سيڪشن:رسالا

ڪتاب: سرتيون نومبر-ڊسمبر 2025ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: گلبدن جاويد مرزا

 

سوچ ويچار

 

اميد اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي پَــرَ آهن....

انساني زندگيءَ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪجي ته، ”خبر پوي ٿي ته ڪائنات جي مظهرن ۽ لقائن جو سنئون سڌو تعلق، انسان جي هئڻ سان آهي. فرض ڪريو ته ڪائنات ۾ سڀڪجهه هجي ۽ انسان، خارج ڪري ڇڏجي ته هوند ڪائنات اڌوري ۽ اڻپوري لڳندي!

قدرت جا ڪرم آهن، جو ٻنهي جهانن ۾ انسان کي سڀ کان اُتم درجو ڏنائين. اشرف المخلوقات يعني: ساري مخلوق ۾ شرف وارو! هن ڌرتيءَ کي انسان آباد ڪيو، رب جي قدرت مان پنهنجي لاءِ زندگيءَ جون گهُرجون پوريون ڪيون. جيئن وسيع ڌرتيءَ مان اناج، ميوا، ڀاڄيون حاصل ڪيون ته وري نظارن جي سونهن مان ذهن ۽ روح کي نکاريو ۽ سينگاريو ته ٻئي پاسي آڪاش جي اوچائين کي ڇُهڻ لاءِ هيليڪاپٽر، هوائي جهاز وغيره ٺاهيا ۽ سفر ڪيو.

اهڙي نموني قدرت جا راز، انسان تي آشڪار ٿيندا رهن ٿا، نئين ڏينهن نوان انڪشاف ۽ نيون ايجادون ٿينديون رهن ٿيون. پهاڙن جي بلندين تي چڙهڻ ۽ انهن جون اوچايون ماپڻ کان ويندي، سمنڊن جي تهن اندر رسائي ڪرڻ.

پيهي منجهه پاتار جي، اي گَت غواصن،

ماڻڪ ميڙيائون، جيئن سمنڊ سوجهيائون،

آڻي ڏنائون، هيرا لال هٿن سين!

(شاهه سائين)

ان کان به اڳتي انسان جو چنڊ تي قدم رکڻ وڏي ڪاميابي آهي، پر هاڻي مريخ کي وطن ٺاهڻ بلڪل عظيم ڪاميابي آهي.... هن سفر ۾ نه صرف مرد، پر خواتين پڻ شامل آهن، جن پنهنجو پاڻ سان وچن ڪيو آهي ته: ”15 سالن پوءِ واپس اينداسين....“ انهيءَ ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀلي ڪيڏو وڏو سائنسدان هجي، پر آهي ته انسان. زندگيءَ جي سڀني احساسن ۽ جذبن سان سرشار. هو ايڏيون وڏيون ڪاميابيون ڪيئن ٿو ماڻي! يقيناً انهيءَ ڪاميابي جي پويان سندس همت، جرئت حوصلو آهي، جيڪو کيس منزل مقصود تي پهچائي ٿو. انهي سڄي جاکوڙ ۾ اميد جو وڏو هٿ آهي.  ڇو ته آس، اميد ۽ تمنا، اهي اهڙا عنصر آهن، جيڪي انساني سوچ کي سگهه ۽ قوت بخشين ٿا. اميد انسان کي اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهه اهم ۽ انوکو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿي. بس الاهي توهار ڪري، ڪُنن ۾ ڪاهي پوي ٿو. يا وري هوائن جي آڌار ايڏي اُڏار ڪري ٿو، جو انساني عقل دنگ رهجيو وڃي. مقصد ته زندگيءَ جي هر رُخ، هر وک تي، اميد جو دامن ڇڏڻ نه گهرجي! اها اميد قدرت سان وابسته ڪجي ته سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو. اها اميد پنهنجي شخصيت ۾ پيدا ڪرڻ سان، ماڻهو مثبت سوچيندو! مثبت ۽هاڪاري سوچ سان، هاڪاري ۽ سهڪاري رويو  جنم وٺندو. سهڪاري ۽ هاڪاري ماڻهو هر هنڌ مانُ، مرتبو ۽ سڪون ماڻيندو.

