خوش خير محمد هيسباڻيءَ سنڌي، سرائڪيءَ ۽ هنديءَ ۾
ڪلام چيو آهي، جيڪو اسان کي ۽ خاص ڪري جيڪي شاعري
ڪن ٿا يا اڻ جو چاهه رکن ٿا، تن کي ضرور پڙهڻ
گهرجي. خوش خير محمد هيسباڻيءِ جي ڪلام جي حوالي
سان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ عالماڻو ”مهاڳ“ لکيو آهي،
اُهو پڻ اسان کي پڙهڻ گهرجي، هتي اسين خوش خير
محمد هيسباڻيءِ جو ڪجهه ڪلام ”سرتيون“ جي پڙهندڙن
لاءِ پيش ٿا ڪريون، ته جيئن اُهي پنهنجي انهن
شاعرن سان به واقف ٿين، جن لاجواب شاعري ڪئي آهي،
پر اُها موجوده نسل تائين نه پهتي آهي. ٻولي،
موضوع ۽ سُر اهڙي شاعريءَ جا مکيه ڳُڻ-سُڳڻ آهن-۽
اسين اهڙي شاعريءَ کي پڙهي، هن موجوده هڻ وٺ،
رتوڇاڻ، قبيلائي جنگين، مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ بمن ۽
بارود جي بارش واريءَ دنيا لاءِ-امن ۽ ترقيءَ،
پيار ۽ محبت، انسان دوستيءَ، سُک ۽ سڪار- جو ماحول
جوڙي سگهون ٿا ۽ اهو ئي اسان جي صوفي شاعرن جو
پيغام آهي.
سنڌي ڪافي
رب سڃاڻن سَهنجو ٿي
پاڻ پروڙڻ اَهنجو ٿي
دم دم دلبر وسي ٿو ويڙهي
ونحن اقرب ساهه ڪنون نيڙي
وچئون پردو پنهنجو ٿئي
سمجهه صحيح ڪريشمي ينطق
پڙهه تون محبت وارو منطق
يسمع يبصر
ڪنهن جو ٿي
تسبيون تال پڙهين هر هر هو
الانسان سري و اَنا سره
فرق نه هڪ تر تنهن جو ٿي
خير محمد خبال وحدت وارو
جاڏي ڪاڏي نينهن نظارو
سارو طلسم تنهن جو ٿي
(ص 49)
****
گِيدِي گِهرندا ڪِينَ،
مرد پوندا مَچَ ۾!
تکي جا تلوار کان، ويڙهه انهيءَ وڙهندا
تُرَهو ڏيئي تار مان، گهيڙ انهيءَ گهڙندا
خير محمد خوش ٿو گهري، سورهيه سر ڏيندا
(ص 103)
******
سڄو منڇر ملاحن جي مٿان
ڪيو سمي چام انعام
سمي هئي صورت سُجهندي
مورت واري مام
صورت سڃاڻي ڪري
اچي ڪيائين هُل هنگام
مهاڻيءَ جي من ۾
اهو اصل کان هو الهام
ڏسو نوريءَ ساڻ نگاهه
جنهن کي ڪوڙين ڪن سلام
گندرين جي گام ۾
ڏس ڄُلي آيو ڄام
ڪيو تماچيءَ تڪيو
منجهه مياڻيءَ مقام
خير محمد خوش ڪيئي
سڄي سون مياڻي سرانجام
جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهُليو
سا مُرڪي ڪيئن نه مدام
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: گلبدن جاويد
ذهين استاد ۽ بهترين ماءُ فرزانه بلوچ سان ڳالهه
ٻولهه
سرتيون: سرتيون جي پڙهندڙن سان پنهنجي تعارف
ڪرايو؟
فرزانه بلوچ: آئون 5 جولاءِ 1961ع ۾ حيدرآباد
(صدر) ۾ ڄايس، منهنجو حيدرآباد (صدر) ۾ رهندڙ
عباسي خاندان سان تعلق آهي، منهنجا ابا ڏاڏا
حيدرآباد جا رهاڪو آهن. بابا واپڊا ۾ آفيسر هو پر
جيئن ته کيس خانداني ملڪيت گهڻي هئي، انڪري نوڪري
تي ڪونه ڀاڙيائين، اسان جو گهراڻو تعليم يافته ۽
روشن خيال آهي. ڇوڪرين کي تمام گهڻي تعليم
ڏياريائون، اسين پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ پنج ڀينر آهيون،
سڀئي تعليم جي زيور سان سينگاريل آهيو، ٻه ڀينرون
ڊاڪٽر آهن ٻه ڀائر به سٺين پوسٽن تي آهن. جڏهن ته
ٻه ڀينرون پاڪستان انٽرنيئشنل ايئر لائين ۾ آفيسر
آهن ۽ مان سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي شعبي ۾
اسٽنٽ پروفيسر آهيان.
