سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر- ڊسمبر 2025ع

باب:

صفحو:2 

پروفيسر ناگپال

ساڀيان سانگيءَ جي شعري مجموعي ”خاموشي ڳالھائي ٿي“

تي هڪ نظر

 

ساڀيان سانگي ڪھڙن سپنن  جِي ساڀيان آهي؛ اها ته کيس خبر، پر سندس شاعري ۽ عنوان، منھنجو من ضرور موهيو آهي. اڄ جَي آئي ٽي گهاڙيٽي ۾ ورهه جو ونگ ڪيئن ٿي ڏسي؟

”رابطن تي فاير وال“- هِڪَٻئي سان ڳالھائڻ کان اڳ ”هيڪ“ ٿي وڃڻ جو ورناءُ واري ڇڏي ٿو.

ڪتاب جي اندرين فليپ تي نظم جي صورت ۾ جيڪو فلسفو ڏنل آھي، سو پوري توحيد جو ڏس ڏئي ٿو. هوءَ چئي ٿي:

سيارو اونھاري سان،

اونھارو سرءُ سان ،

۽ سرءُ بھار سان

حسد ڪري ٿو؟

واھ واھه!

هي آهي خدا جي خاموش ٻولي، جا صرف صوفي ٻڌن ٿا ۽ سنت پسن ٿا.

 آئون توحيد کي فطرت مان سمجهائڻ جا جتن ڪندو رھيو آھيان.

خدا جي هيڪڙائي چئي ٻڌائي وڃي ٿي، ڪوئي جيئي به ته!

صبح جو سِج، ڪائنات کي روشن ڪندو آهي،

هوا حياتي کي هلائيندي آهي،

پاڻي پاليندو ۽ تاتيندو آهي

وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گُل ۽  گلزاريون، ھن ڪائنات جو سينگار ۽ سونھن آھن. پر ھر ھڪ لاءِ هڪجهڙي. نه پڇن مذھب، دين ڌرم، فرقو پنٿ يا سيڪٽ، سَڀ کي نعمتون ساڳيون بخشي.

 اهو آهي ايڪو ۽ ھيڪڙائيءَ جو خدا.

چئون، ”سب ڪا مالڪ ايڪ هي“، پر هاڻ ماڻھو نه ٿو مڃي، ھن پالڻھار تي قبضو ڪري ورتو آهي.

بنا شرڪت غير!  پنھنجو مذهب ، فقي فرقي ۽  پنٿ اجارا داري ڪري، باقي سڀ کي ملحد، ڪافر، دوزخي ۽ مرون مڃي ورتو آهي.

ڌرتي رتو ڇاڻ ٿي، آسمان ۾ دونھون ۽ سمنڊ رڳو رت آهي   ان لاءِ جو اسان انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي، ان سچ کي نه پسون ٿا نه ٻڌون ٿا، ۽ نه مڃون ٿا.

اها خدائي خاموشي ڪو  ورلي ٿو ٻڌي.

ان ماحول ۾ جڏهن مون ساڀيان سانگي جي شاعري جي مجموعي ”خاموشي ڳالھائي ٿي“ جو عنوان ڏٺو ته واھه واھه نڪتي.

ته خاموشي ڳالھائي ٿي !

ساڀيان ھن سچَ کي، جو هاڻ ڪوڙ آهي، ته خلق هڪ، مالڪ ھڪ ۽ ڌرتي هِڪَ جو عنصر، پاڻ سَڀ  آهيون.

”الخلق عيال الله“ هي حديث شريف بابا فريد ورڻائي:

فريدا خالق خلق ۾

خلق وسي رب مانھِ.

ڪبير چيو:

اول الله نور اپايا

قدرت ڪي سب بندي ،

خالق خلق، خلق مھ خالق .

پور رهيو سڀ ٺاھين.

ته هي ايڪو، وحدت ۽ سبق توحيد، جي ڪن ڪيون.

