دولت جي ديوار
جهاز ۾ اوڌپور جي مهاراڻي ۽ سندس ٻن سالن جو وليعهد پوٽو به سفر
ڪري رهيا هئا. هوءَ انگلينڊ مان پنهنجو علاج ڪرائي
اچي رهي هئي. هن سرفينا کي خاص طور چانهه تي
سڏرايو هو، ۽ هندستان پهچي پنهنجي رياست ۾ اچڻ جي
به دعوت ڏني هئي.
جيئن جيئن جهاز بمبئي جي بندرگاهه جي ويجهو اچي رهيو هو، سرفينا
جي خوش مزاجي وڌندي ٿي وئي. هوءَ تصور ئي تصور ۾
ان گهر جي باري ۾ سوچڻ لڳي هئي، جيڪو هوءَ ڪيلون
لاءِ سجائيندي. پر اهو سوچيندي ئي هوءَ ڪجهه اداس
ٿي وئي. کيس وري وري اهو خيال ٿي آيو ته هوءَ
ڪيلون کي پنهنجو ڪري سگهندي به يا نه، نه ڄاڻ هوءَ
دوستيءَ جي منزل کان اڳيان سفر ڪري سگهندي به يا
نه. هوءَ ليڊي برائٿ ويٽ جهڙين عورتن جي مقابلي ۾
بلڪل ناتجربيڪار ۽ سادي هئي.
هو بمبئي جي ڪناري جي ويجهو پهچڻ وارا هئا. هن جي نوڪرياڻي
مارٿا سامان وغيره ٻڌي ڇڏيو هو. سرفينا ڪپڙا مٽايا
۽ هڪ وڏي ريشمي چادر ۾ پاڻ کي ڍڪي هلڻ لاءِ تيار
ٿي ته اوچتو دروازو زور سان کليو ۽ ڪيلون تڪڙو
تڪڙو اندر داخل ٿيو.
”سرفينا تون ڪٿي آهين؟“ سندس آواز گهٻرايل هو.
”مان هتي آهيان.“ سرفينا جواب ڏنو.
هن ويجهو اچي سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”ٻڌ سرفينا، گهٻرائڻ
يا ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. ڳالهه هيءَ آهي ته جهاز ۾
ڪجهه خرابي ٿي پئي آهي، سو مسافرن کي ٻيڙين جي
ذريعي ڪناري تائين پهچايو ويندو.“
”ٻيڙين ۾!“ سرفينا ڪجهه حيرت ڪجهه پريشانيءَ ۾ چيو.
”جهاز ۾ اوچتو باهه لڳي وئي آهي، انڪري ڪپتان جو خيال آهي ته
عورتن ۽ ٻارن کي جلدئي ٻيڙين جي ذريعي ڪناري تائين
پهچائڻ ضروري آهي.“ ڪيلون وضاحت ڪرڻ چاهي.
”۽ اوهان؟“ سرفينا بيتابيءَ مان چيو.
”جيڪڏهن باهه تي ڪنٽرول ٿي نه سگهيو ته پوءِ اسان به ٻيڙين
ذريعي ڪناري تي پهچنداسين، پر پريشانيءَ جي ڪابه
ڳالهه ناهي. ڇو ته اسان ڪناري کي بلڪل ويجها
آهيون. اسان جي مدد لاءِ ڪافي جهاز هتي پهچي سگهن
ٿا.“ ڪيلون کيس تسلي ڏني.
”پر مان اوهان سان گڏ هلنديس، چاهي ڪنارو هجي يا جهاز.“ سرفينا
بيخوديءَ ۾ سندس ٻانهن پڪڙي. ڪيلون مرڪيو. ”مان
ڄاڻان ٿو ته تون مون سان گڏ هلڻ چاهين ٿي.“ هن
پنهنجي مضبوط ٻانهن سندس ڳچيءَ ۾ وڌي ”پر هن وقت
هي ضروري آهي ته اسان پاڻ کي محفوظ ڪريون.“ هو
ساڻس گڏ هلندو رچي، ان ٻيڙيءَ تائين پهتو، جنهن ۾
کيس چڙهڻو هو.
