مصنف: يانگھه
مو/مترجم: زرينه بلوچ
قسط: 2
سرَ جي تان سور
”ٻڌائين به ڪانه ٿي ته ڳوٺ ۾ وقت ڪيئن گذاريئي.“ پر ھوءَ ڪڇي
جھڙي ڀت.
سندس اھا حالت ڏسي سڀني ڇوڪرين وٺي ٽھڪ ڏنا، انھن ٽھڪن تي ڪومل
ڇرڪ ڀري اکيون مھٽڻ لڳي، ڄڻ گھريءَ ننڊ مان جاڳي
پئي ھجي.
”مون تي ٺٺوليون ٿيون ڪريو، انھيءَ ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي.“
ائين چئي ھوءَ ڪلاس مان نڪري وئي. ٿوري دير کان
پوءِ پرھه ڪومل کي پاڻ سان وٺي نديءَ جي ڪناري
ڏانھن وئي. ھلندي ھلندي ڪومل چوڻ لڳي، ”پرھه، مون
کي اسڪول ڇڏڻو پوندو!“
”ڇو، توکي ماڻھين اسڪول ڇڏڻ لاءِ چيو آھي ڇا؟“ ڪومل ڪابه ورندي
نه ڏني. ھلندي ھلندي ٻئي ڄڻيون ھڪ گھاٽي وڻ ھيٺان
وڃي ويٺيون.
”بابا تي زمينن جو ڪيس پئي ھليو ۽ اھو ڪيس بابا ھارائي ويٺو، ۽
مٿان وري ڇا ڪيائين جو منھنجي ماٽيجي ماءُ کي
ٻڌائڻ کان سواءِ، باقي ٿوري گھڻي بچيل زمين وڪڻي
ھڪڙي ويھاريل رن کي پاڻ سان وٺي، ڪنھن ٻئي شھر وڃي
ويٺو آھي .”ھاڻي آءٌ وڃي پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي
ملڪيت بچي آھيان.“
”ھيءَ تون ڪھڙي بڪ پئي ڪرين؟ تون پاڻ کي ملڪيت ڪيئن ٿي چوين،
تون ته ھڪ مٽيءَ جي جڙيل خوبصورت مخلوق آھين.“
ڪومل پنھنجي ڪٽورين ۽ نماڻين اکين سان درياءَ جي وھندڙ پاڻيءَ
کي يڪ_ ٽڪ ڏسندي رھي، ۽ پوءِ تمام آھستي نماڻائيءَ
سان چوڻ لڳي، ”منھنجي ماءُ مون کي انھيءَ ڳالھه
لاءِ ڳوٺ سڏايو ھو ته آءٌ ھڪ پوڙھي ملڪيت واري سان
شادي ڪريان ته جيئن منھنجي ماءُ باقي حياتيءَ جا
ڏينھن عيش ۽ آرام سان گذاري، پر مون انڪار ڪري
ڇڏيو آھي! ھاڻي آءٌ ھميشه ھميشه لاءِ گھر ڇڏي آئي
آھيان.“ پرھه جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا، ھوءَ ڪومل
جا ھٿ جھلي روئڻھارڪي ٿي چوڻ لڳي، ”ھاڻي ڇا ٿيندو
ڪومل.“
”چري تون ڇو ٿي دل لاھين، آءٌ ڪڏھن به ھار نه مڃينديس. جيڪڏھن
حالتون منھنجي سھپ کان وڌي ويون ته آءٌ پاڻ کي
ماري ڇڏينديس، پر ھار نه مڃينديس.“
انھيءَ واقعي کان پوءِ ماڻس سندس پڙھائيءَ جو خرچ بند ڪري ڇڏيو.
ھن سمجھيو ته ڇوڪريءَ جو خرچ بند ٿيندو ته ھوءَ
پاڻھي پوري پير تي اچي ويندي، پر اھا سندس ڀل ھئي.