جو لطيف سرڪار پيو سيکاري:

”سو هي، سو هُو، سو اجل، سو الله،

سو پِرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.“

شيخ سعديءَ چيو:

”سڄي انسانيت ھڪ جسم آهي،

جي ڪنھن عضوي کي به آزاربو ته سڄو جسم لرزي پوندو.“

 

پر هت ڇا ٿِي رھيو آھي؟

موت، ماتم، تڏو، پٿر، يادون

 زندگي، سربسر، زهر، يادون

 

درد، دڙڪا، حقارتون، ڪاوڙ

باھه، نفرت، ڀڀڙ، قھر، يادون

 

سنڌ، ڪاهون، شھادتون، حملا

گهرڌڻي ، ڌوڙ ، دربدر، يادون

 

عشق، آٿت، وچن، وفاداريون

خواب، ساڀيان، نگاھ تر، يادون.

واهه!

ته، خوابن کي ساڀيان ته نه ملي ويتر نگاهه به تر ٿي پئي لُڙڪن سان ۽ هي آھن پنھنجون يادون! جَي جيءُ جلائين ٿيون. هت وفائن جو ماتم آهي، زندگي ڌرتتيءَ ۾ تنور جا اُلا آهن، ڪٿي ڪو ڇانورو ڇنو نٿو ملي. حياتي ڳري سڙي ۽ مري رهي آهي.

۽ اڄ جڏهن هي سٽون سھيڙيان ٿو ته زندگي سنڌ ۾ سوڪھڙي، برپٽ ۽ ريگستان ۾ مٽجي رهي آهي.

سنڌوءَ تي ڪئنالن ڪڍڻ سان پاڻيءَ جي جيوت مري پئي، ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ زندگي التعش التعش جا واڪا ورائي ٿي.

پاڻيءَ جا ڦڙا ڪيترا ڪٺا ڪبا.

ساڀيان صفحي 110 تي لکي ٿِي :

”انسان جي

تھذيب جا اهڃاڻ

هاڻي

بس

وَڃي کنڊرن ۾ ئي

رھيا آهن.“

اڳ لکيائين صفحي100 تي:

روڳ، ويراڳ، درد، دربدري

هارُ، لِيلا ، ملال، ساڀيائون.

هي سنڌ ۽ سندس سونھن جي ساڀيان ڇا ٿيندي ؟

-جهوڪ، ڀٽ شاھه،  روهڙي، سچل،

عرس، ميلا، ڌمال ساڀيائون.

- ٻار دڙيون، کُڙيون، سُڪل ڌرتي،

آب ـ زم زم، ڪمال ساڀيائون.

سندس خيال نھايت نفيس ۽ نازڪ لفظن ۾ ٽوپيل:

اکيون ايتريون ڀِي ته انڌيون نه گونگيون!

رڳو لڙڪ هاري ، پُسائين ٿي لُونگيون !

خبر ناهي، ڪنھن کي ٿِي سارين ۽ سوچين!

نه سپنا اُڻين ٿِي، نه ساڀيان ٿي ٽوپين!

ته سنڌ جا سپنا بيدرديءَ سان ڀينگ ڪيا پيا وڃن،

اُھي ھوءَ ڪيئن ساڀيان ۾ ٽوپي؟؟ آخر ڪيئن ؟

اچو ساڀيان کي ٻُڌون:

لٽا هجن

ته

چَوڙي ڇڏيان،

درد هِن،

چُڙن ئي نه ٿا!“

سندس درد ۽ اوجاڳو عجيب آهي:

”ننڊ جا پکي!

اکين جي آکيرن کي،

 ايڏو به

اڪيلو نه ڇَڏِ ،

جو

اوجاڳن جا عقاب ،

اُنھن کي

اجاڙي ڇڏين...“

خيال جي خوبصورتي

۽ شدت ٻڌو:

”تُنھنجي

ڳلن جا چُگھه،

ڄڻ ته

ڪينجهر جا ڪُن!"

 لوڙھي ٿا وجهن.

مان جو هاڻ، اڄ جي هجڻ کي ورجائيندو آھيان.

ساڀيان سچَ کي سِڌو ٿي ڪري:

”ڪالھه جي غم کي ،

”اڄ“ جَي ڪئنواس تي

ڇو رنگجي!؟

۽ ”سڀان“ جي سوچَ ۾،

”اَڄُ“ جِي انڊلٺ ميسارڻ ،

ڪھڙي عقلمندي آهي!“

۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ ٿي ڏَسي ته:

”سوچَ

اُها ڇو آهي

ته

خوشي

ڪيئن حاصل ڪجي ؟

سوچَ

اِھا ڇو نه آهي

ته

خوشي

ڪيئن ڏجي!!“

وري لکي ٿي:

”ھا

مان!