اتي الاهي ٻيڙيون موجود هيون. جن مان ڪجهه ڀرجي چڪيون هيون، ۽
ڪن ۾ مسافرن کي ويهاريو پئي ويو. فضا ۾ دونهون
ڦهليل هو. ڪاٺين سڙڻ جا چرڙاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا.
هوءَ ڪيلون جي ٻانهن جهلي، ٻيڙيءَ طرف وڌي رهي هئي
ته هن اوڌپور جي مهاراڻيءَ کي پنهنجين ٻن
نوڪرياڻين سان ايندي ڏٺو. هن جي چهري تي پريشانيءَ
جا آثار هئا، ۽ هوءَ منهنجي قيمتي ساڙهي سنڀاليندي
ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي رهي هئي. سندس ڀرسان ئي ٻي ٻيڙي
هئي، جنهن ۾ نوڪرياڻيون وغيره ويهي رهيون هيون.
سرفينا ڏٺو ته ان ٻيڙيءَ ۾ مهاراڻيءَ جي ولي عهد
جي آيا به سوار هئي، هن کي هڪدم اهو خيال آيو ته
آيا ته اڪيلي آهي، ولي عهد ڪٿي آهي؟
هن جلديءَ ۾ مهاراڻيءَ ڏانهن ڏٺو ته شايد سندس پوٽو هن سان گڏجي
هجي. هوءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي چڪي هئي. پر ولي عهد
ان وٽ به ڪونه هو.
خوف جي هڪ شديد لهر سندس سڄي جسم ۾ ڊوڙي وئي. ان افراتفريءَ ۾
سڀ هن ننڍڙي ولي عهد کي وساري چڪا هئا. سڀني کي
پنهنجي جان بچائڻ جو فڪر هو.
هڪ پل لاءِ هو سوچيو اگر هوءَ ڪنهن کي ٻڌائيندي ته شايد ڪنهن وٽ
به ايترو وقت نه هوندو، جو دونهي سان ڀريل جهاز ۾
ننڍڙي ولي عهد کي تلاش ڪن، ۽ باهه جي الن جي وچ
مان وڃي هن کي بچائي اچن. هوءَ مهاراڻيءَ جي ڪئبن
۾ چانهه پيئڻ وئي، سو کيس ڪئبن جي رستي جي خبر
هئي، ۽ ان سان گڏ ئي ولي عهد جي نرسري هئي، ۽
سرفينا کي يقين هو ته هو ٻارڙو اتي ئي دونهين ۽
باهه ۾ گهيريل هوندو.
مھاراڻي جي ٻيڙي رواني ٿي چڪي ھئي. ڪجھه ٻيون ٻيڙيون به جھاز
کان پري ھٽنديون ٿي ويون، ۽ ڪھن کي ذھن وگمان ۾ به
نه ھو ته ڪو ھو معصوم ٻار جھاز ۾ اندر ئي رھجي ويو
ھو. ھڪ شديد ھمدرديءَ جي احساس کان ھوءَ بيتابيءَ
مان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ بجاءِ پوئتي ھٽي، ۽ تيزيءَ
سان ڊوڙندي جھاز ۾ داخل ٿي.
ڪاري دونھين ۾ باھه جي ڳاڙھن شعلن سندس استقبال ڪيو. سندس اکيون
سڙڻ لڳيون ۽ سندس ساھه گھٽجڻ لڳو، صحيح ھو.
مھاراڻيءَ جي ڪئبن جي ڀرسان واري ڪئبن مان ٻار جي
روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو. ھن سٽ ڏيئي ٻار
کي کنيو ۽ پاڻ ۽ ٻار کي پنھنجي چادر ۾ ويڙھي،
تيزيءَ سان موٽي. دونھون اڃا به وڌي ويو ھو ان ڪري
اکين اڳيان انڌاري اچي ٿي وئي. ھوا جي زور تي باھه
جا شعلا سندس رستي تائين اچي پھتا ھئا، جتان لنگھي
سرفينا ٻار جي ڪئبن تائين وئي ھئي. سرفينا شعلن کي
پنھنجي طرف ايندي ڏٺو. پاڻ حيران ھئي ته ننڍين
ننڍين ڳالھين تي خوفزده ٿيڻ واري ڇوڪري ڪھڙيءَ طرح
شعلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ھئي، ۽ کيس
بلڪل به ڊپ نه لڳي رھيو ھو.