جڏهن ماڻهوءَ جي سوچ، سگهاري ٿيندي ته هو سماج لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. دنيا جهان ۾ جيڪو علم و ادب اخلاق ۽ اخلاص آهي، اهو اهڙن ئي انسانن جي محنتن جي وسيلي مليو آهي، جيئن ”عمر خيام فرمايو آهي:

 

”اميد اهڙي شيءِ آهي، جنهن کي پَر آهن

جيڪي هوءَ روح مٿان پکيڙي ٿي

۽ لفظن کان سواءِ گيت ڳائي ٿي.

ڪڏهن به ماٺ نٿي ڪري، ڪڏهن به نه.“

 

گلبدن جاويد

 

خط جي متن سان اداري جو متفق هجڻ ضروري نه آهي.

Combating Poverty

By helping the poor, the first things that come to our minds are mostly charity and taking care of them, but the issue of poverty won’t come to an end like this. Their generations will keep suffering the same way. This also gives a chance to those who are financially and physically fine to take advantage of the giver’s kindness and cheat their way to earn and steal the rights of the truly needy ones.

The people who beg suffer from depression, mental confusion, and sexual harassment in order to survive. A lot of people think and say, “Why don’t they just get a job?” “They beg even when they can work.” “Begging is their easy way.” But that’s not always the case. Even if they don’t seem hopeless physically, they are often mentally broken, with no one to guide them about what to do.

Khidmat-e-Khalq (helping God’s creation) — just as life begets life, life helps life. Doing charity is great, but it is not a permanent solution to this issue. Like a comb that untangles hair, we — the government and we, the people — have to solve this issue together. We don’t just need to give money; we also have to give hope, guidance, and support. We need to help them stand on their own feet.

We must untangle their minds, provide them with education and skills (such as handicrafts, labour, or computer skills), and guide them to become self-reliant. Rather than only helping or pitying the colonies of poverty, we must pave the way for their comfortable homes and bright future.

The government shouldn’t just provide for them but should pave opportunities for them — set up organizations to untangle poverty and build a self-dependent and prosperous society.

This issue won’t be solved by itself, nor in a single moment — it will take time. But we have to start now, because it’s always better late than never.

Muqadas Qabulio

Class XII

Readers Transformational Center,

Jamshoro (R.T.C)

 

The youth is Heartbeat of any Nation

Youth is the heartbeat of any nation - the energy, passion, and hope that shape its future. The progress of a country doesn't depend only on its resources, but on how its young generation utilizes its talents and abilities for the nation's growth. In the hands of youth lies the power to build or break the destiny of a country. In every great nation, it was the youth who stood at the front lines of change. From leading revolutions to building economies, they have been the driving force of development. A young mind is full of creativity, courage, and curiosity - qualities that can turn dreams into achievements. When guided properly, this energy becomes a national strength. But when wasted in ignorance, drugs, or laziness, it turns into a national weakness.

In Pakistan, the majority of our population consists of youth. This is both a blessing and a responsibility. Our young people must not lose hope in the face of challenges like unemployment or poor education. Instead, they must rise with determination, discipline, and honesty. Every student, worker, and athlete represents the strength of our future. If the youth remain united and focused, Pakistan can reach new heights of success in science, sports, technology, and moral values.

The role of teachers, parents, and leaders is to guide this energy in the right direction - to educate, inspire, and create opportunities. A nation that invests in its youth invests in its survival and success. As Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah said, "Pakistan is proud of her youth, particularly the students, who are the nation-builders of tomorrow."

In conclusion, youth is not just a part of the nation - it is the nation. If the youth stay strong in character, loyal in purpose, and positive in thought, no power on earth can stop a country from becoming great.

Reshma Bachkani

Class xii

Readers Transformational Center,

(R.T.C) Jamshoro

 

 

