سوچ ويچار
اتر ڊامي اُن جا...
هيل مينهن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي تباهي
آئي آهي ۽ مسڪين ماروئڙن سان جيڪو وهيو واپريو آهي
اهو ڪنهن کان به ڳجهو يا لڪل ناهي! هنن ماڻهن جون
زندگيون هونئن ئي ڏکيو گذري رهيون هيون ۽ وري گهڻي
ڀاڱي اهو ئي طبقو متاثر ٿيو آهي، جنهن جو ذريعئه
معاش ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا!“ وارو آهي،
۽ هينئر نه سندن اجها رهيا آهن ۽ نه ئي روزگار! نه
ڍور- نه ئي فصل ! هاڻي اصل مسئلو اهو آهي ته انهن
کي نئين سرآباد ڪجي، پر ڪيئن ڪجي؟ ۽ ڪير ڪري...؟
مينهن رحمت آهي، پر گهڻو وسي ته زحمت ٿيو پوي،
منڇر ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ، زهريلي پاڻيءَ کي ڌڪي ڇڏيو
آهي ۽ اتي مڇي به مرڻ لڳي آهي. منڇر واسي به موٽي
آيا آهن ۽ سندن منهن تي سَرهائي آهي. پر ساڳئي
ضلعي ۾ ٻوڏ جو ايترو ته پاڻي بيهي رهيو آهي، جو
ايندڙ سال به شايد ئي فصل ٿي سگهن!
اسين ”سرتيون“ جي پليٽ فارم تان سرڪار، سياسي توڙي
سماجي تنظيمن، اين جي اوز ۽ سڀني رفاحي ادارن کي
اپيل ٿا ڪريون ته هنن ماڻهن لاءِ ترجيحي بنيادن تي
نئين سر اڏاوت ۽ سندن مستقل روزگار جو بندوبست ڪيو
وڃي. آخر ۾ اهو عرض ته قدرت اسان کي ڪيترائي سبق
سيکاري ٿي، سو وس وارن کي اپيل آهي ته هو ان سبق
مان پرائين ۽ مستقل بنيادن تي ان مسئلي جو حل
تلاش ڪن.
گلبدن جاويد
فهميده شاهه
رڳو ٿيون رباب
(شاهه جو سُر سان سُٻنڌ)
شاهه لطيف جو سُر سان تمام گهرو سٻنڌ رهيو آهي.
شاهه جا سُر فطري موسيقيءَ جا سر آهن، جيڪا انسان
جي اندر جي سرن سان ٺهي ٿي. جيئن ته شاهه لطيف سنڌ
جي ماحول، تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ روايتن ۾ ڄائو،
نپنو، تنهن ڪري سندس من جا سر سنڌي لوڪ سنگيت جي
روپ ۾ آهن. سر شاهه لطيف جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو. راڳ
سندس روحاني خوراڪ هو. شاهه لطيف موسيقيءَ جي سرن
تي شاعري ڪئي آهي. شاهه لطيف جا بيت عروضي بحر ۽
وزن تي نه پر هندي ڇند وديا ۽ سرن تي ٻڌل آهن
هونئن ته ڇند وديا ۽ سنگيت وديا ۾ فرق آهي. جيئن
ته جهمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ ”ڇنڊ سڳنڌ“ ۾ لکيو
آهي، شاهه لطيف جا بيت برابر ڇند وديا تي جڙيل
آهن، پر ڪيترائي ڇند جڙيل ئي ائين آهن جو سنگيت
وديا جي لئه ۽ تال تي پورا آهن. سنگيت جا پد به
آواز جو ڇوٽائي ۽ ڊگهائيءَ تي ٿين ٿا، انهن منجهه
ماترائون به ٿين، پر سنگيت جي پدن جو حساب اور
آهي:
سندن سمورو ڪلام سر ۽ راڳ سان ئي اسريو آهي. سندس