سندس دل ۾ صرف اھو خيال ھو ته ڪنھن به طرح ھوءَ ان معصوم ٻارڙي
کي بچائي سگھي.
ھن ٻار کي اھڙي مضبوطيءَ سان سيني سان لڳائي رکيو ھو، جو ھو
گھٻرائي روئڻ لڳو ھو. باھه سندس ھٿن کي به لڳي
ھئي. ھن ڪنڌ جھڪايو ۽ انڌا ڌنڌ باھه ۾ جلندڙ رستي
مان ڀڄندي ھلي آئي. ھن کي ھوش ان وقت آيو، جڏھن
ڪيلون جي ٻانھن کيس پڪڙي ورتو، ۽ ھن کي لرزيل آواز
ٻڌڻ ۾ آيو، ”سرفينا“ شڪر آھي تون محفوظ آھين.“
سندس آواز ۾ ھڪ اھڙي پنھنجائپ ھئي جيڪا سرفينا
پھرين ڪڏھن به محسوس نه ڪئي ھئي. ھاڻ ھن کي فڪر
ڪرڻ جي ضرورت نه ھئي. ڪيلون جي ڀاڪر ۾ اچي احساس
تحفظ ۾ ھن اکيون بند ڪري ڇڏيون.
سرفينا کي صحت ياب ٿيڻ ۾ تقريباً ٻه ھفتا لڳي ويا. انھيءَ دوران
مھاراڻيءَ سندس ڪمري کي گلن سان ڀري ڇڏيو. اخبارن
سندس جرئتمنديءَ جون سرخيون لڳايون ۽ صحافي سندس
انٽرويو وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڪيلون انھيءَ دوران ھر
طرح سان سندس خيال رکڻ لڳو. سرفينا کي محسوس ٿيو،
جيئن سندس دوستيءَ ۾ گھرائي پيدا ٿيندي پئي وڃي.
سندن وابستگيءَ ۾ مٺا مٺا احساس به شامل ٿيندا ٿي
ويا.
ھوءَ صحتياب ٿي وئي، پر سندس ھٿن تي داغ پئجي ويا ھئا. ڊاڪٽر جو
چوڻ ھو ته انھن کي مٽجڻ ۾ ڪافي عرصو لڳندو. انڊيا
۾ سرفينا جي ڏسڻ لاءِ گھڻو ڪجھه ھو. سندس لاءِ
اتان جي ھوا، فضا، موسم، ماڻھو، رسم و رواج مطلب
ته ھر شي انوکي، ۽ عجيب و غريب ھئي ھن بحري سفر
دوران ڪتابن ۾ ھندستان جي باري م جو ڪجھه پڙھيو
ھو. اھو سندس اڳيان مجسمو ٿي ويو ھو. ڪيلون کيس
مختلف جڳھين تي سير لاءِ وٺي ويو.
سرفينا پر سڪون ھئي. ھن کي پنھنجي خوبصورت گھر ۾ ڪيلون کي
پنھنجي سامھون ڏسي ڄڻ ته اطمينان ٿي ويو ھو ته
ھاڻي ھو سندس آھي، ۽ ڪير به ھن کي کانئس ڌار ڪري
نٿو سگھي. سندس پر سڪون زندگيءَ ۾ ان ڏينھن ھلچل
پيدا ٿي، جنھن ڏينھن گورنر جي طرفان کين ڳڪ ڊنر ۾
شرڪت جو دعوتنامو مليو.