سندري اُتمچنداڻي

سندري اُتمچنداڻيءَ جو نالو سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پورو نالو سندري آسنداس اُتمچنداڻي هو. هن 28 سيپٽمبر 1924ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. هوءَ نه رڳو نامياري ليکڪا، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ ڪارهئي، پر شاعر پڻ هئي. هوءَ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج آرٽسٽ به رهي . گذريل ساٺيڪو سالن کان ادب جي ميدان ۾ سرگرم هئي. نامور دانشور ۽ اديب اي.جي.اُتم جي گهر واري هئي. هن پرائمري تعليم شو قيرام چانڊومل ميونسپل اسڪول حيدرآباد مان ورتي ۽ مئٽرڪ تولارام گرلس هاءِ اسڪول مان 18 ورهين جي ڄمار ۾، 1942ع ۾ ڪيائين. ذهين هئڻ ڪري بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهي، اُتان انٽر سائنس ڪيائين، پر ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملڻ ڪري، پڙهائي اڌ ۾ ڇڏيائين. ڪجهه مھينن بعد سندس مڱڻو اي. جي.اتم سان ٿيو، جنھن کيس پڙهڻ لاءِ همٿايو، پر انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل ڪاليج نه هو، ان ڪري لاچار پڙهائي جاري رکڻ لاءِ ساڌو واسواڻيءَ جي ميران ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. ان ريت هن بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي جو امتحان 1949ع ۾ پاس ڪيو، ورهاڱي بعد ڪيترن سالن پڄاڻان ايس.اين.ڊي. ٽي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪيائين.

اسڪولي جيون ۾ پنھنجي استاد جمنا لکاڻيءَ جو اثر قبوليائين ۽ ماسترياڻي بنجڻ جو شوق جاڳيس. تعليمي اڀياس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لئبريرين طور ۽ ڪجهه وقت ماسترياڻيءَ طور خدمت سرانجام ڏنائين. هن آفيس ۾ ڪلارڪي به ڪئي ۽ بمبئيءَ جي ڪي. جي. کلناڻي ڪاليج مان ليڪچرر طور رٽائر ڪيائين. سندريءَ کي ننڍي هوندي کان ڪتابن سان گهري دلچسپي هئي، ڀارت ۽ يورپ جي ڪن اديبن جو مٿس اثر پيو. ڪراچيءَ ۾ عورتن جي مخزن ”ساٿي“ جي ڪجهه وقت ايڊيٽر رهي ۽ ان دوران هڪ روسي ڪھاڻي ترجمو ڪري، ان مخزن ۾ ڇپايائين. هن کي اٿندي ئي ادبي ماحول مليو، ترقي پسند ويچارن ڏانھن مائل ٿي، سندس پھرين تحرير ”منھنجي ڌيءَ“ هئي، جيڪا 47-1946ع ڌاري ”ساٿي“
مخزن ۾ شايع ٿي. 1949ع ۾ ممبئيءَ ۾ سنڌي ساهت منڊل (سنڌي ادبي سنگت) برپا ٿي ته ان جي هفتيوار ڪلاسن ۾ شرڪت ڪيائين. هن ٻاهرئين ادب مان ڪيتريون ڪھاڻيون ترجمو ڪيون ۽ طبعزاد ڪھاڻيون به لکڻ شروع ڪيائين. اُتم جي رسالي ”نئين دنيا“ کان سواءِ هندو واسي، مارئي، سنگيتا، هلچل، الڪا ۽ ٻين رسالن ۾ سندس لکڻيون ۽ ڪھاڻيون ڇپيون ۽ آهستي آهستي مقبوليت حاصل ڪيائين. ڪاليداس، ٽئگور، شرت چندر، پريمچند، يشپال، شيڪسپيئر، هيوگو، مئڪسم گورڪي، ٽالسٽاءِ، ٿامس هار ڊي ۽ اوهينري ۽ ٻين ليکڪن جو مٿس گهرو اثر پيو.

سندس ڪھاڻيون، ناول، مضمون، ناٽڪ، جيوني، سفرنامي جي صنفن لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي، سندس ڪھاڻين جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن: (1) ”اڇا وار ڳاڙها گل“ (1965ع)، (2) ”تو جنين جي تات“ (1970ع)، (3) ”ڀوري“ (1979ع)، (4) ”ٻنڌن“ (1982ع)، (5) ”وڇوڙو“ (1985ع)، (6) ”يگانتر“ (1989ع)، (7) کيڙيل ڌرتي“
 (1992ع)، (8) ”مرڪ تي منع“ (1992ع)، (9) ”آتم وشواس“ (1999ع)، (10) ”نخريليون“
 (2001ع). سندس ٻه اهم ناول (1) ڪرندڙ ديوارون (1953ع) ۽ (2) پريت پراڻي ريت نرالي (1986ع) ڇپيل آهن، جن کيس وڏي مقبوليت ڏني. هن اصلوڪا ناول لکڻ سان گڏ ڪجهه ناول ترجمو به ڪيا. جھڙوڪ: ٽٽل ساز (مئڪسم گورڪي: 1956ع)، پياسي ڌرتي، پياسيون دلڙيون (ڪرشنچندر: 1956ع)، هڪ سسئي سؤ سور (امرتا پريتم) ۽ ملايالم ٻوليءَ جي ليکڪ تڪشي شنڪر جو ناول ”ساگر جو سنتان“.

