ڊاڪٽر دين محمد ڪلھوڙو
شاهه زمان ڀنگر- پٿرن جي ديس ۾ شيشي جي دل رکندڙ
هڪ نفيس شخصيت
اسان ڪيمسٽري ۾ جڏهن بي.ايس.سي آنرز ۾ پھتاسين ته
پريويس سائيڊ کان آيل شاگردن، شاگردياڻين مان ڪجهه
دوستن سان ويجهڙائي ٿي ويئي، آنرز سائيڊ جا ڪجهه
دوست تعليم ڇڏي ويا، پنھنجي ڪمپني ۾ ڪجهه ڇوڪريون
بچيون هيون، نون دوستن ۾ دينو انڪري جلدي اسان جي
گروپ ۾ شامل ٿي ويو جو هو سائنس جي ٻين دوستن جيان
خشڪ نه هو، پر علمي ادبي ذوق هوس.
منھنجي شاعري ۽ ڪھاڻين جو پهريون ريڊر به هوندو هو
ته ڪڏهن پاڻي ڀري اچڻ، جرنل کي ڪور لڳائي ڏيڻ،
نوٽس فيئر ڪري ڏيڻ، ننڍي وڏي ڪمن لاءِ به سدوري
ٻارن وانگر جيان هوندو هو.
ليب ۾ 7 ڇوڪرين جي وچ ۾ مون کي ٽيبل الاٽ ٿيل هئي،
اڪثر تجربن مان فارغ ٿيڻ بعد جار، پپٽ، فلاسڪ ۽
ٻيا ايپريٽس ذڪيه ۽ ڪلثوم کي ڌوئڻ جي گذارش ڪري،
هن يار سان آرٽس فيڪلٽي نڪري وڃبو هو،جتي يارو جا
گرما گرم سموسه ڪنھن وڏي نعمت کان گهٽ نه هئا.
فائنل ييئر ۾ دينڻ کي به ڪِوِلِ جيان پر نڪري
آيا،جيڪي کيس اڳتي هلي ڏاڍا ڏکيا به پيا، پر ڄام
شوري، مم جيان هن درويش جا گوڏا چٽي ڇڏيا ۽ هي
اتان ٻاهر نڪري نه سگهيو.
لڏي لمي نيٺ پي.ايڇ.ڊي به ڪري ويو، هاڻ ڊاڪٽر آهي
۽ ڪنھن گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جو پرنسيپال
آهي، پر اڄ به ساڳيو آهي، بدليو ناهي، اڄڪلھه
مختلف شخصيتن تي خاڪا پيو لکي، سندس مھرباني جو هن
مون جھڙي ناڪام ماڻھو جو به خاڪو لکيو آهي، وڏي
پيار ۽ اڪير وچان، ليک پيش آهي.
شاهه زمان، منھنجي يونيورسٽي زماني جي قريبي ساٿين
۾ سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو ۽ دلبر دوست آهي، اصل
جيڪب آباد جي ٺُل تعلقي جي ڳوٺ حاجي دوست محمد خان
ڀنگر جو رھاڪو آهي.
شاهه زمان ڀنگر 4-جون 1972ع ۾ عبدالحق خان ڀنگر جي
گهر ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم جا 5 درجا، هن
پنھنجي ڳوٺ ۾ پڙهيا، ميٽرڪ 1986ع ۾ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول پنھور ضلعي نصيرآباد، پنجاب مان حاصل ڪئي.
1988ع ۾ انٽر پري ميڊيڪل گروپ ۾ پبلڪ اسڪول
حيدرآباد مان پاس ڪئي، سندس خواب هو ته هُو ڊاڪٽر
ٿئي، پر انھن ڏينھن ۾ هُو ڳوٺ ۾ جهيڙي سبب ميڊيڪل
۾ داخلا وٺي نه سگهيو، جنھن جو ھن کي وڏو ارمان،
بلڪه پڇتاءُ رهجي ويو ۽ ان سال هن کان 100 مارڪون
گهٽ کنيل شاگرد به ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويا هئا ۽ هي
ميڊيڪل ۾ پڙهي نه سگهيو.
