو مرڻ مون کان هاڻ برداشت نٿو ٿئي،
سٺو آ ته تون گهٽو ڏئي مار ڇڏينم، مان زندگيءَ مان
بيزار ٿي پئي آهيان امان،“ مريم، ماءُ کي ڌڪن جا
نشان ڏيکاريندي روئي پئي. ”شل ڪا باهه لڳيس،
منهنجي ٻچڙيءَ کي ايڏو ماريو اٿائين، شل ڪو قهر
پويس مئي کي.“ زليخا جي هانءَ ۾ سور پئجي ويو.
”امان فجر مهل گهر مان لوڌي ڪڍيائين ته منهنجي گهر
مان نڪري وڃ. وڃ مائٽن ۾ يا ڪاڏي به وڃ، مان ايترو
سوير ڪيڏانهن وڃان ها. در ٻاهران ئي ڪنڊڙيءَ ۾
ويهي صبح جو انتظار ڪرڻ لڳس. دروازو اندران بند
ڪري ويهي رهيو اهو شرم نه پيس ته ماڻهو ڇا چوندا؟
ايترو سوير سو به اڪيلي عورت کي ڏسي، رستن تي
ماڻهو ائين پئي نهاريو جو شرم کان منهنجي دل چيو
ته جيڪر زمين ڦاٽي پوي ته ان ۾ اندر هلي وڃان.
امان، ههڙي ذلت کان روز روز هي خواريءَ کان ته مئي
چڱي آهيان، مون کي ڪاٿان زهر آڻي ڏي ته کائي مري
وڃان، باقي مان هاڻي هن گهر ۾ واپس هرگز نه
وينديس.“ مريم، رئي جي پلاند سان پنهنجي ڳوڙها
اگهندي چيو، نور محمد، جيڪو بسڪٽ وٺڻ لاءِ بازار
ويو هو، موٽيو ته ڌيءَ کي آڳر ۾ پيل کٽ تي ويٺل
ڏٺائين، بسڪيٽ واري ٿيلهي زال جي هٿ ۾ ڏيندي ساڄو
هٿ وڌائي ڏيءُ جي مٿي تي رکندي چيائين، ”امان خوش
ته آهين نه، سوير اچي نڪتي آهين خير ته آهي نه ؟“
هوءَ سڏڪي پئي ”ها بابا، خير ئي آهي، ڪا وڏي ڳالهه
ڪانهي. ڪا نئين ڳالهه به ڪانهي، سدائين جيڪو ٿيندو
آهي سوئي ٿيو آهي.“
وري توکي ماريو اٿائين ڇا، ڇا ڪل ٿڙي اٿس وري، صفا
ڪو ويل آهي.“ پڻس کي ڪاوڙ وٺي ويئي.
”بس بابا، منهنجو ڪو نصيب ئي ڦٽل آهي. قسمت ۾ مڙس
جون مارون لکيل آهن ته پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏيان.
منهنجي ڪا قسمت ئي اهڙي آهي.“ هوءَ رَئي جي پلاند
سان ڳوڙها اگهڻ لڳي.
”ڳالهه ڪهڙي ٿي جو توکي ايترو ماريو اٿائين. ڪجهه
ته ٿيو هوندو نه.....؟“ ماڻس پڇا ڪيس.
”امڙ ڳالهه وري ڪهڙي! بس، ڪالهه پڦي زينب ڪامران
هٿان ٻوڙ موڪليو، ڪامران گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو
هو کيس زوري ويهاريم ته چانهه پي پوءِ وڃ، پاڻ ان
مهل ٻاهر ويل هو. موٽيو ته مون ۽ ڪامران ويٺي
چانهه پيتي، ڏسڻ سان منهن ڦري ويس. ڪامران آڏو ته
ڪونه ڪڇيو. پر جيئن ئي ڪامران ويو ته اچي مون کي
مڪن ۽ لتن سان ورتائين، چيائين، مون کي منهنجي
پٺيان ڪنهن جو گهر ۾ اچڻ نٿو وڻي. جهلي ڇڏ پنهنجن
مائٽن کي هيڏا سارا آهن ننڍڙا ته ناهن، بابا، هو
مون تي شڪ پيو ڪري، ڪير سمجهائيس ته منهنجي لاءِ
ته هو ٻار آهن. ڪڇ ته کڻي گهمايو اٿمان. قد ڪاٺ
اهڙو اٿن جو وڏا ٿا لڳن، نه ته عمر ڇا اٿن. سڳي
ڀيڻ جيان ڀائيندا آهن. ڌاريا ته ڪونهن پنهنجي
پڦيءَ جا پٽ آهن، چوي ٿو، نه تون اوڏانهن وڃ نه هو
اچن. اهڙو ناحل ڪٿي ڏٺو اٿو بابا؟“ هوءَ، ڳوڙهن
هاڻين اکين سان پيءُ ۽ ماءُ ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”اديءَ
جي ٻچن لاءِ ٿو ائين چوي، مان نٿو ڪڇان ته بس ڇا،
گهڻو صبر ڪيم ته من ڪو سڌري پوي، پر ڪونه سڌرندو
ڪتي جو پٽ. هاڻي ڏسان ته ڪيئن ٿو توتي وري هٿ
کڻي.“ پڻس، ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو.
