مصنف: ائنڊريو لئنگ
قسط:4
سنڌيڪار: محمود مغل
The Story of Joan of ARC
جون آف آرڪ جي ڪھاڻي
باب چوٿين جو رھيل حصو
مفاصلو تمام گھڻو ھو، رستن تي ڦُرَ ۽ موت جو خطرو عام ھو،
انھيءَ ڪري پيغام کڻي ويندڙن کي ته اڃان به وڌيڪ
خطرن سان منھن ڏيڻو ھو. جَون کي ته اڳ ۾ ئي انھن
پراسرار آوازن ان شڪست جو احوال پھچايو ھو.
آخرڪار اھا دکدائڪ خبر بُوڊري ڪورٽ تائين پھچي ويئي. جَون سچي
نڪتي. ھن بُوڊري ڪورٽ کي 12 فيبروريءَ جي تاريخ
ٻڌائي ۽ واقعي به ان تاريخ تي اسڪاٽن ۽ فرانسين کي
شڪست ملي ھئي. ھاڻي بُوڊري ڪورٽ کي اندازو ٿي ويو
ھو ته ھيءَ ڳوٺاڻي ڇوڪري عام رواجي ماڻھن کان وڌيڪ
طاقتور آھي، جنھن کي ڏورانھن علائقن ۾ ٿيندڙ واقعن
جي اڳ واٽ ئي ڄاڻ پئي ٿي.
بُوڊري ڪورٽ پنھنجا ٻه نوجوان معززين ۽ ڪجھه ھٿيار بند کيس ساڻ
ڪري ڏنا ته جيئن اھي جَون کي ولي عھد چارلس تائين
وڃي پھچائين. کيس ھڪڙو گھوڙو به ڏنو ويو، جنھن تي
سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ڇو ته ھن واھه جي
سواري ڪئي. پنھنجا ڊگھا وار ڪترائي ھن سپاھين واري
ڪٽنگ رکرائي، ۽ ڇوڪراڻو لباس پھرڻ شروع ڪيائين،
جيڪو مرڻ گھڙيءَ تائين سندس اوڇڻ رھيو. آخرڪار 23
فيبروري 1429ع تي ھوءَ شھزادي سان ملڻ رواني ٿي
وئي.
ڪجھه ڏينھن جي سواريءَ کان پوءِ، جَون ۽ سندس ساٿي، چِنن جي
ويجھو ھڪ ننڍڙي ڳوٺ فِيئر بوئس
(FIERBOIS)
پھتا. ھن ڳوٺ ۾ سينٽ ڪيٿرائن لاءِ ھڪ مقدس جاءِ
مخصوص ڪيل ھئي، جتي سندس احسان مڃڻ لاءِ خاص عبادت
ٿيندي ھئي. سينٽ ڪيٿرائن سان جَون، اسڪاٽن ۽
فرانسين جي خاص عقيدت ھئي.
فيئر بوئس جي عبادت گاھه ۾ ھڪ وڏو ڪتاب رکيل ھو، جنھن ۾ ڪيٿرائن
جي معجزن جو تفصيلي ذڪر لکيل ھو، جن مان ھڪ وڏو
معجزو ھڪ اسڪاٽَ تير اندازَ مائيڪل ھئملٽن بابت
ھو، جنھن کي ڪجھه ڳوٺاڻن قيد ڪري، ڦاھي ڏئي ڇڏي
ھئي.
ڦاھيءَ ڏيڻ کان پوءِ، رات جو ڳوٺ جي پادريءَ کي ڪو آواز ٻڌڻ ۾
آيو، جنھن کيس چيو پئي ته ”وڃ ۽ وڃي ھن اسڪاٽ جي
ڳچيءَ مان رسي ڪپي ڇڏ، ڇاڪاڻ ته ھُو ڪونه مئو
آھي.“
پادريءَ اھا سوچ پنھنجو وھم سمجھي، ۽ ڪونه ويو. ٻئي ڏينھن
اِيسٽر جو ڏھاڙو ھو، ۽ ھن گرجا ۾ وڃي عبادت ڪئي.
عبادت کان پوءِ ھن سوچيو ته وڻ سان ڦاھي ڏنل اسڪاٽ
جي خبر وٺجي، جيڪو مئل نظر پيو اچي.
