|
مشتاق ڦل
وڇوڙي جو ڏينهن
(امان سانئڻ جون ڪجهه يادون)
هوءَ بيمار هئي.
هڪ ڏينھن
زور ڏيندي ڏيندي،
مون سندن اکين ۾ ڏٺو ته مان سندس اکين ۾ بانبڙا
پائي رهيو هيس!
هيءَ مان ڪنھن سپني جي ڳالھه نٿو ڪيان!
ها!
مون سندس اکين ۾ ننڍڙي ٻار جيان پنھنجي تصوير ڏٺي
هُئي،
اهڙي تصوير،
جيڪا سندس پاڪ پَوتر لُڙڪن جي سمنڊ ۾ تري رهي هئي
۽ هوءَ منھنجي آڱر پڪڙي،
مون کي سمنڊ ڪناري اڏامندڙ پکين ڏانھن
اشارو ڪري چئي رهي هُئي ته هنن پکين جي به ڪا ماءُ
هوندي!
مون ڇِرڪ
ڀريو ۽ کانئس پڇيو:
”امان
هنن کي پر لڳي ويا آهن،
هاڻي هنن کان ماءُ وسري وئي هوندي نه!“
امان وري منھنجو هٿ پڪڙيو ۽ چوڻ لڳي:
”ڀلي
ٻچن کي ڪيترا به پر لڳي وڃن،
پر هر ماءُ کان ٻچا ايئن نٿا وسري سگهن،
جيئن تون مون کان نٿو وسري سگھين!“
مون سندس هٿ
جي
تِرين
کي چُميو
ته امان زارو قطار روئڻ لڳي! مون کيس ڀاڪر پائي
پرچايو ۽ روئڻ جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳي:
”تو
ڪڏهن ڪنھن سان پيار ڪيو آ؟“
مون به روئي ڏنو ۽ سچ ڳالھائيندي،
پيار جي پھرين
چميءَ جو ذڪر ڪيم!
امان پڇيو تون ان چميءَ کي وساري سگھيو آهين؟“
مون چيو:
”امان!
بار بار اها چمي،
منھنجي بدن ۾ نون رنگن ۽ ادائن سان نروار ٿيندي
رهي ٿي!“
چوڻ لڳي:
”ڀلا
منھنجي چمي،
توکي ڪيتري وڻندي آهي.“
مان سندس پيرن تي ڪِري
پيس ته، چوڻ لڳي:
”چريا
مان مري وڃڻ جي ڊَپَ کان ٿورئي پئي رُنس!“
”
ته مون پڇيو،
”باقي
ڇو روئي پَئينءَ امان؟“
چوڻ لڳي:
”مون
کي تنھنجو فڪر ٿو ماري ته تنھنجو در تي بيھي،
مون وانگر انتظار ڪير ڪندو؟“
سچ پچ پيار ۽ انتظار جو احساس،
ان ڏينھن
ويتر منھنجي من ۾ گهر ڪري ويو!
مان امان جي ڪمري مان اُٿي،
ادا شھيد
جي پوکيل باغيچي ۾ زارو قطار روئڻ لڳس ته امان
هينئن ڇو چيو؟اها شايد انسان جي ڇھين
حِس
پئي ڳالھرائي
۽ سوچرائي!
۽ پوءِ ٿورڙن ڏينھن
بعد
مون کي
سڏ ڪري،
پنھنجي کٽ تي گڏ
ويھاريائين ۽
چوڻ لڳي:
”مون
وٽ تنھنجي لاءِ هڪ امانت پيل آهي،
اها مان توکي ڏيڻ ٿي چاهيان.
اها تنھنجي لاءِ ئي آهي،
تون بسم
الله
ڪري وٺ.“
مون مرڪي چيو:
”جي
بسم
الله
امان!“
هُن منھنجي مٿي کان پُٺيءَ
طرف هٿ گھمائيندي،
چيو:
”توکي
جنت ٿي ڏيان“
منھنجي توڙي جو
سڀني ٻارن خذمت ڪئي آهي.