”ٿڌو ٿيءُ ٿڌو، نور محمد نياڻيءَ جو گهر ناهي
اجاڙڻو، يوسف جي ڪاوڙ جي به خبر اٿئي. طلاق ڏيندي
دير نه ڪندو ڌيرج کان ڪم وٺ، ڪاوڙ ۾ توکي به ڪا
خبر ناهي پوندي. ائين نه ٿئي جو تنهنجا ڳالهايل ٻه
ٽي لفظ تنهنجي نياڻيءَ جي زندگي برباد ڪري وجهن.
يوسف سان ڳالهائڻو اٿئي کيس سمجهائڻو اٿئي ته جڏهن
هن جي ڪاوڙ گهٽ ٿئي. تڏهن ئي ڳالهائجانءِ ساڻس.
اهو به هيٺائينءَ مان- ڇڙهت نه ڪجانس. نياڻيءَ جو
پيءُ آهين سوچي سمجهي ڳالهائجانءِ“. زليخا، مڙس کي
سمجهائيندي چيو.
”تنهنجي ڇا مرضي آهي ته ماٺ ڪري ويهي رهان، ڪجهه
نه ڪڇان، ڇا ٿو سمجهي يوسف پنهنجو پاڻ کي، مان ڄڻ
مري ويو آهيان جو هو روز روز ٿو مريم کي ماري،
هاڻي اهڙي سيکت ڏيندو مانس جو مريم کان معافي نه
گهري ته منهنجي نالو لاهي ڪتي تي رکجانءِ.“
هو، اڃا وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
”پنهنجي ڌيءُ تي اهڙو وقت آيو اٿئي ته تڙپي پيو
آهين، ڪيئن نه هٿن مان پيو وڃين، ياد ڪر اهو وقت
نور محمد، جڏهن تون مون تي ظلم ڪندو هئين.
بيدرديءَ سان ماريندو هئين. ڌڪا ڏئي گهر مان ڪڍي
ڇڏيندو هئين. يوسف ته مريم جي پڦاٽن لاءِ ٿو
اعتراض ڪري، پر تون ته منهنجن سڳن ڀائرن کي به مون
سان ملڻ نه ڏيندو هئين. ايندا هئا ته کين در تي
بيهاري بيعزتو ڪندو هئين. منهنجو پيرسن پيءُ ايندو
هو ته ان کي مون وٽ رات هڪڙي رهڻ نه ڏيندو هئين.
هو ايترو پري کان ايندو هو. سڪ به پور نه ٿيندي
هئي ڪجهه گهڙيون ويهي وڃي ٻين جي اوطاقن ۾ ترسندو
هو. ياد اٿئي نورمحمد، ڪيئن تو منهنجي ٻانهن ڀڳي
هئي. رڳي ماني پچائڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي هئي. تنهن
تان تو گهلي گهلي ماريو هو مون کي. هيءَ مريم پيٽ
۾ هئي ته هڪ رات تو مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. مان
سڄي رات در جي ڪنڊ ۾ ويهي روئندي رهي هئس. انهن
مارن،لتن ۽ مڪن ۾ منهنجو پهريون ٻار ڇهين مهيني
ضايع ٿي ويو هو. تو به ته ظلم جي حد ڪري ڇڏي هئي.