تُنھنجو

”اڌُ"“

آھيان،

تڏهن ئي ته

”اڌو اڌ

آھيان.“

ته ساڀيان ڪمال فن سان جذبن کي لفظن ۾ ٽوپيو آهي، سندس ڪوتا. اڄ جي پاڻيءَ ڪرائسس کي به چٽي ٿي ۽ پڪ آئيندي جو به آئينو ثابت ٿيندي۔

ته قلمي ڪاوش جاري رهي، اهو ئي پنھنجي جيئڻ جو جس آهي. سندس لاءِ نيڪ  تمنائون.حق  موجود

 

شوڪت حسين شورو

 

زندگي- ٿوهر جو وڻ!

 

 

هيڏانھن اچ، هن پٿر تي چڙهي ويھه. شام جي سمي هتان دريا جو نظارو ڪھڙو نه وڻندڙ پيو لڳي! سج ٿڪل ٽٽل مسافر وانگر، رڙهندو جبلن جي ٻئي ڀر وڃي رهيو آهي. لڙ پاڻيءَ ۾ نيري آسمان جي عڪس شام کي ميرانجهڙو ۽ لڙاٽيل بڻائي ڇڏيو آهي، ڪڪر به ميرانجهڙا آهن. ڇا ٿو چئين، ماحول بيحد اداس ۽ ٻڏل آهي. هوندو! مون کي ته شام جو اهو روپ بيحد وڻندو آهي. مون کي لڳندو آهي ته ان ميرانجهڙي نيراڻ ۾ گم ٿي ويو آهيان، منھنجو وجود ان شام کان الڳ ڪونھي، پر مان به ان جو هڪ حصو آهيان، منھنجو روح ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ٻانهون پکيڙي، اکيون پوري، ان لسي فرش جهڙي پاڻيءَ تي ليٽي پوان، ۽ لھرون هندوري وانگر مون کي لوڏينديون، پاڻ سان گڏ وٺي، ڪٿي پري، تمام پري وڃي ڇڏين. توکي منھنجين ڳالھين تي عجب پيو لڳي. منھنجي عمر اهڙين ڳالھين ڪرڻ جي لائق نه آهي، اهو ته بيپرواهي ۽ البيلائيءَ جو وقت هوندو آهي. مون کي اهو احساس زهر سان ڀريل خنجر وانگر چڀي رهيو آهي، پر ان ۾ ڏوهه ڪنھن جو به ناهي. هي دور سڀ کان زياده هنگامه خيز دور آهي ۽ شايد انتھا کي تمام ويجهو! انسان ويچارو ته هميشه کان ڪٺ پتلي بڻيو رهيو آهي، پر هن وقت ڪٺ پتيلن جي ناچ ۾ تمام گهڻي تيزي اچي ويئي آهي. ايتريقدر جو انسان، پنھنجو پاڻ کان به وڃائجي ويو آهي. تون بور ته ڪونه پيو ٿين! مان ڄاڻان ٿو ته تون ضرور ائين چوندين ته نه نه تنھنجون ڳالھيون دلچسپ آهن. منھنجا ڀاءُ، اها ڪيڏي نه وڏي زيادتي آهي جو انسان ڪنھن نه ڪنھن ڊپ وچان، پنھنجي من جي ڳالھه صاف صاف نٿو چئي سگهي. ويچارو انسان! نه ادا، مان ڳالھه کي ڦيرايان ڪونه پيو. اوهان کي شايد غلط فهمي ٿي پئي آهي. مان شام جي ان منظر ۾ وڃائجي الائي ڇا ڇا چئي ويس.

 

ذهني پريشانيون ۽ الجهنون ته اڄ جي انسان جي لاءِ هن دور جا خاص تحفا آهن. چاهي دنيا جون ٻيون شيون ڪن ماڻھن کي زياده نصيب هجن ۽ ڪي انھن جي لاءِ سڪندا رهن، پر ذهني پريشانيون ۽ الجهنن جي سوکڙي، هر انسان کي عطا ٿيل آهي. مان به چاهي دنيا جي ٻين معاملن ۾ بدنصيب هجان، پر ان سوکڙيءَ جي مون وٽ ڪمي ڪانھي.