سرتيون: اوهان پرائمري تعليم ڪٿي پرائي.
فرزانه بلوچ: مون پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم
ڪنٽونمنٽ اسڪول مان ۽
M.A
اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيل آهيان.
1986ع ۾
M.A
ڪيم ۽ 1987ع مارچ ۾ سروس ملي ۽ جولاءِ 1987ع ۾
شادي ٿي.
سرتيون: شادي اوهان جي مرضيءَ سان ٿي يا مائٽن جي
مرضيءَ سان؟
فرزانه بلوچ: شادي مائٽن جي مرضيءَ سان ٿي. پر
منهنجي به رضا مندي هئي.
سرتيون: اوهان جو گهر وارو ڇا ڪندو آهي؟
فرزانه بلوچ: ڊپٽي مئنيجر سئي گيس آهي.
سرتيون: اوهان کي ٻار ڪيترا آهن؟
فرزانه بلوچ: مون کي چار ٻار آهن، ٽي پٽ هڪ ڌيءَ.
سرتيون: اهي ڇا ٿا پڙهن؟
فرزانه بلوچ: وڏو پٽ بالاج مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾
2nd Year
بايو ميڊيڪل جو شاگرد آهي. ٻيو سالار مئٽرڪ ۾ آهي
۽ ڌيءَ نائين ڪلاس ۾ آهي ۽ چوٿون ٻار محمد اسماعيل
چوٿين ڪلاس ۾ آهي.
سرتيون: اوهان اڪنامڪس جو شعبو پاڻ چونڊيو يا
مائٽن جي مرضي هئي؟
فرزانه بلوچ: مون کي ذهن ۾ ڪو چٽو تصور نه هو.
بهرحال، مون کي سائڪالاجيءَ ۾ پڙهڻ جو شوق هو. پر
بابا چيو ته نه اهو ڏکيو مضمون آهي ان ۾ داخلا نه
وٺ، پوءِ منهنجي پڦي نجمه عباسي جيڪا ان وقت
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيندي هئي. انهيءَ مون کي سڀني
شعبن بابت ڄاڻ ڏني ۽ پوءِ مون پنهنجي لاءِ اڪنامڪس
شعبي جو انتخاب ڪيو. هتي پاڪستاني اڪنامڪس ۾
پڙهائيندي آهيان. لوڪل سيلف گورنمنٽ پڙهائيندي
آهيان.
سرتيون: ننڍپڻ ۾ اوهين ڪهڙي قسم جو ٻار هيون؟
فرزانه بلوچ: ڏاهي ته نه هئس.. شايد هاڻي به نه
آهيان ڪڏهن به نه هيس باقي شرارتي ضرور هيس، ڇوڪرن
واريون رانديون کيڏندي هيس. ڪنهن جو به پريشر
برداشت ناهيان ڪندي، قرب ۾ دوستيءَ ۾ گهڻو ڪجهه
سهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اوهان کي ڪاميابيءَ جي زندگي
گذارڻي آهي ان ۾ دوستيءَ جو پهلو ضروري آهي،
منهنجو سڀني سان خوش اخلاقيءَ جو رشتو آهي، پر
دوستيءَ ۾ چونڊ جي قائل آهيان. مان ڪڏهن به منفي
نه رهي آهيان پر ڪوشش ڪندي آهيان ته مون کان ڪجهه
غلظ نه ٿئي!