نورمحمد، اڄ مريم تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو
ورجاءُ آهي انهيءَ وقت جو مان به ڪنهن جي ڌيءُ
هيس. وقت توکان انتقام وٺي رهي آهي. نور محمد، تو
جيڪي ظلم مون تي ڪيا. اڄ انهن جو حساس به تنهنجي
ڌيءُ ڏئي رهي آهي، تو منهنجي پيرسن پيءُ کي ڏکايو.
اڄ تون به يوسف آڏو بيوس آهين، تون چاهين به ته
ڪجهه نٿو ڪري سگهين،“ زليخا، رئي جو پلاند سان
پنهنجي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي صاف ڪيو ۽ کٽ تان
اٿي رڌڻي ڏانهن هلي وئي.
نور محمد جو ڪنڌ جهڪيل هو. مري جي اکين جا ڳوڙها
خشڪ ٿي ويا. هوءَ پنهنجي پيءُ جي جهڪيل ڪنڌ ڏانهن
ڏسندي رهي ۽ سوچيندي رهي. پوءِ هڪدم اٿي بيٺي.
چادر سولي ڪري ويڙهيندي پيءُ سان مخاطب ٿي. ”مون
کي ڇڏي اچو بابا، منهنجي قسمت ۾ جيڪو ڪجهه لکيل
هوندو مون کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو. توهان مون
لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهو. مون کي پنهنجي جنگ پاڻ ئي
وڙهڻي پوندي.“
نور محمد، جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي ڌيءُ ڏانهن نهاريو،
ڪمزور ۽ ڊڄڻي مريم بهادر بڻجي سندس سامهون بيٺي
هئي. ماءُ تي ٿيندڙ ظلم جو داستنا ٻڌي اندر واري
عورت سجاڳ ٿي پئي هيس.
امان به ايترا ظلم سٺا ۽ مون تي به اهڙا ظلم پيا
ٿين، آخر ڇو؟ مرد ايترو طاقتور آڇا ۽ عورت ايڏي
ڪمزور جو سندس هر ستم چپ چاپ سهندي رهي، نه، هاڻي
ائين نه ٿيندو. ساڳي ڪهاڻيءَ جو ورجاءُ ڪونه
ٿيندو. امان سان جيڪو ڪونه ٿيندو. امان سان جيڪو
ڪجهه ٿيو. مون سان هاڻ ائين هر گز ڪونه ٿيندو.“
اهو سوچيندي ئي هن ۾ طاقت اچي وئي، هڪ عزم سان هو
اٿي بيٺي هئي.
”چڱو امان، جيئن تنهنجي مرضي“ پڻس ٿڪل لهجي ۾
چوندي اٿيو،زليخا، رڌڻ جي در وٽ بيهي ڌيءُ کي پيءُ
سان گڏ ويندي ڏسندي رهي. روڪيائينس ڪونه، اهو سوچي
ته عورت جو اصل گهر مڙس جو گهر آهي. قسمت ۾ سک
لکيل هوندو ته ملي ويندس. نه ته، عورت ته ڄائي ئي
ڏکن لاءِ آهي.
مارگريٽ پريسڪاٽ مونٽيگ
غيبي راڳ
علي بخش ميمڻ
ڪاش ”ٽوني بِيور“ پنهنجي طاقت ۽ پورهيو اهڙي نموني
ٻنهي هٿن سان خرچ نه ڪندو وتي ها. بعضي ته مان
ائين سوچيندو هئس، ته جي دل ۾ اچيس ها ته ڌرتي کي
اونڌي ڪرڻ ۾ به ڪڏهن دير ڪانه ڪري ها- صرف انهيءَ
لاءِ ته ڏسي ته ان جي هيٺان ڇا آهي! ”اِيل“ دريا
جي ڪناري تي، ڪيترا دفعا ، هن جون اهي عجيب
ڳالهيون ڏسي منهنجا ته هوش ئي خطا ٿِي ٿي ويا. ۽
مان اهو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي ڀَڄي وڃڻ جي منصوبن تيار
ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هوس، پر جيئن جو هن مون کي ”سچار“
سڏيو هو ۽ مون تي سندس ايترو ڀروسو هو تنهنڪري مان
هن کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي به ڪين سگهندو هوس. هن جون
مون ۾ جيڪي اميدون هيون ۽ کيس مون تي جيڪو ڀروسو
هو، تن جي مهابي آءٌ پاڻ به، هن سان گڏ، هميشه
سچائيءَ ۽ اعليٰ مقصد جي تلاش ۾ رهندو هوس، ۽
انهيءَ تلاش ۽ بي آرامي مون کي ڪيترا دفعا عجيب
عجيب جڳهين تي نِيو ۽ عجيب عجيب تجربن سان روشناس
ڪرايو.