هن 1990ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ
۾ داخلا ورتي ۽ 1992ع ۾ هو ٿرڊ ييئر (آنرز) ۾ داخل
ٿيو ۽ مان ان سال پريويس ۾ داخل ٿيس، اتي ئي ھن
سان منھنجي ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ ويجهڙائي ٿي، پوءِ ته
اسان گهڻو وقت گڏ گذاريندا هئاسين. ايتري تائين جو
هڪٻئي کي نه ڏسون ته آرام نه ايندو هو، اڳتي هلي
هڪٻئي جي رازن کان به واقف ٿياسين. يونيورسٽيءَ ۾
اسان ٻنھي جا دوست به ساڳيا، دشمن به ساڳيا هوندا
هئا. اسان هڪٻئي کي پنھنجو دوست سمجهندي، دلي خوشي
به محسوس ڪندا هئاسين. هن سان اڄ به دوستيءَ وارو
اهو ناتو قائم آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هُو شاگرديءَ واري زماني ۾
نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين ۾ گهڻو پُرجوش ۽ سرگرم
رهندو هو ۽ مان هن کان متاثر هوندو هوس. يونيورسٽي
۾ هُو مون کان سينيئر به هو ته تجربيڪار به هو.
هُو ادبي لحاظ کان شاعر به هو ته ڪھاڻيڪار به هو.
سندس شاعري ۽ ڪھاڻيون، ان وقت مھراڻ رسالي، سرتيون
۽ پندرنھن روزه عبرت مئگزين ۾ به ڇپجنديون هيون.
هن جا ان وقت آدرش شاعر امداد حسيني ۽ شيخ اياز
هوندا هئا. هُو امداد حسينيءَ سان ملڻ سنڌي ادبي
بورڊ به ويندو هو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري امداد حسيني هوندو هو.
شاهه زمان جي سنگت ۾ اچڻ کان پوءِ مون کي سنڌي
ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ جي دستوري گڏجاڻين ۾
شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ان وقت يونيورسٽي جي
نوجوان شاعرن سان به واقفيت ٿي. يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر
محمود مغل سان به ويجهڙائي، هن جي ئي معرفت ٿي.
اهو 1993ع جو زمانو هو. شاگرد شاعرن ۽ اديبن ۾
فتاح دائودپوٽو، سعيد منگي، اجمل هديٰ ڀٽو، مظھر
امر ميمڻ (مرحوم)، باري ابڙو وغيره. انھن ادبي
دوستن کان علاوه ٻين قريبي دوستن ۾ سڪندر چانڊيو،
اڪبر کٽياڻ، محمد عامر آرائين، مير قيصر خان
ٽالپر، مير رضوان ٽالپر، نثار کوکر، حجت الله
ٻگهيو، اويس سومرو، ۽ ٻيا شامل هئا. انھن مان
ڪيترن ئي دوستن سان هن جي ڪري منھنجي به واقفيت
ٿي.
جنھن سال منھنجي داخلا پريويس ۾ ٿي ته اتفاق سان
شاهه زمان ۽ منھنجي رهائش لعل شھباز هاسٽل ۾ ٿي.
هُو پھرين وِنگ جي آخري ڪمري نمبر 13 ۾ رهندو هو ۽
مان ٻي وِنگ ۾ ڪمري نمبر 37 ۾ رهندو هوس، ٻئي ڪمرا
هڪٻئي جي سامھون هوندا هئا. هن سان گڏ، سندس وڏو
ڀاءُ شاهه جھان به رهندو هو. اهو ڪمپيوٽر سائنس ۾
ٿرڊ ييئر(آنرز) ۾ پڙهندو هو ۽ مون سان گڏ، سيوهڻ
جو دوست حاڪم علي هاليپوٽو رهندو هو. هُو جساف جو
هڪ جوشيلو ۽ سرگرم شاگرد اڳواڻ هو، هُو اڪانامڪس
ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندو هو. يونيورسٽي ڪڏهن ڪڏهن ايندو
هو، نه ته گهڻو ڪري ڪوٽڙي ۾ ريلوي ڪواٽر ۾ رهندو
هو، اتي سندس سھرو رهندو هو. حاڪم سدائين
يونيورسٽي انتظاميه تي ڏمريل هوندو هو، هن جو وس
پڄي ها ته يونيورسٽي انتظاميه کي ڪچو چٻاڙي کائي
وڃي ها. حاڪم، شاهه زمان وانگر منھنجي ويجهن دوستن
۾ شامل هو، حاڪم ۽ مان انبڙين کائڻ جا شوقين هوندا
هئاسين، شاهه زمان کي انبڙيون نه وڻنديون هيون.