پَڪ ڪرڻ لاءِ، پادريءَ کيسي مان ننڍڙو چاقو ڪڍيو ۽ ھئملٽن جي
پير کي ھلڪڙو چير ڏنائين، جنھن تي ڦاھي کاڌل کيس
لت وھائي ڪڍي.
پادريءَ رسي ڪپي، کيس آزاد ڪيو، ۽ سندس دوا درمل جو خيال
رکيائين. ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ مائيڪل ھئملٽن ڪيٿرائن
جو ٿورو مڃڻ آيو ڇاڪاڻ ته سندس باسَ باسيل ھئي ته
جي ڦاھيءَ کان بچي ويس ته سينٽ ڪيٿرائن جا ٿورا
ضرور مڃيندس.
ڪتاب ۾ الائي ڪيترا قصا ھئا، جيڪي شايد وڏي آواز سان پڙھي ٻڌايا
ويا ڇاڪاڻ ته جَون کي پڙھڻ نه ايندو ھو.
جَون، اتي ٽِن عبادتي مَجلسن ۾ حاضري ڀري، ۽ ھڪ پڙھيل ڳڙھيل
عملدار کان شھزادي ڏانھن ھڪ خط لکرايائين، جنھن ۾
اطلاع ھو ته ھوءَ ساڻس ملڻ اچي رھي آھي. ھن پنھنجي
ماءُ پيءُ ڏي به ھڪ خط لکرايو، جنھن ۾ سندس بنا
ٻڌائي مائٽن وٽان نڪرڻ لاءِ معافي گھريل ھئي. کيس
ڪھڙي خبر ھئي ته ھاڻي صرف ھڪڙو ڀيرو پيءُ سان
ملاقات ٿيندي، ۽ ماڻس ھي جھان ئي ڇڏي ويندي .
جيستائين مائيڪل ھئملٽن واري قصي جو تعلق آھي، ان کي مڃڻ يا نه
مڃڻ لاءِ اوھان وس وارا آھيو. اھڙا ته ٻيا انيڪ
قصا انھيءَ ڪتاب م لکيل آھن. فِيئر بوئس جي ان
عبادت گاھه ۾ لکڻ لاءِ الائي ڪيترا ٻار، عورتون ۽
مرد حاضري ڀريندا ھئا.
باب پنجون
شھزادي سان جَون جي ملاقات:
چينن پھچي، جَون کي ھڪ مھربان خاتون وٽ رھايو ويو، جتي رھندي
ھوءَ شھزادي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ مناسب موقعي جو
انتظار ڪرڻ لڳي. شھزادي جا معتقد ان ڳالھه جا قاعل
ڪونه ھئا ته ھڪ عام ڇوڪريءَ سان سندس ملاقات ڪرائي
وڃي، پر شھزادي جي اندر ۾ الائي ڪھڙو معاملو ھو جو
ھن رحم کائيندي جَون سان ملاقات جو فيصلو ڪيو.
آخرڪار جَون کي محل ۾ آندو ويو، جتي ڏاڪا چڙھي ھوءَ ھڪ عظيم ھال
۾ پھتي، جتي اعليٰ پوشاڪون پھريل درٻاري موجود
ھئا. اھو محل ھاڻي کنڊرن ۾ بدلجي چڪو آھي. وڏي ھال
کي ڇت ناڳي رھي، پر وري به اوھين اتي وڃي ڀڳل ڀتين
کي ڏسي سگھو ٿا، خالي درين تي نظر وجھي سگھو ٿا، ۽
آتشدان جي منظر ڪشي ڪري سگھو ٿا.
اعليٰ درجي وارن درٻارين ۾ جيڪي پَٽَ ريشم جي لباس ۾ ڄڻ جرڪي
رھيا ھئا، اتي ھڪ ھمراھه مناسب لباس ۾ به ويٺل نظر
اچي رھيو ھو. جَون ھڪدم وٽس وئي ۽ گوڏن ڀر جھڪي
عرض ڪيائين.
”جيئندا قبلا، اوھان ئي شھزادا آھيو، جنھن وٽ مان حاضر ٿي
آھيان.“
پر ھمراھه، ھڪ امير زادي ڏانھن اشارو ڪندي چيو،
”ڀُلي آھين، بادشاھه ته ھُو آھي.“
”نه محترم سائين“ جَون چيو ”مون کي صرف ۽ صرف اوھان ڏي موڪليو
ويو آھي.“
۽ واقعي به اھو سادو سودو ئي شھزادو ھو، کيس اھو ڄاڻي ڏاڍي حيرت
ٿي ته جَون اڳ ۾ ڪڏھن به وٽس حاضري نه ڀري ھئي.