تنھنجي همدرديءَ ۽ خلوص جي لاءِ مھرباني، پر مان تو کي آخر ڇا ٻڌايان! دراصل مون کي پاڻ بابت ٻڌائيندي ڪجهه عجيب پيو محسوس ٿئي. اوهان پھريان ماڻھو آهيو، جيڪي منھنجي ذات ۾ ايڏي دلچسپي وٺي رهيا آهيو، نه ته منھنجا دوست مون کي هڪ اهڙو ماڻھو سمجهندا آهن، جيڪو انھن ڳالھين کان اڃا بيخبر ۽ اڻ واقف آهي. مان ننڍي هوندي کان ئي زماني جي ڏاڍاين جو شڪار بڻجي ويس. منھنجي معصوم دل زخمن وچان چور چور ٿي ويئي. منھنجي دل جو درد دونھين وانگر اندر ئي اندر سڏڪندو ۽ گهُٽجندو رهيو. بدقسمتيءَ  سان اهو دونھه ڪنھن به طريقي سان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي.

مان چالاڪ ۽ ڦڙت ڪونه آهيان، انڪري سٺن دوستن پيدا ڪرڻ جي مون ۾ صلاحيت ڪانھي. مان ڪنھن جي قريب وڃڻ نه چاهيندو آهيان، ۽ چاهيندو آهيان ته شروعات ٻيو ڪري، شايد ان عيوض، اهو دوست مون کي فقط پنھنجي دل جي درد هلڪي ڪرڻ جو هڪ ذريعو سمجهندو آهي. مان گهڻو ڳالھائڻ  ڪونه ڄاڻان، منھنجا دوست شايد گهڻو ٻڌڻ ڪونه ڄاڻندا آهن. انڪري هو رڳو ڳالھائيندا ۽ مان رڳو ٻڌندو رهندو آهيان. مون کي ڳالھين ڪرڻ جو ڍنگ ڪونه اچي، ۽ مون کي ڪجهه هٻڪ پڻ محسوس ٿيندي آهي.

مان تمام ٿور ڳالھائو، لڄارو ۽ ڪي قدر احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهيان، انڪري گهڻن ماڻھن کي مون بابت غلط فھميون هونديون آهن. مون ۾ اخلاقي جرئت ڪانھي جو ڪا ڳالھه صاف صاف چئي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن منھنجون شڪايتون ۽ مون سان ٿيل زيادتيون به اٽلو منھنجو ئي ڏوهه بڻجي وينديون آهن. بدقسمتيءَ سان مان حد کان زياده جذباتي ۽ حساس ماڻھو آهيان، ۽ متاثر به جهٽ ۾ ٿي ويندو آهيان. مون کي قدرت ٻي ته ڪا به خوبي ڪا نه بخشي آهي سواءِ هڪ حساس ذهن ۽ سوچ جي. ڪنھن معمولي ڳالھه يا حرڪت تي به سوچيندو ئي رهندو آهيان، پڇتائيندو ئي رهندو آهيان. اها سوچ، منھنجي ذهن تي هڪ بار ۽ هڪ عذاب بڻجي پوندي آهي. سوچ مون کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، ان جو عذاب جھنم کان ڪنھن به حالت ۾ گهٽ ڪينھي. ڪاش! قدرت مون کان سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جون صلاحيتون کسي وٺي.