سندريءَ جي مضمونن جو ڳٽڪو
”ڀارت روس ٻه ٻانھن ٻيلي“ (1975ع) ۾ ڇپيو. سندس ناٽڪن ۾ ”املھه ماڻڪن جو واپار“ ۽ ”ساهيڙي“ وڏي مڃتا ماڻي. سندس ناٽڪن جو ڪتاب ”سنڌو“ 2000ع ۾ ڇپيو، جنIن ۾ سندس ڏهه ناٽڪ آهن.

سندريءَ شاعري به ڪئي آهي ۽ منظوم ترجما به ڪيا آهن. 95 روسي شاعرن جي ترجمو ڪيل شاعري ”امن سڏي پيو“ (1965ع) نالي سان شايع ٿي، جنھن تي کيس 1966ع ۾ سوويت لئنڊ نھرو انعام ۽ ڏهه هزار رپيا مليا. سندس طبعزاد شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”هڳاءُ“ (جولاءِ 1993ع) ۽ ”ڏات بڻي لات“ (مارچ: 2004ع) ڇپيل آهن، جن ۾ سندس آزاد ۽ پابند شاعري شامل آهي. هن جو مارڪسوادي ويچار ڌارا هيٺ روسي ادب مان چونڊ ادب ”شولو خوف جي جهلڪ“ عنوان سان 1975ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ليونڊ بريز نيف جون يادگيريون، ٽن ڪتابڙن جي صورت ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين. ”ملايازيمليا“ (1978ع)، ”نئون جنم“ (1978ع) ۽ ”ڪنواري ڌرتي“ (1979ع). هن ڪتاب تي کيس ٻيو ڀيرو سوويت لئنڊ نھرو ايوارڊ (1979ع) ۽ گڏوگڏ 14 ڏينھن جو روس جو مھماني دورو نصيب ٿيو، ان دوري بعد هن ”نئين سڀيتا جو درشن“ (1980ع) عنوان سان روس جو سفرنامو ڇپايو، کيس ڪھاڻي چٽاڀيٽي ۾ 1952ع ۾ ”ممتا“ ڪھاڻي لاءِ، 1954ع ۾ ”ڪوشان“ ڪھاڻي لاءِ ۽ مکيه ڪھاڻيڪارن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ 1960ع  ۾ ”وڇوڙو“ ڪھاڻي تي 1981ع ۾ ”ڀوري“ ڪھاڻي تي ڀارت سرڪار جي تعليم کاتي پاران انعام مليل آهن. ”وڇوڙو“ ڪتاب ساهت اڪاڊمي (ڏهه هزار رپيا) انعام، 1985ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا مبمئيءَ پاران (ڏهه هزار رپيا) انعام، سنڌي پنچائت فيڊريشن پاران انعام (1985ع) ۾ مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي پاران ”گوڙو پراسڪار“ انعام (هڪ لک رپيا روڪ) مليو. سندري اُتمچنداڻي 8 جولاءِ 2003ع تي ديھانت ڪري ويئي.

”انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جي ٿورن سان

 

                                                                                                         

ڊاڪٽر مبارڪ علي                                                                                   گلبدن جاويد

 ايني بيسنٽ جي ترقي پسند سياست

 