ڪلام سرن ۾ ورهايل آهي ۽ هر سر ڪنهن نه ڪنهن راڳ
سان لاپيل آهن. سندن رسالي جي ابتدا راڳ ڪلياڻ سان
ٿئي ٿي. شاهه لطيف کي راڳ سان ايترو ته لڳاءُ هو
جو پاڻ هڪ ساز به ايجاد ڪيائين ۽ باقاعدي راڳ جو
دارو 1144هه ۾ قائم ڪيائين، جتي منظم طريقي سان
راڳ جون محفلون ٿينديون هيون ۽ فقيرن کي راڳ جي
تربيت ڏني ويندي هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب صوفي محمد صادق جي ڪتاب
”راڳ نامو“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته: سنڌ ۾ ستين
صدي هجريءَ کان وٺي سماع ۾ راڳ جو سلسلو وڌيو،
جيڪو ڏهين صديءَ هجريءَ وارن چئن سون سالن جي دور
۾ اوج کي پهتو. ٻارهين صدي هجريءَ ۾ حضرت شاهه
عبداللطيف رح جي دلپذير ڪلام ۽ ان کي باقاعدي ڳائڻ
سان شاهه جي راڳ جو بنياد پيو.
شاهه لطيف جو رڳ سان ايڏو عشق ڏسي ان وقت جي وڏن
عالمن به کيس راڳ جي سلسلي ۾ بي وس ۽ بي ميار ڪري
ٿي ڄاتو. شاهه لطيف سنڌي راڳ بلاول ۾ سر ڪوهياري،
سامونڊي، آبري ۽ معذوري چيا آهن، جڏهن ته سر مومل
راڻو ڪافي ٺاٺ ۾، ليلا چنيسر، ڀيرو ٺاٺ ۾ ۽ ڪارايل
ڪلياڻ ٺاٺ ۾ چيل آهن، شاهه لطيف سنڌي راڳڻين
کانسواءِ جيڪي راڳڻيون کنيو آهن، سي آهن، يمن
ڪلياڻ، کنڀات، سريراڳ، حسيني، ڪاموڏ، سورٺ،
ڪيڏارو، سارنگ، آسا، رامڪلي، سهڻي، ديسي، بسنت ۽
ڌناسري، اهي سموريون راڳڻيون اڄ به سنڌي موسيقيءَ
۾ رائج آهن.
مير عبدالحسين سانگي، لطائف لطيفي ۾ لکيو آهي ته
شاهه صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو. راڳ جو رس سندس
روح جي تسڪين هو ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺو.
شاهه لطيف ڀانن، چارڻن، راڳائين، مڱڻهارن کي گهڻو
ڳائيو آهي، ڇو جو سندس لڳاؤ سر سان آهي، جتي سر ۽
ساز آهي، اتي شاهه لطيف جي من جو لاڙو آهي، جڏهن
ڳائڻن کي سرندن کان ڏور ٿيندو ٿو ڏسي تڏهن چوي ٿو:
ايءَ نه ڀانن ڀر، جئن ڪينر ڪيريءَ ٽنگيو،
سونهاري صبوح سين، وجهي ويٺين وير،
توکي چوندي ڪير، ڪيرت ڌاران مڱڻو.
شاهه لطيف جي مختلف سرن جي ڪيترن ئي بيتن ۾ اسان
کي سازن جو ذڪر ملي ٿو، جيئن سارنگ، ڪينرو، واڄو،
رباب، چنگ، نڙ، تنبي، شرناءِ، سرندو، دنبورو وغيره
مثال طور ڪجهه بيت اهڙا آهن جيئن سر رامڪلي ۾ چوي
ٿو:
واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏو مال
مقالان مهند ٿيا، ڪونهي وٽن قال.
سر سهڻي ۾ به سازن جا مثال ڏيندي چوي ٿو:
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب،
واڄٽ وڃي وجود ۾، رهيو روح رباب،
ساهڙ رءِ ثواب، آءٌ گهڻو ئي گهوريان.