سرفينا ان ڏينھن وڏي اھتمام سان تيار ٿي. ان مارٿا جي چوڻ تي
اڇو گائو پاتو، ڇو ته ھن جو خيال ھو ته ھيءَ اڃا
نئين ڪنوار آھي تنھنڪري کيس اڇو ڪلر ئي پائڻ
گھرجي. مارٿا سندس سنھري وارن کي نئين اسٽائل سان
سنواريو، ۽ ھيرن جي جڙاءَ وارا زيور پارايا. ھوءَ
جڏھن تيار ٿي ڪيلون جي ڪمري ۾ آئي ته ھو ڪجھه
گھڙيون کيس ڏسندو ئي رھيو. ھوءَ شرمائجي وئي، ۽
سادگيءَ سان چوڻ لڳي ”مارٿا مون کي تمام گھڻا زيور
پارايا آھن، ڪٿي اھي خراب ته نه ٿا لڳن.“
ڪيلون مرڪي سندس ٻانھن پڪڙي.“ مارٿا ڄاڻي ٿي ته نئين ڪنوار کي
ڪيئن تيار ڪيو ويندو آھي.“ ھن جھڪي سندس ڪن ۾ چيو،
”تون پرين جي شھزادي ٿي لڳين.“ سرفينا خوشيءَ مان
چمڪندڙ نظرن سان کيس ڏٺو ۽ مرڪي ڏنو .
ڊنر بيحد شاندار ھو. ان ۾ تقريباً سڀ وڏا ماڻھو شامل ھئا.
سرفينا جي لاءِ انھن سان ملڻ ۽ پنھنجي جرئتمندي جي
تعريف ٻڌڻ بيحد حيرت انگيز ۽ پسنديده موقعو ھو.
ھوءَ پنھنجي معصوم حسن ۽ سادي طبيعت جي ڪري ڊنر ۾ سڀني جي نظرن
جو مرڪز رھي. محفل ۾ وڌيڪ رونق ان وقت پيدا ٿي،
جڏھن خوبصورت گائون ۽ ان سان ميچ قيمتي زيورات
پاتل ليڊي برائٿ ويٽ ھال ۾ داخل ٿي.
حسينائن جا چھرا زرد ٿي ويا، ۽ مردن جي اکين جي چمڪ وڌي وئي.
ھوءَ پنھنجي پرڪشش شخصيت سان ھر ھڪ کي موھي ڇڏيو.
سرفينا جي دل ۾ به عجيب ھلچل مچي وئي. کيس وري ھڪ
دفعو محسوس ٿيڻ لڳو ته ھوءَ سندس مڙس جي دل جون
تارون به ڇيڙي سگھي ٿي.
ھن جون دلربا ادائون، ھن جي ناز و انداز ۽ خوبصورتيءَ جي مقابلي
۾ ھن وٽ سادگي ۽ معصوميت کان سواءِ ڪجھه به نه ھو.
ھيءَ ھن جي موجودگيءَ ۾ عجيب بي چيني محسوس ڪرڻ
لڳي. ھن پاڻ کي سنڀالڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي، ۽ اھو
ظاھر ڪندي رھي ته ھوءَ سندس موجودگيءَ کان بي خبر
آھي.
ليڊي برائٿ ويٽ ھِت ھُت جھڪندي ڦري رھي ھئي. ھر ھڪ کيس ڀليڪار
ڪري رھيو ھو. ھر ڪنھن جي اھا تمنا ھئي ته ھوءَ
ڪجھه دير ھن جي ويجھو رھي. سرفينا ڏٺو ته ھن ڪيلون
سان به ھلو ھاءِ ڪئي، پر ڪيلون کيس گھڻو وقت نه
ڏنو.
کاڌي کان پوءِ خبر ناھي ته ھوءَ ڪيئن اچي بلڪل سندس ڀرسان ويٺي،
۽ مرڪندي چيائين، ”مسز ڪيلون، مان توسان ڳالھائڻ
لاءِ بي تاب ھيس. دراصل مان ھي ڄاڻڻ لاءِ بي قرار
آھيان ته تنھنجي ڪيلون سان شادي ٿي ڪيئن. توکي
شايد ھن ٻڌايو ھوندو ته اسان ٻنھي جي گھري دوستي
رھي آھي. مان حيران آڳيان ته ھن ڪڏھن به تنھنجو
ذڪر نه ڪيو. ھوءَ چپ جو ھڪ حصو ڏندن ۾ دٻائي کلي.