ھُوءَ پھرينءَ نظر ۾ کيس ڪيئن سڃاڻي وئي؟ شھزادي
کيس پاڻ سان گڏ قلعي ۾ ھلڻ جي دعوت ڏني، پر کيس
اڃا به اھا خبر نه پئي پئِي ته جَون ڪا ڏاھي آھي
يا ھڪ وائڙي ڇوڪري .
ھڪ ڏينھن، جَون کي نيٺ ھڪ موقعو ھٿ اچي ويو، ۽ ھوءَ شھزادي کي
ھڪ ڪنڊ ۾ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جتي ڪو به سندن
ڪابه ڳالھه نه ٻُڌي سگھي. جڏھن سندن گفتگو پڄاڻيءَ
تي پھتي ته شھزادو فڪرمند ۽ جَون خوش نظر اچي رھيا
ھئا. جَون آخرڪار شھزادي کي ڪا اھڙي ڳالھه ٻڌائي
ھئي، جنھن ھنن جي وچ ۾ اعتبار جي ڏور قائم ڪري ڇڏي
ھئي.
جَون بادشاھه کي ڇا ٻڌايو ھو؟ ان وقت ته اھو چؤٻول ھو ته اھا ڪا
عام رواجي چڱيرڙي ڳالھه ھئي جنھن بادشاھه کي
وندرايو ھو، ان ڳالھه جو ذڪر ان وقت جي ھڪ مشھور
شاعر ايلن ڪارٽيئر
(ALAN CHARTIER)پنھنجين
نظمن ۾ به ڪيو آھي، پر ڪنھن کي به اصل راز جي خبر
نه پئجي سگھي. جَون ڪنھن کي به ٻڙڪ نه ٻڌائي .
جڏھن ھوءَ انگريزن جي قيدياني ھئي ته فرانسسي ڏاھن
۽ قنوندانن سندس وات کولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ھُو
سدائين ناڪام رھيا. جَون ڪڏھن به ڪا ڳالھه نه ڪئي.
اھو سندس ۽ بادشاھه جي وچ ۾ راز ھو. جَون جي موت
بعد، اٺن سالن جي عرصي کان پوءِ ھڪ عجيب واقعو پيش
آيو . ھڪ عورت اھو اعلان ڪيو ته ”جَون اڃا مُئي
ڪانھي ۽ ھُو پاڻ جَون آھي.“ ۽ اھو اعلان ڪندي ھوءَ
جَون جي ڀائرن ساڻ آرليئنز اچي پھتي. آلريئنز جي
سادي سودي عاوم جيتوڻيڪ جَون کي ويجھو کان ڏٺو ھو،
پر تڏھن به ھنن کي ھن خاتون ۾ شڪ نه ٿي سگھيو،
ڇاڪاڻ ته ھن جي شڪل جَون سان الاھي ملي پَئي ۽
تنھن کان سواءِ ھن جا وار به ھاڻي وڏا ٿي چڪا ھئا.
ماڻھن سندس ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو ۽ جام سوکڙيون
پاکڙيون ڏنائونس.
جڏھن انھيءَ ڇوڪريءَ کي بادشاھه آڏو پيس ڪيو ويو ته ھو پاڻ
مُنجھي پيو. ھن ڇوڪريءَ تي ھڪ ڀرپور نظر وجھندي
چيو،
”خاتون مھربان، مان توکي ٻيھر ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان . ڇا توکي
پاڻ ٻنھي جي وچ ۾ ڪيل رازدارانه قصي جي ڄاڻ آھي؟“
ھاڻي اتي اھا ڪوڙي خاتون ڦاسي پئي ۽ ھن اھو اقرار ڪيو تهھوءَ ھڪ
ٻھروُپن آھي.
جڏھن بادشاھه ڪراڙو ٿي ويو ھو ته ھن اھو راز پنھنجي ھڪ خاص دوست
کي ٻڌايو ھو.