سر معذوري ۾ شاهه لطيف رڃن ۾ به سارنگي جا سر ٿو
ٻڌي:
رڃ ۾ رڙ ٿيءَ، ڪر سارنگي ساز،
اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي.
شاهه لطيف جنگ جي طبل ۽ ترارن جي آوازن کي به ساز
ٿو ڀانئي. سُر ڪيڏاري ۾ چوي ٿو:
هوڏانهن هن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
شرنايون ۽ سرندا، ٻنين ٻار ٻورن.
سر رپ جي هن بيت ۾ شاهه لطيف دنبوري کي دل سان
تشبيهه ڏيندي تمام سهڻي طرح بيان ڪيو آهي:
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن، تندون جي طلب
جون، وحدت سر وڄن، وحده لا شريڪ له، اهو راڳ رڳن،
سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي. سر سارنگ ته آهي
سڄو سريلو ٻڌڻ شرط ئي ڄڻ ساز سرندا پاڻ ئي ٿا وڄن:
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين، ساز سارنگيون،
سرندا. وڄائي برچنگ، صراحيون سارنگ، پلٽيون رات
پدام تي. شاهه لطيف جي سر سارنگ جا بيت پڙهڻ سان
من جي اندر جا ساز وڄڻ لڳن ٿا ۽ اها آهي لفظن جي
موسيقي اها شيءَ آهي جيڪا لفظن جي ميلاپ ۾ پنهنجو
پاڻ ظاهر ٿيو پوي. اها موسيقي ان لفظ کان اڳ آندل
لفظ ۽ لفظ کان پوءِ ايندڙ لفظ جي ميلاپ سان نڪري
ٿي.“
اهڙا بيت جنهن جا ڪجهه لفظ ڪنهن جي سمجهه ۾ نه
ايندي به نغمگيءَ سان متاثر ڪن، اها آهي شاعري جي
موسيقي ڪارلائن شاعريءَ جي پرک جا جيڪي ٽي معيار
ڏنا آهن، تن مان هڪ هيءُ آهي ته ”شعر اهو آهي،
جيڪو ڳائي سگهجي،“ علامه آءِ آءِ قاضي هن ڪسوٽيءَ
تي شاهه جي بيتن کي ڀيٽي هي ثابت ڪيو آهي، ته
”شاهه لطيف جو هر هڪ بيت ڳائي سگهجي ٿو. سندس بيتن
۾ رڌم آهي.“
شاهه لطيف جو سر سورٺ اهو سر آهي جيڪو سندس سر ۽
راڳ سان بي انتها محبت ۽ عقيدت جو مظهر آهي. سر
سورٺ راڳ جي ان اهميت کي نروار ڪري ٿو جيڪا شاهه
لطيف جي دل ۾ راڳ ۽ سر لاءِ آهي. سورٺ سنسڪرت لفظ
سوراشٽر جو بگڙيل روپ آهي. هيءَ هڪ راڳڻي به آهي،
جيڪا رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائبي آهي، ڀٽ تي جيڪي سماع
جون راڳ جون محفلون ٿينديون هيو، تن ۾ سر سورٺ جا
بيت چوٿين ڦيري ۾ پڙهيا ويندا هئا.
هونئن ته ”شاهه جو رسالو ”قرآن پاڪ جو سنڌي ۾
تفسير به آهي ته تاريخ جو دستاويز به آهي. سنڌ جي
تهذيب، تمدن ريتن، رسمن ۾ رواجن جو پاسدار آهي ته
سنڌي ٻوليءَ جو جياريندڙ به آهي، شاهه جو رسالو
جدوجهد جو سبق آهي، پر اهو سڀ ڪجهه سر جي تندن ۽
رڳ جي تانن ۾ اڻيل آهي. سر سورٺ اهو سر آهي، جنهن
۾ شاهه لطيف پنهنجو اصل موضوع ۽ مقصد آندو آهي.