(امان خدمت کي خذمت چوندي هئي) پر تو ڪجهه وڌيڪ
خذمت ڪئي آهي.“
مون اُن ڏينھن
ٻيھر
روئي کيس چيو:
”امان!
هي ته ديس مٽائڻ وارا ماڻھو
چوندا آهن.
تون ايئن نه ڪر،
تون ئي ته منھنجي جنت آهين!“
الله
اڪبر! امان پوري اعتماد سان چوڻ لڳي:
”وٺ
نه بسم
الله
ڪري!“
مون وٽ ٻيو ڪجهه ڪونه هيو،
مون کيس روئي ڀاڪر پاتو،
هٿ چميم،
پيرن کي ڇھيم
۽ سندس کٽ تي ويھي،
کيس بيحد قرب ڏنم ۽ ورتم ۽ پوءِ روٽين
مطابق
اسپتال هليو ويم.
مون ان ڏينھن
وڏو غور ڪيو ۽ سوچيم ته اسان سڀئي ڀائر ڀينر ته
امان جي خدمت،
فرض سمجهي ڪندا آهيون،
پر آخر اها ڪھڙي
ڳالھه
هئي،
جيڪا مون ڪئي،
جو هو مون لاءِ ايئن پئي سوچي!
سوچي سوچي ٿڪجي پيس.
مون کي ڪا اهڙي خاص ڳالھه
نه سُجهي! بس سوچيم سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍڙو مان
آهيان.
ٻيو ڊاڪٽر هجڻ ناتي شايد سندس ڪمزور جسم لاءِ ٽِڪي
ڦوٽو ۽ ميوات روز آڻيندو آهيان (جيڪا به منھنجن
ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندي هئي) بس خدا ۽ ماءُ کي جيڪا
ادا وڻي وڃي،
مان سوچي دنگ رهجي ويم!
شام جو موٽي اچي،
اسان سڀ ڀائر ڀينر، امان ۽ بابا کي واري واري تي
زور ڏيندا هياسين،
پر افسوس جو امان مون کي جنت جي بشارت ڏئي،
ان ئي هفتي يعني 11 جنوري 2002ع
جمعي جي ڏينھن
تي پاڻ هڪ اهڙي سفر تي رواني ٿي وئي،
جتان ڪوبه
واپس ناهي
وريو.
سچ پچ مان اڃان به ننڍڙو آهيان.
هوءَ در تي بيھي،
منھنجو انتظار ته نٿي ڪري،
پر سندس حڪم، خواهش ۽ منھنجي مرضي تحت،
سندس زبردست چونڊ تي پنھنجي پھرين
چمي يعني مٺي ماسات سان شادي ڪيم ۽ مان کيس امان
جي نشاني ۽ پنھنجو دوست سمجهي،
کيس پيار ڪندو رهيم ۽ هوءَ وري دَرَ تي بيھي
دير دير تائين منھنجو انتظار ڪندي هئي
۽ ڪڏهن ڪڏهن
ته
ڇا پر اڪثر ڪري،
امان کي ياد ڪندي،
هڪٻئي جا لُڙڪ اُگھي ۽ هڪٻئي کي پرچائي،
اسان خاموش،
پر صفا خاموش ٿي هڪٻئي کي ويتر وڻڻ لڳندا هئاسين ۽
مان ماسات کي چوندو هيم ته،
تون امان جو خاص تحفو ۽ نشاني آهين،
توکي سنڀالڻ منھنجو ڪم آهي.
پر پوءِ به هوءَ ئي مون کي سنڀالي هلندي رهي.
دعا آهي، خدا امڙ جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت
الفردوس ۾ جڳهه
نصيب فرمائي،
آمين.
رات ڀي آيس ته پئي پاٽِ سِڌي هئي،
کير نَڪي کنڊ، نه
ئيماني
رکي
هئي،
ننڊَ، پير جو کڙڪو، پُڇا مشتاقُ آهين ڇا!؟
ايئن ٿو لڳي،
ڄڻ ته امان هاڻ سُتي هُئي!
