سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1995ع

مضمون --

صفحو :12

 

اوھان جا خط

مانواري سانئڻ،

اسلام عليڪم ،

خوبصورت رسالو سرتيون ماھه اپريل من مُھڻي آئوٽ لڪ سان بھترين اسمن ۾ مڪمل نظر تان گذريو.

ادي شبنم جو خوبصورت ۽ فڪري انٽرويو تمام گھڻو اتساھيندڙ آھي. انٽرويو کان اڳ ۾ سندس زندگي جو ڪجھه خاڪو ھجي ھا ته بھتر ٿئي ھا.

آزاد قاضي جو ماءُ تي ڪمال جو مضمون واھه واھه ھو . تمام انوکي انداز ۾ ماءُ کي سمجھايو ويو. لکڻ جو اندازو نرالو ھو . واھه جو احساس ھوس. ڊاڪٽرمحمد قاسم لانگاھه جي ڪتاب ”عورت ۽ ٻار“ تان تمام اھم ۽ بيحد معلوماتي سٽون ڏنيون ويون .

ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو مضمون لباس متعلق تمام دلچسپ ۽ معلوماتي ھو. ترجمن جي شعبي ۾ اوھانجي ترجمي ”دولت جي ديوار“ جي پھرين قسط، ٻي قسط پڙھڻ لاءِ اتساھيندي، منتظر رھندس . بھرحال رسالي جو ھر اسم (نثري توڙي شاعري ) تمام گھڻو وڻندڙ خوبصورت، معلوماتي ۽ ادبي معلومات ڏيندڙ ھو.

اڳ ۾ ھڪ عرض رکيو ھئم ته دنيا جي ھر شعبي ۾ مڃتا ماڻيندڙ عورتن جي زندگي جا خاڪا ڏيو . ۽ ھينئر ٻيو عرض ته : سنڌ توڙي پوري پاڪستان م ٿيندڙ نج عورتن متعلق يا عورتن جي سيمينارن جو احوال ۽ ادبي رپورٽون ڏيو. پنھنجي شاعريءَ جو ھڪ اسم اماڻيان پيو، اميد ته جڳھه والارڻ جي لائق ھوندو .

اوھانجي ساٿ جو ساٿاري.

خادم العلم والسنڌ.نذير شام چاچڙ

جواب: محترم ڀاءُ، جھڙي نموني اوھان تفصيلي خط لکي اسان کي سرتيون جي باري ۾ آگاھه ڪيو آھي، ان لاءِ اسين اوھان جا نھايت ئي شڪر گذار آھيون. اوھان جون تجويزون نوٽ ڪيون ويون آھن، ڪوشش ڪنداسين ته اوھان جي معيار ۽ دلچسپيءَ مطابق سرتيون کي سنواريون . اوھان جي شاعري پھتل آھي، جلد کان جلد شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين .

*

مانواري ايڊيٽر صاحبه،   

عرض ته اوھان جو رسالو ”سرتيون“ پھريون ڀيرو پڙھيم، تمام سٺو لڳو، شاعري به سٺي ھئي، ڪھاڻيون به معياري ھيون . مطلب ته ھرشيءِ پنھنجيءَ جاءِ تي وزنائتي ھئي. اميد ته آئنده به اھڙو مواد ملندو رھندو، ۽ اسان جو به اوھان سان ساٿ جاري رھندو . ھڪ راءِ ڏيندس جيڪڏھن خطن جو سلسلو به ھجي ته  اڃا به سٺو ٿيندو، جنھن ۾ تنقيد جي ۽ تعريف جي خبر پوندي رھندي .

آخر ۾ مان ڪجھه مواد اماڻي رھيو آھيان، اميد ته سٺي موٽ ملندي. ھونءَ به منھنجي شاعري ٻين رسالن ۾ اڪثر شايع ٿيندي رھي ٿي، جيڪڏھن اوھان به ڀليڪار ڪئي ته احسان ٿيندو .

اسير اسحاق چنا

جواب: محترم ڀاءُ، خط لکڻ لاءِ لک لائق . اوھان جي راءِ کي مد نظر رکي، سرتيون ۾ خطن جو سلسلو رکيو وڃي ٿو. اوھان جو مواد پھتل آھي، اميد ته وقت سر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين .

*

مانواري ايڊيٽر ڀيڻ

عرض ته آءٌ ماھوار ”سرتيون“ جو مطالعو ڪندو آھيان، اڄوڪي دؤر ۾ ماھوار ”سرتيون“ ريڙھه جي ھڏيءَ ۾ ڪرنگھي واري حيثيت رکي ٿو.

پر افسوس صد افسوس، جو ھي رسالو مقرر وقت تي شايع ڪونه ٿو ٿئي. ان لاءِ عرض ته ڏنل پروگرام موجب ”سرتيون“ جيڪڏھن بازار ۾ شايع ٿي اچي ته ھڪ سُٺو معيار ماڻي سگھي ٿو.

خوشيءَ جي ڳالھه آھي ته ”سرتيون“ نه رڳو عورتون پڙھن ٿيون، پر مرد حضرات پڻ وڏي چاھه ۽ اتساھه سان پڙھن ٿا، جنھن ۾ ننڍا ٻار به شامل آھن.

مون ڪافي حد تائين ھتي (خيرپور) ۾ ڏٺو آھي، ۽ ڪافي اسڪولن ۾ واندڪائي واري ٽائيم ۾ استادياڻيون ۽ نياڻيون پڻ ”سرتيون“ پڙھن ٿيون، ۽ ان ۾ مواد موڪلڻ لاءِ ڪوشان آھن.

”خاموش“ موريجو

پنواڙي، ڳوٺ حاجي قادر بخش موريجو،

شادي شھيد روڊ، خيرپور ميرس، سنڌ،

*

قابل احترام ڀيڻ،

اسلام عليڪم،

”سرتيون“ جي پھرين پرچي کان وٺي، ھن وقت تائين سوچيندو آھيان ته اوھان طرف مواد موڪلجي، پر خبر ناھي ڇو آءٌ ائين نه ڪري سگھيو آھيان. ھا! ادبي حوالي سان بابا سائين (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) جو اوھان سان رابطو ھو، سو ھڪڙو ڀيرو بابا سائين مونکان ھڪ ڪھاڻي ”موھيو تنھنجي مرڪ“ وٺي اوھان ڏانھن موڪلي ھئي، شايد ڪھاڻي اوھانجي معيار جي نه آھي، جو ھن وقت تائين نه ڇپي آھي!

”سرتيون“ جي تازي پرچي ۾ ادي شبنم گل جي انٽرويو ڪافي متاثره ڪيو. سندس اڪثر لکڻيون پڻ مونکي گھڻو متاثر ڪيو. سندس اڪثر لکڻيون پڻ مونکي گھڻو متاثر ڪنديون آھن. ان جو وڏو سبب سندس ڳالھين ۾ ”فلسفياڻو اثر“ آھي، ۽ مون کي فسلفي سان دلچسپي آھي.

ھن گڏ ”سرتيون“ لاءِ پنھنجو ھڪ نڪور ”آزاد نظم“ ”سونھن“ ۽ ھڪ ”وائي“ موڪليان پيو، اميد ته قبول پوندا .

احسان دانش

محترم ڀاءُ خط لکڻ لاءِ لک لائق . اوھانجو مواد پھتل آھي، انشاءَ الله وقت سر شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

***

مانواري ڀيڻ ايڊٽ ڪيل ماھوار ”سرتيون“ ھر ڀيري پابنديءَ سان پڙھندو آھيان . انٽرويو، مضمون، ڪھاڻيون، ۽ شاعري وارا سڀئي ڀاڱا لاڀائتا آھن. ھن ننڍڙي پر، خوبصورت رسالي ڪڍڻ تي ادارو به مُبارڪن جو مستحق آھي.

اوھانجو ڀاءٌ، رجب ٻگھيو_باجارا

سانئڻ!

اسلام عليڪم،

بختاور کانپوءِ رسالي ”سرتيون“ ۾ پھريون دفعو پنھنجو مواد اماڻيو اٿم، اميد ته مانائتي موٽ ڏيندؤ. رسالو پنھنجا سمورا موتي آھستي آھستي ميڙي رھيو آھي. اھي موتي ميڙڻ لاءِ اڃان اوھان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي . اسان جي دعا آھي ته ھي رسالو ھميشه ھلندو رھي، ۽ پنھنجي ڪاميابيءَ طرف وڌندو رھي .

لياقت مھر_”مالھي مھر“

*

محترمه ايڊيٽر صاحبه

عرض ته رسالي ”سرتيون“ کي سالن کان پڙھندو پيو اچان . اھي ڏينھن ڏور ناھن جو ھن ساڻيھه جي سرتين جا ڏک سور ۽ درد ڏور ٿي ويندا .