هئين کڻي چئجي ته سر ۽ سنگيت جي لحاظ کان سر سورٺ
رسالي جي سونهن آهي.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي چوڻ مطابق هن سر ۾ راءِ ڏياچ،
شاهه پاڻ آهي، ڇو ته پاڻ به راڳ تي فدا هو ۽ سُر
تي ساهه ڏنائين:
تند تمهاري تان، ڪهيو سو قبول پيو،
خاڪ، مٽي ڪابان، ڪاٽيا پوءِ ڪجهه نهين.
هن سر ۾ شاهه ٻڌائي ٿو ته راڳ ۾ ساز ڪنهن دل تي
ايتريقدر اثر وجهن ٿا جو هڪ راجا پنهنجو سر ڪپي
راڳائيءِ کي ڏئي ٿو. راءِ ڏياچ جنهن فقط پنهنجي
جان جي بچاءُ لاءِ پاڻ کي لڪائي، سڄي رياست ڇڏي هڪ
هنڌ قيد ٿي ويٺو آهي، اها ئي جان جيڪا هن لاءِ
پنهنجي آزاديءَ تي قربان ڪري ٿو ڇڏي.
مٿو مور نه ڀاڙيان، تنهنجي تند تنوار،
سِر ۾ سَڃڻ ناه ڪي، موٽ مَ مڱڻهار،
ڪينهي منجهه ڪپار، لڄيندو ٿو لاهيان.
هُن سر ۾ شاهه لطيف فن جو قدر ڏيکاريندي، سر ۽
سنگيت کي اُتم درجي تي آندو آهي. شاهه لطيف هڪ
ڳائڻي کي اهڙي اعليٰ مقام تي کڻي آيو آهي. جتي راڄ
ڌڻي به هن جي اڳيان بي وس آهي، ٻيجل جي فن راجا ۽
مڱڻي کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. راڳائيءَ جي فن ۽ سُر
آڏو تخت، تاج، رياست، امارت ڪنهن به حيثيت نه آهي:
نرتي تند نياز سين، ٻيجل ٻُرائي،
راجا رتولن ۾، ورنائي وائي.
ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارٽ ٻاجهائي،
راجا، راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.
راجا مڱڻهار جي سرندي ۽ سندس فن کان ايترو ته
متاثر ٿيو آهي جو هوسورٺ جو فرياد به نٿو ٻڌي،
جنهن لاءِ محلات ڇڏي، رياست ڇڏي هن ڪوٽ ۾ پاڻ کي
قيد ڪيو آهي.
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
تنهن ڪامل ڪڍي ڪنيرو، ويهي وڄايو،
شهر سڄوئي سرن سين، تندن تپايو،
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
بيجل ٻاڏايو، ته آهيان سوالي سِر جو،
اها تندن جي طاقت آهي جو سر ۾ سر ٿيون گهرن، جنهن
هڪ مڱڻي کي اهڙي همٿ ڏني جو سرندو کڻي محلن ۾ راجا
جو سر گهرڻ آيو.
محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سرندو،
سر جي صدا سُر ۾، گهور هڻي گهرندو،
مٿي ري ملوڪ جي چارڻ نه چرندو،
جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءَ جهروڪ ۾.
سُر اُها شيءِ آهي جو من مان اٿي ته پاڻيءَ ۾ باهه
لڳائي ڇڏي، ري ڪڪر مينهن وسائي، جنهن ۾ من جو سر
سڃاتو هن عطائي کي، رمتي فقير کي، هڪ صدا تي
پنهنجو سر پنهنجن ئي هٿن سان ڪپي پيش ٿو ڪري، تن
ساهه تڏهن ٿو ڇڏي، جڏهن فقير اهو دانُ قبول ٿو
ڪري:
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽيِن،
سهسين سورٺ جهڙيون، اڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏيِن،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رمڳئيو.
