ضميره شيخ
غزل
رڳو دوَلاب ۽ دوکو،
آ چاهت موڪلائي وئي.
رهيو انصاف آ ڪاٿي،
عدالت موڪلائي وئي.
فقيرن کي ڌڪا ٿيلها،
سخاوت موڪلائي وئي.
ڪري ڪاري ڪٺائون ننگ،
شرافت موڪلائي وئي.
وڏائيءَ جا وڍيا هوڪا،
ڪفايت موڪلائي وئي.
رڳو ڏيکاءُ رهيو آهي،
عبادت موڪلائي وئي.
”ضميره شيخ“ دنيا مان،
محبت موڪلائي وئي.
غزل
جيون محبت،
جيون چاهت.
ڪين ڪجهي ڪا،
ڪنهن کان نفرت.
پيار سان آهي،
جيون جنت.
ريءَ محبت،
کپي نه شهرت.
ڪونه وڃي ٿي،
ڪنهن جي محنت.
ننڊ نڀاڳي،
ڇڏجي غلفت.
تاج جويو
رَشمي راماڻيءَ جو پُنر جنم
گهڻو اڳ، پوپٽي
هيراننداڻيءَ جو هڪ نثري نظم پڙهيو هئم، جو شايد
سندس ڪويتائن جي ڪتاب ”مان سنڌڻ“ ۾ ڇپيو هو:
اڪبر اعظم جي درٻار،
۽ حُسن جي سرڪار،
پوءِ به اَنار ڪليءَ کي جيئري ئي دفن ٿيڻو هو ڀارت
جي دُلهن دهلي-
۽ منهنجي گهر جوڙڻ واري اعليٰ موهن جي دڙي واري
سڀيتا-پوءِ به
”مان سنڌڻ“
بي گهر بڻجي.
در در ٺوڪرون کائي رهي آهيان!
جيڪا قوم، جيڪا جاتي، موهن جي دڙي جي گهرن جوڙڻ
واري اعليٰ سڀيتا جي مالڪ هجي. اُن جاتيءَ جا فرد،
اُن جاتيءَ جون مائرون ۽ ڀينرون، پوري سامراج جي
پاليسيءَ ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“
(Divide & rule)
۽ ڪاري سامراج جي ڳٺجوڙ ۾ قبضي گيريءَ جي هٻڇَ جو
شڪار ٿي، وطن مان بيوطن، گهر مان بي گهر ٿي، دردر
ٺوڪرون کائڻ جي احساس هيٺ جيئنديون هجن، اهو تاريخ
جو ڪيڏو نه قهر آهي! شايد اهڙي ئي غير فطري ورهاڱي
واري عمل تي به ٿي شيخ اياز لکيو هو ته: ”دل چاهي
ٿي ته تاريخ جي دُونَ ۾ ٺونشو وهائي ڪڍان!“
سنڌ کا وڇڙي هند ۾ وسڻ دوران سنڌين جيڪي پيڙائون
ڀوڳيون ۽ ڪٺن ڪشالا ڪڍيا، سي تاريخ جو باب بنجي
چڪا آهن. پر سنڌو ماتا جي هنن سڀاڳن پٽن ۽ ڌيئرن،
پرڏيهه ۾ ويهي، پنهنجي ٻوليءَ، تهذيب ۽ ادب کي
بچائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا جُهد پٽيا آهن، تن کي ڏسي
کين سلام ئي ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت
مڃائڻ، سنڌي تعليم جاري رکڻ، سنڌي تهذيب کي بچائڻ
لاءِ مختلف ادارا قائم ڪرڻ، سنڌي ادب کي ترقي
وٺائڻ ۽ ان جي تخليق جاري رکڻ لاءِ پبليڪيشنون ۽
سنسٿائون برپا ڪرڻ ۽ رسالا ۽ مئگزنون ڪڍڻ جا ڪم،