مون کي سچ پچ فخر آهي ته ”غيبي راڳ“ واري دؤر ۾
مان پاڻ اتي حاضر هوس. اهو ڏاڍو عجيب زمانو هو، ۽
ان متعلق ماڻهن ايترا ته سفيد ڪوڙ ويهي گهڙيا آهن،
جو مون کي حقيقت جي بيان ڪندي دل ۾ هڪ قسم جي خوشي
ٿئي ٿي. ان عجيب واقعي بنسبت مان جو ڪجهه اوهان کي
ٻڌايان ٿو، سو سورنهن آنا سچ آهي ۽ خود ٽوني بيور
جي لکيل ياداشت جي عين مطابق آهي. هن ڳالهه ٻڌائڻ
کان پوءِ انهي سلسلي ۾ سڀني خواهه مخواهه مشهور ٿي
ويل ڪوڙن جو خاتمو ٿي ويندو.
ان ڳالهه ۾ ته ڪو به شڪ ڪونهي ته ان وقت ’ٽوني‘
خطرناڪ کان خطرناڪ ۽ طاقتور کان طاقتور هستيءَ سان
هٿ اٽڪائڻ لاءِ ڄڻ اڳي ئي تيار ويٺو هو، پر اهو
سارو جهڳڙو سچ پچ ماڪ جي ننڍڙين نفيس بوندن تان ئي
شروع ٿيو، - ماڪ جون بوندون، جن کي هر ڪو اونهاري
جي موسم ۾ گاهه ۽ پنن مٿان يا ڪوريئڙي جي ڄار مٿان
هاڻي به نچندو ٽپندو ڏسي سگهي ٿو. بس اهو سارو
معاملو انهن بوندن تان شروع ٿيو، اهو به ممڪن هو
ته هونءَ جيڪر ٽونيءَ ايتريءَ اٻهرائي کان ڪم نه
وٺي ها، پر انهن ڏينهن ۾ هونئن به ڪئمپ جي حالت
ڏاڍي خراب هئي. توهان کي اها ته خبر ئي آهي ته
ڪڏهن ڪڏهن ڪئمپن جون حالتون واقعي خراب ٿي وينديون
آهن. هرڪو ماڻهو ٻئي سان وڙهيو ويٺو هوندو آهي، ۽
هر ڪنهن جي زبان تي ڪنهن نه ڪنهن جي شڪايت ضرور
هوندي آهي. سڀ همراهه ايترا ته چيڙاڪ ٿي ويندا
آهن، جو جيڪڏهن ڪنهن کي چوي ته : ”بسڪوٽ ته هيڏي
ڪر!“ ته بس جهڳڙو شروع ٿي ويندو آهي، ۽ اهڙي
معمولي ڳالهه به وڃي مرڻ مارڻ تائين دنگ ڪندي آهي.
ايل درياءَ وري ڪئمپ ۾ به هڪڙي دفعي اهڙي حالت اچي
بڻي. ان زماني مان اتي هوس. اها ته خبر ڪانهي آخر
سبب ڪهڙو هو . خدا کي خبر، ڏينهن خراب هئا يا
ماڻهن جو دماغ ئي خراب ٿي پيو هو،- بهرحال حالتون
ڏاڍيون خراب هيون، هر ماڻهو جي زبان مان گار گند
کان سواءِ ڪو لفظ ئي ڪونه نڪرندو هو. کل خوشي،
راند چرچو، سڀ ختم ويا هئا. ڪم بيهجي ويو هو، ۽ ڪو
به ڪنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.