ھوءَ پنھنجي ڪيل فيصلي تي ثابت قدم رھي. ھُن اسڪول
کي ڇڏي نوڪري ڪرڻ ٿي گھري، پر رھڻ جو مسئلو پئدا
ٿي ٿيو ته ڪٿي وڃي رھجي، ڪنھن جي گھر رھجي. آخر
سندس ويجھين ساھيڙين ھاسٽل جا پئسا ڀريا ۽ ھوءَ
باقي رھيل ٻه مھينا ھاسٽل ۾ رھي پيئي.
ھاڻي موڪلون به شروع ٿي ويون، سو گھر وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه
رستو کيس سمجھيو نٿي، پر ھن ھمت نه ھاري، ڇو ته
کيس يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻي ھئي. پر سندس ماٽيجي
ماءُ پنھنجي ضد تان نه لٿي ته پوءِ ھيءَ ڇا ڪندي؟
پوءِ ته ھوءَ پڙھي به ڪانه سگھندي. چڱو ائين ٿئي
جو رھزن ماءُ پنھنجو ارادو بدلائي ڇڏي. ھن باقي
ڏينھن انھيءَ ٻڏتر ۾ گذاريا.
آخر ھڪ ڏينھن ھن پنھنجو سامان رڪشه ۾ رکيو. کيس بانسري، گٽار ۽
مائوٿ آرگن وڄائڻ ڏاڍا وڻندا ھئا. ھن اھي سڀئي
شيون ساري سنڀالي کنيون، ھوءَ جيڏانھن به ويندي
ھئي ته اھي ٽن ساز پاڻ سان سنڀالي کڻندي ھئي. سندس
ساھيڙيون کيس سازن جي راڻي ڪري ڪوٺينديون ھيون.
ھاڻي سندس رڪشه کڏن کوٻن واري رستي تان ھلندي پئي
وئي ۽ سندس دل ٻڏندي پئي وئي ته اما الائجي گھر ۾
گھڙڻ ڏيندي به يا نه؟
جڏھن ھوءَ گھر ۾ اندر گھڙي ته ماڻس مھمانن سان شطرنج راند پئي
ڪئي. کيس ڏسي تپ ڏيئي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ڪومل
حيران ٿي وئي ته اما اھا ساڳي، يا ٻي ڪا آھي. ”آءٌ
صدقو وڃان پٽ اچي وئينءَ، تنھنجو سفر ڪيئن گذريو،
توکي تڪليف ته نه آئي. ڏس ته اڄ گھر ۾ ڪيترا مھمان
آيل آھن، ۽ اھي سڀئي تنھنجي شاندار نمبرن کڻڻ تي
تنھنجون ساراھون پيا ڪن.“
ھوءَ دل ۾ سوچڻ لڳي ته اڄ مان مون کي شاديءَ لاءِ ڪجھه ڪونه
چوندي، ڇو ته ھوءَ اڄ ڏاڍي خوش پئي ڏسجي، ۽ ھو
پڙھڻ لاءِ پيسا پڻ ڏيندي. ھن سڀني مھمانن کي جھڪي
سلام ڪيو، ۽ پوءِ حيا ڀريل نيڻن سان ھڪ ميز جي
پاسي بيھي رھي. ھونئن ته کيس سڀني ماڻھن کان سخت
نفرت ھئي، پر ڇا ٿي ڪري سگھي. کيس اڳتي جو پڙھڻو
ھو. ھن پنھنجيءَ پڙھائيءَ کي ھر ڳالھه کان مٿانھون
ٿي سمجھيو. کيس پڙھڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالھه نٿي
وڻي. ماڻس ھڪ پيلڙي مھانڊي واري اڌڙوٽ ماڻھوءَ
ڏانھن نھاريندي چيو، ”ھيءَ منھنجي ڌيءَ ڪومل آھي.“
ڪومل جي ڄڻ دل بيھي رھي، ھوءَ تڪڙي تڪڙي ڪمري ۾
اندر ھلي وئي، ۽ در بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ ھوءَ
سوچڻ لڳي ته ڪيئن ھن ماءُ مان جان ڇڏايان. کيس پڻس
۽ ماڻس جي جواري ۽ مڪار بدمعاش دوستن کان سخت نفرت
ھئي.