لعل شھباز هاسٽل ۾ انبن جا وڻ به جام هوندا هئا،
انبڙين جي موسم ۾ انبڙيون تيار ٿينديون هيون ته
مان اَنب جي وڻ تي چڙهي ويندو هوس ۽ هيٺان حاڪم
بيھندو هو،مان انبڙيون پٽي هاسيڪار شِست ٻڌي حاڪم
کي اڇلائي هڻندو هوس ۽ انبڙيون زور سان اچي حاڪم
جي ڪڏهن پٺيءَ تي ته ڪڏهن مٿي تي،ٺُڙوڦُ ڪري
لڳنديون هيون ۽ هن کان دانھن نڪري ويندي هئي. شاهه
زمان پنھنجي روم جي در وٽان اهو سمورو لقاءُ پري
کان پيو ڏسندو هو ۽ پنھنجي منھن ڏاڍيان چوندو هو
ته:”ڳوٺاڻا سو ئِي ڳوٺاڻا، يونيورسٽي پڙهڻ آيا، پر
سُڌريا ڪونه، هنن ڄَٽن کي ڪير سمجهائي ته، بابا
انبڙيون ڇوڪريون کائينديون آهن.“ مان ۽ حاڪم هن جي
اهڙين ڳالھين تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کلندا هئاسين.
مون کي رؤنشو لڳندو هو ته هن کي چيڙائيندو هوس ۽
چوندو هومانس ته اوهان جو ٺُلُ بيٺو آهي يا ڊهي
ختم ٿي ويو؟ اکيون ۽ ڀرون تاڻي چوندو هو: ”بيٺو
آهي، بيٺو!“ رؤنشي ۾ وري چوندو هومانس ته: ”ڀلا
پنھنجين زمينن ۾ اڃا ”ڀَنگ“ جو فصل پوکيو ٿا يا
نه؟“ اها ڳالھه هن جي وڏي ڀاءُ کي ٿوري ڏُکي لڳندي
هئي، پر شاهه زمان کِلي ڏيندو هو، ھن جي طبعيت مکڻ
۽ ماکي هوندي هئي ۽ ڳالھه جي ڳَرُ کي سمجهي به
ويندو هو. مان ڳالھه کي اڃا طُول وٺائيندي، چوندو
هوس ته: ”بابا ”ڀَنگر“ ذات ڀَنگ پوکڻ تان ٺھي آهي.
”ڀنگر“ معنيٰ ڀَنگ پوکيندڙ.“ ان ڳالھه تي سندس
ڀاءُ کي مَٺيان لڳندي هئي ۽ هُو سنجيده ٿي وضاحت
ڪندي چوندو هو ته: ”بابا، لفظ ”ڀَنگر“، ”ڀونگر“
تان ورتل آهي، ڀَنگ تان نه. مان ھن جي ان وضاحت
ڏيڻ کان پوءِ کِلي ڏيندو هوس ۽ ان جي آڏو ٻئي هٿ
ٻڌندو هوس، جنھن تي شاهه زمان به کِلي پوندو هو.
اسان ٻنھي کي کلندو ڏسي، پوءِ به هُو کلندو ھو.
انھن ڏينھن ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين
پروفيسر ڊاڪٽر منير احمد قريشي هوندو هو، اصل
بوبڪن جو ويٺل هو. سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ بنگلو
مليل هوس، اتي فيملي سان رهندو هو. شاهه زمان ۽
منھنجو هن سان تعلق خوشگوار هوندو هو. اسان سياسي
طرح جساف سان لاڳاپيل هوندا هئاسين، شاهه زمان مون
کان اڳ ۾ جساف تعلقه جي.ايم.سيد هاسٽل جو صدر هو.