”ھو ته شروع کان ئي شادي ڪرڻ جي خلاف ھو. پوءِ ھن
توسان ڪيئن شادي ڪئي؟“
سرفينا دل ئي دل ۾ جڪ کائڻ لڳي. ھن جي دل چيو ته انھيءَ خوبصورت
آفت کان رخ ڦيري، پر ائين ممڪن نه ھو ته ايڏي وڏي
ڳالھه جي جواب ۾ ڪجھه نه چئي. ”اسان ڪجھه عرصي کان
ھڪٻئي کي سڃاڻيندا ھئاسين.“
ھن اڌورو جملو ڳالھايو.
”ھا ته اھا ڳالھه آھي. ھن طنزيه انداز ۾ چيو، ”لڳي ٿو ته تو ھن
کي ڪا خاص آفر ڏني آھي. ڪا خاص ڳالھه ٿي لڳي. جو
ھن شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ قبولڻ ڪيو. نه ته ھو ته
آزاد پکي ھوندو ھو. “
سرفينا چاھيندي به ان آزمودگار عورت جي مقابلي ۾ ڪجھه به نه چئي
سگھي ھئي. ھوءَ چپ ئي رھي، ۽ ليڊي برائٿ ويٽ سندس
مذاق اڏائيندي رھي. ”ھن ته فوج جي نوڪريءَ کي به
خدا حافظ چيو. حالانڪه ھو فوج جي نوڪريءَ کي ڪيترو
پسند ڪندو ھو. لڳي ٿو، اوھان جي دولت ھن کي اڏائي
کڻي وئي آھي.“
ھن جي انھيءَ بڪ بڪ سان سرفينا روئڻھار ڪي ٿي وئي ته اوچتو ھن
ڏٺو ته ماڻھن جي ھجوم کي چيريندو ڪيلون ھن ڏانھن
اچي رھيو ھو. سرفينا کي جھڙو ساھه پئجي ويو. جھڙو
کيس سھارو ملي ويو. ليڊي برائٿ ويٽ شوخ نظرن سان
ھن ڏانھن ڏٺو.
”ڪيلون مان تنھنجي زال سان ھينئر تنھنجو ئي ذڪر ڪري رھي ھيس ته
ھاڻي تنھنجي زال جي دولت خوشقسمتيءَ کي تنھنجي
دروازي تي آڻي بيھاريو آھي، نه ته توکي تنھنجي
ڪنجوس انڪل جي مرڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ھا. ھن ٽھڪ
ڏنو.
ھونئن به ڪيلون مان تنھنجي باري ۾ سوچيندي آھيان ته مون کي حيرت
به ٿيندي آھي، ۽ کل به ايندي آھي ته اگر تون
پنھنجي زال کي ڪي تحفو ڏيڻ چاھيندين ته ڪيئن
ڏيندين. ھاڻي ھيئن نٿي سگھندو ته تون سندس ئي پئسن
مان تحفو خريد ڪري ڏين. ته پوءِ تون ڇا ڪندو
آھين.“ ھوءَ معنيٰ خيز انداز ۾ کلندي رھي. ”يا
تحفي جي بجاءِ ......!!!“ ھن اڌ ۾ ڳالھه ڇڏي
پنھنجن گلابي چين سان ھڪ معنيٰ خيز اشارو ڪيو، ۽
ھڪ دفعو وري ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
سرفينا ڏڪي وئي. ھوءَ ڪيلون کي پنھنجي اڳيان شرمندو يا پشيمان
ڏسڻ نه پئي چاھي. ھن کي خبر ھئي ته ليڊي برائٿ ويٽ
جون ڳالھيون کيس ڪيتري اذيت ڏيئي رھيون آھن. ھوءَ
سوچي رھي ھئي ته ڪاش ھوءَ ھتي نه اچي ھا. ڪيلون
ھڪدم سرفينا جي ٻانھن پڪڙي ۽ ليڊي برائٿ کي بلڪل
نظرانداز ڪندي چيو، ”سرفينا منھنجو خيال آھي ھاڻي
اسان کي ھلڻ گھرجي.“
ھن جي ٻانھن جي سختيءَ مان سرفينا کي اندازو ھو ته ھو ڪيترو
ڪاوڙ ۾ آھي.