وفا ياسين آرائين

اهڙو ئي هڪڙو خوبصورت ماڳ بڊو جبل به آهي، جيڪو
سيوهڻ کان اولھه طرف منڇر جي ڏکڻ ۾ ڀت جبل ۽ لڪي
واري جابلو سلسلي جي وچ ۾ اچي ٿو. جبل جي هي سلسلو
نئنگ کان شروع ٿيندي ڏاڦڙي جبل جي ميداني علائقي ۾
پڄاڻي تي پھچي ٿو.
بڊو جبل جي تاريخ تمام پراڻي آهي، ان جو اندازو
هتان مليل پنڊپھڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪنھن به
شيءِ کي پنڊپھڻ ٿيڻ ۾ لکين ڪروڙين سالن جو وقت لڳي
ٿو، پنڊپھڻ ٿيل شين ۾ سپيون، ڪوڏيون، ڪڇون وڻ ٻوٽا
۽ خشڪي تي رهندڙ ڪجهه جانور پڻ مليا آهن.
تاريخ ۾ اها شيءِ به واضح طور ملي ٿي ته بڊو جبل،
موهن جي دڙي ۽ آمري کان به تمام قديمي آهي
بڊو جبل،
سيوهڻ جهانگارا روڊ تي هڪ پُرسرور مقام آهي، جيڪو
سمنڊ جي سطح کان تقريبن 3500 فٽ مٿي آهي، سخت
اونھاري جي موسم ۾ به هتي جو گرمي پد، وڌ ۾ وڌ 30
ڊگري تائين پھچي ٿو. هتان ملندڙ معدنيات ۾ سنگ
مرمر، نباتات، جڙي ٻوٽين سميت، گندرف جو به سٺو
تعداد ملي ٿو.

هن جبل جي ترقي ۽ واڌري لاءِ ڪي خاص اپاءُ اڄ
ڏينھن تائين نه ورتا ويا آهن جيتوڻيڪ اڳوڻي وڏي
وزير عبدالله شاھه جي دور ۾ بڊي تائين، پھچڻ لاءِ
روڊ جو ڄار ۽ ڪجهه عمارتون ته جوڙايون ويون هيون،
پر ڪافي وقت تائين هي سنڌ جو تاريخي شاهڪار سرڪار
طرفان بي ڌيانيءَ جو مرڪز بڻيل رهيو. 2008ع ۾
ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير سسئي پليجو صاحبه هتان
جي ڪجهه سياحتي رٿائن ۾ دلچسپي ڏيکاري، پر اهي
رٿائون به گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيون.
اهڙن شاهڪار ماڳن لاءِ سنڌ سرڪار کي وسيلن جي
مالڪي ڪرڻ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنھنجو مثبت
ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته اسان جا هي شاهڪار سنڌ
لاءِ ڪوھه مري بڻجي سگهن ٿا. سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنھن هميشه سنڌ
جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن رني ڪوٽ ته ڪڏهن
گورک هل ته ڪڏهن بڊي جبل تي اهڙا شاندار سيمينار
منعقد ڪري، هنن تاريخ ورثن کي هميشه اجاگر ڪيو
آهي. سگا طرفان ڪوٺايل هي پروگرام به ان سنڌ دوستي
جي ڪڙي آهي. اسان هن پليٽ فارم تان ثقافت کاتي کي
گذارش ڪريون ٿا ته اهڙن ماڳن کي اوج وٺرائي ورلڊ
هيرٽيج
World Heritage
۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هي
اسان جا ماڳ، محدود حالتن مان نڪري دنيائي مرڪز بڻجي سگهن.
***


پونم بلواڻي
پٽاٽا ڀريل ڪريلا

گهربل شيون:
اڌ ڪلو ڪريلا، اڌ ڪلو پٽاٽا، 100 گرام بصر، ست اٺ
ڦاڪون ٿوم جون، هڪ وڏو چمچو ڌاڻا سُڪا، هڪ چمچو
ڳاڙها مرچ، 250 گرام ڏهي، ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ،
ڪشمش، گرم مصالحو، گيهه يا تيل، لوڻ گهرج مطابق.