1992ع ۾ نواز شريف جي ڏينھن ۾ شاگرد سياست تي
پابندي لڳي ته شاگردن يونيورسٽي اندر ”سنڌ
يونيورسٽي فورم“ نالي، هڪ غير سياسي تنظيم جوڙي.
شاهه زمان کي ان جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو.
سياسي گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ ان تنظيم پاران مختلف
پروگرام ڪرايا ويا. سياسي ڪارڪن هجڻ ڪري ڪيمسٽري
ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر اسان جو خيال ڪندو هو. اسان
ٻئي ايم.ايس.سي جي پھرين سال ۾ ساڳيا سبجيڪٽ
کنياسين، انڪري استاد به ساڳيا رهيا.آرگينڪ
ڪيمسٽري ڊائريڪٽر منير قريشي پڙهائيندو هو. فزيڪل
ڪيمسٽري ڊاڪٽر عبدالغفار وسنداڻي صاحب پڙهائيندو
هو، تمام لائق استاد هو، سيڪنڊ سيمسٽر ۾ سائين
ظھور شاهه پڙهائيندو هو. هو به دلبر استاد هوندو
هو. پر مان سندس ليب جي پيرڊ مان اڪثر ڪري کسڪي
ويندو هوس. سيڪنڊ سيمسٽر جي آرگينڪ ڪيمسٽري جي ليب
سائين عثمان ولھاري ڪرائيندو هو. اهو استاد اسان
ٻنھي کي اڦٽ نه وڻندو هو. پڙهائيندو به پاڻ هو ۽
سمجهندو به پاڻ ھو ۽ اسان کي ڏکيو پوندو هو. آخر
شڪايتون ڊائريڪٽر صاحب وٽ پھچنديون هيون. ڊائريڪٽر
اسان کي گهرائي چوندو هو ته بابا پڙهو نه ٿا ته
ڪلاس ۾ نه ويھو، ھليا وڃو، گهٽ ۾ گهٽ ٻين کي ته
ڊسٽرب نه ڪريو. پريويس ۽ ٿرڊ ييئر آنرز جو گڏيل هڪ
ڪلاس ٿيندو هو، ڪلاس جو سي.آر عتيق الرحمان ميمڻ
هوندو هو، اصل شڪاپور جو ويٺل هو. هن کان اڳ سي.آر
شاهه زمان هوندو هو. پوءِ الائجي ڇو سي.آر شپ تان
هو هٽي ويو. پريويس جي سيڪنڊ سيمسٽر ۾ عتيق ميمڻ
جي مقابلي ۾ شمس الحق تنيو ٻير شريف وارو سي.آر.شپ
لاءِ اميدوار بيٺو، پر ھو شڪارپوري کان کٽي نه
سگهيو. شمس الحق تنيو فائينل ۾ منھنجو و پارٽنر
ٿيو. هو فزيڪل ڪيمسٽري ۾ فائينل ڪري ويو. ڪراچي ۾
موسميات کاتي ۾ ملازمت ورتائين، پر زندگي، ھن سان
وفا نه ڪئي. 1999ع ۾ مولوي عبدالڪريم قريشي ٻير
واري جي وفات وقت ڪانڌپي تي آيل ٻاهرين ماڻھن جي
ٽنڊوالي پئي ڪيائين ته اوچتو ٿڌ لڳس، جنھن ۾ هُو
گذاري ويو. پريويس ۾ اسان ٻنھي سان گڏ ٻيا به
ڪيترائي شاگرد پڙهندا هئا، جن ۾ عبدالجبار لغاري،
لطيف آباد جو محمد عامر آرائين، قاضي احمد جو
مشتاق راهو، ڪنڌڪوٽ جو فيض چاچڙ، سيد حبيب نقوي،
مظھر، سيد افتخار احمد ۽ ٻيا ڪئين ڇوڪرا اسان سان
گڏ پڙهندا هئا، ان کان علاوه ڇوڪريون به ڪافي
پڙهنديون هيون، جن جا ھتي نالا لکڻ مناسب نٿو
سمجهان.