جيتوڻيڪ ھيئن پارٽي جي وچ مان مھمان خصوصي جي رخصت ٿيڻ کان
پھرين اٿي وڃڻ آداب جي خلاف ھو، پر ٻين مھمانن ھن
کي سرفينا جي طبيعت جي خرابي سبب خوشدليءَ سان وڃڻ
جي اجازت ڏني، ڇو ته سڀ ڄاڻن پيا ته ھن کي ھندستان
آئي ٿورا ڏينھن ٿيا آھن، ۽ ھتان جي آب وھوا جي
عادي ناھي.
ھو ايتري تيزيءَ سان ٻاھر آيو جو سرفينا کي پنھنجو قيمتي لباس
سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو. ھو ھن جي ٻانھن مان جھليو پئي
آيو، ان ڪري ھوءَ ساڻس گڏ ريڙھجي اچي رھي ھئي. ھو
ڪاوڙ مان اچي گاڏيءَ ۾ ويٺو. ھن رستي ۾ بلڪل ڪابه
ڳالھه نه ڪئي، ۽ سرفينا سندس ڀرسان ھيسيل ويٺي
ھئي، ۽ سوچي رھي ھئي ته ھيءَ دولت ڪيلون لاءِ طعنو
بنجي وئي آھي ۽ سندس لاءِ ھڪ مصيبت. اھا ئي دولت
ڪيلون کي ڪاوڙائي ٿي، ۽ چانديءَ جي ديوار بنجي
ٻنھي جي اڳيان اچي وڃي ٿي.
ھو پنھنجي بنگلي تي پھتا ته به ڪيلون جو موڊ خراب ھو . سرفينا
جھڙو پنھنجو پاڻ کي مجرم سمجھي رھي ھئي. ھن کي ھر
ھر اھو خيال آيو ھو ته ھن جي ڪري ئي ڪيلون کي ليڊي
برائٿ ويٽ جي فضول بڪواس ٻڌڻي پئي. ھن کي سمجھه ۾
نه پيو اچي ته ھوءَ ڪيلون جي ڪاوڙ ڪيئن ختم ڪري.
ھوءَ ايتري تجربيڪار نه ھئي، ۽ نه ئي ڪڏھن ڪنھن
کيس ٻڌايو ھو ته جڏھن مڙس ڪاوڙ ۾ ھجي ته زال کي ڇا
ڪرڻ گھرجي. ھوءَ ھن جي ڪاوڙ کان خوفزده ھئي. ان
لاءِ ھن اھو موضوع نه ڇيڙيو، ۽ آھستگيءَ سان کيس
گڊ نائيٽ ڪندي چيائين، ”منھنجو خيال آھي ته مان
ھاڻي سمھڻ وڃان.“ ھوءَ شدت سان اھو چاھي پئي ته
ڪيلون کيس روڪي، ۽ کيس پنھنجي دل جي ڳالھه ٻڌائي.
سرفينا جي معصوم دل مايوس ٿي وئي. ھن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ھوءَ
ڪڏھن به ڪيلون جي ويجھو اچي نه سگھندي. ھو ھميشه
ھن کي بي وقوف ڇوڪري سمجھندو رھندو. جيڪا زبردستي
سندس سر تي سوار ڪئي وئي ھئي. جنھن جي لاءِ سندس
دل ۾ ڪابه جڳھه نه ھئي. اگر ھن وٽ سندس ڪابه اھميت
ھجي ھا ته ھو ان واقعي تي ضرور ساڻس خيالن جي ڏي
وٺ ڪري ھا. ھوءَ مايوسيءَ ۾ ٻڏل، آھستي آھستي
ھلندي پنھنجي ڪمري ۾ آئي، ھن بي دلءَ سان ڪپڙا
مٽايا، پر سمھڻ لاءِ دل نه پئي چيس. ھوءَ بي خواب
اکين سان ڪمري ۾ ٽھلي رھي ھئي، سندس سوچن جو محور
ڪيلون ئي ھو. ھن کي پنھنجيءَ دولت کان نفرت ٿيڻ
لڳي. ھوءَ سوچڻ لڳي ته ڪھڙيءَ طرح ھوءَ انھيءَ
دولت جي ديوار کي ڪيرائي سگھندي. جيڪا ڪيلون ۽
سندس وچ ۾ اڏيل آھي.
