مان ڀانئيان ٿو ته جيئن ٻيلي ۾ ڪي به ٻه وڻ هڪجهڙا ڪونه آهن،
سندن ٽاريون پن ۽ گل هڪٻئي کان نرالا آهن، تيئن هن
دنيا جا ٻه انسان به منهن مهانڊي، توڙي مزاج ۾،
هڪٻئي کان مختلف آهن. هڪڙا اڻ پڙهيل انسان سنڌ جي
سڃن ڳوٺن ۾ رهندي، رڳو ڪڪڙ کي حلال ڪرڻ لاءِ سير
به وجهي ڪونه سگهن، ٻيا مهذب مغربي ملڪن ۾ رهندي ۽
دنيا جي قيادت جو دم هڻندي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ
جي وسيلي، هڪٻئي کي ساڙي خاڪ ڪرڻ لاءِ ليزر شعاعن
(Laser rays)
جا تجربا ويٺا ڪن.
ماڻهو ٻين ماڻهن کان جدا ڪنهن جهنگ جهر ۾ اڪيلو ته رهي نٿو
سگهي. وڃي ته آخر ڪاڏي وڃي؟ آدم اڪيلو هو ته بهشت
۾ به مزو ڪونه آيس. باغ بهشت جا ميوا ۽ مشروبات
سندس تسڪين لاءِ ناڪافي ثابت ٿيا. جهانن جي خالق
کي سندس سنگت لاءِ بيبي حوا خلقڻي پيئي. آدم کي
ٻئي انسان جي قرب ۾ ئي قرار مليو. اهوئي سبب آهي
جو اڄ به هر انسان جي قرب لاءِ تانگهيندو رهي ٿو.
چنڊ نه اڀر سنجهه، ته اونداهي اجهو ڪيان، ڀري کٿوري هنج، رٺا
پرين پهائيان هن دنيا ۾ مال اسباب جي آسودگي
سونهن، صحت، عقل عزت ۽ علم قدرت جون وڏيون نعمتون
آهن. پر، انسان کي حقيقي راحت وري به ٻئي انسان جي
قرب مان ئي ملي ٿي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان
۾ اخلاق هجي.
منهنجي خيال موجب، اخلاق جو سڌو ۽ سولو مطلب اهو آهي ته ماڻهوءَ
۾ منافقي نه هجي سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نه هجي، ”تن
صفا، من صفا، قول محمد مصطفيٰ“
انساني معاشري کي مهذب بنائڻ لاءِ، اولين ضرورت اخلاق جي آهي.
گوتم ٻڌ، بن ۾ نرواڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، موٽي دنيا
جو رخ ڪيو. پيغمبر، معراج جو مشاهدو ماڻڻ کان
پوءِ، وري ماڻهن ڏانهن موٽيو. آئنسٽائين انسان ذات
جي مستقبل جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بدران
اخلاق تي رکيو.
(غلام رباني آگرو جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ تان ورتل)
زرعي بئنڪ جو فيصلو
پاڪستان جي زرعي ترقياتي بئنڪ جي ڊئريڪٽرن واري بورڊ جو اجلاس
پشاور ۾ ٿيو، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زرعي بئنڪ،
پاڪستان جي اڌ آبادي، يعني عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ
ھيڊ آفيس سطح تي عورتن جي ھڪ خاص ڊويزن قائم ڪئي
ويندي، جنھن ذريعي کين ھٿ جي ھنرن مان پيداوار
حاصل ڪرڻ، ۽ زراعت ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ ھمٿايو ويندو.
زرعي ترقياتي بئنڪ جي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ کنيل ھي قدم ساراھه
جوڳو آھي. پر ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته ان تي
سختيءَ سان عمل ٿيڻ گھرجي. خاص طور سنڌ جي
ٻھراڙيءَ ۾ عورتون، جيڪي ھٿ جو پورھيو ڪن ٿيون، تن
لاءِ ھي سونھري موقعو آھي، پر اھي تڏھن فائدو حاصل
ڪري سگھنديون، جڏھن بئنڪ پاران ٻھراڙيءَ ۾ انتظام
ڪيا وڃن، ۽ بئنڪ کين اھڙيون سھولتون ۽ معلومات
ڏئي.