ٺاهڻ جو طريقو:
ڪريلن کي ڪپ سان ڇلي ڪري لوڻ لڳائي رکي ڇڏيو، پوءِ
پٽاٽا اوٻاريو، پٽاٽا اوٻارجي وڃڻ تي کلون لاهي هٿ
سان ڀوريو. پوءِ ان ۾ ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ، ۽ ادرڪ
سنھو ڪري، مرضيءَ مطابق لوڻ ۽ مرچ ملايو. باهه تي
ڪڙاهي چاڙهي ٿوري گيهه ۾ هڪ بصر سنھو وڍي، پھرين
ڀُڃو ۽ ان ۾ ڀرتو ٿيل پٽاٽا چڱيءَ طرح ڀُڃو ۽ پوءِ
ٿورو گرم مصالحو به ان ۾ ملايو. ۽ ڀرتو ٿيل پٽاٽا
جڏهن ڀُڃجي وڃن ته ڪڙاهي هيٺ لاهي رکي ڇڏيو. ڪريلن
کي ڪجهه دير پاڻيءَ ۾ ڌوئو، پوءِ تيار ٿيل پٽاٽا ۽
ڪشمش ڪريلن ۾ ڀريو، ڌاڳي سان انھن کي ويڙهي لٽڪائي
ڇڏيو. هڪ بصر، ٿوم، ڌاڻا، مرچ پسائي رکو، ڪڙاهيءَ
۾ گيھه وجهي باهه تي رکو ۽ ان ۾ باقي بچيل بصر
وجهي ڀڃُو، مصالحا ڀڃجي وڃن ۽ گيھه ڇڏن ته ان ۾
ڪريلا وجهو، ۽ خيال سان اُٿلائي پٿلائي ڪري تريو،
ڏهي ٿوري ٿوري انداز ۾ منجهس وجهندا وڃو ۽ ڪريلن
کي اُٿلائڻ پٿلائڻ ۾ خيال سان ڪم وٺو، جيئن اندر
پيل پٽاٽا ٻاهر نه نڪرن، ڪريلن ۾ پٽاٽن بدران قيمو
ڀري به تري سگهجن ٿا.
بيدن جو قورمو
گهربل شيون:
ڇھه بيدا، 2 ٽماٽا سنھا ڪٽيل، 3 لونگ، 2 بصر، 8
ٿوم جون ڳڙيون سنھيون ڪٽيل، 5 وڏا ڦوٽا، 2 ساوا
مرچ باريڪ ڪٽيل، هڪ ٽڪرو دالچيني، اڌ ننڍو چمچو
پيٺل هيڊ، 4 وڏا چمڪا ڪدوڪش ٿيل ناريل، هڪ ننڍو
چمچو سونف، گيھه يا تيل.
ٺاهڻ جو طريقو:
سڀ کان پھرين گيھه يا تيل گرم ڪري، ان ۾ بصرن کي
هلڪو گلابي تريو، پوءِ ان ۾ ساوا مرچ، ٿوم، ٽماٽا،
هيڊ، مرچ ۽ لوڻ چڱيءَ طرح ملايو، ان کان پوءِ باهه
تي لاهي ٿورو ٿڌو ڪري پوءِ ان ۾ بيدا ڀڃي ڪري
ملايو. ان بعد هڪ ٿانوَ ۾ گيھه لڳائي، ان ۾ بيدن
وارو مڪسچر وجهي ڪري 20 کان 25 منٽن لاءِ ٻاڦ تي
پچايو. پوءِ اهي بيدا پنير وانگر ٽڪر ٽڪر ڪريو.
هاڻي هيٺيون شيون کڻو:
هڪ وڏو بصر، ٿوم جون ڳڙيون، لونگ، وڏا ڦوٽا،
دالچيني ۽ کس کس هڪ ننڍو چمچو، هڪ ننڍو چمچو ڳاڙها
مرچ، ٿورا ساوا ڌاڻا، انھن سڀني مصالحن کي پيهي
ڪري سنهو ڪريو.