بس گهڻو ٿيو دوست، مون کي منھنجي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي ماضيءَ تي نگاهه وجهڻ لاءِ مجبور نه ڪر. منھنجي ماضيءَ ۽ حال ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي. مان ان ڄار ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو آهيان جو جيئن ڇڏائڻ جي لاءِ ڦٿڪان ٿو، تيئن ٿو ڦاسان. منھنجي عمر ڪا گهڻي ڪانھي. پر ان عمر ۾ به مون گهڻو ئي ڪجهه سٺو آهي. مان تمام جلد وقت جي چڪيءَ ۾ پيسجي ويس. مون بيپرواهيءَ ۽ البيلائيءَ جو وقت ڏٺوئي ڪونه. مان فطري عمر ماڻي نه سگهيس. الا، مون گلشن ۾ اڃا پير مس رکيو هو ته ڪنڊو چڀي ويم.  تڏهن منھنجي زندگيءَ ۾ جوانيءَ جو واچوڙو اڃا اٿيو مس هو. منھنجي من جي امنگن مس اڇلون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، ۽ هن سان به ساڳي حالت هئي. تون ڄاڻڻ ٿو چاهين ته اها ڪير هئي! هوءَ منھنجي هڪ ويجهي مائٽ هئي. جڏهن اسان کي هوش ئي ڪونه آيو هو، ته مائٽن اسان جي سڱاوتي ڪري ڇڏي. پوءِ حالتون اهڙيون بڻيون جو وڏن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، ۽ هو ڳوٺ مان لڏي هڪ وڏي شهر ۾ وڃي ويٺا. منھنجي ذهن ۾ فقط ان ڇوڪريءَ جي ياد باقي وڃي بچي، جنھن سان راند ڪندي ڪندي کيس ماري ڀڄي ويندو هوس. امان کان، هن بابت ڳالھيون ٻڌي، منھنجي معصوم دل ۾ هن کي ڏسڻ جو شوق زور سان جاڳي اٿيو.  مان هڪ ڏينهن گهر ۾ ڪنھن کي به بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي اتي وڃي نڪتس. گهڻي عرصي کان پوءِ پنھنجو هڪ عزيز ڏسي، هنن مون کي ڏاڍو قرب ڏنو- ۽ اتي مون هن کي ڏٺو. الائي ڇو، جڏهن هن سان نظرون  ملنديون هيون ته مون کي ڪجهه عجيب محسوس ٿيندو هو. ڄڻ ته بت ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويندو هو. ۽ مٺيون مٺيون ڪتڪتايون ٿيڻ لڳنديون هيون. شروع ۾ هوءَ يڪدم گهٻرائجي ۽ شرمائجي ويندي هئي. ڳچ وقت کان پوءِ هوءَ مون سان، منھن جهلي ڳالھائڻ لڳي. پوءِ هوءَ معصوميت ۽ سادگيءَ سان منھنجين اکين ۾ ڏسندي رهندي هئي. مون کي هڪ عجيب مزو محسوس ٿيندو هو. جڏهن هن جا گلاب جي پنکڙين جھڙا چپ لرزڻ لڳندا هئا ته اوچتو گهٻرائجي  نظرون هٽائي ڇڏيندي هئي. هونئن هوءَ تمام گهڻي چلولي هئي، ۽ مان تمام گهڻو سنجيدو. پر هن سان گڏ، مان به چلولو ۽ هڪ ٻار بڻجي ويندو هوس. هن جو منھن ۾ گهنڊ وجهي ’ائي هان‘ چوڻ جو انداز، منھنجي دل کي ڄڻ ته مٺ ۾ جهلي هڪ عجيب مزي سان نپوڙي ڇڏيندو هو. هوءَ مون کي ٻھراڙيءَ جو ڄٽ ڪوٺي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مان ڪوشش ڪري ڪاوڙجي پوندو هوس، ته هوءَ يڪدم سنجيده بنجي ويندي هئي، ۽ هڪ عجيب پياري نموني سان معافي وٺندي هئي: ”ڪاوڙجي پيو آهين؟ مون سان به ٿو ڪاوڙجين، مون ڏانھن ته نھار...“ ۽ منھنجي دل چاهيندي هئي ته هن جي ڍنڍ جھڙين وشال اکين ۾ ٽٻي هڻي گم ٿي وڃان.

مون کي نيٺ ته ڳوٺ موٽي وڃڻو هو. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته مان ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، تڏهن هن جو گلاب جھڙو منھن ڪومائجي ويو. ٻئي ڏينھن صبح جو هن جون ٿڪل ۽ ڳاڙهيون اکيون ڏسي، مان سمجهي ويس، ته هوءَ رات جو دير تائين روئندي رهي آهي. مون سندس اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو: ”ڀانيان ٿو ته رات ننڊ ڪانه آئي اٿئي، سڄي رات رنو اٿئي....‘“

هن جي چپن تي هڪ اداس مرڪ پکڙجي وئي. چيائين: ”مان ڀانيان ٿي ته تون به رات ڪونه ستو آهين؛ پر توکي ته ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ننڊ ڪانه آئي هوندي.“