ٽونيءَ انهن ماڻهن جا ڪروڌ سان ڀريل منهن ۽
ڀيڪوڙيل ڏند ڏسي چيو: ”ڳالهه اها آهي ته ساري ڪئمپ
ڄڻ ته مري وئي آهي. ڪنهن اهڙي انسان جي ضرورت آهي،
جو انهن ماڻهن ۾ وري روح ڦوڪي ۽ انهن کي کلڻ
سيکاري. ڪڏهن نه ڪڏهن مان ڪنهن اهڙي شخص کي ضرور
ڳولي هٿ ڪندس.“
ٻئي ڏينهن صبح جو سج اڀرڻ وقت، هو هڪڙي دڙي تي
بيٺو هو، ته اچانڪ هن محسوس ڪيو ته سامهون گلن جي
جهڳٽي مٿان ستل هڪڙي ماڪ جي ڦڙي ڄڻ ته هن کي ڏسي
اک هنئي. هو ته اڪيلو هو ئي- سو هن به جواب ۾ اک
جو اشارو ڪيس.
اوهان کي ڇا ٻڌايان. صاحبو، پوءِ ته جيئن ئي هن اک
ڀڳي، تيئن ئي هن جي دل ۾ ڄڻ ڪا چيز گهڙي ويئي، ۽
ائين معلوم ٿيس ڄڻ ڪو مٿس چٿرون ڪري رهيو هو: ”ماڪ
جو ڦڙو- ماڪ جو ڦڙو!“ اڙي جهنگلي دودستا جانور، ڇا
تو ڪڏهن ماڪ جو ڦڙو نه ڏٺو آهي؟ چڱو هاڻي ڏس- ڀلي
ڏس- چڱي طرح سان ڏس.“
ٽونيءَ به ائين ئي ڪيو ۽ اکيون کپائي ماڪ جي بوند
کي ڏسندو رهيو. ان ۾ روشني ته ٿوري هئي، پر ان
ٿوري روشني ۾ به ڪافي چمڪ ۽ رنگيني هئي. سج ماڪ جي
بوند تي ڪڏهن هڪڙي پاسي کان ٿي چمڪيو، ته ڪڏهن ٻئي
پاسي کان: بوند اهڙي ته خوبصورت ٿي نظر آئي، ڄڻ ته
ساري ڪائنات جو حسن ان ننڍڙيءَ چيز ۾ سمايل هو، -
۽ ائين پئي ڏٺو، ڄڻ ته هي نفيس ۽ ننڍڙي شيءِ ڪافي
ڪجهه ٻڌائڻ واري هئي. ٽوني هڪ پتڪڙيءَ جي ايڏي شان
کي ڏسي حيران ٿي ويو.
”اڙي او چري،شيطان جي ناني!“ هن زور سا رڙ ڪئي.
”توکي خبر آهي ته تون صرف هڪ ڦنڊڪ جو کاڄ آهين!
پتوئي هوند ڪونه پويئي ته ڪٿان جي هئينءَ ۽
ڪيڏانهن گم ٿي وئينءَ!“
پر ماڪ جي بوند جواب ۾ ڪجهه به ڪڇيو. هوءَ تهان ئي
وڌيڪ زور سان چمڪڻ لڳي. ٽونيءَ جڏهن ان جي چمڪ
وڌندي ڏٺي، ته تيئن حيران ٿيو، ۽ هن ائين محسوس
ڪيو ڄڻ ته هو ان قدرتي حسن جو جمال پسي، تيئن ويو
ٿي وڌيڪ وائڙو ٿيندو.
ان وقت تائين سج به پکين جي چُون چُون ٻڌي ڪافي
مٿي چڙهي آيو هو. ٽونيءَ کي ان ڊپ اچي ورتو ته ماڪ
جي نازڪ بوند سج جي تپش ۾ گرمائجي ختم نه ٿي وڃي.
هن يڪدم پن ۽ گل ڇنڻ شروع ڪيا ته جيئن ماڪ جي بوند
کي انهن ۾ خبرداري سان لڪائي رکي. ڪم هن ڏاڍو تيز
ختم ڪيو، پر فارغ ٿيڻ تائين سارو ئي پگهر ۾ شل ٿي
ويو. سندس ساهه ايترو ته جلد کڄي رهيو هو، جو ڄڻ
ته ميل کن سانده ڊوڙيو هو. اهو ته توهان کي معلوم
ئي آهي ته سج سان سامهون ٿيندڙ ماڻهو ڪيترو سهڪي
پوندو آهي.