ڪومل سور ٻري سان ھتي رھڻ لڳي، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا به
ورتائين، پر ماڻس جيڪا سڄي رات شطرنج راند پئي
ڪندي ھئي، تنھن تي کيس ڏاڍا خار لڳندا ھئا. پر
مجبوريءَ ڪري ماٺ رھندي ھئي.
ھڪڙي ڏينھن ماڻس جو موڊ مڙئي چڱو ھو، ۽ کيس بازار وٺي وئي، ۽
سھڻا سھڻا ڪپڙا وٺي ڏيڻ لاءِ ڏيکارڻ لڳي، پر ڪومل
کي اڇا کير جھڙا سادا ڪپڙا وڻندا ھئا، تنھن ماءَ
کي چيو ته مون کي اُھي وٺي ڏي. شام جو گليءَ ڪومل
لاءِ سندس پسند جو کاڌو تيار ڪيو، جڏھن ماني کائي
ماڻس ۽ ڀاڻس اچي ساڻس ويٺا ته ماڻس ھوڏانھن
ھيڏانھن جون ڳالھيون ڪري وري ساڳي رينگٽ شروع ڪيو
ته ”تنھنجو پيءُ ته پاڻ کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏي ھليو
ويو، تنھنجو ڀاءُ اڃا معصوم ٻار آھي، توکي به تو
ڪو ھنر وغيره اچي ڪونه ٿو. پاڻ ٽيئي ھڪ ٻئي جي رحم
ڪرم تي آھيون. ھاڻي پنھنجي زندگي ڪيئن گذرندي؟“
گليءَ جي اکين ۾ واڳونءَ وارا ڳوڙھا تري آيا.
ڪومل ڪنڌ ھيٺ ڪريو ماءُ جي ڳالھه پئي ٻڌي. وري گلي چوڻ لڳي.
”تون نه منڳڻجي صلاح مڃين، ۽ دل کڻي ٻڌي ته پنھنجي
سڄي حياتي سک ۽ آرام سان گذرندي، ۽ تنھنجي پڙھائي
به جاري رھندي.“ ڪومل ڪجھه به نه ڪڇيو. ھوءَ
ڳالھائيندي رھي .
”ڀلا تون سچي کڻي ٻڌاءِ توکي ڪھڙي قسم جو گھوٽ وڻندو؟“ پر ڪومل
ڪڇي جھڙي ڀت. ڪجھه دير کان پوءِ وري گليءَ ساڳيو
سوال ڪيو، جنھن تي ڪومل چيو ”مون ڪڏھن انھيءَ
ڳالھه تي سوچيو به ڪونھي. امان تون ته چوين ٿي ته
ڀلي پڙھه، پوءِ اھي شاديءَ جو ڳالھيون ڇو ٿي ڪرين؟
خدا جي واسطي ٻيھر اھڙي ڳالھه نه ڪج.“
گليءَ کي اندر ۾ ڄڻ باھه لڳي وئي. پرپاڻ تي ضابطو ڪري چوڻ لڳي،
”تون ته بيوقوفيءَ جھريون ڳالھيون پئي ڪرين. آءُ
سورھن سالن جي ھيس جڏھن پڻڳين سان منھنجي شادي ٿي
ھئي. تون سمجھڻ جي ڪوشش ڪر، اھڙيون سٺيون مائٽيون
نصيبن وارين کي ملنديون آھن. ھونه، جيڪو ڊائريڪٽر
يار محمد ايندو آھي، اھو توتي ڇڪن ٿي پيو آھي، سڄو
ڏينھن ٿو تنھنجون تعريفون ڪري، عمر به ڪا ايڏي وڏي
ڪانه اٿس، ٽيھن، پنجٽيھن سالن جو مس ٿيندو. وڏو
ملڪيت وارو آھي. توھان ٻنھيءَ جي جوڙي ڏاڍي
ٺھندي،!“
پر ڪومل ماٺ ڪيو ويٺي ڳالھه ٻڌي، ھن ڪا به ورندي نه ڏني. ماڻس
سوچيو ويچاري حيا کان جواب نٿي ڏي. سو کڻي ويٺي
شاديءَ جي فائدي واريون ڳالھيون.