مان هن جي اکين جي گهرائيءَ ۾ ٻڏي ويس. جنھن وقت وڃي رهيو هوس،  ته هن ٿانو پئي مليا. هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو.  مون ويجهو وڃي کيس سڏيو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ته مون ڏٺو: هوءَ روئي رهي هئي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀريل جام وانگر پئي ڇلڪيا. ڪيڏو نه زهر ڀريل آهي انھن يادن ۾! مون کي انھن گذريل گهڙين کان، جيڪي عام طور حسين ۽ رنگين گهڙيون سڏيون وينديون آهن، نفرت آهي. هاڻي مان، ان پيار کي ٻاراڻي ۽ بيوقوفي ٿو سمجهان، پر تڏهن به ان جي زهر کي ڪنھن به حالت ۾ پاڻ مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هاءِ وقت جو اهو ستم! مون اهو ڪونه سوچيو هو ته شهري ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي ڪري، اسان ۾ وڏو فرق آهي. منھنجا مائٽ ان قابل ڪونه هئا جو اهڙي ڇوڪريءَ کي پنھنجي گهر آڻڻ جي لاءِ فقط سوچي به سگهن.

جڏهن مان ٻئي ڀيري هنن وٽ ويس، ته اڳين تڪلف واري فضا ختم ٿي چڪي هئي. مون کي پنھنجي حيثيت جو احساس ڏياريو ويو. ڄڻ ته ڪنھن مون کي هڪ نهايت حسين ۽ پيارو خواب ڏسندي، ننڊ مان ڇڪي اٿاري ڇڏيو ۽ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اٿارڻ واري ويچاري جو ڏوهه ڪهڙو!  مان پاڻ تي روئي ويٺس.

حد کان زياده حساس۽ جذباتي هئڻ جي ڪري، پنھنجون گهرو مشڪلاتون ۽ آسپاس جو ماحول ڏسي، منھنجي دل ۾ هڪ قسم جي نفرت اڀرڻ لڳي. مون وچولي طبقي جي هڪ سٺي حيثيت واري گهر ۾ جنم ورتو. توکي  خبر هوندي ته اهڙي گهر کي سماج ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. انڪري هن کي پنھنجا عجيب قدر هوندا آهن، جن کي کڻي ڇا به ٿي پئي، پر هٿان نه ڇڏيندو. منھنجي تربيت به ان ماحول ۾ ٿي. مون جڏهن اک کولي، تڏهن منھنجو والد، هڪ وڏو ماڻھو هو، ۽ مائٽ پڻ وڏين ملڪيتن وارا هئا. پوءِ زماني جي گردش جي ڪري، حالتن ۾ ڦيرو اچي ويو. پر مشڪلاتن ۽ خراب حالتن جي باوجود، اسان پنھنجي ڪوڙي انا کي قائم رکندا آياسين. منھنجي ننڍپڻ جي تربيت ۽ هوش ۾ اچڻ بعد پاڻ کي هڪ سٺي خاندان جو فرد سمجهڻ، آسپاس جو ماحول،  فطري رجحان، ۽ ان بعد خراب حالتن ۽ مشڪلاتن هوندي به آرام سان  گهر ۾ ويٺو رهڻ_ انھن سڀني ڳالھين گڏجي، مون تي الائي ڪهڙا ڪهڙا اثر ڇڏيا. مون پنھنجي طبقي جي ڇوڪرن سان گڏ، اٿڻ ويهڻ چاهيو ٿي پر ان قابل نه هوس. مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ چاهي فقط نالي ۾ ئي سهي، پر هيٺئين طبقي وارن سان گڏ، اٿڻ ويهڻ عيب سمجهندا آهن. مان ڄڻ ته آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڦاٿل هوس. نفسياتي طور مون تي انھن ڳالھين جو تمام گهڻو اثر ٿيو. مان ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندو هوس، ته اهڙي گهر ۾ ڇو پيدا ٿيس.  جيڪڏهن ڪنھن غريباڻي گهر ۾ ڄمان ها ته ذهني ۽ طبقاتي الجهنن کان ته ڇٽي پوان ها. اهي ئي ڪارڻ هئا، جن جي ڪري پاڻ، پنھنجي گهر بابت ۽ مٿئين طبقي بابت، منھنجي دل ۾ نفرت شدت اختيار ڪندي ويئي.