ماڪ جي هن هڪڙيءَ بوند سان واقفيت ٿيڻ کان پوءِ،
ٽونيءَ ائين سمجهڻ لڳو، ته ڄڻ ٻين ماڪ جي بوندن
سان به هن جي اهڙي ئي پراڻي ۽ ويجهي دوستي هئي. سج
جي روشنائي ۾ ماڪ جون هي بيشمار بوندون هن کي ڏاڍي
ناز و انداز سان اکين جا اشارا ڪندي نظر اچي رهيون
هيون. ٽوني اهو نظارو ڏسي، بنهه حيران ۽ پريشان،
اتي بيٺو رهيو، هو محسوس ڪري رهيو هو ته ڄڻ هر هڪ
بوند هن کي ”ادا!........ادا!“ ڪري پاڻ ڏانهن سڏي
رهي هئي.
هاڻي سج پنن ۽ ڪوريئڙن جي ڄارن مٿان پکڙيل ماڪ جي
بوندن کي چٽڻ شروع ڪيو، ۽ هو به ائين کلنديون
ڪڏنديون، نچنديون ٽپنديون هڪ ٻئي پٺيان غائب ٿيڻ
لڳيون، ڄڻ ته ڪنهن پيار ڀريءَ مائٽاڻيءَ گود ۾
ويهڻ لاءِ وڃي رهيون هيون.
ان وقت هڪڙي ڏاڍي عجيب ڳالهه ٿي، ڪئمپ ۾ هڪڙو
ننڍڙي قد جو ماڻهو هو، جنهن کي سڀ سرند وارو ’جمي‘
ڪري سڏيندا هئا - ڇو جو هو گهڻو ڪري سرندي تي عجيب
راڳ آلاپيندو رهندو هو. ٽوني حيران ۽ پريشان ويٺو
هو، ۽ ويٺي سج جي روشنائيءَ ۾ انهن ننڍڙين گول گول
۽ خوبصورت پوندن جي غائب ٿيڻ جو تماشو ڏٺائين،
ايتري ۾ اوچتو هن پنهنجي قريب ئي جميءَ جي سُرندي
جو آواز ٻڌو. سُرندي جو آواز ويجهو ايندو ويو. هن
کي سُرندي جو آلاپ ائين معلوم ٿيو، جيئن چشمي جي
ڪناري تي ڪو لولي ڏيئي هن کي سمهاري رهيو
هجي......۽ پوءِ هن کي ڄڻ ننڊ کڻي ويئي، ۽ ائين
ڀانيائين، ڄڻ هو ڪنهن سانتيڪيءَ نهر مٿان بُنڊ تي
ويٺو لهوارو ڪيڏانهن لڙهندو وڃي رهيو هو. پوءِ
جڏهن ماڪ جون آخري بوندون به غائب ٿي ويون.
ڪيڏانهن به ويو هجن، اها ڳالهه ڪانهي – بهرحال،
تڏهن ٽوني اتي ئي اڪيلو رهجي ويو، ۽ اکيون کولي،
جو نهاريائين، ته پاڻ کي اتي ائين جو ائين ويٺي
ڏسي، حيران ٿي ويو.
”واهه واهه! هي ته عجيب لطف آهي!“ هو چوڻ لڳو،
”هيءَ رونق ۽ هيءُ مزو ته هتي روز صبح جو ٿيندو
هوندو، ۽ مون کي هن وقت تائين هن جي ڪا خبر ئي نه
پيئي آهي!“
هن هيٺ جهڪي پنن ۾ لڪائي رکيل ماڪ جي بوند جي چمڪ
ڏٺي، ۽ هن ائين محسوس ڪيو ته ڄڻان ايڏي ننڍڙي ماڪ
جي قطري ۾ سڄي ڪائنات جو روح اچي اٽڪيو هو، ۽ جيڪي
ڪجهه ان قطري ۾ سمايل هو، سو هن ۾ به سمايل هو، ۽
ساري مخلوق ۾ سمايل هو، جبلن ۾، ندين ۾، سر سبز
کيتن ۾ مطلب ته هر شيءَ ۾ اهو روح سمايل هو. جڏهن
اهو انوکو احساس ٽونيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيو. تڏهن هو
ڏاڍو گهٻرائجي ويو. هن خيال ڪيو ته هن کي ڪيڏانهن
ڀڄي وڃڻ گهرجي.... پر ڪيڏانهن؟ اهو خيال، ان وقت،
ٽونيءَ جي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو، ۽ سچ پڇو ته مون
کي به ان جي ڪا خبر نه آهي، خير، ٽوني ماڪ جي بوند
قميض جي پلاند هيٺان لڪائي، تيزيءَ سان وٺي ڪئمپ
ڏانهن ڊوڙيو.