سرتيون: ننڍپڻ جو ڪو خوشگوار واقعو؟
فرزانه بلوچ: بابا رات جو دير سان گهر ايندو هو ۽
اسان جي هڪ ڀاءُ اسلم کي برفي ڏاڍي وڻندي هئي، سو
اها ضرور هن لاءِ آڻيندو هو ۽ پيڪٽ اسلم جي وهاڻي
هيٺيان رکندو هو. هڪ ڏينهن شايد بابا برفي نه آندي
سو اسلم اٿي چوڻ لڳو؟ ”مين تو برفي کهاون گي“ صدر
۾ سنڌي گجراتي اردو سڀ ٻوليون ڳالهايون وينديون
آهن انڪري اسلم مونث ٿي ڳالهائيندو هو. اسين اڌ
رات جو ڏاڍا پريشان ٿياسين، امان ڪاوڙ مان دروازو
کولي هن کي ٻاهر اڱڻ ۾ ڪڍي ڇڏيو ته اسلم چوڻ لڳ
”مين مرجاون گي برفي نهين کهاون گي“ اها ڳالهه اڃا
تائين ياد آهي.
سرتيون: ٻار جي بنيادي تربيت ڪئين ڪجي؟
فرزانه بلوچ: هاڻي زندگيءَ ايڏي وسيع ٿي وئي آهي.
ٻار ڪهاڻين جا ڪتاب نٿا پڙهن الڪيٽرانڪ ميڊيا
پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
سرتيون: پڙهائڻ جو تجربو ڪيئن رهيو؟
فرزانه بلوچ: مان پهرين 2000ع
Erros Zoon
۾ چونڊجي ويس. پوءِ بابا مخالفت ڪئي. پر پاڪستان
اسٽڊي سينٽر ۾ ٽيچر طور سليڪٽ ٿيس ته بابا اجازت
ڏني ته اتي ڀلي پڙهاءِ. مون کي پڙهائڻ جو ڪو به
شوق نه هو، پر سوچيم ته ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي.
پوءِ هوريان هوريان منهنجو پڙهائڻ جو چاهه وڌندو
ويو ۽ مان دل وجان سان پنهنجي شعبي ۾ مهارت حاصل
ڪرڻ لاءِ محنت ڪئي. ٻي هڪ ڳالهه جنهن مون کي هن
شعبي ۾ پير پختا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي اها هيءَ ته هي
ٻار/شاگرد جيڪي اسان وٽ اچن ٿا هڪ مقصد کڻي ته
ڪجهه بڻجون. جيڪڏهن اسين انهن کي نه سيکارينداسين
نه پڙهائينداسين ته ڪيئن هي ڪامياب ٿيندا، هنن ۾
وڏين شخصيتن بڻجڻ دلچسپي پيدا ڪريون، منهنجا شاگرد
چوندا هئا ”مئڊم اڪنامڪس ڏاڍو خشڪ مضمون آهي.“ پر
سندن لاءِ آسان ڪري انهن کي ليڪچر ۾ شامل ڪندي
هيس، جيئن فارين پاليسي، سوشل اسٽڊي انهن مضمونن ۾
شاگردن کي ڀڙ ڪري ڇڏيو. منهنجي نوڪريءَ جي 20 سالن
جي تجربي ۾ جيڪي شاگرد نڪتا آهن اهي ملڪ جي
انٽرميڊئيٽ ڪاليجن ۾ پڙهائين ٿا ۽ تمام ذهين استاد
آهن. مون هميشه شاگردن جي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجو
پاڻ کي ذميوار سمجهيو آهي ۽ پڙهائڻ جو فرض سچائي ۽
ايمانداريءَ سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مون ايم
فل ڪري ڇڏي آهي، ۽ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پي ايڇ
ڊي ڪري رهي آهيان. ”لوڪاسٽ هائوسنگ“ منهنجو موضوع
آهي. پهرين سوچيم ته ”وومن سيلف ايمپلائمينٽ“
هائوسنگ تي تحقيق ڪريان ته ڄاڻ ملي ته غريب ۽
مسڪين ماڻهو ڪيئن ٿا گهر اُڏين.