زرعي بئنڪ جو اھو فيصلو موجوده حڪومت جي سخت ڪوشش جو نتيجو آھي.
ھن سلسلي ۾ اسين حڪومت پاڪستان کي گذارش ڪيون ٿا
ته سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي عورتن جي بھتريءَ ۽
خوشحاليءَ لاءِ کين قرض ڏئي ته جيئن اھي به ملڪي
ترقيءَ ۾ حصو وٺي سگھن.
”سرتيون“ ڪھاڻي نمبر
ھيءَ چند سٽون لکندي، ”سرتيون“ سٿ کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي ته
جولاءِ وارو پرچو، ”ڪھاڻي نمبر“ جي حوالي سان شايع
ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ خاص ڪري ليکڪائن کي گذارش
ٿي ڪجي ته اُھي پنھنجي تازي تخليق سان گڏ ھڪ عدد
پاسپورٽ سائيز تصوير ۽ مختصر تعارف مئي مھيني جي
وچ ڌاري ”سرتيون“ شعبي کي ڏياري موڪلين ته جيئن
ترتيب ڏيئي، وقت سر ”سرتيون“ ، شايع ڪري پڙھندڙن
تائين پھچائي سگھجي.
ليکڪائن ۽ ليکڪن کي اھا پڻ گذارش ڪجي ٿي ته اھي پنھنجون تحريرون
پني جي ھڪ پاسي لکن، ته جيئن ڪمپوز ڪرڻ ۾ آساني
ٿئي . کين اھا به گذارش ڪجي ٿي ته ھو پنھنجو مڪمل
پتو ڏياري موڪلين، ته جيئن کين اعزازي ڪاپي موڪلڻ
۾ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.
آخر ۾ ليکڪائن ۽ ليکڪن کي اھا به گذارش ٿي ڪجي ته اھي پنھنجين
لکڻين جي اصل ڪاپي ڏياري موڪلين، ۽ ان جي فوٽو
اسٽيٽ ڪاپي پاڻ وٽ محفوظ ڪن. مھرباني!
_گلبدن جاويد مرزا
يوگا انيڪ اعصابي، ذھني ۽ روحاني ڪمزورين جو بھترين علاج آھي ۽ انسان ۾
ايمان، اعتقاد ۽ اعتماد وڌائي ٿو
پاڪستان جي پھرين يوگي بليڪ بيلٽ
مس فرحت طائيءَ
سان گلشن سومرو جي ڳالھه ٻولھه
مس فرحت طائي ستن سالن جي عمر ۾ پنھنجي پيءُ لياقت علي صديقي وٽ
يوگاا جي تربيت جو آغاز ڪيو، ۽ 1985ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي مارشل آرٽ جي چيف انسٽڪٽر سيد سخاوت علي
وٽ باقاعده ڪراٽي جي تربيت ورتائين. ٽن مھينن جي
ٽريننگ کان پوءِ گرانڊ ماسٽر محمد اشرف طائي مس
فرحت کي پنھنجي ذاتي تربيت ۾ شامل ڪيو، ۽ يوگا
پرفارمنس تي ناديه آف پاڪستان جو خطاب ڏنو . ڪراٽي
۾ ھڪ ئي وقت ٽن ڇوڪرين يا ڇوڪرن سان مقابلو ڪري
ڊينجر گرل جو لقب حاصل ڪيو اٿس. 1986ع ۾ پھرين
گرلز ڪراٽي چئمپين جو اعزاز، 1987ع ۾ آل پاڪستان
بيسٽ فرفارمز جي مقابلن ۾ ڇوڪرين ۾ پھرين ۽ مجموئي
طور تي ٽين پوزيشن. 1988ع ۾ چئن سينئير ڇوڪرن سان
فائٽ کٽي بھترين فائٽر، 1989ع ۾ يوگا ۾ ابرل گرل،
1991ع ۾ نئشنل گيمز ۾ فيميل نئشنل چئمپين شپ جو
ٽائيٽل 1990ع ۾ يوگا بابت جنگ ۾ ڇپجندڙ مضمونن ۾
مسلسل ست ھفتا پبلسٽي، 1993ع ۾ يوگا جي سيڪنڊ ڊگري
چڪرا حاصل ڪيائين، ۽ 1994ع ۾ ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر
ظفر اقبال قادر جي دعوت تي پاڪستان اڪيڊمي فار دي
پروموشن آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ جي پھرين مارشل
آرٽ انسٽرڪٽر مقرر ٿي ۽ اڃان اتي ئي آھي. سندس
شاگرديءَ ۾ گلشن (گلو) نزھت، شگفته، فوزيه، شھلا،
روبينه وغيره آھن.