18 صديءَ ۾ انگلستان هڪ وڏي طاقت هو. ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان جو سياسي تسلط هو. صنعتي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ ان جو سماج، ترقيءَ جي عروج تي هو، پر ان جي سياسي ۽ معاشي ترقي باوجود، سماجي طور تي معاشري ۾ ناهمواري هئي، جنھن سبب دانشور ۽ سياستدان ان طرف ڌيان ڇڪرائيندي. ناانصافيءَ جي خلاف آواز بلند ڪري رهيا هئا. انھن ۾ ئي هڪ Annie Besant جي شخصيت پڻ هئي، جيڪا 1847ع ۾ پيدا ٿي ۽ پنھنجي شروعاتي زندگي، سخت حالتن ۾ گذاري، جنھن سبب، هوءَ سياسي طور باشعور بڻجي وئي. ڇو ته سندس خاندان جو تعلق آئرلينڊ سان هو، انڪري کيس پورو احساس هو ته برطانوي حڪومت آئرلينڊ جي عوام سان ڪيڏو ظالماڻو ورتاءُ ڪيو هو. آئرش جي ماڻھن جون زمينون ڦريون ويون هيون، انھن کي پنھنجي ٻولي ڳالھائڻ جي اجازت نه هئي ۽ انگلستان جا حڪمران وقتن بوقتن آئرلينڊ تي حملو ڪري، ماڻھن جو قتلِ عام ڪندا رهندا هئا.

1844-45ع ۾ جڏهن پٽاٽن جو فصل خراب ٿيڻ سبب ڏُڪار پيو ۽ هزارين ماڻھن لڏپلاڻ ڪئي يا بک وگهي مري ويا، پر برطانوي حڪومت سندن ڪابه مدد ڪانه ڪئي.

آئرلينڊ جي هن الميي ايني بيسنٽ کي باغي سياستدان بڻائي ڇڏيو. ۽ هن پنھنجي سڄي زندگي، عام ماڻھن جي بنيادي حقن ۽ خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ انھن تحريڪن ۾ حصو ورتو، جيڪي سماج ۾ ناانصافيءَ جي خلاف هليون. پنھنجي سياسي اختلافن سبب، سندس شادي به هلي نه سگهي ۽ باقي زندگي، هن آزاد عورت جي حيثيت ۾ سياست ڪئي.

هن جي پھرين تحريڪ، برطانيه جي هارين جي حق ۾ هئي، جيڪا جاگيردارن جي خلاف هئي. ٻي تحريڪ، انھن مزدور عورتن جي حق ۾ هئي، جيڪي فيڪٽرين ۾ 15-16 ڪلاڪ ڪم ڪري، تمام ٿوري اُجرت حاصل ڪنديون هيون ۽ فيڪٽرين جي آلوده ماحول سبب، سندن صحت خراب رهندي هئي.

هن مزدور عورتن کي متحد ڪري انھن جي ٽريڊ يونين ٺاهي ۽ فيڪٽري جي مالڪن کان کين سھولتون ڏياريون. ان کان پوءِ هوءَ مارڪيٽس سوشل ڊيموڪريٽڪ فيڊريشن ۽ فيبين (Fabain) سوسائٽي جي سوشل ازم جو نفاذ، ارتقائي طور چاهي پئي. آئرلينڊ ۾ هوم رول جي حمايت لاءِ، هن آئرلينڊ جي سياسي جماعت جي حمايت ڪئي.

پنھنجي خيالن سبب، هوءَ برطانيه جي مشھور سياستدان (Bradlaugh) جي ويجهو ٿي وئي، جيڪو پنھنجي خيالن سبب لبرل هو. جڏهن هو پھريون دفعو برٽش پارليامينٽ جو رڪن ٿيو هو، کيس بائبل تي حلف کڻڻ لاءِ چيو ويو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن تي سندس رڪنيت ختم ڪئي وئي، پر وري ٻيھر به چونڊجي ويو ۽ انڪار ڪرڻ تي ٻيھر سندس ميمبر شپ ختم ڪئي، ۽ پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو، پر جڏهن ٽيون دفعو چونڊجي آيو ته پارليامينٽ کي مجبوراً پنھنجو قانون مٽائڻو پيو. لاهور ۾ بطور يادگار ”براڊي هال“ تعمير ڪيو ويو، جنھن ۾ ورهاڱي تائين ڪانگريس جي آفيس رهي. هي هال هاڻي به لاهور ۾ موجود آهي، پر خسته حال ۾.