سندن سنڌ ۽ سنڌيت سان لڳاءُ جا ساکي آهن. پوپٽيءَ
جو مٿيون نظم وطن کان وڇڙڻ جو نوحو آهي ۽ اهڙا
الائي ڪيترا نوحا سنڌي شاعرن چيا هوندا. مون کي
پوپٽيءَ جي ان نطم کان پوءِ سندري اُتمچنداڻٻيءَ
جو هڪ سادو سودو ۽ رواجي قسم جو بيت پڙهڻ جو اتفاق
ٿيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي مجموعي ”ڏات بڻي لات“ ۾
ڇپيل آهي:
لانگ نه ڄاڻي سنڌڙي، سا ڇو پلئه نه ڏانءَ، ڪوٽيءَ
بن ساڙهي ٻڌي، ماءُ نه چوندي آنءَ. مدراسي يا
لکنوي، ٿجان ڪين، چناءِ. ”سنڌڻ“ ٿي رهجانءِ، توڙي
هُجين هند ۾! ساڙهي هند توڙي سنڌ ۾ پاتي ويندي
آهي. لازمي طرح ساڙهي پهرڻ جا هر قوم ۽ هر جاتيءَ
وٽ پنهنجا ڏانو هوندا. مدراسي۽ لکنوي عورتون
پنهنجي پنهنجي نموني ساڙهيون پائينديون هونديون.
ڪي مردن وانگر لانگ ڪڍي ساڄو پلئه ڪُلهي تي رکن،
ته ڪي وري ٻئي نموني ساڙهيون پهرينديون هونديون.
ساڙهين پهرڻ جو اهو مشاهدو عورتن جو وڌيڪ هوندو،
پر هن بيت ۾ سُندري، پنهنجي هم قوم عورت کي مخاطب
ٿي چوي ٿي ته ”لانگ نه ڄاڻي سُنڌڙي، ساڄو پلئه نه
ڏانءَ“ يا وري چور ٿي ته ”مدراسي يا لکنوي، ٿجان
ڪين چوانءِ“ ان پٺيان ڪهڙو جذبو ڪارفرما آهي؟ ان
جذبي جو اظهار يا ڪلائيميڪس
(Clymax)
بيت جي چوٿين سٽ ۾ آهن. ”سنڌڻ“ ٿي رهجانءِ توڙي
هجين هند ۾!“
اهو ”سنڌڻ“ هئڻ جو احساس، پوپٽيءَ. سندرءَ يا سندن
سهيوڳي شاعر ليکڪائن، ڪلاپرڪاش، پاروچاولا. مايا
راهيءَ يا ويندي ريٽا شهاڻيءَ تائين ته سمجهه ۾
اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اُهي ڄايون نپنيون سنڌ ۾، هنن
پهريان ساهه به سنڌ جي فضا ۾ کنيا هئا ۽ سنڌو ماتا
جو جل به پيتو هو. پر اهي ليکڪائون، شاعر، جيڪي
ورهاڱي کان ڏهه ويهه سال پوءِ هند ۾ ڄايون، جن نه
سنڌ جي هوائن ۾ ساهه کنيو، نه سنڌوءَ جو امرت-جل
پيتو، تن جي من ۾ اهو ڪهڙو جذبو پيدا ٿيو آهي، ۽
سندن اندر ۾ اها ڪهڙي اتاولائي آهي، جنهن هن نسل ۾
پنهنجي پاڙن
(Roots)
کي ڄاڻڻ جي ڇڪ پيدا ڪئي آهي؟ اها ڪهڙي ڪشش آهي،
جنهن سندن اندر ۾ پنهنجن وڏن جي ورثي، اتهاس ۽
ٻوليءَ لاءِ اٿاهه پريم پيدا ڪيو آهي؟ اهو ڪهڙو
لڪل ڀاو آهي، جنهن لتا ٽهلياڻيءَ (جنم 1962ع الهاس
نگر) کان چوايو ته:
ها مان ”سنڌڻ“ آهيان،
مون کي فخر آهي ته مان سنڌڻ آهيان!