ھزارين خوبيون ۽ صلاحيتون رکندڙ، پنھنجي ظاھري ۽ باطني حسن سان
پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ، ننڍي عمر جي، پاڪستان جي پھرين
يوگي بليڪ بيلٽ مس فرحت کي جڏھن مون عام زندگيءَ
۾، گھر جو ڪم ڪار ڪندي ڏٺو ته مون کي ڏاڍي خوشي ۽
حيرت ٿي. جڏھن آل پاڪستان ڪراٽي حيدرآباد جي
مقابلن ۾ کيس مظاھرو ڪندي ڏٺم، ۽ اتي ساڻس گفتگو
ڪيم ته ھوءَ ڏاڍي پياري لڳي، سندس ڳالھائڻ جو
انداز مٺو ۽ پيارو ۽ گفتگو وڻندڙ ھئي. مس فرحت
طائيءَ سان ڪيل گفتگو ماھوار ”سرتيون“ جي پڙھندڙ
لاءِ پيش خدمت آھي.
گلشن: سڀ کان پھرين ٻڌايو ته يوگا ڇا آھي؟ پوءِ وڌيڪ ٻي ڳالھه
ڪبِي.
فرحت: يوگا انساني بيداري جو علم آھي. صرف يوگا جي مشقن ۾ ھيءَ
انفراديت آھي ته ھڪ ئي وقت ذھني، جسماني روحاني
ترقي حاصل ٿئي ٿي، بلڪه ائين ڪرڻ سان انيڪ اعصابي،
جسماني، روحاني ڪمزورين جي مرضن جو علاج پڻ ٿئي
ٿو. يوگا جون مشقون انسان ۾ توڪل، ايمان، اعتقاد ۽
اعتماد بيدار ڪن ٿيون. مطلب ته مشقن جو طريقو ڪنھن
عبادت کان گھٽ ڪونه آھي. اٿڻ ويھڻ، ليٽڻ، ابتو
سبتو ٿيڻ، ڪنھن به طريقي سان ذھني سڪون حاصل ڪري
رب کي راضي ڪرڻ آھي.
گلشن: فرحت تو ڪڏھن کان سکڻ شروع ڪيو؟
فرحت: ستن سالن جي عمر ۾ سکڻ شروع ڪيم، دراصل جڏھن مون پنڌ ڪرڻ
شروع ڪيو ھو ته اوڏيءَ مھل ئي منھنجي پيءُ سوچي
ڇڏيو ته ھن جي ڪھڙيءَ طرح پرورش ڪجي. اھڙيءَ طرح
مون کي پنھنجي پيءُ ابتدائي تربيت ڏني، ۽ منھنجي
نٽائڻ تي، ھڪ ڏنڊو ڪمري ۾ رکيو ھوندو ھو. بس مون
کي رڳو ڏيکاريندو ھو ته يڪدم ڪلابازيون کائڻ شروع
ڪندي ھيس.
گلشن: ان بعد باقاعده تربيت ڪٿي حاصل ڪئي؟
فرحت: ڪراٽي جي ابتدائي تربيت سر سخاوت علي وٽ شروع ڪيم، ۽ پوءِ
ستت ئي گرانڊ ماسٽر سر محمد اشرف طائي مون کي
پنھنجي ڌيءَ بنائي ڪراچي وٺي ھليو، ۽ مڪمل ٽريننگ
ڏٺائين. سر طائي نه صرف مون کي ڌيءَ چيو، پر
پنھنجي حقيقي ڌيءَ بنائي طائي جو خطاب ڏيئي،
منھنجي نالي فرحت پويان طائي لڳائڻ جي اجازت ڏني.