ھن سوچيو ته ھيءَ پنھنجي سڄي دولت ڪيلون جي نالي ڪري ڇڏي ته
پوءِ ڪير به ھن کي طعنو ڏيئي نه سگھي ته ھو پنھنجي
زال جي دولت تي عيش ڪري رھيو آھي. ھوءَ ھر قيمت تي
ڪيلون کي خوش ڏسڻ چاھي پئي. ھوءَ ڄاڻي پئي ته
ڪيلون ڪڏھن به ان تجويز تي اتفاق نه ڪندو ته پوءِ
کيس ڇا ڪرڻ گھرجي ؟؟
انھن سوچن سندس دماغ چڪرائي ڇڏيو ھوءَ ھلي ھلي ٿڪجي پئي ھئي.
سوچڻ لڳي ته ھاڻي بستري ۾ وڃڻ گھرجي ته جيئن
اطمينان سان ڪا اھڙي ڳالھه سوچي سگھي، جنھن سان
ڪيولن اتفاق ڪري ھنن ٻنھي جي وچ ۾ اڏيل سون ۽
چانديءَ جي ديوار ڪري سگھي.
ھوءَ پنھنجي بستر ڏانھن وڃڻ لڳي، پر ٻن_ٽن قدمن تي کيس رڪڻو
پيو، ھوءَ خوف مان سڪتي ۾ اچي وئي جو ھڪ وڏو ڪارو
نانگ سندس پلنگ طرف وڃي رھيو ھو. سرفينا اھو سچڻ
جي بغير ته ھوءَ ڇا ڪري رھي آھي ڀريسان پيل ڪرسيءَ
تي چڙھي وئي. کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو، جيئن نانگ
سندس طرف وڌندو پيو اچي.
ھوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي، ڪيلون!ڪيلون! ھن محسوس ڪيو ته جيئن نانگ
سندس آواز ٻڌڻ سان کيس ڳوليندو ھجي ته ھوءَ ڪٿي
آھي. خوف کان سندس اکيون ڦاٽي ويون، ۽ ھوءَ زور
سان رڙيون ڪرڻ لڳي، ڪيلون!! ڪيلون!!
ٿوري دير ۾ ڪيلون دروازو کوليندي چيو، ”سرفينا، ڇا تو مونکي
سڏيو؟“
سرفينا کي حوصلو ته آيو پر ڪوشش جي باوجود ھوءَ ڪجھه چئي نه
سگھي.
”ڇا ڳالھه آھي سرفينا؟؟؟ ھو سرفينا ڏانھن وڌيو، ۽ کيس ڪرسيءَ تي
بيٺل ڏسي، ٿورو حيران ٿيو. سرفينا اڃا تائين سڪتي
۾ اکيون ڦاڙيون ڏسي پئي. ڪيلون بيڊ طرف ڏٺو،
جيڏانھن سرفينا اکيون ڄمايون بيٺي ھئي. سندس ھٿ
عادت موجب کيسي ڏانھن ويو، پر ان وقت ھو آرام جي
لباس ۾ ھو، ۽ سندس ريوالور بيڊروم ۾ ھو .
”پنھنجيءَ جڳھه کان نه ھٽجانءِ. مان اجھو آيس.“ ھو پنھنجي ڪمري
ڏانھن ڊوڙيو.