ڪڙهي ٺاهڻ لاءِ گهربل شيون:
هڪ وڏو بصر سنھو ڪٽيل، هڪ ننڍو چمچو گرم مصالحو،
ڏيڍ پيالي ڏهي، لوڻ سواد مطابق.
ڪڙهي ٺاهڻ جو طريقو:
ڪٽيل بصر کي گيھه ۾ گلابي ڪريو، پوءِ ان ۾ گرم
مصالحو وجهي ڀُڃو.
پوءِ ان ۾ ڏهي، لوڻ ۽ پاڻي وجهي ڪري رڌيو، جڏهن
ڪڙهي گهاٽي ٿي وڃي ته ان ۾ پنير وانگر ٽڪرا ڪيل
بيدا وجهي، جهيڻي گهاٽي باهه تي 5-7 منٽن لاءِ
بچايو ۽ انھن کي گرم گرم پراٺي يا چپاتيءَ سان گڏ
کائو.

ادرڪ جي برفي
گهربل شيون:
200 گرام تازي ادرڪ، 100 گرام گيھه، سوجي 100
گرام، اڌ ڪلو کنڊ، اڌ ننڍو چمچو ڪُٽيل ننڍا ڦوٽ
ٺاهڻ جو طريقو:
ادرڪ کي ڇِلي، ان جو رس ڪڍو، پوءِ گيھه کي تئيءَ ۾
وجهي گرم ڪريو، سوجي ۽ ادرڪ جي رس ان ۾ وجهو، جڏهن
رنگ ڀورو ٿي وڃي ته کنڊ ۽ ڪُٽيل ننڍا ڦوٽا وجهي
ڇڏيو، هلڪي باهه تي تيستائين پچايو، جيستائين
گهاٽي نه ٿي وڃي. پوءِ ان کي ڊش ۾ يا ٿالھيءَ ۾
الٽو ڪري ڦھلائي ڇڏيو. (ڊش تي ٿورو گيھه لڳايو).
جڏهن برفي ٿڌي ٿي وڃي ته ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ان کي
ڪٽيو، جنھن جو هاضمو ڪمزور آهي، تنھن لاءِ هيءَ
برفي فائديمند آهي.

جامي چانڊيو

ماءُ!
ائين
ڪير
به
نه
واجھائيندو!
درن کي خبر ناھي ھوندي
ته
سندن تاڪن ۾
مائن جون ٻاجھاريون
۽ تاساريون
اکيون
کُتل ھونديون
آھن!
دَرَ
انتظارَ جون ڪيفيتون
ھوندا آھن
۽ انھن جي وِٿين
۾
نھارون
دُعائون
۽ اوسيئڙا
اُڀين
پيرين
بيٺل
ھوندا آھن!
واجھَه
محبت جو وَڙُ
۽ انتظارُ عشق جو عڪس
ھوندو آھي!
ماءُ جي وَڃڻ کان
پوءِ
دَرَ
بس بي روح
ڪاٺَ جا تاڪَ
بڻجي ويندا
آھن
۽ فاصلا
لامحدود بڻجي ويندا
آھن
۽ اھا خبر رڳو
درن کي ھوندي آھي ته
ھاڻي سندن لاوارث وٿين
مان
ائين
ڪوبه
نه
واجھائيندو
!
(ڄام
شورو،
پياري سيف سميجي
وٽ، رات جا سوا ٽي)
ٿر ۾ نڪتل تصوير:
2021ع

بظاھر سڀ ڪجھه
ساڳيو
آھي
پر ھاڻي
ڪجھه
به
ته
ساڳيو
ناھي!
ظاھر کي معنويت
باطن منجھان ملي ٿي
۽ ھاڻي باطن پاڻَ ئي بي ثباتيءَ جي پولار ۾
بولاٽيون
کائي رھيو
آھي!