ھاڻي مان فرحت طائي جي نالي سان مشھور آھيان.
ھونئن منھنجو بنيادي استاد منھنجو پيءُ لياقت
صديقي آھي، جيڪو پڻ يوگا جو ماھر آھي ۽ منھنجي
ترقيءَ ۾ منھنجي گھر جي ماحول جو پڻ ھٿ آھي.
گلشن: فرحت، اھو ٻڌاءِ ته توکي يوگا مان ڪھڙو فائدو پھتو؟
فرحت: (ڏاڍي اطمينان ۽ اعتماد سان جواب ڏنو)، يوگا مون کي سُٺي
۽ خراب جي تميز سيکاري، منھنجي جسم، روح ۽ ذھن جي
بھترين نشو ونما ڪئي، ۽ ڪراٽي مون کي امن جو پيغام
ڏيڻ سيکاريو.
گلشن: امن جو پيغام وري ڪيئن؟
فرحت: ڀيڻ! اھو ائين جو ڪراٽي جي تربيت حاصل ڪرڻ وقت باقاعده
قسم کڻايو ويندو آھي ته مجبوريءَ کان سواءِ ڪنھن
تي به ھٿ نه کڻڻو آھي . صبر ۽ ضبط کان ڪم وٺڻو
آھي.ڪيڏي به لڙائي جھڳڙي جي حالت ۾ حريف کي اھڙيون
ضربيون لڳائڻيون آھن، جو رڳو جان ڇڏي؛ ۽ اسپتال
تائين پھچڻ جي نوبت به نه اچي .
گلشن: ڇوڪرين سان مقابلو ڪرڻ وقت تنھنجو ھنن سان ڪھڙو رويو
ھوندو آھي؟
فرحت: مون گھڻي ۾ گھڻا مقابلا ڇوڪرن سان ڪيا آھن. ڇاڪاڻ جو اڃا
ڇوڪرين جو ايترو تعداد وڏو ڪونه آھي؛ جو ھُو مون
سان مقابلو ڪن. البته سر طائي جڏھن به ڇوڪرين جو
مقابلو ڪرائيندو آھي ته پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڇوڪرين
کي منھنجي مقابلي ۾ بيھاريندو آھي. مون الاھي
ڇوڪرن کي زخمي ڪيو، ڪلب ۾ جنھن ڇوڪري کي زخمي ڪندي
ھيس، اھو وري ڪلب ۾ نه ايندو ھو. مون ھڪ ئي وقت ٽن
ڇوڪرن کان مقابلو کٽي ڊينجر گرل جو خطاب حاصل ڪيو.
گلشن: ڪو ٻيو اعزاز مليو اٿو؟
فرحت: جي ھا، مان پوري پاڪستان جي فرست بلئڪ بيلٽ يوگي آھيان. ۽
چڪرا جو ايوارڊ پڻ مليل آھي، جنھن جو مطلب آھي ته
پاڻ ڪرڻ وارو ۽ سيکارڻ وارو. اھا ڊگري يوگا جي
سيڪنڊ ڊگري آھي.
گلشن: ڪڏھن ٻاھر وڃڻ جو اتفاق ٿيو؟
فرحت: پاڪستان جي شھرن کان علاوه مان انڊيا ۽ برما به وئي
آھيان.
گلشن: ٻاھرين ملڪن ۾ ڪو واقعو ٿيو؟
فرحت: انڊيا وارن جڏھن منھنجو فن ڏسي پيشڪش ڪئي ته تون انڊيا ۾
رھين ته اسين توکي ”ديوي“ جو لقب ڏيون. پر مون
پنھنجي ملڪ پاڪستان، سنڌ بلڪه حيدرآباد ۾ رھڻ کي
ترجيح ڏني، ڇاڪاڻ جو مان ڄائي ئي حيدرآباد ۾ آھيان
۽ حيدرآباد سان منھنجي دلي پيار آھي.