سچ آهي ته مون سنڌ کي ڏٺو به نه آهي،
شاهه، سچل، ساميءَ،
ساڌن، سنتن جي ڀوميءِ ۾،
مون ساهه نه کنيو آهي.
چندن جهڙي مٽي.
پنهنجي لڱن تي نه رکي آهي!
سرسبز کيتن ۾ پيدا ٿيل
فصل جو هڪ داڻو به
منهنجي پيٽ ۾ پيل نه آهي.
سنڌو درياهه جو امرت ڀي
مون نه پيتو آهي.
هيءَ به حقيقت آهي ته
مان ڄائي هند ۾ آهيان.
پوءِ به مان ”سنڌ جي سنڌڻ“ آهيان...
اُهو ڪهڙو جذبو آهي، جنهن ومي سدارنگاڻيءَ (جنم
1971ع، اجمير، راجستان) کان نظم، ”منهنجي سنڌڙي“
لکايو:
تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي.
سنڌڙي!
مان تو وٽ اچڻ چاهيان ٿي.
اهو صحيح آهي ته
مون ڪڏهين تنهنجي گود نه ماڻي.
.........
توکي مون ڏٺو ڪونهي،
ايشور کي به نه!
آخر اها ڪهڙي حسرت ۽ اهو ڪهڙو ارمان آهي، جنهن
رشمي راماڻيءَ (جنم: 1960ع، ودشا، انڊور) کان
ڪوتائن جو ڪتاب ”مان هڪ سنڌڻ“ لکايو، جنهن ۾ ساڳئي
عنوان سان هيٺيون نظم درج آهي:
مان پيدا ٿيس آزاد ديس جي ان علائقي ۾،
جتي مان فقط هڪ ”سنڌڻ“ هيس.
ڪلهه تائين جڏهن مون نه سکي هئي پنهنجي ٻولي،
نه پڙهيو هو ان باري ۾،
ته،
ڪير هئا سنڌي؟ ڪيئن هئي سنڌ؟
ڪٿان پيدا ٿي سنڌي ٻولي؟
ڇا آهي اسان جي وراثت؟
اڻڄاڻ هيس مان ان جذبات کان،
جيڪو سمايل هوندو آهي
ڪنهن جاتيءَ جي باشندي جو سرير ۾،
رت – ماس جيان!
مون،
نه ڏٺي سنڌ،
نه محسوس ڪئي سنڌ جي آبهوا.
نه سوچيو ڪڏهن پنهنجيءَ روايت ۽ ورثي جي باري ۾.
پر،
اڄ محسوس ڪري رهي آهيان
سنڌوءَ جو وهڪرو
پنهنجي رت جي روانيءَ ۾
اندر ۾ نظر ٿي اچي سنڌ جي اداس زمين،
مرانجهڙو آڪاس،
شاهه جي سورمين جا مايوس چهرا.
هاڻي،
موهن جو دڙو منهنجي لاءِ ڀترن جو ڍير نه اعليٰ
سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو مرڪز آهي.
ڇا؟
انسانن جي وجود ۾ سمايل هوندو آهي هنن جي جاتيءَ
سَثُ؟
اچانڪ،
ايتري شدت سان ڇو ٿو محسوس ٿئي
ته
مان هڪ سنڌڻ،
مان هڪ سنڌڻ،
مان هڪ سنڌڻ،
مان سنڌي جي وارث آهيان!