چِينن ۾ جنھن ڏھاڙي جَون ۽ چارلس پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي ھئي ته جَون ۽
چارلس پاڻ ۾ ڪچھري ڪئي ھئي ته جَون کيس ان ڳُجھي
عبادت بابت ٻڌايو ھو، جيڪا ھُوءَ ڌڻيءَ در لڪي
ڪندو رھيو ھو ۽ کيس ٻاڏائيندو رھيو ھو ته ڌڻي مٿس
اھو راز آشڪار ڪري ته ڇا ھُو مئل بادشاھه جو اصلي
پُٽُ ھو، ۽ پاڻ فرانس جي تخت جو اصل حقدار ھو؟
”اوھين اصلي شھزاده آھيو. تاج تخت جا وارث آھيو.“
جڏھن شھزادي ھي اکر ٻُڌا ته ھن پنھنجي سوچ جي رفتار اڃان به تيز
ڪري ڇڏي. جَون جي ڳوٺ ڏانھن پادرين کي موڪليو ويو
ته جيئن ھُو اھا ڄاڻ لھي اچن ته پنھنجي ڳوٺ ۾ جَون
جو ڪھڙو ڪردار ھو.تنھن کان پوءِ جَون کي پائٽيئرز
(POITIERS)
نالي شھر موڪليو ويو، جتي ڏانھن، عالمن ۽ پادرين
سندس امتحان ورتو. ھنن کانئس اونڌا سڌا ھزارين
سوال ڪيا پر جَون ھر ڳالھه جو سنئون سڌو جواب ڏنو.
ھن کين صاف ٻڌايو ته ھوءَ آواز ڪيئن ٻڌندي ھئي.
ھڪ ڏاھي کيس ڪو معجزو ڪري ڏيکارڻ لاءِ چيو.
”مان پائٽيئرز
۾
ڪو معجزو ڏيکارڻ ڪو نه اٿي آھيان .“ جون چيو
”مونکي آرليئنز وڃڻ ڏيو، پوءِ ڏسو ته مان ڇا ٿي
ڪري سگھان؟“
ھن ڪڏھن به ڪرامتن بابت ڪا به ڳالھه ڪانه ڪئي. سندس زور ته رڳو
انھيءَ ڳالھه تي ھو ته سندس حوالي ھڪ فوج ڪئي وڃي،
جيڪا آرليئنز جو رخ رکي. اھو ڇا گھٽ معجزو ھو جو
انگريزي ھارائي آرليئنز تان گھيرو ختم ڪن ھا.
لاڳيتو ڇھه ھفتا پادري، ڏاھا ۽ عالم، جَون جو
امتحان وٺندا رھيا، ۽ سندس جوابن ۾ نقص ڳولڻ جي ھر
ممڪن ڪوشش ڪري ڏٺائون. آخرڪار ھنن پنھنجين صحيحين
سان ھڪ رپورٽ جاري ڪئي جنھن ۾ لکيل ھو.
”ھن ڇوڪريءَ تي شَڪُ ڪرڻ، مقدس روح جي توھين ڪرڻ جي برابر آھي.“
ھنن کي رڳو ان ڳالھه کان ڊپ ھو ته جي جَون تي روحن جي حڪمراني
آھي ته اھي روح نيڪ آھن يا شيطاني. انگريزن جو طرف
کڻندڙ فرانسين ۽ خود انگريز ڄاڻڻ جو خيال ھو ته
جَون جي جسم ۾ شيطان حلول ڪري ويو آھي. ھو جَون جي
طاقت کان انڪاري ڪو نه ھئا، پر ڇاڪاڻ ته اھا طاقت
سندن تباھيءَ لاءِ ڪم آئي پئي، تنھن ڪري ڳڻن ان کي
شيطاني قوت جو نالو ڏنو ھو. اھو عام سوچ جو ھڪ
نمونو آھي. ماڻڳو سدائين انھيءَ عمل کي جائز
سمجھندو آھي، جيڪو سندس پاسي ھجي. ھتي ته ماڻھن کي
جَون ۾ ھڪڙي به بڇڙائي نظر نه پئي آئي، بس ھوءَ
رڳو انگريزن جي پاسي نه ھئي، تنھن ڪري ”شيطان“
ھئي.