زندگي اي زندگي!
وقت گذري ٿو يا زندگي؟ يا ٻئي؟ يا ماڳهين اسين
گذرندا ٿا رهون؟! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ وقت به
اسين آهيون، ته زندگي به اسين آهيون! بهرحال، اسان
جي زندگي جيئن جيئن پنهنجي رفتار سان وڌي ٿي، تيئن
تئين اسان جي عمر به وڌي ٿي. ۽ ائين فطرت جي اصولن
موجب ئي ٿئي ٿو. پر گهڻا ماڻهو وڌندڙ عمر کان
پريشان به رهندا آهن ۽ خاص ڪري خواتين ته ان ڏس ۾
ڏاڍيون ڪانشس به هونديون آهن. انڪري چيو ويندو آهي
ته عورت کان سندس عمر نه پڇجي! پر دنيا جي هنن
مشهور خواتين جي راءِ ان کان بلڪل مختلف آهي. انهن
زندگيءَ کي ڪيئن ڏٺو آهي؟ اچو ته سندن خيال پڙهون
۽ انهن مان پرائي زندگيءَ کي وڌيڪ مانائتو ۽
شانائتو بڻايون.
ميڊونا، 42
طاقتور ٿيڻ کان نه گهٻرايو
مان ته ان نتيجي تي پهتي آهيان ته سگهاري عورت
ڪنهن سان به مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿي، ڪو به سماج ڏسو
ته ان تي مرد جو ئي قبضو آهي، انڪري ڪٿي به اهڙي
سماج ۾ عزت سان گذرڻ لاءِ هڪ سگهاري ۽ مضبوط عورت
جو وجود لازمي آهي.
ايني رابنس، 55
توهين پنهنجي سوچ کان وڌيڪ خوبصورت آهيو
جڏهن مان 25 سالن جي هيس، تڏهن اها سُڌئي نه هيم
ته ماڻهن سان سٺي هلڻ جي ڪهڙي اهميت آهي. 50 سالن
تائين به مون ڪنهن مرد بابت ڪو نه ويچاريو، ٻارن
جو ته مون تصور به نٿي ڪيو ته هو اهي عظيم عطيي
وانگر آهن ۽ ڪيريئر کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا. مون کي
پنهنجا ڳاڙها وار ته اصل ڏٺي نٿي وڻيا ۽ مون کي
انهيءَ سمجهڻ ۾ سال لڳي ويا ته اهي ڳاڙها وار ته
قدرت پاران هڪ تحفي وانگر هئا.
جيري هال، 53
پنهنجي اندر جو آواز ٻڌو
سدائين هاڪاري سوچيو ۽ پنهنجي ادراڪ تي ڀاڙيو.
توهان جي زندگيءَ ۾ چوڌاري جيڪا ناڪاريت پکڙيل
آهي، ان مان به ڪجهه نه ڪجهه هاڪاريت کڻي اچو. ان
سان توهان جي زنگيءَ ۾ ڪيترائي دروازا کلندا
ويندا.
يوڪراونو، 67
زندگي وري به بهتر آهي
جيڪڏهن توهين 30 سالن کان مٿي جي ڄمار ۾ آهيو،
تڏهن به زندگي ختم نٿي ٿئي، منهنجو تجربو ته اهو
آهي ته جيئن توهان جي عمر وڌي ٿي، تيئن زندگي
توهان کي اڃا به گهڻو ڪجهه ڏئي ٿي، ضرورت ان ڳالهه
جي آهي ته توهين پنهنجي ذهني حالت ٺيڪ ٺاڪ رکو ۽
جيڪي چئلينج توهان جي آڏو آهن، انهن کي منهن ڏيو.
اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته توهين ختم ٿي چڪيون آهيو!
پوءِ چاهي حالتون ڪيڏيون به ڏکيون ڇو نه هجن، هر
سرءُ کان پوءِ بسنت آهي.