سرتيون: اوهان جي غير موجودگيءَ ۾ ٻارن کي ڪير
سنڀاليندو آهي؟
فرزانه بلوچ: شروع وارا سال مان پنهنجن ساهرن سان
رهيس. انڪري ٻارن کي ڏاڏاڻا سنڀاليندا هئا. هاڻي
صدر ۾ رهان ٿي، ۽ ”امان“ جي گهر جي ويجهو رهان ٿي،
انڪري منهنجي غير موجودگيءَ ۾ امان ٻارن کي ڏسي
وٺندي آهي، الله جو شڪر آهي هينئر ٻارڙا وڏا آهن
پنهنجو پاڻ خيال رکن ٿا باقي ڪم ڪار لاءِ
نوڪرياڻيون آهن، مان ڊيوٽيءَ کان پوءِ سڄو ٽائين
گهر ۾ هوندي آهيان، ڪيڏانهن ويندا آهيون ته ٻارن
کي گڏ وٺي ويندا آهيون، مان چوندي آهيان ته ٻار
مون سان هر وقت گڏ هجن.
سرتيون: ماڻهن جو خيال آهي ته نوڪري ڪندڙ ”ماءُ“
ٻارن کي صحيح ٽائيم نٿي ڏئي؟
فرزانه بلوچ: اهو چوڻ صحيح ناهي، ڇو ته مان ڪابه
ذميواري گهر ۾ ڇڏي ناهيان ايندي، گهر جي ذميواريءَ
کان ڪڏهن به نه لنوايو آهي. ماءُ ته نالوئي آهي
محبت ۽ مامتا جو وري پڙهيل ڳڙهيل سو اُها ته ٻچن
کي هر سک هر سهولت مهيا ڪري ڏيڻ ۾ وسان ناهي
گهٽائيندي، سروس انهيءَ لاءِ ملي ٿو ٻيو معاشي طور
مستحڪم ٿجي ٿو، ۽ نوڪري ڪندڙ ماءُ ٻار کي بهتر
زندگي ڏئي سگهي ٿي. دنيا جو مڃيل اصول آهي ته ماءُ
جو نعم البدل ڪونهي.
سرتيون: ٻار جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪجي؟
فرزانه بلوچ: ٻار جي ترتيب ماءُ پيءُ ته ڪندا آهن،
پر هو ماحول مان گهڻو ڪجهه سکندا آهن سکڻ جو عمل
اسڪول مان ٿئي ٿو هن جو آدرش هن جا
استاد/استادياڻيون آهن. استادن کي اها ڄاڻ هئڻ
گهرجي ته هي ڪچڙا ذهن سندن شخصيت ۽ علمي لياقت مان
گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا. گهر ۾ ڇا وهي واپري ٿو ٻار
سڀ ڪجهه ذهن نشين ڪن ٿا. پٽ پيءُ کان متاثر ٿئي ٿو
۽ نياڻيون ماءُ وانگر هلت هلن ٿيون. انڪري ٻار جي
بهتر شخصيت ٺهڻ لاءِ پهرين اسين پاڻ کي ٺاهيون.
اهو به ڏسو ته ٻار کي آدرشي استاد/ استادياڻي ملي.