گلشن: مقابلي وقت تون پنھنجي دوست کي ڇا سمجھندي آھين؟
فرحت: مقابلي وقت سڀ مٽيون مائٽيون، دوستيون ختم ٿي وينديون
آھن. ان وقت صرف اھا ڳالھه دماغ ۾ ھوندي آھي ته
مون کي ھُن سان مقابلو ڪرڻو آھي ۽ کٽڻو آھي.
گلشن: جي تنھنجو حريف توکي زبردست ڌڪ ھڻي ته پوءِ ڇا ڪندي آھين؟
فرحت: مون اڄ ڏينھن تائين ڪاوڙ نه ڪئي آھي، بلڪه ھوش کان ڪم
ورتو آھي. ڇاڪاڻ جو پنھنجي حريف کي ڪڏھن به جوش
سان زير نٿو ڪري سگھجي. جوش سان زير ڪرڻ انتقام ۾
شامل ٿي ويندو آھي. اھو ان ڪري جو يوگا حملو
برداشت ڪرڻ، حملو روڪڻ ۽ بچاءَ ڪرڻ جا طريقا
سيکاري ٿو.
گلشن: مليل انعامن جو تعداد؟
فرحت: مون سوين ٽرافيون ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آھن: ايڏي وڏي
تعداد جي ڪري مون کي انھن جي قدر ئي نه رھيو. ھڪ
ڪنڊ ۾ سڀ انعام جمع ڪيم. ڪافي ٽرافيون ته ڪاريون
ٿي وڃڻ ڪري ريڙھي وارن کي وڪڻي ڇڏيم، ۽ ڪجھه ننڍي
ڀاءُ راند ڪندي ڀڃي ڇڏيون.
گلشن: ڪھڙين شخصيتن کان انعام حاصل ڪيا اٿئي؟
فرحت: سڀ کان پھريون انعام طائي سر، ٻيو انعام سر سخاوت علي ۽
پوءِ شفيق الرحمان پراچا، محمود اي ھارون، سيد
عبدالله شاھه، ڪور ڪمانڊر محمد الطاف، قاضي
عبدالمجيدعابد، جاويد سلطان جپان والا، ميجر جنرل
محمد ڪريم خان.
گلشن: ڀلا ڪراٽي ۽ يوگا کان علاوه ٻيون مصروفيتون؟
فرحت: پھرين درجي کان پوءِ اسڪول ۾ سدائين پوزيشن کڻندي اچان.
ان کان علاوه اسڪول جي اسٽيج جي بادشاھه رھي
آھيان. مون تقريرن، نعتن، ڊرامن، فينسي ڊريس شو،
اداڪاري، صداڪاري جي مقابلن ۾ حصو ورتو آھي. اسڪول
۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ منھنجي ٻن استادياڻين، نور
النساء صديقي ۽ ميڊم افروز صديقيءَ جو وڏو ھٿ آھي،
۽ مان انھن جي سڄي زندگي شڪر گذار رھنديس.
گلشن: ڪجھه گھر ۽ پنھنجي باري ۾ ٻڌاءِ؟
فرحت: اسان ٻه ڀاءُ ڀيڻ آھيون. مان وڏي ھجڻ ڪري ھُن لاءِ وڏو
ڀاءُ به آھيان ۽ وڏي ڀيڻ به. لباس ۾ شلوار قميص
پسند آھي: کاڌي ۾ چڪن برياني جيڪي امان رڌيندي
آھي، اھو کائيندي آھيان. بازار مان اڄ ڏينھن تائين
ڪا خريداري ڪانه ڪئي اٿم. سڀ شيون بابا مھيا ڪري
ڏيندو آھي. گذريل نون سالن کان بيمار نه ٿي آھيان.
منھنجا ماءُ پيءُ، منھنجا بھترين دوست آھن. شايد
اڳيان ھلي منھنجو ننڍو ڀاءُ علي به منھنجو دوست ٿي
وڃي. عام زندگيءَ ۾ سچ ڳالھائيندڙ ماڻھن کي پسند
ڪندي آھيان، ۽ جتي مون کي پڪ ٿيندي آھي ته ھيءُ
سچو آھي، ان سان دوستي رکندي آھيان. پاڙي وارن سان
رابطو ڪونه ٿو رھي، پر ھُو سڀ مون کي سڃاڻين ٿا.