ھاڻي انھيءَ ڳوڙھي مشاھدي کان پوءِ، نيٺ شھزادي، جَون جي
سالاريءَ ۾ آرليئنز کي ڇڏائڻ لاءِ فوج گڏ ڪرڻ شروع
ڪئي. اھو سڀ ڪجھه کيس پھرين ڪرڻ گھرجي ھا. جي جَون
نه ھجي ھا ته ڇا اھو سڀ نه پي ٿي سگھيو؟ اھو ڪيڏو
نه شرم جو مقام ھو ته بھادرن سان سٿيل شھر
آرليئنز، رڳو چار ھزار سپاھين جي گھيري ھيٺ ھو ۽
ان گھيري کي ٽوڙڻ لاءِ ڪٿان به ڪابه ڪوشش نه پئي
ڪئي وئي . شھزادي جي ساٿين ۾ رڳو ھمٿ ۽ اعتماد جي
کوٽ ھئي. جنھن مھل ھنن جَون ۾ اعتقاد آندو ته سندن
وڃايل اعتماد موٽي آيو. جي ھڪڙي سورنھن سالن جي
نينگر سندن اڳيان ھلي وڙھت کائي سگھي ٿي ته پُٺي
ڏئي ڀڄڻ ھاڻي ھنن جي شان وٽان نه ھو. جَون جي ھمٿ
بي مثل ھئي، تيرن جي بارش، گولين جي وسڪاري ۽ گولن
جي ڌماڪن ۾ ھوءَ اڳيان وڌي، اڳواڻي ڪرڻ جي صلاحيت
رکندڙ ھئي.
ان موقعي تي جَون اھو خدشو ڏيکاريو ته ٿي سگھي ٿو ته آرليئنز ۾
کيس ڪو تير اچي لڳي، جنھن جي لڳڻ سان ھُوءَ مرندي
ته ڪونه پر زخمي ٿي سگھي ٿي. چينن جي ھڪ سفير
پنھنجي ڳوٺ ۾ اھو احوال لکي موڪليو ۽ سندس ٻڌايل
ان ڳالھه کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪيو ويو.
ھاڻي انھيءَ سوچ کي سامھون رکي، جَون جي پھرڻ لاءِ اَڇي زرھه جو
بندوبست ڪيو ويو. ھڪڙي اسڪاٽ مصور، جنھن جي ڌيءُ
جَون جي ساھيڙي ھئي. کيس مقدس تصويرن وارو ھڪ
جھنڊو ٺاھي ڏنو، جيڪو کڻي ھوءَ جنگ ۾ وڃي پئي
سگھي.
جَون ٻڌايو ته ھوءَ ھڪ تلوار کڻڻ ٿي گھري جيڪا سينٽ ڪيٿرائن جي
فيئر بوئس واري عبادتگاھه جي پُٺ ۾، زمين ۾ پُوريل
آھي. سندس چوڻ تي، ٻڌايل جاءِ تي کوٽائي ڪئي وئي ۽
واقعي به اتان ھڪڙي پراڻي، دفن ٿيل تلوار لڌي.
جنھن تي پنج گھاوَ ھئا، يعني ان جي ڌار پنجن ھنڌن
ڪٽيل ھئي.
شھزادي چارلس جي ھڪ نوجوان عزيز ڊيوڪ آف ايلن ڪان
(DUKE OF ALENCON)
جيڪو پاڻ به انگريزن جو قيدي رھيو ھو، ھڪ ڀيري
جَون کي گھوڙيسواري ڪندي ڏسي ورتو . اھو نواجوان
پاڻ به ھڪ ڀلو شھسوار ھو ۽ جڏھن ھن جَون جو پروقار
۽ مھارت سان سٿيل اندازِ شھسواري ڏنو ته پنھنجي
اصطبل مان ھڪ خاص گھوڙو جَون کي تحفي ۾ پيش
ڪيائين. ايلن ڪان، جَون جي خاص دوستن ۾ شامل ٿي
ويو ۽ ھوءَ کيس سدائين ”منھنجا پيارا ڊيوڪ“ جي
نالي سان ياد ڪندي ھئي.
جَون کي جنھن به ڏنو، تنھن ھڪڙي ئي راءِ جو اظھار ڪيو ته ھوءَ
عظيم خاتونن وانگر سٻاجھي ۽ پروقار ھئي. جيتوڻيڪ
ھن جو ڄم ھڪ غريب ڪٽنب ۾ ٿيو ھو، پر سندس رھڻي
ڪھڻي ۽ طور طريقو پر وقار ۽ شاھاڻو ھو. (ھلندڙ) |