عجيب اتفاق آهي ته اهي هند ۾ ڄاول ٽيئي شاعر
سنڌياڻيون، پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڀوميءَ مائرن ۽
نانين جي وطن سنڌ جي ڌرتيءَ تي پير ڌري ان جو
ڇهاءُ، هوائن جو هڳاءُ. ان ۾ پاڻيءَ جو ساءُ ماڻي
چڪيون آهن ومي ۽ رشمي، ڊسمبر 2004ع ۾ سيگا پاران
ڪوٺايل ”شاهه، سچل، سامي-امن ڪانفرنس“ ۾ شريڪ ٿي،
پنهنجا مستڪ ماءُ ۽ نانيءَ جي سرزمين آڏو جهڪائي
چڪيون آهن. ۽ لتا ٽهلياڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان
گڏ پني عاقل جي سنت آسودارام جي درٻار ۾ هن درٻار
جي گديسر سنت چانڊورام سان گڏجي آئي هئي ۽ وڏن جو
وطن ڏسي سڪ پوري ڪئي هئاسين. نانيءَ جي ڌرتيءَ تي
پهچي. نانيءَ ۾ نانيءَ جي ڪردارن کي جيارڻ جي تمنا
ڪئي هوندائين. نانيءَ کي جيارڻ جي تمنا وميءَ
پنهنجيءَ هڪ ڪوتا ۾ ڪنهن وقت هن ريت ڪئي هئي ته:
هاڻي نانيءَ کي وري جيارڻو پوندو.
جي هوءَ مري ويئي ته
ڪهاڻيون مري وينديون.
ته پوءِ اسين ڪيئن جيئنداسون؟
۽ جڏهن هوءَ سپني ۾ نه پر حقيقت ۾، نانيءَ جي
انهيءَ ڪهاڻين واري ديس ۾ پهتي هئي ته مون کي پڪ
آهي ته سندس نانيءَ جون ٻڌايل سموريون ڪهاڻيون ۽
ڪهاڻين جا سمورا ڪردار سندس نيڻن آڏو زنده روپ وٺي
چڪا کيس پنهنجي هنج ۾ ليٽائي ڪهاڻيون به ٻڌائي ۽
ڪهاڻين جي ڪردارن سان به مکا ميلو ڪرائي!
ائين جڏهن ودشا (اندور: مڌيه پرديش) ۾ جنم وٺندڙ
رشمي راماڻي، پنهنجي پيءُ ليلا رام ڀاڳچنداڻي
(جنم: 1932ع، ٺارو شاهه) ماتا لاڄونتي (جنم:
1939ع، سکر) جي ديس ۾ پهتي هئي ته سرزمين سنڌ،
جيڪا، ”سندس بند اکين جي نيراڻ ۾/ ڪڏهن ڪڏهن وسندي
هئي. سنهري سپني جيان“، اُها ساڀيا جو روپ وٺي، سچ
پچ ”سندس سواسن ۾ سمائجي ويئي“، هوءَ جنهن پنهنجي
ڪوتا” ڪير آهيان مان؟“ ۾ لکيو هو ته:
نه مان سنڌوءَ نديءَ جو وهڪرو آهيان، نه موهن جي
دڙ جو ڪوئي حصو،
نه ئي سمايل آهي مون ۾
شاهه جي ڪنهن سورميِءَ جي آتما،
پوءِ ڪنهن کان وڇڙيل آهي منهنجو وجود؟
ڪير آهيان مان؟
اهو سوال، جيڪو هر ان فرد کي تڙپائيندو هو، جنهن
ماءُ ۽ پيءُ جي ڌرتيءَ کان دور ڪنهن ٻئي ديس ۾ جنم
ورتو هو: اها تڙپ، جيڪا هر ان سنڌي بڻ بڻياد رکندڙ
من ۾ موجود هئي، جنهن کي سندن مائٽن ”سنڌيت“ جي
سونهن سچ کان آشنا ڪيو هو.