پھريون ڀيرو اوھان جي پرچي لاءِ ڪجھه ”بيت“ موڪلجن ٿا. اميد ته شايع ڪرڻ جي عنايت فرمائيندا ته نھايت احسان ۽ وڏا وڙ ٿيندا.

دلمراد مھر ”مسڪين“

*

مانواري ادي،

اسلام عليڪم، ڀيڻ ھن دفعي به مايوسي جو منھن ڏسڻو پيو.الائي ڇو سرتيون ۾ منھنجي مواد کي جاءِ نٿي ڏني وڃي . خبر ناھي مواد پھتو يا نه.

سرتيون ۾ جيڪو مواد ڇپجي ٿو، سو سمورو ساراھه جوڳو آھي .  پرچي ۾ ھڪ کوٽ آھي خطن واري صفحي جي. جيئن اسان کي خبر پئجي سگھي ته اسان جون لکڻيون معياري آھن يا نه . ڀيڻ مون ڪافي مواد موڪليو آھي. پر اڃان ڪو پتو ناھي .

ڀيڻ اسان محنت ڪري لکون ٿيون ھاڻي اڳتي آڻڻ اوھان جو ڪم آھي. ھن خط سان گڏ ھڪ ننڍڙو مضمون موڪلي رھي آھيان ، اميد ته سرتيون ۾ شايع ڪري ٿورائتي ٿيڻ جو موقعو ڏينديون .

اوھانجي سرتي، مھرالنسا جويو.

جواب: محترمه ڀيڻ، اوھانجو مواد پھتل آھي، ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد شايع ٿئي. ٻيو ته مھرباني ڪري پنھنجي ائڊريس مڪمل لکنديون ته جيئن اعزازي ڪاپي موڪلي سگھجي.

*

مانواري ايڊيٽر صاحبه

جيئن ته ھن ڀيري ”سرتيون“ نظر مان گذريو. رسالي ۾ ڪافي محنت ٿيل آھي. ھن ڀيري آزاد قاضي جو مضمون ”ماءُ“ بيحد وڻيو. شاعري ته پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. شبنم گل جو انٽرويو ڏاڍو وڻيو. باقي شيون به پنھنجي جاءِ تي اھميت واريون ھيون، ۽ اميد ته اڳتي به رسالو ڪافي ڪاميابي ماڻيندو.

وڌيڪ اھا صلاح ته اسان وٽ ٻاراڻي ادب جي کوٽ آھي. ان حوالي سان ڪو اھڙو سلسلو رکو، جنھن ۾ ٻارڙن جي حقن جي ڳالھه ڪئي وڃي ته بھتر ٿيندو.

وڌيڪ اھو عرض ته ھڪ ننڍڙي ڪاوش موڪليان پيو. اميد ته نااميد نه ڪندا ۽ مانائتي موٽ ڏيندا . مھرباني !

ستار سومرو، نصيرآباد

جواب! محترم ڀاءُ، خط لکڻ لاءِ لک لائق. اوھان جي راءِ نوٽ ڪئي وئي آھي، ۽ اسان جي به اھائي ڪوشش آھي ته ”سرتيون“ پڙھندڙن جي دلچسپيءَ جون سڀئي گھرجو پوريون ڪري. اوھان جو مواد پھتل آھي، وقت سر ھلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

*

پياري ڀيڻ،

احوال ته ادي توھان کي مون ٻڌايو ھو ته مون کي لکڻ جو شوق آھي. ۽ توھان چيو ھو ته تون ڪجھه لکي موڪل سو مون سرتيون لاءِ ھي تاثر آھي، شايع ڪندا ته جيئن منھنجي حوصله افزائي ٿئي. ھي منھنجي پھرين ڪوشش آھي، ۽ ھا، ان جي باري ۾ مون کي ٻڌائيندا ضرور ته ان ۾ ڪھڙيون غلطيون آھن، يا مون کي ڪيئن لکڻ گھرجي؟

اوھان جي ڀيڻ، امام زادي عباسي

********

 

 