ٿيوسوفيڪل سوسائٽي جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ 1898ع ۾، هوءَ هندوستان آئي. اتي هن ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان سھڪار ڪيو، جنھن ۾ سينٽرل هندو اسڪول ۽ بنارس جي هندو يونيورسٽي شامل هئي. هن هندوستان جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ آل انڊيا ڪانگريس جي ميمبر بڻجي وئي. هوءَ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ به شامل ٿي ۽ جڏهن 1914ع ۾ پھرين جنگِ عظيم جو آغاز ٿيو ته هن جمھوريت جي فروغ لاءِ هوم رول ليگ جو بنياد وڌو، جنھن ۾ قائداعظم محمد علي جناح، گانڌي جي ۽ ٻيا سياسي رهنما به هن سان گڏ هئا. هن جي سياسي سرگرمين سبب، هندوستاني حڪومت کيس گرفتار ڪيو. جڏهن هوءَ 1917ع ۾ آزاد ٿي آئي ته سڄي ملڪ سندس وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.

انڊيا کي انگريزن کان آزادي ڏيارڻ لاءِ هن تقريرون به ڪيون، خط به لکيا ۽ پمفليٽ ۽ مضمون Articles به لکيا. ان کان علاوه هن سياسي مسئلن جي حل لاءِ Indian National Congress ۽ Muslim Langue جو سمجهوتو ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي. سياست ۾ هوءَ انقلاب بجاءِ اصلاحات کي ترجيح ڏيندي هئي ۽ اها اميد رکندي هئي ته برطانوي حڪومت هندوستان ۾ اصلاحات جي ذريعي، سياسي آزادي ڏيندي. Annie Besant جو خيال هو ته برٽش گورنمينٽ اصلاحن ذريعي، هندوستانين کي حڪومت ۾ نمائندگي جو حق ڏيندي، ان سبب Home Langue Rule جون سرگرميون گهٽجي ويون.

عمر جي آخري حصي ۾ هن سياست ڇڏي، ٿيوسوفيڪل خيالن جي ترجماني ڪئي ته جيئن سماج ۾ مذهبن جي وچ ۾ امن ۽ آشتي هجي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيوسوفيڪل سوسائٽي جا ٻه هال تعمير ڪرايائين، جن ۾ لائبريري ۽ ليڪچر ڏيڻ لاءِ سھولتون شامل آهن. اهي ٻئي هال اڄ به موجود آهن. پر انھن جو بنيادي مقصد پورو نه ٿي رهيو آهي.

(نوٽ: حيدرآباد وارو هال اڄڪلھه تمام بھترين پروگرام ڪري پيو. ايڊيٽر)

Annie Besant ڀرپور زندگي گذاري آهي. ٽي سؤ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ پمفليٽ لکيائين ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ بھبوديءَ لاءِ ڪم ڪيائين. هندستان جي تاريخ ۾ هن جيڪي سياسي ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ آزاديءَ جي جدوجھد ۾ حصو ورتو، ان جي وڏي اهميت آهي. سندس وفات 1935ع ۾ انگلستان ۾ ٿي.

عرين انصاري

 

شارلٽ برونٽي منفرد ناول نگار ۽ شاعرا

 

شارلٽ برونٽي، انگريزي ادب جي اهڙي شخصيت آهي، جنھن جي نالي کان سواءِ انگريزي ناول ۽ شاعريءَ جي تاريخ اڻپوري رهي ٿي. سندس شخصيت ۾ هڪ ئي وقت سختي ۽ نرمي، حساسيت ۽ قوت، تخيل ۽ حقيقت پسندي گڏيل نظر اچن ٿا. هوءَ هڪ اهڙي دور ۾ زندهه رهي، جتي عورت لاءِ لکڻ ۽ اظھار ڪرڻ، آسانيءَ جو ڪم نه هو. پر سندس جرئت ۽ مزاج جي پختگي کيس اهڙي ليکڪا بڻايو، جنھن کي عالمي سطح تي عزت ملي. سندس لکڻيءَ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هوءَ نه رڳو تخيل جي دنيا ۾ رهندڙ شاعراڻو روح هئي، پر زندگيءَ جي ڪڙين حالتن مان به گذري چڪي هئي.