1947ع جي حادثي، هڪ پوري جاتي، هڪ پوري قوم کي ڌرم
۽ سياست جي سانگن ۾ سوڙهو ڪري، ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي
ڇڏيو. هزارين سالن کان گڏ رهندڙ هڪ سڀيتا ۽ هڪ
ٻوليءَ جا جيو جدا ٿي ويا. هڪڙا وطن ۾ بيوطن ۽ ٻيا
ڌررتيءَ کان دربدر، پنهنجي سڃاڻپ جي تلاش ۾
سرگردان ۽ پريشان، تڏهن ئي ته ان احساس هيٺ رشميءَ
”فيصلو“ ڪوتا ۾ لکيو:
پنجن هزارن سالن کان،
سنڌوندي وهي رهي آهي،
انساني سڀيتا کي پيار سان پاليندي
پر
ٻاونجاهه سال کان هڪ پراڻي جاتي،
ڳولي رهي آهي نئين زمين،
جاري آهي سندس ”پهچان“ جي تلاش،
چاهي ٿي ڪيئن به مڪمل ٿئي هن جو وجود.
پر
اڄ تائين رهي آهي هوءَ
ناڪام، ناڪام، ناڪام!
شايد اها سڃاڻپ جي تلاش ۽ وجود جي مڪملتا جي تڙپ
ئي هئي، جنهن اجمير ۾ اچي آياد ٿيندڙ ليلا رام
ڀاڳچنداڻيءَ ۽ اندور ۾ وسيل لاڄونتي لالواڻيءَ کي
پتي پتنيءَ جي رشمي (نومبر 1957ع) ۾ ڳنڍيو ۽ هن هڪ
اهڙي ڌيءُ رشمي راماڻيءَ کي اندور (مڌيه پرديش) جي
ڌرتيءَ تي جنم ڏنو. جنهن مقامي ماحول موجب هنديءَ
۾ تعليم ورتي ۽ اڳتي هلي هندي جي شاعر بڻي. ڪنهن
ٿي ڄاتو ته هيءَ هندي جي ڪويتري (شاعر)، هندي
شاعريءَ ۾ مان سنمان ۽ نالو ڪمائيندڙ ۽ هندي
شاعريءَ ۾ به ڪتاب ”ساز چپ هين“ ۽ ”بيتي هوئي دن“
سرجيندڙ، اوچتو موڙ کائي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت
شاعري بنجي ويندي، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي شاعريءَ
جا ٻه ڪتاب: ”پڃريو“ (1991ع)، ”ڪڏهن ڪڏهن“
(1991ع) ۽ ”مان هڪ سنڌڻ“ (05-2004ع) ڏيئي“ ادبي
حلقي کي حيران ڪري وجهندي، ”سنڌيت“ جي جڙن
(Roots)
ڏانهن واپسيءَ واري جذبي جو ڪارڻ پڇيو ته هن
وراڻيو هو: ”هڪ ادبي سيمينار دوران ڪنهن طنز ڪئي
ته ”سنڌين جو به ڪوئي لٽريچر آهي ڇا؟“ ته منهنجي
اندر ۾ ڇپيل ”سنڌڻ“ جاڳي پئي ۽ مون جواب ڏنو: ڇو
نه آهي سنڌين جو لٽريچر؟ سنڌي هڪ مهذب قوم آهي،
جنهن جي عظمت جا نشان آهن موهن جو دڙو ۽ سنڌوندي
جنهن عظيم سنڌوءَ، نالو ۽ سڃاڻپ بخشي آهي ”انڊيا
کي“ ۽ ائين رشميءَ هڪ سچي ”سنڌڻ“ جي روپ ۾ پنهنجي
ورثي ڏانهن موٽ کاڌي ۽ سنڌي شاعريءَ کي ڏيئي وئي
شاعريءَ جا ٽي خوبصورت ڪتاب نه رڳو ايترو پر هن
هنديءَ ۾ ماهر هوندي، سنڌي تخليقون هنديءَ ۾
ترجمون ڪرڻ شروع ڪيون، ۽ ترجمي لاءِ سڀ کان اڳ
جنهن تخليقڪار جو انتخاب ڪيائين، سو هر ڪرشن
کٽواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو ۽ ٻهڳڻو ڪهاڻيڪار،
ناول نگار ۽ شاعر، هن ڪرشن کٽواڻيءَ جا ٽي ناول ۽
در جنين ڪهاڻيون ترجمون ڪيون آهن، وٽس ترجمي جو
سهڻو ڏانءُ آهي، جنهن جا معترف هند جا سنڌي ۽ هندي
اديب آهن، ترجمو آسان ڪم ڪونهي، اُن لاءِ اُٿاهه
محنت ۽ لاڳيتي اڀياس سان گڏ ٻنهي ٻولين تي عبور
هئڻ ضروري آهي، جيڪا لياقت رشميءَ ۾ اُتم درجي جي
موجود آهي، هيءَ هنديءَ جي سٺي نقاد به آهي، سندس
هڪ تنقيدي ڪتاب (هنديءَ ۾) ”اُڪويتا اور جگديش
چترويدي ڪي ڪويتائين“ به ڇپيل آهي.