ستين بجي رات جي ماني کائي، وري ٽوئرسٽ وڃڻ لاءِ ٻاھر نڪتس، پنھنجي وفد جي ڪابه مائي نظر ڪانه آئي. آپا خديجه به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. ڪا بس به بيٺل ڪانه ھئي، اٺين بجي افريڪي عورتن سان يڪجھتيءَ وارو پروگرام ھو، اڃا ٽائيم پيو ھو، سو اڪيلي پنڌ ٽوئرسٽ ڏانھن رواني ٿيس. ھوٽل اٽڪل ميل کن پري ھئي. ھلڪي ھلڪي بوند پي پئي. ڇٽي ھر وقت گڏ ھوندي ھئي، ٻيو ھتان نرم مردانو بوٽ وٺي وئي ھيس، تنھن ڏاڍو آرام ڏنو. ميلن تائين پنڌ ۾ نه ٿڪجي. ھوٽل کان پر ڀرو گھڻ منزليون ھڪجھڙيون فليٽن جون قطارون ٺھيل ھيون. ماٺ ۽ سڪون لڳو پيو ھو. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ڊيوٽيءَ تان موٽيا گھر پي ويا، ڪي مايون ننڍڙن ٻارن کي وٺي گھرن اڳيان پوکيل ڇٻر ۽ گاھه تي چڪر ڏيئي رھيون ھيون. ھتي رنگ برنگي جھنگلي گلن ڪري، رستو ڏاڍو سھڻو ٿو لڳي. اتي ھڪڙي مرد پنھنجي ننڍڙي ٻن سالن جي ٻار کي بال سان راند ڪرائي. اھا ڳالھه مون کي ڏاڍي وڻي. اسان وٽ پيئر ڊيوٽيءَ تان ايندا ته پوءِ حرام جو ٻارن کي ھٿ کڻي لائين. ٻارن جي ذميداري فقط ماءُ جي آھي. ھونئن به ھتي ٻارن جو ڏاڍو خيال ڪيو ٿو وڃي، ۽ ٻارن کي خاص اھميت ڏني ٿي وڃي. ڇو ته ھنن کي خبر آھي ته سڀاڻي ھنن کي ھي سڄو نظام سنڀالڻو آھي. ھتي ٻارن لاءِ راندين جا عاليشان ميدان، ٿيٽر، سرڪسون ۽ اسٽور آھن. مون ھتي ٻن يا ٽن سالن جي ٻارن کي اعتماد سان ماءُ يا پيءُ کي ھٿ ڏيڻ بنا رستن تي ھلندي ڏٺو. صفا ننڍڙا ۽ ڪن مھينن جا ٻار به آرام ۽ سڪون سان گاڏيءَ ۾ ويٺا ھوندا، ۽ مائٽ دڪان تان سامان وغيره پيا وٺندا. ٻار وري اھڙا اڇا، ڳاڙھا ھئا، جو دل چوندي ھئي ته ھنج ۾ کڻي چميون ڏيان. ٻيو ڪنھن به ٻار کي ڏسندي ھيس ته اسد ياد ايندو ھيم، آخر آءٌ به سنڌي ماءُ ھيس، ٻيو ڪڏھن به ايترن ڏينھن لاءِ اڪيلو ڪونه ڇڏيو ھو مانس، سو دل ۾ ھزارين وسوسا ايندا ھئا ته روئندو ھوندو، بيمار نه ٿيو ھجي. آءٌ پئي ھتي گھمان ٻار کي ڪجھه ٿي نه پوي، پوءِ ته رليس، چوندا ته ”پاڻ پئي عيش ڪيائين، ٻچو نڌڻڪو ڪري ماري ڇڏيائين.“ وري سوچيندي ھيس ته ڀلي پڪو ٿئي، جي آءٌ سچي پچي مري پوان، پوءِ جيڪر ڇا ڪري. دير پي ٿي سو تڪڙي ھلڻ لڳيس. ھتي پرديس ۾ اڪيلو ھلندي ذرو به ڊپ نٿي لڳو. ھونئن ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو به اڪيلو ھلندي پيو ڊڄبو آھي. ته متان ڪو غنڊو پرس کسي وڃي يا ڪو ڪلھو ھڻي وڃي. دل ۾ سوچيم ته ھاڻ اھو وقت جلد ايندو، جڏھن سوين ھزارين سنڌياڻيون ھن نموني مڙس ماڻھو ٿي اڪيليون ھلنديون.

(اختر بلوچ جي سفرنامي ٽي مسافر ٽي شھر ”ماسڪو ۾ سنڌياڻي“ تان ورتل).  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com