مٿين شاگرن مان عبدالجبار لغاري، محمد عامر آرائين
۽ عتيق الرحمان ميمڻ سٺين پوسٽن تي رسيا آهن. جن
سان ڪڏهن ڪڏهن رابطو ٿيندو آهي. انھن ۾ محمد عامر
آرائين شاهه زمان جو قريبي دوست رهيو. عبدالجبار
لغاري فائينل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ساڳئي
ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ استاد مقرر ٿيو. اتان
پي.ايڇ.ڊي به ڪيائين، پر پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان
ملازمت ڇڏي، ڪنھن ٻي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر
ٿيو آهي.
قصو ڪوتاهه شاهه زمان ۽ مان فائينل ۾ پھتاسين ته
مون بايوڪيمسٽري سبجيڪٽ چونڊيو جو مان ڪاليج سائيڊ
کان انٽر ۽ بي.ايس.سي بائلاجي ۽ ڪيمسٽري ۾ ڪري آيو
هوس، انڪري بايوڪيمسٽري ٻين مضمون جي ڀيٽ ۾ سَولو
لڳو. شاهه زمان سان به اهو ئي ساڳيو معاملو
هو،انڪري هن به ايم.ايس.سي جي آخري سال ۾ بايو
ڪيمسٽري جو مضمون چونڊيو، جنھن ڪري اسان ٻئي هڪ ئي
ڊپارٽمينٽ ۾ ڪلاس فيلو بڻياسين. فائنل ۾ اسان کي
جيڪي استاد مليا، تن ۾ سائين الھنواز ميمڻ، سائين
محمد صالح ميمڻ، سائين محمد عمر ڏهوٽ، سائين فتح
الدين کنڊ شامل هئا. استاد ته ماشاءَالله فائينل
۾ سڀئي سٺا ۽ محنتي مليا هئا، پر انھن ۾ اسان ٻنھي
کي ڏهوٽ صاحب ٺُپ نه وڻندو هو. سائين الھنواز ميمڻ
دلبر طبيعت جو استاد هو. هو ڪرسي تي ويھي
پڙهائيندو هو، چاڪ هٿ ۾ هوندو هئس، جيڪو لفظ بورڊ
تي لکڻو هوندو هئس، اھو ٽيبل تي لکندو هو ۽ اسان
سڀ ان ٽيبل جي چوڌاري ويٺل هوندا هئاسين. سائين
کنڊ صاحب ملان هو. هُو شاگردن سان گهڻو ويجهو نه
پوندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اسرا ميڊيڪل
يونيورسٽي حيدرآباد ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، هن سان
منھنجي ڪڏهن ڪڏهن ڳالھه ٻولھه ٿيندي آهي.
سائين محمد صالح ميمڻ پنھنجي الڳ دنيا جو ماڻھو
هوندو هو، هُو ليڪچر دوران پنھنجي ڪنھن ڳالھه تان
ذري ذري تي پاڻ ئي کلي ڏيندو هو، سائين جي ان ٽونَ
تي مان به گھڻو وقت کل روڪي نه سگهندو هوس ۽ وڏا
ٽھڪ ڏيئي کلي ڏيندو هوس ۽ پوءِ ڪلاس ۾ ٽھڪڙو پئجي
ويندو هو، شاهه زمان رڳو چپن ۾ کلندو هو، البته
رياض سانگي پنھنجي جسم وانگر ٿلھا ٽھڪ ڏيئي ٽھڪن
جي رومانس کي ئي بي مزي ڪري ڇڏيندو هو، رياض سانگي
ڏوڪري جي مڏ باهو جو ويٺل هو. فائينل ۾ اسان جو
ڪلاس فيلو بڻيو، ڊپارٽمينٽ جي ڇوڪرين هن جو نالو
پھريان ادا سانڊ رکيو، پر پوءِ ڪِن ڇوڪرن سانڊ
(سانَھه) جي معنيٰ انھن کي سمجھائي ته پوءِ هن تي
ادا ڍڳو نالو رکيائون.