رشمي راماڻيءَ جي ڪويتائن تي نظر وجهڻ سان پتو پوي
ٿو ته هن جي ڪوتائن جو وڏو حصو، عورت ۽ مرد جي
رشتي، رومانيت، عورت جي پيڙائن ۽ سماجي مسئلن جي
گرد ڦري ٿو، هن عالمي تبديليءَ
(Change Global)
جي هن دور ۾ (عورت جو آواز“ بڻجي ڪوتا کي اظهاريو
آهي، ۽ ان اظهار ۾ سچائي، ايمانداري، ۽ حسناڪي هر
هنڌ بکي رهي آهي. نئين ڪويتا کي معاشري جي خرابين
۽ ڪڌائين خلاف بيباڪ اظهار جو وسيلو سمجهي، ناڪاري
ملهن
(Nagative Values)
۽ منفي روين کي اڀارڻ عام فريشن سمجهيو پئي ويو،
اهڙي وايو منڊ ۾ جڏهن رشمي راماڻي ۽ سندس سهيوڳي
شاعرن پيار، ماڻهپي، انسانيت، عورت، عورت جي
جاڳرتا جهڙن مثبت قدر
(Positive Values)
جي تاڃي پيٽي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ته اهڙا نوان
آواز ڌيان ڇڪائڻ لڳا. گوبند مالهي، هري دلگير،
ارجن حاسد، ڪرشن کٽواڻي، واسديو موهي، هيري
شيوڪاڻي، اُنهن نون آوازن جي آجيان ڪئي، انهن نون
آوازن وٽ پابند ۽ موزون شاعريءَ کان بغاوت، انساني
زندگيءَ جي بيهودگين، شهري جيون جي کوکلائپ، مشيني
انداز، سياسي سرشتي ۽ سماجي نظام جي عياريءَ
انساني ناتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ فرد جي اڪيلاپ جي احساسن
جو نئين زبان، نين علامتن ۽ اهڃاڻن ۾ اظهار ٿيڻ
لڳو. ڪٿي ڪٿي اهو اظهار ايڏو ڪڙو ۽ ڪسارو ٿي ويو،
جو جماليات ۽ زندگيءَ جي موهه جهڙا انساني جذبا
مفقود نظر پئي آيا. پر اوچتو ٿڌي واءِ جو جهوٽو
گهُليو، ابتن سبتن جمل ۽ لفظن جي موڙ ٽوڙ ۽ ناڪري
اوچ واري نئين ڪوتا پاسو ورايو، مثبت سوچ
(Positive approach)
موٽ کاڌي، نرم، وڻندڙ ۽ سادي لهجي واري شاعري
سامهون آئي. اهڙن شاعرن ۾ ٽيهن کان پنجاهه جي پيٽي
وارا شاعر ۽ شاعري ليکڪائون اچي وڃن ٿيون، جن ۾
ومي سدارنگاڻي ۽ رشمي راماڻي اهم آهن.