”بس تون رڳو راضي ٿي. تون عيش ڪنديئن عيش. يار محمد جا وڏا
بنگلا، سندس مائٽن جي ھزارينايڪڙ زمين، ۽ گھڻين
ڪمپنين ۾ سندس حصا آھن، جتان چڱو خاصو پيسو مليس
ٿو، ۽ کيس حڪومت ۾ به جلدي ڪو وڏو عھدو ملڻ وارو
آھي“ ڪومل ھاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگھي، ۽
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
”نه نه اما! مون لاءِ مائٽيون نه ڳول، آءٌ مري وينديس، پر ڪنھن
دولت مند يا وڏي عھدي واري سان شادي نه ڪنديس، ان
لاءِ رانديڪو نه بنبيس. آءٌ ته اھڙي ماڻھوءَ لاءِ
سوچي به نٿي سگھان.“ بس، اھو ٻڌندي ئي ماڻس کي
چوچڙي لڳي وئي، ۽ اکين مان ڄڻ باھه جا اُلا نڪرڻ
لڳيس، آس پاس ھٿوراڙيون ڏيئي مارڻ لاءِ ڪجھه ڳولڻ
لڳي. ”ڪميني، تون پاڻ کي ڏاڍي معتبر ٿي سمجھين.
بدذات ۽ نيچ ماءُ جي ڌيءَ به ٿي نخرا ڪري. جھڙي
ماءُ ھوندي ته ڌيءُ به اھڙي ٿيندي. مون رحم کائي،
نيچ ماءُ جي ڌيءَ کي سيني سان لائي، پنھنجي ڌيءَ
ڪري پاليو. ھاڻي تون پنھنجو پاڻ کي ڏاڍو شريف پئي
سمجھين. توکي منھنجي ڳالھه مڃڻي پوندي، نه ته
ھيترا ڏينھن جيڪو توکي کارايو اٿم، تنھنجا پئسا
وصل ڪرڻ لاءِ توکي بازار ۾ وڪڻنديس.“ انھيءَ
اوچتي حملي ڪومل تي وڄ ڪيرائي وڌي. ھوءَ سُن ٿي
وئي، ۽ اٿي پنھنجي ڪمري ۾ ھلي وئي. ھوءَ اڳيئي ڏکن
ڏڌي ھ؟ي، ويتر جو گليءَ کيس گاريون ڏنيون، تن سندس
وجود کي ڌوڏي ڇڏيو .
ڀنڀرڪي جو ھوءَ پير پير ۾ ڪري آھستي ماسي سميءَ جي ڪمري ۾ گھڙي
وئي ۽ سندس سڪل ھٿ جھلي پڇڻ لڳي ته ”منھنجي سڳيءَ
ماءُ ڪير ھئي؟ ۽ ھوءَ ڪيئن مئي. تو من کان اھڙي
ڳالھه ڪيئن لڪائي؟ ٻڌاءِ. مون سدائين توکي پنھنجي
ماءُ وانگر ڄاتو.“ ائين چئي ھوءَ سميءَ جي ھنج ۾
منھن وجھي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سمي سندس مٿي تي ھٿ ڦيرائي چوڻ لڳي، ”توکي ياد آھي، آءٌ توکي
ھڪڙي ڇوڪريءَ جي آکاڻي ٻڌائيندي ھيس، جيڪا ڪاٺيون
ڪرڻ ويندي ھئي. اھائي ڇوڪري تنھنجي ماءُ ھئي!“ کيس
ياد آيو ته برابر ماسي مون کي آکاڻين ۾ ھڪ ڪاٺير
ڇوڪريءَ جي آکاڻي ٻڌائيندي ھئي، جنھنجو نالو شھرو
ھوندو ھو . (ھلندڙ) |