سندس پيدائش 1816ع ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي اڪيلائي ۽ ڏکن جي تجربي، هن جي مزاج کي حساس  بڻايو. ماءُ جي جلد وفات ۽ ننڍين ڀينرن جي موت، هن جي دل تي اهڙو زخم ڇڏيا جيڪي زندگيءَ ڀر موجود رهيا. والد پيٽرڪ برونٽي هڪ پادري هو، جنھن جي گهر ۾ علمي ماحول ضرور هو، پر سخت زندگيءَ جا تجربا به هئا. شارلٽ پنھنجي ٻن ڀينرن ايملي ۽ اين سان گڏجي، ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو. ننڍپڻ ۾ ئي کيس ڪتابن پڙھڻ ۽ لکڻ سان عشق پيدا ٿيو. هن ۽ سندس ڀينرن جي تعليمي زندگي پڻ ڏکين مرحلن مان گذري. ڪائون برِج اسڪول ۾ سخت ۽ بي رحميءَ وارو ماحول، سندس مزاج ۾ اداسيءَ جي ڇانيل فضا وڌائي ڇڏي. سندس ٻئي ڀينرون به ساڳئي اسڪول ۾ بيماري سبب فوت ٿي ويون، جنھن جو اثر سڄي حياتيءَ ھن تي رهيو. شارلٽ ٿورڙي وڏي ٿي ته گهرن ۾ گورنيس يعني استاد طور ڪم ڪرڻ لڳي، پر اها نوڪري پاڻ کيس گهڻي وقت تائين ڪري نه سگهي. بيلجيم ۾ تعليم ڏيڻ جي تجربي کيس نئين نظر عطا ڪئي، پر ساڳئي وقت، اڪيلائي ۽ پرڏيھي هجڻ جو احساس به گهرو اثر ڇڏي ويو.

شارلٽ برونٽي جا ناول اڻويھين صديءَ جي انگريزي ادب ۾ عورت جي جذباتي آزادي، سماجي تڪرارن ۽ اندروني جدوجھد جو ذڪر پڙلاءُ آھن. سندس سڀ کان مشھور ناول Jane Eyre ۾ يتيم ڇوڪريءَ جي تعليم، محبت ۽ سماج سان ٽڪر جي ڪھاڻي آهي، جتي عورت پنھنجي عزت ۽ سڃاڻپ لاءِ بيھندي نظر اچي ٿي. ناول Shirley ۾ صنعتي انقلاب جي پسمنظر ۾ عورت جي آواز ۽ سماجي تبديلي کي پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته Villette  ناول ۾ پرڏيھي سرزمين تي اڪيلي عورت جي نفسياتي ۽ جذباتي اڪيلائي  کي موضوع بڻايو ويو آهي. سندس ناولن ۾ عورت جي خودمختياري، جذباتي شدت، مذهبي تڪرار ۽ طبقي جي فرقن کي انتهائي فنڪارانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنھن سبب، برونٽي کي انگريزي ناول جي روايت ۾ نئين شعور جو باني سڏيو وڃي ٿو.

 

1847ع ۾ سندس وڏو ناول، جين آئر منظر تي آيو. اهو ناول عورت جي وجود، آزادي، محبت ۽ خودمختياريءَ جي ڪھاڻي آهي. جين آئر ۾ شارلٽ پنھنجي ذاتي تجربي، سماج جي ڏکن ۽ عورت جي اندروني جدوجھد کي اهڙي قوت سان پيش ڪيو آهي. جو اهو ادب جي دنيا ۾ هميشه لاءِ زندهه ٿي ويو. اهو ناول عورت کي رڳو محبت ڪندڙ وجود طور نٿو ڏيکاري پر اهڙي شخصيت طور پيش ڪري ٿو، جيڪا پنھنجن اصولن تي بيٺل رهي ٿي ۽ پنھنجي عزت نفس تي سمجهوتو نٿي ڪري.

پر شارلٽ رڳو ناول نگار نه هئي. سندس شاعري به هڪ نئين دنيا جو ذڪر آهي. 1846ع ۾ جڏهن هوءَ پنھنجي ڀينرن سان گڏ، “Poems by Currer, Ellis and Acton Bell” ڇپرايو ته اها شاعري گهڻي پذيرائي نه ماڻي سگهي، پر اڄ جڏهن ان کي پڙهجي ٿو ته لڳي ٿو ته اها سندس اندروني دنيا جو آئينو آهي. سندس شاعري ۾ زندگيءَ جي اونداهين، اُميدن جي چمڪ، فطرت جا منظر ۽ انساني روح جي بي چينيءَ جو اظھار آهي.