خوشيون
ائين
ڪاغذي گُلن جھڙيون
بي روح
ڪڏھن به
محسوس نه
ٿيون!
ڏُکُ پنھنجو حجاب لاھي
ائين
ڪڏھن به
نروار نه
ٿيو
ھو
جو لڳي ته
زندگي بس
سروم دُکم دُکم ئي آھي!
اُميد
ائين
ڪڏھن
به
شڪست نه
کاڌي ھئي
۽ نااُميدي
ائين
ڪڏھن
به
فاتحانه
انداز سان
رقصان نه
ھئي!
وقت جي وِٿين
۾
فاصلا ايترا
طويل
ڪڏھن نه
ٿيا
ھئا
۽
يادن توڻي حسرتن جي صورت ۾
زندگيءَ جي معمول جون رواجي شيون
ايتريون
قيمتي
ڪڏھن به
نه
ٿيون
ھيون!
اَڳُ ڪڏھن
به
سموري ڪائنات
ائين
واريءَ جيان
ويٺي
ويٺي
زندگيءَ جي مُٺِ مان
پاڻَ مُرادو وَھي نه
وئي ھئي!
حسرتون ايڏيون
انمول
ڪڏھن به
نه
ٿيون
ھيون
۽ ارمانَ ايترا
لامحدود
ڪڏھن به
نه
ٿيا
ھئا!
وقت ايترو
ڪَٺور
ڪڏھن به
نه
ٿيو
ھو
زندگيءَ ۾ راتيون
ايتريون
بي چين
صبح ايترا
پاروٿا
شامون ايتريون
اُٻاڻڪيون
ڪڏھن به
نه
ٿيون
ھيون!
منھنجي مِٺي آئي!
اھو راز اڳ ائين
ڪڏھين
به
آشڪار نه
ٿيو
ھو
ته
تو پُڄاڻان
زندگيءَ جو ھر رنگ
ڦِڪو
ڦِٽَلُ ۽
بي روح ھوندو!
۽ جيءُ جھوريندڙ
اُداسي
روح ۾ پنھنجيون
پاڙون
ائين
تيزيءَ
سان کوڙيندي
جيئن
فاتح جنگ جي ميدان
تي
پنھنجا خيما
کوڙيندا
آھن!
۽ جيئن گينگرين
جو زھر
تنھنجي رَڳن ۾ ڦھلجي ويو
ھو!
آئي مِٺي آئي!
لڳي ٿو
ھيءَ زندگي
۽ ھيءَ دنيا
تو پُڄاڻان
مون لاءِ
وري ڪڏھن به
ساڳي نه
ٿي سگھندي!
(آشرم،
رات جا ٻه
وڳا،
ڄام
شورو)
تصوير:
2011ع

شازيه عرفان
نظم
مون سان جڏهن به ملڻو هجئي ته:
زرد پتن جي شھر هليو اچجان
شھر کان دور الاهي دور
ويراني ۾ هليو اچجان
شام کان پوءِ جڏهن....!
منظر گلابي ٿي وڃي ته هليو اچجان
جڏهن تون خاموشي ۽ اڪيلائي جو....!
طلبگار هجين ته هليو اچجان
مون سان جڏهن به ملڻو هجئي ته....!
زرد پتن جي شھر ۾ هليو اچجان.
مان هر روز، هر شام کان پوءِ....!
تنھنجي منتظر رهنديس
ٿي سگهي ته شام کان پھرين
هليو اچجان.
ڀلي ڪجهه دير ئي سھي....!
خاموشي سان ويھي هليو وڃجان
جڏهن دل ڪري تڏهن هليو اچجان
هتي ڪير به ڪنھن سان نٿو ڳالھائي
ها....! هتي آهٽن جي ٻولي ٻي آهي
ڪجهه پنھنجي، ڪجهه منھنجي....!
دل جي ڌڙڪنن کي ٻڌي هليو وڃجان
مون سان جڏهن به ملڻو هجئي ته....!
زرد پتن جي شھر ۾ هليو اچجان.