رشمي راماڻيءَ جي جنم 1960ع ۾ ٿيو، جڏهن نئين
شاعريءَ موڙ کاڌو هو، اُن وقت ڪنهن ٿي ڄاتو ته 40
سالن کان پوءِ رشمي راماڻي خود به نئين ڪويتا جو
هڪ نئون ۽ سگهارو آواز بنجي اڀرندي، رشمي هنديءَ ۽
ايم. اي آهي، سندس گهوٽ اشوني ڪمار راماڻي اندور
يونيورسٽيءَ ۾ انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ پروفيسر
آهي. اندور ۾ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ پاران، سنڌ جي
سگا پاران هلندڙ ”روشن تارا اسڪول“ جيان اسڪول
هلندا آهن، جن مان هڪ ۾ رشمي به ڪڏهن ڪڏهن پڙهائڻ
ويندي آهي، هونئن عام طرح ”هائوس وائيف“ آهي، پر
هن زندگيءَ جو ڏاڍو گهرو مشاهدو ڪيو آهي. خاص ڪري
انساني ناتن رشتن، مرد ۽ عورت جي باهمي لاڳاپن،
پيار جي پلن، سونهن ۽ سرهاڻ جي احسان، لڙڪن ۽
ٽهڪن، انڪار ۽ اقرار جي ڀاوَن (جذبن)، ساروڻين ۽
ميارن، ظاهري سکن ۽ سهوليتن، اندر جي اڪيلاين،
پيار ۽ وصل جي تڙپ ۽ تلاش، سپنن ۽ ساڀيائن، ملڪن
جي ڇڪتاڻ، ورهاڱي جو شڪار ٿيل جاتيءَ جي فردن جو
درد، پنهنجي وجود جي تلاشي ۽ ٻي ڪيئي موضوع،
رشميءَ جي ڪوتا ڪئنواس جا رنگ ۽ روپ آهن.
مون رشميءَ جا ٻيا شعري ڪتاب به نه پڙهيا آهن، پر
”مان هڪ سنڌڻ“ ۽ رچنا، مرڪ ۽ ڪونج رسالن ۾ ڇپيل/
ڇپجندڙن شاعري پڙهي اٿم، ”مان هڪ سنڌڻ“ ڪويتائن جي
ڪتاب جي هند ۾ پڌرائي ته جنوري 2005ع ۾ ٿي هئي ۽
ڪتاب تي اشاعت جو سال به 2005ع لکيل آهي، پر رشمي
ان ڪتاب جون پنج ڪاپيون خاص تيار ڪرائي، 17 ڊسمبر
2004ع تي، سنڌ ميوزم حيدرآباد جي ممتاز مرزا
آڊيٽوريم ۾، ڪتاب جي مهاڳ (”سونهري ڪرڻا“) لکندڙ
سٻاجهڙي ۽ قدآور شاعر ارجن حاسد هٿان مهورت ٿيو
هو، رشميءَ جي ڪوتا ڪتاب جو مهورت سنڌ ۾ ٿيڻ نه
رڳو اسان لاءِ، پر خود رشميءَ لاءِ سڀاڳو سؤنڻ
ثابت ٿيو، ۽ هن سنڌ ياترا کان پوءِ پنهنجي شاعريءَ
کي نئين معنيٰ ۽ نوان رخ ڏنا آهن. جڏهن ته واسديو
موهيءَ چواڻي هن اڳي ئي پنهنجي ”تازي مجموعي (”مان
هڪ سنڌڻ“) ۾ نه صرف پنهنجي سوچ کي نيون دشائون
ڏنيون آهن، پر اظهار جي نرالپ به آندي آهي. ”مان
هڪ سنڌڻ“ جون ڪوتائون، انڪري، بلوغت ڏانهن وڌندڙ
ڪويءِ جون لڳن ٿيو.“ (”رچنا“ جولاءِ سيپٽمبر
2005ع، ص 47) |