ٽيون ته سکڻ جو ذريعو ميڊيا آهي اسان کي انهيءَ تي
به نظر رکڻ گهرجي ته ميڊيا مان اسان جا ٻار ڪيترو
حض حاصل ڪن ٿا، ٻيو ته اسڪول ۾ ٻار داخل ڪرڻ وقت
استادن جو معيار ضرور ڏسڻ گهرجي، مون جڏهن پنهنجي
ٻارن کي بيبي سينٽر ۾ ويهاريو ته ان سينٽر جي هيڊ
۽ سندس اسٽاف ڏاڍو خوش اخلاق، ڄاڻو ۽ ٻار جي
نفسيات کي سمجهندڙ هو ۽ مون کي ڏاڍي سولائي محسوس
ٿيندي هئي، نوڪريءَ تي وڃڻ ۾ مان خوش ۽ مطمئن هئس،
باقي ٻارن کي اهڙي تهڙي اسڪول ۾ داخل نه ڪرائجي
جتان جو ماحول اڻ سهڪاري ۽ ناسمجهه هجي،
استادن/استادياڻين جو ڪم فقط ٺاهه ٺوهه ۽ منفي
رويو رکڻ تي ٻڌل نه هجي. ان سان ٻارن جي شخصيت کي
ڇيهو رسي ٿو، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جو
معيار بهتر آهي. استاد محنتي ۽ ڄاڻو آهن. باقي
اسڪولن کي خاص ڪري پرائمري سطح تي تعليم معيار کي
بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي، اسڪولن ۾ بلڊنگ ۽ فرنيچر
۽ استادن جو پورائو ڪيو وڃي. استادن کي بنيادي
سهولتون ڏنيون وڃن. گهر کان اسڪول تائين ڪيترن
هنڌن تي سواريءَ جو مسئلو هوندو آهي، خاص ڪري
ٻهراڙين ۾ روڊ رستا نه هجڻ ۽ رستن تي وسئن نه هجڻ
به ليڊيز ٽيچر جي ڪم ۾ ڏکيائي وجهن ٿا. ٽيچر کي هر
قسم جو تحفظ ڏنو وڃي، سندن انڪريمينٽس ۽ پروموشن
ملڻ ۾ کين وڏي دقت پيش اچي ٿي. ان کي سولو ۽ يقيني
بنايو وڃي. سماج جو اڏيندڙ، سماج کي علم جي روشني
ڏيندڙ انسان (استاد) کي جيڪڏهن سماجي معاشي مسئلا
درپيش هوندا ته اهو سماج لاءِ گهڻو مثبت ثابت ٿي
نه سگهندو. انڪري استادن جي مسئلن/حقن کي ترجيحي
بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
سرتيون: سماج جي سڌاري لاءِ ميڊيا کي ڪهڙو ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي؟
فرزانه بلوچ: اڄڪلهه ميڊيا تمام بهتر ۽ بي باڪيءَ
سان ڪم ڪري رهي آهي. ميڊيا جي ذريعي ماڻهن جا
مسئلا سامهون اچن ٿا ۽ اهي ڪنهن حدتائين حل به ٿي
وڃن ٿا، پر اسانجي سنڌي چئنل هونئن ته ڏاڍا سٺا
پروگرام ڏيکارين ٿا، پر ڊرامن ۾ جيڪو
وڏيرڪو/جاگيرداري سماج واري تهذيب ۽ ثقافت، ريتون
رسمون ڏيکارين ٿا. جيڪا پڻ حقيقت آهي، پر انهن کي
جيئن منفي اثر پوي ٿو. انڪري ليکڪ اهڙا آدرش ڏين
جيڪي سماج تي مثبت اثر وجهن.
سرتيون: پسند جو کاڌو؟
فرزانه بلوچ: دال چانور، پلو تريل، چائينز فوڊ.