ٽوني جڏهن ڪئمپ واپس پهتو، ته سڀني کي پگهر ۾ شل ۽
ڪم ۾ رڌل ڏسي، هن کي وڏي دلجاءِ ٿي. پوءِ گهڙي ٻه
ساهه پٽي، هيڏانهن هوڏانهن ماڪ جي بوند کي لڪائڻ
لاءِ، هو جڳهه تلاش ڪرڻ لڳو.
نيٺ هن سفيد صنوبر جي پاڙ ۾ ماڪ جي بوند کي محفوظ
ڪري رکيو. جيئن ئي اتان واپس موٽڻ لاءِ پوئتي
مڙيو، ته هن سرندي واري جميءَ کي اتي بيٺل ڏٺو.
ان ننڍڙي انسان ۾ تمام وڏيون خوبيون پوشيده هيون،
هن جون اکيون وڏيون ۽ صاف شفاف هيون، جن کي ڏسي،
اهو انديشو پيدا ٿيندو هو ته هو ڄاڻي گهڻو ڪجهه ٿو
پر زبان سان بيان ڪرڻ کان قاصر آهي ۽ تنهنڪري هو
سڀ ڪجهه ان سرندي جي بدولت بيان ڪري ٿو، توهان کي
ياد هوندو ته مون هن جي سرندي بابت اڳ ۾ اوهان کي
ٻڌايو آهي.
ٽونيءَ هن کي ڏٺو، پر ائين محسوس ڪيائين ته ڄڻ هن
کي ڪو گناهه ڪندي پڪڙي ورتو هئائين، ٽوني هن ڏانهن
وڌيو، ۽ چيائينس، ”ڇو، ڙي، سڀ ماڻهو ڪم ڪري رهيا
هئا، ۽ تون مزي سان سرندو وڄائي رهيو هئين؟“
”مان؟“ جميءَ حيرانيءَ مان پڇيو.
”هائو، هائو، تون... سج اُڀرڻ مهل!“
جميءَ جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا، ۽ هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي
ويو، ۽ ٽونيءَ کي چيائين، ”نه ٽوني، مان ڪونه هوس.
ڇا، توکي خبر آهي ته اهو ڪير هو؟“
”مون کي ڪهڙي خبر ته ڪير هو؟“
ٽونيءَ جواب ڏنس.
”اهو... غيبي.... راڳ.... هو.... “ جميءَ اهي
الفاظ آهستي آهستي ۽ ڏاڍي احترام سان چيا.
”غيبي راڳ!“ ٽونيءَ جو وات ئي ڦاٽي ويو. هن جو
سارو جسم ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳو.
”ٽوني، توئي سربستي ڳالهه ٻڌائڻي پوندي!“ جميءَ
ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان چيو.
ٽونيءَ هن کي ايڏو سنجيده ڏسي، اهوئي بهتر سمجهيو
ته پهريائين هن کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي. پوءِ هن
ساري ماجرا. منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، هنکي ڪري
ٻڌائي ته هو ڪيئن اهي ماڪ جي ڦڙا ٻين سڀني شين کان
هن کي مختلف ڏسڻ ۾ آيا، ۽ ڪيئن راڳ جا آلاپ هن کي
بنهه ويجهو ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ پوءِ ڪيئن اهو دلڪش راڳ
هن جي دل ۾ دماغ تي ڇانئجي ويو.
جميءَ سمجهائيندي چيس، ”ٽوني، خبردار ٿيءُ صبح جو
سج اڀرڻ مهل ماڪ جي بوند ڏانهن ڏسڻ، ۽ غيبي راڳ جو
ٻڌڻ خطري کان خالي نه آهي. ائين نه ٿئي، جو ٿيندي
ٿيندي غيبي راڳ جو سيلاب سڀني کي ٻهاري ڪيڏانهن
کڻي وڃي!“ |