نظم “Life” ۾ هوءَ زندگيءَ کي ڏکن ۽ نااميدين کان مٿانهين ڪري ڏسڻ جي تلقين ڪري ٿي. هن لاءِ زندگي رڳو هڪ امتحان نه، پر اميد ۽ روشنيءَ جي جستجو آهي.

سندس ٻيا نظم پڻ اڪيلائي ۽ داخلي سفر جا شاهد آهن، جتي فطرت جا منظر ۽ موسمن جون تبديليون سندس دل جي حالتن سان ڳنڍيل آهن.

شخصيت جي حوالي سان شارلٽ کي هڪ سخت ۽ ساڳئي وقت حساس مزاج واري عورت سڏجي ٿو. هوءَ خاموش طبيعت جي هوندي به پنھنجن لفظن وسيلي، اهڙو شور پيدا ڪري ٿي جيڪو صديون گذرڻ باوجود به ٻڌجي ٿو. سندس اندر ۾ عزت نفس جو اهڙو شعور هو جو ڪنھن به حال ۾ پنھنجي عورت هجڻ تي افسوس نه ڪيو، پر ان کي هڪ طاقت ۾ بدلائي ڇڏيو. جين آئر Jane Eyre ۾ جين جو ڪردار اصل ۾ شارلٽ جو عڪس آهي، جنھن پنھنجي عشق ۾ به عزت نفس کي مٿانھون  رکيو.

زندگيءَ جي آخري سالن ۾ هن شادي ڪئي، پر جلد ئي 1855ع ۾ بيماري سبب وفات ڪري ويئي. سندس عمر فقط اٺاويھه کان ٿورو مٿي هئي، پر ان ٿوري وقت ۾ هوءَ جيڪو ادبي خزانو ڇڏي وئي آهي، اهو دنيا لاءِ هڪ وڏو تحفو آهي.

سندس شاعريءَ کي جيتوڻيڪ سندس نثر جيان وڏي مقبوليت نه ملي، پر ان ۾ سندس دل جي تڙپ صاف نظر اچي ٿي. هوءَ پنھنجي نظم ۾ فطرت کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪري ٿي، ڄڻ ته وڻ، هوائون ۽ آسمان، سندس ساٿي هجن. سندس شاعريءَ ۾ روماني لھجو به آهي، پر ساڳئي وقت مذهب ۽ روحانيت جو به رنگ آهي. اها شاعري رڳو لفظن جو سنگيت نه، پر عورت جي اندروني قوت جو اظھار پڻ آهي.

شارلٽ برونٽيءَ جي زندگي ۽ ڪم مان، اهو سبق ملي ٿو ته ڏک ۽ اڪيلائي، انسان کي ڪمزور نه ٿا ڪن، جيستائين هو پنھنجي اندر جي قوت کي ڳوليندو رهي. سندس ناول ۽ شاعري عورت جي آزاديءَ ۽ انساني روح جي طاقت جو استعارو بڻجي ويا آهن. اڄ به جڏهن جين آئر پڙھجي ٿو  ته لڳي ٿو، ڄڻ هڪ صدي اڳ لکيل ڪھاڻي، اڄ جي عورت جي درست عڪاسي ڪندي هجي.

ادبي نقادن جو خيال آهي ته شارلٽ برونٽيءَ جو اصل ڪمال اهو آهي ته هن سماج جي سخت حالتن ۽ عورت جي محدود موقعن جي باوجود، اهڙو ادب پيش ڪيو، جيڪو عالمي انساني تجربن جو حصو بڻجي ويو. سندس شاعري به ساڳي روح رکي ٿي، جنھن ۾ جدوجھد، اُميد، داخلي تڙپ ۽ آزاديءَ جي تمنا آهي. سندس زندگي ننڍي هئي، پر سندس لفظن ۾ جيڪا طاقت آهي، اها وقت کان مٿانھين ٿي چڪي آهي.

شارلٽ برونٽي انگريزي ادب جي انھن نالن مان هڪ آهي، جن کي وساري نٿو سگهجي. سندس شخصيت، زندگي ۽ شاعري، اسان کي اهو ٻڌائين ٿيون ته عورت جو آواز، جيڪڏهن پختو هجي ته اهو نه رڳو پنھنجي دور، پر ايندڙ دورن تائين گونجي سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org