هڪ دفعي سائين فتح الدين کنڊ صاحب
Enzyme
پڙهائي رهيو هو، ڪِراس
ڪُئسٽننگ دوران رياض سانگي کان سوال پڇيائين:
what is enzyme
رياض الائي ڪھڙي دنيا ۾ گم
هو، ڪو جواب ڏي ئي ڏي، اچانڪ سنڌي ۾ چئي ڏنائين:
”سائين، انزائيم معنيٰٰ هاضمي جي دوا“. رياض
سانگي جي اهڙي غير متوقع جواب تي سڀني کلي ڏنو،
ايتري تائين جو سائين کنڊ صاحب به پنھنجي کل کي
روڪي نه سگهيو، پوءِ ته ڄڻ ٽھڪن جو هڪڙو مقابلو
شروع ٿي ويو، ان وقت ڊائريڪٽر صاحب به وزٽ تي هو،
ڪلاس جي ٻاهران ايڏو وڏو ٽھڪن جو شور ٻڌائين ته
ھڪدم هلندڙ ڪلاس ۾ اندر هليو آيو. سائين کنڊ صاحب
جو اوچتو ڊائريڪٽر صاحب کي ڏٺو ته گهٻرائجي ويو.
اهو سٺو ٿيو جو سامھون مان ويٺل هوس ته ڊائريڪٽر
صاحب جو سڄو نزلو ۽ غصو مون تي اچي ڪِريو.
ڊائريڪٽر، کنڊ صاحب کان معلوم ڪرڻ بجاءِ مون ڏانھن
اشارو ڪندي سڌو چئي ڏنو ته: ”اها شرارت هن وفائيءَ
جي هوندي!“ اھڙيءَ طرح کنڊ صاحب جي لڄ به رهجي
ويئي ۽ ٻين سمورن شاگردن تان به شامت ٽري ويئي.
ڊپارٽمينٽ ۾ مان ”دين محمد وفائي“ جي نالي سان
مشھور هوس. ڪلاس ۾ شاگرد هوندا هئاسين، 5 ڇوڪرا ۽
5 ڇوڪريون. ڇوڪرن مان به اڪثر ٻه غائب رهندا هئا،
شاهه زمان به اڪثر ڪري پوئين سيمسٽر ۾ غائب رهندو
هو.
شاهه زمان ڊپارٽمينٽ ۾ ايندو هو ته ڪلاس ۾ ويٺي
ويٺي اڪثر غائب ٿي ويندو هو. پڇڻ تي ٻڌائيندو هو
ته ”سينٽر آف ايڪسيلينس“ ويو ھوس، اهو
ادارو،ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي لڳولڳ اڄ به قائم آهي،
ان وقت ان سينٽر جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد
اقبال ڀنگر صاحب هوندو هو. شاهه زمان ان وٽ گهڻو
ويندو هو. پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال ڀنگر اصل جيڪب
آباد جو رهاڪو ۽ شاهه زمان جو ويجهو عزيز هو، هُو
اينالائٽيڪل ڪيمسٽري ۾ وڏو نالو هو، ڊاڪٽر ڀنگر
صاحب 1979ع ۾ يونيورسٽي آف لنڊن مان اينالائٽيڪل
ڪيمسٽري ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري آيو. سندس فيلڊ ۾ 150 کان
مٿي ريسرچ پيپر ڇپيل آهن. ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر 40
کان مٿي ليڪچر ڪيا، ان کان علاوه سندس نگراني ۾
ڪيترن ئي اسڪالرن ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي به ڪئي، شاهه
زمان ان سان هڪ ڀيرو مون کي ملايو به هو.
1993ع ۾ شاهه زمان يونيورسٽيءَ کان فارغ ٿيو ته
ڳوٺ هليو ويو ۽ سياست به ڇڏي ڏنائين. ڳوٺ وڃي
زمينداري سنڀالڻ لڳو،جو سندس وڏا ڳوٺ جا زميندار ۽
چڱا مڙس هئا، پر هن جو مزاج زمينداراڻو ڪو نه هو،
ستت ئي ڪراچي شفٽ ٿيو، ڪراچي هن کي لڳي، اتي شادي
به ڪيائين ۽ پوءِ هي همراه اتان جو ٿي ويو.
ڪراچيءَ ۾ صحافت اختيار ڪيائين.