دوست، مان ڀٽڪيل هوس، ته مون کي هڪ راهه نظر آئي. مون جذباتي بڻجي سمجهيو ته اها ئي صحيح راهه آهي، نجات انھيءَ ۾ آهي. وقت ۽ حالتن، مون تي ڪي نظريا مڙهي ڇڏيا. مون سوچيو ته اڄوڪي سماج ۾ مون جھڙا لکين ماڻھو سڙندا، پچندا ۽ تڙپندا رهندا، جيستائين هي نظام نه بدليو آهي. مون مقصد کي ئي سڀ کان اوچو تصور ڪيو. پيار ۽ محبت کي هڪ اجائي ڳالھه ۽ سطحي جذباتيت سمجهڻ لڳس. مون سوچيو ته اهو ذهني عيش آهي، دنيا جي تلخ حقيقتن کان فرار آهي. سڄي جھان جو درد منھنجي دل ۾ اچي سمايو، ۽ مون پنھنجي ذات کي وساري ڇڏيو. مون وٽ فقط دوربين هئي، جنھن سان پري پري ڏسي سگهيس ٿي؛ پر دوربين سان گڏ، مون کي خودبين ملي نه سگهي، جو پنھنجي اندر ۾ به جهاتي پائي سگهان. حالتن جي ڪري، مان انتھا پسند بڻجي ويس. حقيقت ۾ مان هڪ عملي ماڻھو نه هوس، منھنجي طبيعت ۽ فطري رجحان انھن نظرين کان مختلف  هئا. مون ته روح جي شانتي جي لاءِ سوچيو هو، پر شانتي ڪٿي ٿي نصيب ٿئي. مان ڄڻ ته پاڻي جي تلاش ۾ رڻ جهاڳيندو رهيو هوس، هيڏانھن هوڏانھن واجهائيندو، پريان اڇ ڏسي، ان ڏانھن ڊڪندو رهيس پر سواءِ سراب جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيو. تڏهن مون ڄاتو ته منھنجي زندگي رڻ ۾ بيٺل ان ٿوهر جي وڻ وانگر آهي، جنھن کي پاڻيءَ جي ڪا به ضرورت نه هوندي آهي؛ جنھن جي ڪا به اهميت ڪانه هوندي آهي؛ ۽ جنھن ۾ ڪنڊن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هوندو آهي.

نه، مون ۾ ايترين تلخين سھڻ جو تاب ڪونھي، همت ڪانھي. مان ڄڻ ته هڪ طوفان ۾ وڪوڙيل آهيان، جنھن منھنجا سمورا هوش حواس  گم ڪري ڇڏيا آهن.  جيڪي دير سان ٿيڻ کپندو هو، سو تمام جلد ٿي ويو.  ان بيدرد وقت، منھنجي اندر جا اُڌما  دٻي ڇڏيا، منھنجي روح  جي رڙين جو گلو گهٽي ڇڏيو.

.... نه دوست مون کي تنھنجي .... تي ڪو به يقين ۽ ڀروسو نه رهيو آهي. دراصل حالتن ئي مون کي مجبور ڪيو آهي ته ائين سمجهان. ٿي سگهي ٿو ته مان ڀٽڪيل هجان، پر ان ۾ منھنجو ڪهڙو ڏوهه! مون کي به زندهه رهڻ جي آرزو آهي، مون کي به زندگيءَ سان پيار آهي، جيتوڻيڪ منھنجي زندگي بلڪل خالي ۽ پراڻي بوتل وانگر ٿي وئي آهي. مان روئڻ ٿو چاهيان، پر روئي به نٿو سگهان. منھنجا سڏڪا گهُٽجي گهُٽجي دم ڇڏي چڪا آهن.... مان اهي گهاءُ ڏسڻ ٿو چاهيان، جيڪي هڪ مختصر  وقت ۾ مون کي پھتا. معاف ڪجو،  مان شايد ڪجهه جذباتي بڻجي ويس. دوست، هن وقت منھنجون حالتون، هڪ ئي هنڌ کتيون بيٺيون آهن. ان بي رنگ، يڪسانيت ۽ هڪڙي قسم جي جمود، مون کي پنھنجي زندگيءَ کان ئي بور ڪري ڇڏيو آهي. منھنجو روح ته اصل ۾ ڀٽڪندڙ آهي، ۽ مون ڄڻ ته ان کي هڪ ئي هنڌ قيد ڪري رکيو آهي. مان چاهيان ٿو ته هڪ سيلاني، هڪ سياح بڻجي ڀٽڪندو وتان، رلندو وتان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org