جولي برچل
پنهنجي مائٽن جو خيال رکو
منهنجو هڪ وڏو ڏک اهو آهي ته مون پنهنجي ماءُ پيءُ
سان گهڻو وقت نه گهاريو، جيڪي ٻئي گذريل ٻن سالن ۾
گذاري ويا. جيستائين مان ڄاڻان ٿي ته اهي ڏاڍا
کلمُک ۽ ذهين هئا، پر مهنجي انڌين خواهشن، شروع
واري زندگيءَ ۾ ئي مونکي انهن مان پري ڪري ڇڏيو.
جيلي ڪوپر 63
پيار ۾ مهربان ۽ هوشيار رهو
مان سوچيان ٿي ته توهين انهن ماڻهن سان انتهائي
ٻاجهه سان پيش اچو جيڪي توهان سان پيار ٿا ڪن.
شيرون اسٽون، 42
چهرو هڪ آئينو
چهري جو آئينو، جيڪو زندگيءَ جي پهرئين اڌ ۾،
توهان کي اهو ئي ٻڌائي ٿو ته اهو چهرو اهو ئي آهي،
جيڪو ڄائي ڄم کان توهان کي مليو آهي. زندگيءَ جي
ٻئي اڌ ۾ اهو آئينو ٻڌائي ٿو ته توهان جو چهرو
اهوئي آهي جنهن جون توهين حقدار آهيو. مان رڳو اهو
ٿي چاهيان ته جلد ڄاتي سڃاتي وڃان. مون کي اندازو
آهي ته منهنجو چهرو اهو ئي آهي، جهڙو مان لهڻان
ٿي.
ٽينا ٽرنر، 61
وڌيڪ نرمي- وڌيڪ نرمي
مون ته اهو سکيو آهي ته جڏهن ماڻهو مڇريل هجن ۽
رڙيون ڪري رهيا هجن، تڏهن توهان کي وڌيڪ نرميءَ
سان ڳالهائڻ گهرجي، پنهنجي جذبات کي ڪنٽرول ۾ رکو.
ان ريت، جڏهن هر ڪو ڇتو لڳو پيو هجي، تڏهن توهان
وٽ ايترو وقت آهي جو توهين پوئتي هٽو ۽ پاڻ کي ٿڌو
رکو. زندگي گهارڻ جو مون اهو ئي ڍنگ سکيو آهي.
ئنٿيا ٽرنر، 40
هاڻ جنهن عمر ۾ آهيو ان مان مزو ماڻيو
جڏهن مان 25 سالن جي هيس تڏهن مون اهو ئي ڄاتو ته
25 سال، ڪا ايتري وڏي عمر نه آهي، جڏهن مان 25
سالن جي هيس تڏهن مون کي ياد آهي ته مون سوچيو ۽
سچ پچ مون ان جو اظهار پڻ ڪيو ته هاڻي مان ٻارن جي
ٽيليويزن ڏسڻ کان وڏي ٿي چڪي آهيان، ويڌن اها هئي
ته مون 32 سالن جي عمر ۾ نوڪري ڪئي. پنهنجي عمر
مان خوش رهو ۽ ان مان لطف اندوز ٿيو. توهين ايترو
جوان ڪڏهن نه هيون جيترو هينئر آهيو.
باربرا ڊئلي
نِت نئو سوچيو
مون چاهيو ٿي ته مان ڪنهن مرد يا پنهنجي ڪيريئر
بابت گهڻو وقت پريشان نه رهان. زندگيءَ جي اها
فطرت آهي ته اها ڪنهن به موڙ تي توهان کي حيران
ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪا سٺائي يا ڪا چڱائي ظاهر ٿيندي
آهي، جنهن بابت توهان ڪڏهن سوچيو به نه هو! انڪري
نت نين سوچن کي اهميت آهي. جيڪڏهن توهين سمجهو
ٿيون ته هي صحيح آهي ته پوءِ پنهنجي دل جي ٻڌو ۽
ان تي عمل ڪريو.