سرفينا ته جيئن پٿر جي مورتي ٿي وئي ھئي. ھوءَ چاھي ھا ته به
پنھنجيءَ جڳھه تان چري نه سگھي ھا. ھوءَ ساھه
روڪيو نانگ ڏانھن ڏسي رھي ھئي. ڪيلون تيزيءَ سان
ڪمري ۾ آيو، سندس ھٿ ۾ ريوالور ھو. اوچتو نانگ
پلٽو کاڌو ۽ ان کان پھرين جو ڪيلو نشانو وٺي،
تيزيءَ سان دريءَ تي چڙھيو، ۽ ٻاھر نڪري ويو.
ڪيلون ان جي پٺيان لڳو، پر ھو غائب ٿي ويو ھو .
ڪيلون ڪمري ۾ آيو ته ڏٺائين سرفينا اڃا تائين ڪرسي تي بيٺي ھئي.
ھو سندس ويجھو اچي، ٻئي ٻانھون سندس چيلھه ۾ وجھي،
ڪرسيءَ تان لاھي ھيٺ بيھاريائينس. سرفينا سندس
سيني سان لڳي وئي. سندس ساھه تڪڙو کڄي رھيو ھو.
ڪيلون سرفينا کي پنھنجين ٻانھن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيو .
”سرفينا، ھاڻي توکي ڊڄڻ جي ضرورت ناھي، نانگ وڃي چڪو آھي، ۽ ھي
زھريلو به نه ھو.“ ھو کيس رليڪس ڪرڻ لاءِ سندس
ڪلھن کي ٿڦڪيون ڏيندي چئي رھيو ھو. ”ھيءَ منھنجي
غلطي آھي، جو مون توکي ٻڌايو نه ھو ته ھتي رات جو
دري کولڻ نه گھرجي. ھتي ڪرڙيون، جھنگلي جانور،
ڪيڙا ماڪوڙا تمام گھڻا آھن. ھڪ دفعي غلطيءَ سان
منھنجي ڪمري جي دري کليل رھجي وئي ته باندرن جي
پوري خاندان منھنجي بستري تي ديرو ڄمايو ھو.
سرفينا آھستي آھستي پاڻ سنڀالڻ لڳي، پر پنھنجو ڪنڌ ڪيلون جي
ڪلھي تان نه ھٽايو ۽ سندس ڀاڪر م سمائي رھي. ھن
جھيڻي آواز ۾ چيو، ”مون کي ننڍپڻ کان ئي نانگن کان
ڊپ لڳندو آھي.
”منھنجي به نانگن سان ڪڏھن دوستي باھي رھي .“ ڪيلون کلندي چيو،
”پر زندگيءَ ۾ نانگن ۽ نانگن جھڙي فطرت رکندڙ
ماڻھن سن واسطو ته پوي ٿو.“ سرفينا محسوس ڪيو ته
جيئن سندس اشارو ليڊي برائٿ ويٽ ڏانھن ھو. ليڪن ھن
پاڻ ھن جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجھيو. ڪيلون مرڪندي
چيو، ”جي تون واعدو ڪرين ته تون ڊگھي مسافريءَ کان
نه گھٻرائيندينءَ، ھاٿيءَ تي سواري ڪرڻ کان نه
ڊڄندينءَ ۽ نه ئي مانگر مڇ کان ڊڄندينءَ ته مان
توکي وڌپور جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي ھلندس.
مھاراڻيءَ اسان کي دعوت نامون موڪليو آھي.“
”واقعي!“ سرفينا جون خوبصورت اکيون چمڪڻ لڳيون، ۽ ھن پنھنجو ھٿ
وڌايو جيئن واعدو ڪندي ھجي.
ڪيلون سندس نازڪ ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ورتو، ۽ سندس ھٿ کي غور سان ڏسڻ
لڳو، جنھن تي سڙڻ جا داغ اڃا تائين موجود ھئا.
سرفينا چيو، ھي........ ھي ڏاڍو خراب ٿو لڳي نه .“
”نه .... ھن جي پنھنجي خوبصورتي آھي. ھي تنھنجيءَ بھادريءَ ۽
جرئت جي ياد ڏياري ٿو.“ ڪيلون پر اعتماد لھجي ۾
چيو، ۽ پنھنجي ھٿ ۾ سندس ھٿ وٺي چپن تائين کڻي
آيو.
(ھلندڙ) |