سرتيون: ڪهڙو کاڌو سٺو رڌڻ ايندو اٿو؟
فرزانه بلوچ: سڀ ڪجهه رڌڻ ايندو آهي ۽ سٺو رڌيندي
آهيان پر برياني نه ٺاهيندي آهيان، يعني رڌڻ نه
ايندي آهي، جڏهن شوق ڪندي آهيان ته منهنجي گهر
وارو هٿ ٻڌندو آهي ته برياني نه ٺاهي.
سرتيون: اوهان کي موسم ڪهڙي وڻندي آهي؟
فرزانه بلوچ: برسات هجي پر ٻوڙڻ واري برسات نه
هجي، هونئن مون کي سياري جي موسم وڻندي آهي.
سرتيون: پسند جو ويلو؟
فرزانه بلوچ: پرهه ڦٽي.
سرتيون: وڻندڙ شهر؟
فرزانه بلوچ: حيدرآباد سنڌ.
سرتيون: پسند جو ڪتاب؟
فرزانه بلوچ: ڪوبه سٺو ڪتاب ملي ته پڙهي وٺندي
آهيان، پر مون کي تاريخ تي لکيل ڪتاب گهڻو پسند
آهن.
سرتيون: اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو وڻندا آهن؟
فرزانه بلوچ: سچار جن ۾ هير ڦير نه هجي.
سرتيون: ڀلا اوهان کي ڪهڙا ماڻهو ناهن وڻندا؟
فرزانه بلوچ: ڦرڻا گهرڻا، ڊپلوميٽڪ، غير ذميوار.
سرتيون: پسنديده شخصيت؟
فرزانه بلوچ: ذوالفقار علي ڀٽو، عاصمه جهانگير،
اقبال حيدر ۽ اعتزاز احسين.
سرتيون: سونهن اوهان جي نظر ۾؟
فرزانه بلوچ: ماڻهوءَ جي اندر ۾ حسن هجي، ظاهري
حسن به متاثر ڪري ٿو. پر اصل آهي ماڻهوءَ جو اندر
اجرو ۽ سهڻو هجي، من ۾ ميرُ نه هجي.
سرتيون: فيشن جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
فرزانه بلوچ: فيشن ۽ هار سينگار ڪرڻ عورت جو
بنيادي حق آهي. ماڻهو پاڻ کي تيار ۽ سٺو رکي.
سرتيون: اوهان جي پسند جو لباس ڪهڙو آهي؟
فرزانه بلوچ: شلوار قميض وڻندي آٿم، ساڙهي ٻئي
ڪنهن کي پاتل سٺي لڳندي اٿم.
سرتيون: اوهان جي پسند جو رنگ؟
فرزانه بلوچ: سڀ رنگ وڻندا آهن. بلو جا سڀ شيڊز
وڻندا آهن. صرف چچي (ڪرڙيءَ) جو رنگ ناهي وڻندو.
سرتيون: پسند جي خوشبو؟
فرزانه بلوچ: موتئي جي خوشبو ۽ ڪيتريون ئي
پروفيومز وڻنديون آهن پر مٽيءَ جي خوشبو سڀ کان
وڌيڪ وڻندي آهي.
سرتيون:پسند جو گل؟
فرزانه بلوچ: گلاب، موتيو، چميا، رات جي راڻي.
سرتيون: سروس دوران ڪي ڏکيائون درپيش آيون؟
فرزانه بلوچ: مان جڏهن هت اپائنٽ ٿيس ته ان وقت
هتي جيڪا ڊائريڪٽر هئي انهيءَ جي سخت روئي بلڪ
دشمني مون کي ڏاڍو مايوس ڪيو. تن ڏينهن ۾ هڪ ته
ٻار ننڍڙا ٻيو هن مئڊم طرفان طوفان کڙو ڪيل-مون
لڳاتار 18 سال هن مئڊم جا ظلم برداشت ڪيا. وچ ۾ ته
بيزاريءِ ۽ لاچاريءِ مان نوڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم.