هن صحافت جي ابتدا 2006ع ۾ ڪي.ٽي.اين (نيوز) چينل
تان ڪئي، جتي هُو 2020ع تائين پنھنجي وڏي ڀاءُ شاه
جھان جي وفات تائين صحافت ڪندو رهيو، جتي هو
اسڪرپٽ ايڊيٽر، شفٽ انچارج، ڊيسڪ انچارج ۽
پروڊيوسر رهيو. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ ھو ڳوٺ هليو
ويو، جنھنڪري نوڪري ڇڏڻي پيس، وري 2021ع ۾ ڳوٺان
واپس ڪراچي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻيھر صحافت اختيار
ڪيائين ۽ هن کي ”مھراڻ“ ٽي.وي چينل ۾ حيدرآباد جو
ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتي هن چئن مھينن کان پوءِ
استعيفيٰٰ ڏني ۽ 2022ع ۾ ڪراچيءَ جي ”آج“ (نيوز)
اردو چينل ۾ صحافت اختيار ڪئي،جتي هُو اڄ تائين
منسلڪ آهي، صحافتي فيلڊ ۾ عورتن جي حقن بابت سندس
هڪ رپورٽ 2023ع ۾ ”آج“ (نيوز) ۾ نشر ٿي، 2024ع ۾
ان رپورٽ کي پھريون اوارڊ مليو، ان مقابلي ۾ بي۰بي۰سي،ڊي
ڊبليو،انڊپينڊنٽ جهڙن پرڏيھي ادارن سميت جيو،
ايڪسپريس ۽ آج سميت سمورن ملڪي چينلن جا مڃيل ۽
برک نمائيندا شامل ٿيا هئا.
شاهه زمان لکڻ جي ابتدا 1987ع ۾ انٽر دوران ثقافتي
۽ ادبي شھر حيدرآباد ۾ ڪئي، هن پھرين ڪھاڻي ”مٽيءَ
جو گھوڙو“ لکي، سندس ٻي ڪھاڻي ”بوسنيا جي ڌيءُ“
ٽماهي ”مھراڻ“رسالي ۾ ڇپي. ان کان پوءِ هُو سنڌي ۽
اردو ۾ مسلسل لکي رهيو آھي. 1993ع دوران هو سنڌ
يونيورسٽي هاسٽل برانچ جو ڪائونسلر به رهيو، ان
وقت سيڪريٽري صابر ڪيھر هو، ان زماني ۾ يونيورسٽي
اندر س ا س جون ٽي شاخون سرگرم هونديون هيون، جن
مان هڪ بوائز هاسٽل برانچ، ٻي مارئي گرلز هاسٽل
برانچ ۽ ٽئين سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ هونديون
هيون. ڪالوني برانچ جو سيڪريٽري راهي چنه ۽
ڪائونسلر محمود مغل هوندا هئا،ان شاخ جي دستوري
گڏجاڻي ٽيچرس ڪلب ۾ ٿيندي هئي.
شاهه زمان سنڌ يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ باضابطا
س.ا.س جي ڪنھن به برانچ جو ميمبر ۽ عھديدار نه
رهيو،پر ھُو مسلسل لکندو رھیو
آھي، سندس سنڌي شاعريءَ جو مجموعو ”دل ڌمالن جي
گونج ۾ ورتل“ 2019ع ۾ امرتا پبليڪيشن حيدرآباد
ڇپائي پڌرو ڪيو۔
ان کان علاوه شاهه زمان اردو زبان ۾ به شاعري ڪئي
آهي، اردو جي نامياري شاعره حميده شاهين جي اردو
شاعري جو سنڌي منظوم ترجمو ڪري ڇپرايائين. ڪراچيءَ
۾ مستقل رهڻ ۽ اردو ۾ شاعري لکڻ ڪري اردو حلقي ۾
کيس خاص شناسائي ۽ پذيرائي حاصل آهي.
شاهه زمان هن وقت پروفيشنلي طرح هڪ صحافي آهي،
”آج“ (نيوز) ۾ پروڊيوسر جا فرض سرانجام ڏيئي رهيو
آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اٿس.
 |