***
مون کي توسان....!
سرد هوائن ۾ ملڻو هو
مون کي توسان....!
سمنڊ ڪناري تي ملڻو هو
شام جو سج جي آخري ڪِرڻن ۾....!
مون کي، توکي ڏسڻو هو
جتي تيز هوا تنھنجن....!
وارن سان کيڏندي هجي
مون کي انھن تيز هوائن کي
ڏسڻو هو.
مون کي توسان....!
سرد هوائن ۾ ملڻو هو
مون کي توسان....!
سمنڊ ڪناري تي ملڻو هو.
نظم
اُها رات توسان....!
سڀن راتين کان حسين گذري
ڪجهه نظم هئا،
ڪجهه غزلون هيون،
جيڪي مون تولاءِ لکيا....!
سي پاڻ گڏجي پڙهيانسين
تون پڇندو رهين....؟!
ڪنھن لاءِ لکيا اٿئي
مان ڪوڙ چوندي رهيس....!
”خبر نه آهي مون کي....!“
ڪنھن لاءِ لکيو!

سنڌيا شمس الدين عرساڻي
نظم
وفا جي لاءِ
لڇان
ٿي بي وفائي ۾ به
آئون ھن جي قيد ۾ آھيان ۽ قيد جي رھائي ۾
به
بدلجنديون رھنديون موسمون گذرندو رھندو وقت
پر دل آھي سا اتي ئي آھي تنھائي ۾
به
لحاظ ڪريان سماج جو يا ڏسان ڪو خواب
عجيب ئي ڪيفيت آھي حاصلات ۾
به
آئون ڪجھه
ورھين کان آھيان خواب ۾ مبتلا
اھوئي عذاب ڦري آيو آھي ھن سال ۾ به
آئون وڃي رھي آھيان ساڳي ئي طرف
جيڪو ڪڏھن گڏ ھو ويراني ۾ به...
نظم
صبح جي پھر ۾
،
پکين جي ولر کي ڏٺم
ڀانيم ڌاريو پاڻ
کي پنھنجي ئي ديس ۾
سنڌ ويڳاڻي ڏٺم
سنڌ ڌاري ڏٺم
جيتري به
وئي سنڌوءَ
تي نظر
ٻلھڻ ۽ سپيون سڀ اڃايل ڏٺم
سنڌ اڃايل ڏٺم
دل چيو اڄ ھل
ته
ٻنيون ۽ ٻارا ڏسون
پر مارو
پنھنجا
بکايل ڏٺم
سنڌ سڪايل ڏٺم
علم جو
آسرو دل ۾ کڻي،
واٽ ورتم مڪتب گاھه
جي
پر عالم ۽ جاھل پاڻ ۾ ٻٽ ٿيندي ڏٺم
سنڌ ڏاڍي ستايل ڏٺم
فاطمه،
نمرتا،
نائلا ھجي يا نوشين
اجمل،
منظور،
ارشاد ھجي يا عرفان
سنڌ جا قاتل آزاد گھمندي ڏٺم
سنڌ کي بيوس ڏٺم
سنڌ کي بيوس ڏٺم.
نظم
اڻ واقف رستي تي،
اڻ ڄاتل
منزل ڏانھن
ھلي ته
پيو سفر،
گذري به
پيو وقت
ڪٿي آھيان مان
ڪٿي آھيان مان
برپٽ به
ويو گذري،
ساوڪ به
وئي ھلي
سمنڊ ويس ٽپي،
ننڊ به
وئي کُٽي
ڪٿي آھيان مان
ڪٿي آھيان مان
مسجد به
وئي،
مندر به
ويو
گنگا به
وئي جمنا به
وئي
ڪٿي آھيان مان
ڪٿي آھيان مان
جيئن ئي اک پٽي،
منھنجي او پرين
ڏٺم پاڻ کي ديس ۾ ويس ۾
جتي ٿيو دنگ او مٺي
اها سنڌ آ منھنجي
اها سنڌ آ منھنجي.

 |