توڙي جو هن ۾ اداري لاءِ ڪجهه ڳالهيون مثبت هيون،
پر مون کي زبردست جي حيثيت ۾ اذيت ڏئي هوءَ ڏاڍي
خوش ٿيندي هئي.
سرتيون: ان جو ڪو خاص سبب؟
فرزانه بلوچ: اهوئي ته ڏک آهي ته سبب ڪوبه نه هو.
هوءَ مون کان تمام گهڻي سينئر ۽ وڏي عهدي تي هئي.
منهنجي هن سان ڪابه چٽاڀيٽي يا مقابل نه هو جو هن
کي مون مان ڪو خوف هجي. پر خدا ڪارڻ ايڏو
رنجايائين جو مون گولڊن هئنڊشيڪ وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
اهو فيصلو مون الاهي ڪٺن صورتحالن کان فرار حاصل
ڪرڻ لآءِ ورتو. مون جڏهن
V.C
صاحب کي درخواست موڪلي ته ان مون کي سڏرايو. تن
ڏينهن ۾ ڊاڪٽر نذير مغل صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو
وائيس چانسيلر هو. هن مون کي چيو ته تون هيتري
ننڍي عمر ڇو ٿي هئنڊشيڪ وٺين. مون به کيس سربستي
ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هيءَ مئڊم ڪيئن مون تي ٽارچر
ڪري ٿي. گهر فون تي ڌمڪيون ڏياري ٿي. هتي هر قسم
جو ٽارچر ڪري ٿي. هاڻي مان هن سان بچي نٿي سگهان.
هن بيگناهه منهنجو رڪارڊ خراب ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو
ته مون کي ٽرميننٽ ڪرائي ڇڏي! نذير مغل صاحب
منهنجي ڳالهه ٻڌي مون کي اطمينان ڏياريو ۽ پوءِ
ڪجهه حالتون بهتر ٿيون. پر مڪمل ماحول صحيح تڏهن
ٿيو. جڏهن هوءَ رٽائر ٿي وئي. زندگيءَ جو اهو تلخ
تجربو مان پوري زندگي نٿي وساري سگهان. جيڪڏهن
منهنجو گهر وارو ساٿ نه ڏئي ها ته منهنجو صحيح
سلامت رهڻ ڏاڍو مشڪل هو. هاڻي وڃي سک جو ساهه کنيو
اٿئون.
سرتيون: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
فرزانه بلوچ: دوستي هر ڪنهن سان ناهي ٿيندي. خوش
اخلاقيءَ جو رشتو سڀني سان ٿي سگهي ٿو. پر هر
ماڻهو دوست يا ساٿي ٿي نٿو سگهي. انڪري جيڪي دوست
هجن انهن سان نڀائڻ گهرجي.
سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟
فرزانه بلوچ: محبت جي ڪا خاص تشريح ناهي ٿيندي،
محبت محسوس ڪرڻ جي شيءَ آهي.
سرتيون: سچ اوهان جي نظر ۾؟
فرزانه بلوچ: سچ کي لڪائي نٿو سگهجي نه ئي ڪوڙ جي
ڪٽ سچ کي مٽائي سگهي ٿي. سچائي ته پنهنجو پاڻ
سامهون اچي ٿي.
سرتيون: زندگيءَ جي سچائي؟
فرزانه بلوچ: زندگيءَ جي سچائي قبول ڪرڻ گهرجي،
اسان وٽ ڪنهن شيءَ ۾ برابري ناهي.
سرتيون: قدرت جي عظيم تخليق؟
فرزانه بلوڄ: عورت.
سرتيون: پڙهندڙ لاءِ ڪو پيغام؟
فرزانه بلوچ: ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچو ٿئي، جيڪو
ماڻهو پاڻ سان فراڊ (دوکو) ڪري ٿو اهو سڀني سان
دوکو ڪندو!
|