سھيلين کي ڪنھن تقريب ۾ منھنجي شدت سان ڪمي محسوس ٿيندي آھي.
ڪنھن به راند روند سان گڏ تعليم جو ھجڻ ضروري آھي.
مان خود بي. اي جي شاگردياڻي آھيان، ۽ وڌيڪ تعليم
حاصل ڪنديس. ھن وقت پاڪستان اڪيڊمي فار دي پروموشن
آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ جي پھرين مارشل آرٽ
انسٽرڪٽر، ڪوئيٽا ۾ مقرر ٿي آھيان.
گلشن: مستقبل ۾ وڌيڪ ڇا ڪرڻ جو ارادو اٿئي؟
فرحت: مان وڌيڪ پڙھڻ چاھيان ٿي ۽ منھنجي پنھنجي پيءُ لياقت علي
صديقي، استاد، جناب محمد اشرف طائي، سيد سخاوت علي
۽ اوھان جي تعاون ۽ دعائن سان حيدرآباد ۾ يوگا
انسٽيٽيوٽ فار دي وومين قائم ڪرڻ جي خواھش آھي
ڇاڪاڻ جو مون کي خبرآھي ته جيئن ننھن انسان جي
آڱرين کان جدا نٿا ٿي سگھن ائين پنھنجي دفاع لاءِ
عورتن توڙي مردن لاءِ يوگا سکڻ تمام ضروري آھي.
اھڙيءَ طرح مان ھن فن سان عورتن جي خدمت ڪرڻ
چاھيان ٿي.
گلشن: ڪو نه وسرندڙ واقعو ٻڌاءِ!
فرحت: مون کي ياد ڪونه آھي، البته منھنجي پيءُ مون کي ٻڌايو آھي
ته جڏھن مان ٻن سالن جي ھيس ته اسان جي گھر کي
باھه وڪوڙي وئي. منھنجي ماءُ مون کي بچائڻ لاءِ
دريءَ مان مين روڊ تي ڦٽو ڪيو. رب جي مھرباني سان
مان ائين وڃي پٽ تي ڪريس جو مون کي رھڙ به نه آئي.
شايد الله پاڪ مون کي خدمت ڪرڻ لاءِ جيئرو رکيو.
گلشن: ڀينرن لاءِ ڪو پيغام ڏي؟
فرحت: گلشن آپا، (وڏي اعتماد سان چيائين) ڀينرن لاءِ منھنجو اھو
پيغام آھي ته ھُو پنھنجي ظاھري ۽ باطني حسن کي
سنوارڻ ۽ وڌيڪ خوبصورتي پيدا ڪرڻ ۽ پنھنجو دفاع
ڪرڻ لاءِ يوگا جي تربيت ضرور حاصل ڪن. ڇاڪاڻ جو
جيڪو وڻ وڌيڪ ڦل دار ٿيندو آھي. اھو وڌيڪ جھڪندو
آھي.
مس فرحت طائي سان ڪچھري ڪندي ٽي ڪلاڪ ٿي ويا. وقت جو احساس ئي
نه رھيو، سو چانھه پاڻي ڪري جڏھن کانئس موڪلايم ته
ائين ڀانيم ته ھوءَ اھو چاھيندي ھجي ته مان اڃان
به وٽس ويٺي ھجان، ۽ ويھي ساڻس ڳالھيون ڪريان. مون
کي به ڏاڍو مزو پئي آيو، ساڻس گفتگو ٻڌڻ ۾، مون
اندازو لڳايو ته ماءُ پيءُ ۽ استادن جي سٺي تربيت
مس فرحت کي ڪيڏو نه عظيم بنايو آھي، ۽ مان دعويٰ
سان اڄ لکان ٿي ته مس فرحت انڊيا جي ديوي ته ڇا پر
اڳيان ھلي پاڪستان جي مس پري پاڪستان ضرور ٿيندي .
|