امداد حسيني
منهنجو صفحو
سونو پل
هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه پل اهڙا ايندا آهن،
جيڪي کيس مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. تاريخ
اهڙن ماڻهن جي مثالن سان ڀري پئي آهي. اُهو
اَمُلهه لمحو، سونو پل، هڪ کن- هر ماڻهوءِ جي
زندگيءَ ۾ ضرور ايندو آهي- پر شرط اهو ئي آهي ته
کيس ڌڻي سائين ان پل مان پرائڻ جي سگهه به ڏئي.
گهڻا ماڻهو برائي ڪندا آهن ۽ پوءِ ان تي پڇتائيندا
به آهن. توبهن زاري به ڪندا آهن- پر پوءِ وري
”ساڳيون ڳُنُ ڪهاڙيءَ ۾ “ هوندو اٿن اُهائي ڪنڌ ۾
ڪِلي لڳل هوندي اٿن، ٽيڳر، هٺ، وڌاءُ، غرور ۽ تڪبر
هوندو اٿن، انهن کي اها مَت ڪڏهن نٿي اچي ته
”تڪبر-ڪنڌ ڀر“ ڦهڪائيندو آهي پر ڪن کي جڏهن اهڙو
سونو پل سَرندو آهي، تڏهن هو پاڻ به سونا ٿي پوندا
آهي- ۽ پوِ اُهي دل مان دوئي دُر ڪري، ٻيائيءَ کي
ٻن ڏئي، قلب مان ڪلفت ڪڍي، اڇا اُجرا ٿي ويندا
آهن.
اصل ۾ اها تمهيد ان لاءِ هئي ته اسان توهان کي خوش
خير محمد هيسباڻيءَ جي زندگيءَ جو هڪ واقعو ٻڌائڻ
پئي گهريو، جنهن سندس زندگيءَ کي صحيح دڳ تي لاتو.
اهو واقعو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي مرتب ڪيل ”ڪلام
خوش خير محمد هيسباڻي“ ۾ درج ڪيل آهي، واقعو هن
ريت آهي:
”صوفي خير محمد هيسباڻي کي به مير علي مراد پنهنجي
قربت آندو. ڪن سوانح نگارن جي لکڻ موجب ان قريب ۾
خير محمد جي چاچي جو هٿ هو.، جنهن جا خيرپور جي
ميرن سان سٺا تعلقات هئا. بهرحال هن آزاد طبع شاعر
ميرن جي ”ڪارداريءَ“ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ پاتو، پر هو
تمام ٿوري عرصي لاءِ.
”هڪ دفعي صوفي خير محمد هيسباڻي پنهنجي عملي سميت
گشت ڪندي، ڪنهن ڳوٺ ڀرسان هڪ ضعيف پوڙهيءَ کي ڏٺو
مدد لاءِ ماڻهن کي پئي سڏ ڪيائين. هن حساس صوفي
شاعر جي حساس دل رجي پيئي، ۽ پاڻ گهوڙي تان لهي،
کيس ڀري کڻائڻ لڳو. مائي سرڪاري ڪاموري جي دهشت
کان ڊڄڻ لڳي، ۽ چيائين، ابا مون ته ماڻهن کي پئي
سڏيو، اوهين ته ڪامورا آهيو،!
”پوڙهيءَ جي انهن لفظن، خوش خير محمد جي دل تي
ايڏو ته اثر ڪيو جو پاڻ دانهن ڪري چيائين ”ڇا!
ڪامورا ماڻهو ئي ناهن؟“ ان وقت نوڪري ڇڏي، نوشهري
اچي سڄي حياتي شاعري ۽ تصوف لاءِ وقف ڪري
ڇڏيائين.“
(ص ص 2 ۽3) |